; سنڌي شخصيتون: پروفيسر غلام حسين ڪٽپر

01 May, 2021

پروفيسر غلام حسين ڪٽپر

پروفيسر غلام حسين ڪٽپر

صاحب خان



محترم سائين غلام حسين ڪٽپر صاحب جن جو جنم ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۵۰ع ۾ ڪرماڻي ڳوٺ تعلقو لاڙڪاڻو ۾ رهندڙ محترم حافظ ڪريم ڏنو ڪٽپر صاحب جن جي گهر ۾ ٿيو. سائين جن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول نئون ديرو مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئوديرو مان ۽ ۱۹۷۳ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان بي اي سي جي ڊگري حاصل ڪئي. محترم ڪٽپر صاحب جن ۱۹۷۵ع ۾ ايم ايس سي (رياضي) جي ڊگري حاصل ڪئي.


محترم سائين غلام حسين ڪٽپر صاحب جن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات درس و تدريس سان ڪئي ۽ ۱۹۷۷ع ۾ ليڪچرر رياضي ڪي اين شاهه طور خدمتون نبهايون. ان کان بعد ۾ سائينءَ جن جي پوسٽنگ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ٿي جتان بَحيثيت ايسوسئيٽ پروفيسر(رياضي) ۽ پرنسپل گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو رٽائر ٿيا.

محترم سائين غلام حسين ڪٽپر صاحب جن سنڌي ادب ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکن ٿا ۽ سائينءَ جن جو شمار موجوده دور جي سينئر اديبن ۾ ٿئي ٿو. محترم غلام حسين صاحب جن کي ننڍپڻ کان ئي ادب سان بيحد لڳاءُ رهيو آهي. پاڻَ باقائده لکڻ جي شروعات ۱۹۷۳ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ پڙهڻ دوران ڪئي ۽ سائينءَ جن جي شاعري ۽ مضمون مخلتف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. محترم سائين غلام حسين ڪٽپر صاحب جن مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي جهڙوڪ نثر، غزل، وائي، نظم ۽ ٽيڙو وغيره. سائينءَ جن سنڌي کان علاوه اردو پڻ شاعري ڪئي آهي.

محترم سائين غلام حسين ڪٽپر صاحب جن مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. جهڙوڪ سينئر ميمبر سنڌي ادبي سنگت شاخ نئوديرو، ميمبر انڊس لٽرري فورم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، ميمبر ۽ فائنانس سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو، ميمبر پاڪستان آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو، ميمبر سٽيزن ڪلب نئون ديرو. سرپرست ايجوڪيشنل فورم نئون ديرو، ميمبر نئون ديرو اسٽڊي سرڪل وغيره. ان کانسواءِ محترم غلام حسين صاحب جن سگا شاخ نئون ديرو جا باني پڻ آهن.

محترم سائين غلام حسين صاحب جن جا مختلف مضومنن ۽ شاعري جا ڪتابَ جلد ئي اسان کي پڙهڻ لاءِ ملندا. جن مان سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري بابت ڪتاب (اڱڻ مٿي اوپرا) ۽ شاعري جو مجموعو (اها سنڌ سهڻي ٿي مونکي کپي) عنقريب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويندا.


 

پروفيسر غلام حسين ڪٽپر

تاريخ، رياضي ۽ شاعريءَ جو سنگم

رضوان گل

ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو تاريخي علمي درسگاھ آهي، جتي علم پرائي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان ٿي وڃڻ وارن جو تعداد هزارن ۾ نه پر شايد لکن ۾ هوندو. ڊگري ڪاليج ۾ رياضي جهڙي اهم سبجيڪٽ ۾ جن استادن پنهنجو نالو ڪمايو انهن ۾ سائين پروفيسر غلام حسين ڪٽپر پڻ شامل آهي. ڪٽپر صاحب سموري زندگي ڊگري ڪاليج جي رياضي شعبي ۾ کي ارپي ڇڏي هو روزانو پابنديءَ سان نئو ديرو کان موٽر سائيڪل تي ايندو هو ڪلاس وٺڻ جي معاملي ڪوتاهي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي پوءِ ڀل ته اهو پهريون پيرڊ هجي يا آخري.

”استاد جي سڃاڻپ پڙهائڻ سان ئي ٿئي ٿي.“ هو اهو جملو تڏهن به چوندو هو جڏهن ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان پڙهائيندو هو ۽ تڏهن به دهرائيندو هو جڏهن ساڳي اداري جو سربراھ ٿيو.

ڪٽپر صاحب جڏهن ڪاليج جو پرنسپال ٿيو ته ڪلاس ۾ ۵ منٽ دير سان پهچڻ واري استاد کي به پاڻ اچي نوٽ ڪرائيندو هو ته؛ ”اوهان ۵ منٽ دير ڇو ڪئي؟ سينيئر هجي يا جونيئر ڪلاس مِس ٿيڻ يا ڪلاس ۾ دير پهچڻ تي کيس لوڪ جي آڏو چوڻ ۾ به نه ڪيٻائيندو هو جنهن تي ڪجھ دوست کانئس ناراض به ٿيا پر هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪلاسن جي پاڻ مالڪي ڪئي جنهن سبب  ڪيڊٽ ڪاليج، پبلڪ اسڪول ۽ زيبسٽ جهڙن ادارن ۾ پڙهندڙ ٻار به ٽي سي وٺي ڊگري ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيا. ان سلسلي ۾ ڪاليج جي سموري اسٽاف پاران کيس ڀرپور ساٿ مليو.

پروفيسر غلام حسين ڪٽپر مزاج ۾ الڳ ٿلڳ رهڻ وارو بظاهر سخت پر اندر جو ڏاڍو نرم مزاج انسان آهي جيڪو جڏهن تاريخ تي ڳالهائيندو آهي ته ماضيءَ جا اهڙا داستان کولي رکندو آهي جيڪي اڻ ڇهيا محسوس ٿيندا آهن، هن نه صرف تاريخ جي موضوع کي گهڻو پڙهيو آهي پر پاڻ نئين ديري، رتيديري ۽ لاڙڪاڻي کان علاوه مهين جي دڙي بابت ڪيترائي قيمتي مقالا پڻ لکي چڪو آهي جيڪي اڪثر ڪانفرسن ۾ پڙهندو آهي پر پنهنجو لکيل مواد ڇپرائڻ جي معاملي ۾ سائين هميشه سست رهيو آهي. اسين اميد ڪيون ٿا ته هو پنهنجا اهي قيمتي مقالا سهيڙي ڪتابي صورت ۾ ضرور ڇپرائيندو.

پروفيسر غلام حسين ڪٽپر نه صرف تاريخ تي گهري نظر رکندڙ پر هو هڪ سهڻو شاعر به آهي بلڪه ادب ۾ سندس پهرين سڃاڻپ ئي شاعر واري آهي. نئين ديري جي ادبي سنگت سان ڪيترن ئي سالن کان وٺي مختلف حيثيتن ۾ لاڳاپيل رهيو آهي. لاڙڪاڻي جي ادبي سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نئين ديري مان ٻيو ڪو اچي شامل ٿي يا نه پر سائين غلام حسين ۽ تمام بهترين محقق ۽ سنڌي ادب ۾ ايم فل ڪندڙ پيارو دوست برڪت جيهو ضرور اچي شريڪ ٿي پنهنجي علم ادب دوستيءَ جو ثبوت ڏيندا آهن.

لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۾ مختلف وقتن تي مختلف عهدن تي رهي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.

سائين غلام حسين ڪٽپر سان منهنجو هڪ استاد هڪ ڪليگ ۽ هڪ دوست وارو تعلق رهيو آهي. سائين اسان جو دوست تڏهن ٿيو جڏهن اسان مرحوم سائين محمد منير ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي مختلف ماڳن جو سيرڪرڻ نڪتا سين. سائين ڪٽپر صاحب سان گڏجي روهڙي، اروڙ، سکر، ستين جي آستان، منڇر، ڪينجهر، ٺٽي، مڪلي، رني ڪوٽ، مٺي، عمرڪوٽ، ننگرپارڪر، ڪارونجهر ۽ حيدرآباد کان ويندي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن جو مطالعاتي سير ڪيو. اسان جي ۱۵ دوستن جو ساٿ هو جيڪي هڪ ٻي جون دعوتون به ڪندا هئا سين. انهيءَ سلسلي ۾ سائين ڪٽپر صاحب جي نئين ديري واري پنهنجي اوطاق تي ڪيل اها دعوت به يادگار آهي جنهن ۾ سائين ڊنر سيٽ به نئون وٺي آيو هو جو اڳ سائين جي مصروف زندگيءَ سبب وٽس ائين مهمانن جي اچ وڃ نه رهي هئي. ڇا ته اهي خوبصورت ڏينهن ها. سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ بعد اڄ به ان اوطاق جي آڏو ٺهيل ننڍڙي لان ۾ ويهي سائين ڪٽپر صاحب پين ۽ پني سان ناتو نڀائيندو ڪجھ نه ڪجھ پيو لکندو ٿو رهي. اسان جون نيڪ تمنائون ۽ محبتون سائين اوهان جي سهيڙجندڙ قيمتي ڪتابن جو انتظار رهندو اوهان اسان جو قيمتي اثاثو آهيو. صحت ۽ سلامتيءَ سان سدائين خوش هجو آباد هجو.

 

(رضوان گل جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۳۰ اپريل ۲۰۲۱ع تي رکيل)

No comments:

راءِ ڏيندا