ڊاڪٽر صالح ميمڻ
علي احمد بروهي
ڊاڪٽر صالح ميمڻ به شڪ نه آهي ته اڳلي جنم ۾ مهاٻوڌي بڪشو هجي. هن ڪڏهن به پنهنجي ذات جي نفعي نقصان بابت فڪر يا غم ۾ ڏٺو هجي.سخا برابر پنهنجي گهر ۽ گهراڻي کان شروع ٿيندي آهي.هڪ ڀيرو کيس چيم ته ٻيا ڊاڪٽر ترقي ڪري ڪٿي پهتا.ان تي چيائين آئون راڄ ڀاڳ وارو آهيان منهنجي گهر جا ڪيئي ڀاتي ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون سڄي سنڌ ۾ خلق خدمت ۾ مصروف آهن هن کان وڌيڪ منهنجي خوشي ڪهڙي آهي. مون هڪ مسڪين ٿري جو بخت خدا ايترو بلند ڪري جو هو سڌي يا اڻسڌي طرح هزارها سنڌين جي ڊاڪٽر بڻجڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ۽ مددگار رهي.
جنهن جا چاليهه سالن تائين انساني جسم جي مطالعي، معائني ۽ مشاهدي ۾ سيڙپ ٿيا هجن. تنهن کان آدميءَ جي اندر جي ڪهڙي ڳالهه ڳجهي رهندي؟ ماڻهو جي سڃاڻ جو ڏانءِ به ايندو هيس.
ڊاڪٽر صالح ميمڻ 6 اپريل 1926ع تي ڏيپلي ۾ جنم ورتو. سندس والد مرحوم سائين ابوطالب سنڌي اسڪول جو استاد هو ۽ سموري زندگي علم جي پورهئي ۾ سيڙپ ڪئي.ان ڪري ڏيپلي ۾ هن صدي ۽ هن ماڳ جي هر پڙهيل جو استاد رهيو.
جڏهن نينگر اکيون پٽيون ته ڳوٺ ۾ ڪچا پڪا گهر اسڪول ۽ مسجد سواءِ باقي مڙوئي خير . اتانجو مکيه پورهيو پخالي ڪري مٺو پاڻي گهرن تائين رسائڻ هو. مهيني ماسي ڪو گوشت جو وارو ايندو هو ورنه دال چانور ۽ بصر تي گذارو هوندو هو. مال لاءِ وٿاڻ ۽ اوطاقون جام هيون. ان ماحول ۾ صالح پنهنجي اوائلي تعليم جا ڏاڪا طئه ڪري اڳڀرو قدم رکيو.
ڳوٺ جي ٻين نينگرن وانگر صالح کي انگريزي پڙهڻ جو شوق مرحوم ماستر محمد سومار ڏياريو جو انگريزي اسڪول جو استاد هو. ان صلاح مطابق ضلعي اسڪالر شپ جي امتحان ۾ نصيب آزمائي ڪئي ۽ ان ۾ اول نمبر حاصل ڪيائين . انگريزي اسڪول ۾ پهرئين کان پنجي درجي تائين اول نمبر ۾ پاس ٿيندو رهيو. وڌيڪ تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ داخل ٿيو.
1941ع کان 43ع تائين ٻه هاسٽل جي زندگيءَ ۾ پير پاتائين. موڪلون ڳوٺ گذاريندو هو. سندس سلڇڻي سڀاءُ ۽ مقبول عام هئڻ ڪري ايتري رعايت هوندي هئي جو کيس بدنصيب ٿري مان صرف ٿري ڪري سڏيندا هئا..
ڇهين درجي ۾ اول نمبر پاس ٿيڻ ڪري هاسٽل ۾ مانيٽر مقرر ڪيو ويو.کيس الڳ ڪمري جي سهولت هوندي هئي.مدرسي جو هيڊ ماستر علي خان ابڙو مرحو۾ ۽ ٻيا استاد جيئن ته ماستر چيلا رام، ماستر فتح چند ۽ استاد واسواڻي وعيره مٿس بيحد مهربان هئا. کيس مفت ٽيوشن ڏيندا هئا۽ استاد شاگردن جي ڪاميابي کي پنهنجي عزت سمجهندا هئا.ان سبب ڪري مئٽرڪ جو نتيجو ظاهر ٿيو ته صالح جو نالو سرفهرست هيو.
ڪاليج ۾ داخلا جي وقت مالي مجبورين کيس منجهائي وڌو. نيٺ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين.انهن ڏينهن ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جا شاگرد فرسٽ ييئر تائين گڏ پڙهندا هئا.ان وقت مسلمان انجنيئرن جي کوٽ هئي ان ڪري سرڪار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ پڻ امتحان پاس ڪرڻ شرط کين اي گريڊ م نوڪري پڻ ڏني ويندي هئي. پر صالح کي ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو ۽ سندس استاد محمد صادق پڻ کيس ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ همٿايو.
ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ فرسٽ ييئر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ۽ انٽر سائنس جي يونيورسٽي امتحان ۾ سنڌي مسلمانن منجهه اول نمبر حاصل ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ ميڊيڪل لاءِ بمبئي وڃڻو پوندو هو.حڪومت طرفان چونڊ اسڪالرشپ عطا ڪئي ويندي هئي. ان وقت ميرٽ تي اسڪالرشپ ملندي هئي . صالح داخلا ۽ اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏئي ويڪيشن گذارڻ لاءِ ڳوٺ روانو ٿيو.
اڃان ڏيپلي مس پهتو ته تار پهتي ته گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئي ۾ داخلا منظور ۽ هفتي پهچڻ جو سعيو ڪيو. اسڪالر مان صرف ڪاليج جي في ڪتاب جي قميت ملندي هئي هاسٽل جي مسواڙ کاڌو پيتو ، ڪپڙو لٽو جو خرچ نه هو. آخر دل جهلي ميرپور خاص پهتو جتي سندس ملاقات پروفيسر عبدالواحد هاليپوٽي سان ٿي جو پڻ سانگي سان بمبئي وڃڻ جي سانباهن ۾ هيو. هي ان سان گڏ بمبئي روانو ٿيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بمبئي جي اخبارن ۾ دائود ٽرسٽ ڪلڪتي جو هڪ اشتهار شايع ٿيو . جنهن ۾ اعلان ڪيل هو ته جيڪي ميمڻ شاگرد ميڊيڪل تعليم حاصل ڪرڻ گهرن ته انهن جي سموري خرچ جو ذمون ٽرسٽ کڻندو. هن کي خوشي ٿي ته هن کي ميمڻ هجڻ جو فائدو ٿيو. ان اتي درخواست ڏني. جنهن جي جواب ۾ هن کان پڇا ڪئي وئي ته هن جو لاڳاپو ڪاٺياواڙي ميمڻ برادري سا هو يا هالائي ميمڻ سان. جيتوڻيڪ هن کي خبر هئي ته ٽرسٽ پاران صرف هالائي ميمڻ جي حمايت ڪئي ٿي وئي. هن سچ ڳالهائي سنڌي ميمڻ ڄاڻايو، هن واعدو ڪيو ته جيڪڏهن کيس قرض حسنه ڏنو ويو ته هو واپس ڪندو پر ان کي جواب نه ڏنو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس هڪ ڪاٺياواڙي سخي مرد پنجن سالن تائين خرچ ڏيڻ جو واعدو ڪيو. پر ان واعدو ورتو ته ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ هو هڪ غريب شاگرد کي ڊاڪٽر ٿيڻ جو خرچ ڀريندو. ۽ هن اهو واعدو وفاڪرڻ لاءِ سڄي عمر پاڻ پتوڙيندو رهيو.
بمبئي جي گرانٽ ڪاليج مان صالح ايم بي بي ايس جي ٻئي سال جو امتحان پاس ڪيو پر مسلمان شاگردن ۾ ٻيو نمبر حاصل ڪيو. 1947ع ۾ ورهاڱي ٿيڻ سبب ڊاڪٽر صالح ۽ ٻيا سنڌي ساٿي ڊاڪٽر رسول بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام نبي لاسي آزادي جو پروانو کڻي اچي پنهنجي اباڻي ماڳ سنڌ ۾ سهڙيا ۽ ڊاڪٽريءَ جا باقي ٽي سال ڪراچي ۾ قائم ڪيل ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ پاس ڪيائين . سنڌ ۾ پهريون نمبر پوزيشن حاصل ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽي طرفان گولڊ ميڊل پڻ عطا ڪيو. ان سال ئي ميڊيڪل سروس ۾ شامل ٿيو ۽ پهرين ملازمت جو آغاز ڊائريڪٽر بلڊ بئنڪ حيدرآباد ٿيو. سنڌ ۾ رت جمع ڪرڻ جي هيءَ پهرين بئنڪ هئي جا ڊاڪٽر علي احمد قاضي جي ڪوشش سان قائم ٿي هئي.ڊاڪٽر صالح هن بئنڪ کي ترقي ڏياري.
سال 1952-53ع ۾ ڊاڪٽر صالح کي ڪراچي سروسز اسپتال جو ريزيڊنٽ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو. جتي کيس سموري نظام کي نئين سر ترتيب ڏيڻو پيو.
ڊاڪٽر صالح جي صلاحيتن جي نتيجي کيس 26 ورهين جي عمر ۾ سول سرجن مقرر ڪري جيڪب آباد بدلي ڪيو ويو. کيس سندس فرض ادائيگي سان گڏ هڪ ڏيڍ سئو بسترن واري نئين اسپتال جي تعمير ۽ انتظامي ڍانچي ترتيب ڏيڻ جي ذميواري پڻ سونپي وئي. جڏهن اسپتال تعمير ڪرائي سرڪار جي حوالي ڪيائين ته کيس وعده مطابق اسڪالرشپ ڏئي اعليٰ تعليم لاءِ ولايت موڪليو ويو.
انگلينڊ ۾ اعليٰ تعليم دوران کيس ڪافي دقتون پيش آيون. تڪليفون ڪاٽي هڪ ئي وقت چار مکيه ميڊيڪل امتحان پاس ڪيائين جيئن ايم آر ايف پي لنڊن M.R.F.P (London) ايم آر سي پي ايڊنبرگ M.R.F. Edinburg ايف آر ايف پي گلاسگو F.R.F.P Glasgow ۽ ڊي سي ايم انگلينڊD.C.M England . آخر 1957ع ڌاري موٽي ماڳ اچي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسٽنٽ پروفيسر جي جڳهه ولاريائين. ڪجهه عرصي بعد لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپل ۽ پروفيسر آف ميڊيسن مقرر ٿيو. بعد ۾ کيس ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپل مقرر ڪيو ويو،. سندس آخري ملازمت سيڪريٽري هيلٿ گورنمينٽ آف سنڌ هئي، جتان 1986ع ڌاري رٽائرڪيائين. حال ۾ صدر پاڪستان جو ذاتي فزيشن آهي ۽ آغا خان ميڊيڪل ڪاليج ۾ آنرري پروفيسر آف ميڊيسن ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين (PIA) ۾ ميڊيڪل اسپيشلسٽ جا فرائض به سرانجام ڏئي رهيو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا