; سنڌي شخصيتون: رحيم منگي، استاد، پيرل قمبر، رسول بخش، ابڙو،
Showing posts with label رحيم منگي، استاد، پيرل قمبر، رسول بخش، ابڙو،. Show all posts
Showing posts with label رحيم منگي، استاد، پيرل قمبر، رسول بخش، ابڙو،. Show all posts

18 March, 2011

استاد پيرل قمبر - رسول بخش ابڙو


استاد پيرل قمبر
ڏاڍو وئين ڏک ڏيون، محبت جي هن ماريل کي
استاد پيرل قمبر 17 جولاءِ 1933ع تي بُٺيءَ لڳ مبارڪ ڪلهوڙو تعلقو ميروخان ۾ امام بخش ’عاصي‘ سومرو جي گهر جنم ورتو. سندس ڇٺيءَ جو نالو پير محمد سومرو رکيو ويو، پاڻ پرائمري استاد هوندي سنڌي تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪري ڪيترائي ذهين شاگرد پيدا ڪيائين. هو اسڪولي ۽ شاعري جي شاگردن جي وچ ۾ اڪثر ڪري مقابلا ڪرائي کين پنهنجي ذاتي پئسن مان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏيندو هيو. هن شاعري جي شروعات 1950ع ۾ ڪئي. غزل، گيت، وائي، حمد، نعت ۽ چوءَ سٽو سميت هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. 1950ع ۾ کيس مجازي عشق پيرمحمد مان پيرل قمبر بڻائي ڇڏيو. سندس شاعري جو ڏانءُ اهڙو هو جو ان جي ٻيڙي دُکائڻ کان ختم ٿيڻ تائين ڪو نه ڪو غزل گيت، ڪافي، وائي يا چئو سٽو تيار ڪري وٺندو هو. ان ۾ شاعري جو سمنڊ سمايل هو. سندس شاعري جي لفظ لفظ ۽ سٽ سٽ ۾ ساهه ڀريل آهي ۽ شاعري ۾ بلند خيالي تمام گهڻي آهي.