; سنڌي شخصيتون: سيد الهندو شاهه - شاهد چنه

18 March, 2011

سيد الهندو شاهه - شاهد چنه


سيد الهندو شاهه
شاهد چنه
جڏهن برصغير ۾ تعليم جي کوٽ هئي ته ان وقت سنڌ جي آفندي خاندان جيان ساهتيءَ جي سپوت سيد الهندو شاهه 33 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ 1883ع ڌاري مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جوڙايو، انهي مڪتب مان ڪيترا ئي عالم اديب پڙهي نڪتا. علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي ڊاڪٽر دائودپوٽي تائين، کوڙ سارا سنڌ جا ماڻهو جيڪي علمي روشنيءَ کان وانجهيل هئا انهن اها علمي لاٽ اتان ئي حاصل ڪئي. سيد الهندي شاهه جون ڪوششون علمي حوالي سان ساراهڻ جوڳيون هيون. ڇو ته برطانوي راڄ دوران، سنڌ ۾ تعيلم جو فقدان ۽ اڻهوند انتهائي حد کان وڌيڪ هئي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي، سيد الهندي شاهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ علمي مڪتب کولي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. اهو ئي سبب آھي جو، هن وقت به هند توڙي سنڌ ۾، جن به هن مڪتب مان علم جي روشني حاصل ڪئي، سي اڄ به سيد الهندي شاهه کي ياد ڪري سندس فضيلتن جو بيان ڪندي کيس ساراهين ٿا.
حقيقت به اها آهي ته سنڌ جي هن سپوت پاران، جيڪڏهن هي مدرسه هاءِ اسڪول ۱۹هين صديءَ ۾ نه جڙي ها ته ڪيترا ئي عالم اديب، جنم نه وٺن ها. افسوس جو سنڌ حڪومت کان وٺي ڪنھن ساڃاهه وند تائين، ڪو به هن کاهوڙي ڪردار جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. نه وري ڪڏهن سندس جوڙايل مڪتب ڏي، ڪنھن منهن ورائي ڏٺو آهي ته ان جي حالت، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪهڙي بڻجي وئي آهي. اهي هاسٽلون، اهي ڪلاس روم ۽ سندس جوڙايل انهيءَ پارڪ ۽ لائبريريءَ جو هن وقت نشان به نظر نٿو اچي. ان تباهيءَ تي ٻيو ڪو ڳوڙها ڳاڙي نه ڳاڙي پر درٻيلي ۾ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي، ھيءُ جھان ڇڏيندڙ، سيد الهندي شاهه ضرور لڙڪ لاڙيا هوندا. ڪيڏي نه افسوس جوڳي ڳالهه آهي، جو سندس جوڙايل تاريخي مدرسه هاءِ اسڪول کي سوا صدي گذري چڪي آهي پر هن وقت تائين ان جي تاريخي حيثيت کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙي به سرڪار ڪردار ادا ناهي ڪيو.
جنهن جي ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سيد الهندي شاهه جي خدمت ۽ وقار کي جيڪڏهن اڳتي وڌائڻو آهي ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ان جي ٻاريل شمع کي روشن ڪرڻو پوندو.
اڄ به سيد الهندي شاهه کي سنڌ ساري ٿي. ان جي مڪتب ڏانهن نهاري ٿي. چوي ٿي ته؛ سيد الهندي شاهه جي ٻاريل شمع کي اچو ته روشن ڪريون. افسوس جو سنڌ جي ٻين عظيم هستين جيان سيد الهندو شاهه به سنڌ کان وڇڙي ويو. سڄي سنڌ توڙي هند، کيس اڄ به خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا