; سنڌي شخصيتون: معمور يوسفاڻي - حاجي گل حسن آريسر

15 March, 2011

معمور يوسفاڻي - حاجي گل حسن آريسر

معمور يوسفاڻي
علم ۽ ادب جو پارکو 
 حاجي گل حسن آريسر
امراڻو جتي عظيم شخصيتن جنم وٺي سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن عيوض پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو پر هن امراڻي جي ڌرتي تي جنم وٺندڙ معمور يوسفاڻي علم ۽ ادب جي پرچار ڪري پنهنجو پاڻ ملهايو. 25 جنوري 1929ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي ۾ جنم وٺندڙ محمد عمر معمور يوسفاڻي جو خاندان ناري پٽ جي معزز برادري ”پلي“ سان آهي.



معمور يوسفاڻي جي خاندان ۾ وڏا عالم، فاضل، شاعر، حڪيم، سخي ۽ چڱا مڙس پڻ ٿي گذريا، معمور يوسفاڻي سندس ڳوٺ جي مدرسي ۾ ابتدائي عربي ۽ فارسي جڏهن ته معمولي سنڌي تعليم پڻ حاصل ڪئي. جنهن بعد معمور يوسفاڻي پنهنجي ٻني ٻاري جي ڪم سان منسلڪ ٿي ويو پر علم جي پياس هڪ ڀيرو ٻيهر کيس تعليمي درسگاهن ڏانهن کڻي وئي. 


معمور يوسفاڻي 1952ع ڌاري سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو. معمور يوسفاڻي 16 سالن جي ڄمار ۾ شعر ۽ شاعري جي شروعات ڪئي. ابتدا ۾ ڪجهه شعر لکيا، 1952ع کان باقائده شاعري جي شروعات ڪيائين. معمور يوسفاڻي جو علم جي دنيا ۾ وڏو نالو آهي.


معمور يوسفاڻي 1963ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد منشي فاضل (فارسي)، اديب فاضل (اردو) ۽ اديب فاضل (سنڌي) جي امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪئي. پاڻ 1955ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. 1978ع تائين پرائمري استاد رهڻ بعد ٻن سالن تائين ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏنا. معمور يوسفاڻي جو 1980ع ڌاري پروموشن ٿيو ۽ جنهن بعد ايڇ ايس ٽي ٿيو. هن ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيڻ بعد ڪافي عرصي تائين تعليم کاتي ۾ سپروائيزر (بيٽ آفيسر) طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ 1989ع ۾ ملازمت تان رٽائر ٿيو. 


معمور يوسفاڻي علم ۽ ادب جو وڏو پارکو رهيو. معمور يوسفاڻي شاعر، ادب، محقق، استاد سان گڏ سگهڙ پڻ هو. ڳجهارت، ڏهس، سورٺا، ڏٺ، پرولي کان وٺي لوڪ شاعري جون مڙيئي صنفون سندن قلم جون مرهون منت رهيون آهن. معمور يوسفاڻي مشاعرن ۽ مذاڪرن کان علاوه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي اسٽيشن تان سگهڙ طور پروگرام پڻ ڪيا. ڳوٺاڻن ڀائرن جي پروگرام ۾ ته سندس ڪچهري سيد صالح محمد شاهه سان خوب ڄمندي هئي. پاڻ ٽيليويزن لاءِ پڻ ڪافي ڊرامان، اسڪرپٽ لکيا.


معمور يوسفاڻي نه رڳو هڪ بهترين ۽ سٺو ڊبيٽر هو پر ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. معمور يوسفاڻي جي سنڌ جي سڀني ادبي تنظيمن سان سندن خط و ڪتابت، ميمبرشپ ۽ نسبت رهي. معمور يوسفاڻي صوفي فقير ۾ بزم ادب ۽ مهراڻو اڪيڊمي جو بنياد رکيو. معمور يوسفاڻي پائر پبليڪيشن، اداره نوائي ادب، شاخ بزم طالب الموليٰ، بزم سروري، سنڌي ادبي سنگت، تنظيم فڪر و نظر سکر جون شاخون پڻ صوفي فقير ۾ قائم ڪيون. کيس ڪيترا ئي ادبي انعام ۽ ايوارڊ مليا، سنڌي علم، ادب ۾ تصنيف جو حوالي سان نامور تاريخ دانن مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر اسد الله ڀٽو، سيد علي مير شاهه، ڊڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، تاج صحرائي، عبدالله ورياهه، فقير بشير احمد لغاري ۽ مير محمد بخش سان سندن ويجهڙائپ رهي.

No comments:

راءِ ڏيندا