; سنڌي شخصيتون: زاهد مخدوم

30 May, 2021

زاهد مخدوم

زاهد مخدوم

هڪ ديو مالائي شخصيت

زرار پيرزادو



¨ سنڌ پنهنجن جن بيحد ذهين ۽ عالمي سطح تي صلاحيتن کي مڃائيندڙ فرزندن تي جابجا ناز ڪري سگهي ٿي تن مان زاهد مخدوم به هڪ آهي.

¨ اڄوڪي تاريخ تي ڊڀري جي مخدوم گهراڻي ۾ سال ۱۹۵۴ع ۾ پيدا ٿيل هي پنهنجي دور جو هڪ اهڙو ارڏو، باغي ۽ ديومالائي ڪردار آهي جن کان حڪومتون ۽ رياستون به ڊڄنديون آهن، ڇاڪاڻ ته هي اهي عظيم ڪردار آهن جن هميشه حق ۽ سچ ڳالهايو آهي ۽ جيڪي پنهنجي ذات ۾ سراپا انقلاب هوندا آهن، اهو ئي سندن وڏو جرم رهيو آهي.


¨ زاهد مخدوم سنڌ جو هڪ انتهائي سينيئر سياسي ۽ نظرياتي ڪردار آهي اهڙن ماڻهن کي لازمي طور تي پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ گهرجي جنهن جي ذاتي طور تي زاهد مخدوم کي ڀلي ضرورت نه هجي پر ان سان سنڌ جي تاريخ جو بيحد اهم باب ضرور قلمبند ٿي ويندو ۽ ان جي سنڌ جي جديد تاريخ کي ضرورت آهي.

¨ ايئن زاهد مخدوم جي ٻين دوستن ساٿين ۽ سندس ڀيڻ ثريا مخدوم کي پاڻ تي هڪ وڏو فرض سمجهي ڪري لکڻ گهرجي. اميد آهي ته زاهد مخدوم جي سالگرهه جي مناسبت سان حسن مجتبيٰ صاحب ضرور ڪالم لکندو يا فيس بڪ تي سندن خاڪو لکندو جنهن ۾ زاهد مخدوم جا ڪافي پاسا ظاهر ٿي سگهندا.

¨ زاهد مخدوم جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته پاڻ جڏهن اڃا انٽر جو شاگرد هو ته هن بنگالين خلاف ٿيل آپريشن تي پمفليٽ ڪڍيو هو جنهن تي لڳ ڀڳ ۱۹۷۱ع جو سڄو سال گرفتار رهيو. سندن ان قرباني عيوض بنگلاديش جي حڪومت زاهد مخدوم کي سول ايوارڊ پڻ ڏنو هو جيڪو هن پاڻ وصول ڪرڻ جو اعزاز به ماڻيو هو.

¨ انور پيرزادي صاحب جي خاندان جو ڊڀري جي مخدومن سان پيري مريدي وارو پراڻو واسطو هو. سو جڏهن انور پيرزادو بنگالين جي حق ۾ لکيل خط سبب ڪورٽ مارشل ٿيو هو ۽ سندس والده ڊڀري جي پيرن ڏي پٽ جي آزادي لاءِ دعا گهرڻ وئي هئي ته بيبي سڳوريءَ کيس ٻڌايو ته امان! منهنجو پنهنجو پٽ به ان ڏوهه ۾ جيل اندر واڙيو پيو آهي.

¨ زاهد مخدوم جو سياسي لاڳاپو پهريون سائين جي ايم سيد سان هو، اڳتي هلي ڪامريڊ نذير عباسي جي دوستي ۾ سندس شاگرد تنظيم سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان سلهاڙجي ويو. جنهن جو اڳتي هلي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري بڻيو.

¨ زاهد مخدوم شهيد نذير عباسي جو گهاٽو يار هو. نذير عباسي جي زندگيءَ جي ڪيترن ئي واقعن جو پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهي. شهيد نذير عباسي جي ساروڻين تي پڻ زاهد صاحب ڪتاب لکي سگهي ٿو.

¨ سياسي جدوجهد سبب زاهد مخدوم ۱۹۷۷ع ۾ به ڀٽو جي حڪومت ۾ گرفتار ٿيو. نيٺ ضياءَ جي مارشل لا کان پوءِ ۱۹۸۰ع ڌاري کيس جلاوطن ٿيڻو پيو ۽ پوءِ پرڏيهه ويهي سنڌ جي حقن لاءِ عالمي سطح تي ڪم ڪرڻ جو بنياد وڌائين.

¨ ۽ اهو ڪم سڄي ڄمار ڪنڊ پاسي ويهي، غير محسوساتي انداز ۾ بنا ٻڌائڻ ۽ جتائڻ جي پئي ڪيائين. جنهن جي هڪ ڌار تاريخ آهي جيڪا پڻ لکڻ گهرجي.

¨ زاهد مخدوم صاحب اڄ پنهنجي ذات ۾ پاڻ هڪ پارٽي ۽ هڪ نظريو ٿي ويو آهي. سندس اٿاهه سياسي شعور ۽ نظريي مان پرڏيهه ۾ الائي ڪيترن نوجوانن اتساهه پئي ورتو آهي.

¨ زاهد مخدوم صاحب سراج ميمڻ واري هلال پاڪستان جي دور ۾ “دوزخ مان لکيل خط” جي نالي هڪ انوکي قسم جو ڪالم لکندو هو جيڪو ان دور جي مشهور ڪالمن مان هڪ هو.

¨ هلال پاڪستان ۾ جڏهن اهو ڪالم بند ٿيو ته وري ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي اخبار “سچائي” ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين جنهن جو ڪامريڊ اردو ۾ به ترجمو ڪندو هو. انهن ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب جي پڻ اڄ سخت ضرورت آهي.

¨ زاهد مخدوم صاحب وٽ هاڻي ڪئنيڊا جي شهريت آهي. سالن پڄاڻان سنڌ ايندا آهن. هڪ ڀيري ڪچهري ۾ خواهش ڏيکاري هيائين ته هو وتايي فقير جي شخصيت ۽ ٽوٽڪن تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکڻ چاهي ٿو. اهڙو ڪم واقعي به اڄ يا ته زاهد مخدوم ڪري سگهي ٿو يا حسن مجبتيٰ.

¨ زاهد مخدوم صاحب هن وقت ڪئنيڊا ۾ جج آهن، ڏيڍ سال اندر پاڻ رٽائرڊ ٿي ويندا پوءِ اميد آهي ته زاهد صاحب کي ڪتاب لکڻ جو وقت ملي سگهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته جيستائين زاهد مخدوم صاحب کي ڪتاب لکڻ جو وقت ملي تيستائين اسان کي زاهد مخدوم جي زندگي ۾ ئي سندس نالي هڪ اڪيڊمي ٺاهڻ گهرجي، جيڪا هاڻي خود زاهد مخدوم تي ڪم ڪري، سندس شخصيت جي سڀني پاسن کي قلمبند به ڪري ۽ ان تي تحقيق به ڪري. ان اڪيڊمي جي تجويز کي زاهد مخدوم جي اڄوڪي سالگرهه جو تحفو ڪري پيش ڪيون ٿا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲۸ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا