ڄام ڪانڀو خان
سنڌ جو مشهور
سخي
نور سنڌي
سنڌ ۾ اها چوڻي اڄ به مشهور آهي ته يار تون ته اسان لاءِ
ڄام ڪانڀو ته نه آهين. ها ڄام ڪانڀو خان سنڌ جو مشهور سخي مڙس ٿي گذريو آهي. پاڻ
سنڌ جي اهم ڄام جوڻيجو جي خاندان مان هو. پاڻ ۱۳۰۵ھ ۾ وقت جي وڏي
جاگيردار نواب ڄام محمد شريف جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي هوندي کان سچار غريبن جو
همدرد ۽ غريبن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندڙ هو. ڄام ڪانڀو خان جي سخاوت، نه صرف
ڄام نوازعلي واري علائقي ۾ پر ان وقت جي سنڌ هند ۾ مشهور هئي. پاڻ روزانه فجر جي
نماز پڙهي، نوڪرن کان ڪاٺ جي هڪ وڏي صندوق، جنهن ۾ چانديءَ جا رپيا هوندا هئا،
سامهون رکرائي رات دير تائين ايندڙ ضرورتمندن سوالين کي ٻڪ ڀري ڏيندو هو. وڏي سخي
هئڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز به هو. اوطاق تي ايندڙ مهمانن توڙي فقير فقراءَ لاءِ
هڪجهڙي ماني، ڍاڪونءَ ۾ ڍڪجي ايندي هئي. پاڻ صوفياڻه راڳ جو به وڏو شوقين هوندو
هو. ڀلا گهوڙا، مهري اٺ، ڀلا ڏاند، ڀليون مينهون، ڀليون ٻڪريون رکڻ جو به شوقين
هو. وٽس 2 سئو کان وڌيڪ ڀلا گهوڙا هوندا هئا. سخي اهڙو جو ڪيترا ئي سوالي مينهون
يا ڍڳا ۽ ٻئي چوپائي مال سان گڏ، گهوڙا سي به سٺن سنجن سان ڏيڻ جي سين هڻندا هئا
ته کين اهي به ڏئي ڇڏيندو هو. سياست کان پري هو. سياست وارو ڪم پنهنجي ڀائرن
نوابزاده ڄام جان محمد خان ۽ نواب زاده ڄام مٺا خان جي حوالي ڪري ڇڏيو هيائين.
مٿيان ٻئي نواب، بمبئي اسيمبليءَ جا ميمبر رهيا ۽ ان حيثيت سان سنڌ ۾ سٺا ڪم ڪرايائون.
ڄام ڪانڀو خان لاءِ اهو مشهور آهي ته پاڻ پنهنجي مرشد حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ
جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ، سوين نوڪرن سان گڏ ڀٽ شاهه ويندي نازڪ نفيس هئڻ جي
باوجود ڀٽ شاهه کان ٻه ڪوهه پري، نوڪرن سميت گهوڙن تان لهي پير اگهاڙا ڪري پيرين
پنڌ مزار تي حاضري ڏيندا هئا. ايئن ٻه ٽي راتيون رهي، وڏيون خير خيراتون ڪندا هئا
۽ پاڻ سان آندل چانديءَ جي ٽڪن جو خرزينون فقير فقراءَ ۾ ورهائيندا هئا. لطيف جي
عرس مبارڪ ۾، زائرين لاءِ سندن پاران لنگر عام هلندڙ هوندو ھو.