; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عطاءُ الله خان

30 May, 2021

ڊاڪٽر عطاءُ الله خان

ڊاڪٽر عطاءُ الله خان

سنڌ جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شخص - ايس اي آر سي جنرل ڊاريڪٽر آف سنڌ

جعفر شاهاڻي


 

تو ڏانهن گهڻو نهارِيان، تارا! تيلاهِين،

سڄڻ جيڏاهِين، تون تڏاهين اُڀرِين. (شاهه)

سنڌ ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا املهه هيرا به آهن، جن جي ڪردار کان هر ماڻهو واقف ناهي پر جڏهن اهڙي ڪنهن شخص سان ماڻهوءَ جي ملاقات ٿيندي آهي ته ماڻهو سندس گهڻ رخي شخصيت جي ايترو ويجهو اچي ويندو آهي جو اوپرائپ جو ڪو تصور ناهي رهندو. توڙي جو اسان وٽ انهي سطح جي ماڻهن کي گهڻي ڀاڱي قدر جي نگاهه سان ناهي ڏٺو ويندو پر پوءِ به اجرن احساسن وارا اهڙا ڪيترائي انسان اسان ۽ اوهان جي نظرن کان اوجهل هوندي به هر وقت عملي جستجو ۾ هوندا آهن، جن جي محنتن تي جيترو لکجي سو گهٽ آهي.


تعلقي ڪنري کان ۱۵ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ پٺاڻ آباد ۾ سيف الله خان پٺاڻ جي گهر ۾ ۵ مئي ۱۹۷۰ع تي جنم وٺندڙ عطاءُ الله خان به هڪ آهي. سندس وڏا سورهين صديءَ ۾ افغانستان کان هجرت ڪري اچي پٺاڻ آباد ۾ آباد ٿيا. سندس خاندان سنڌي پٺاڻ سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو ۽ سندس مادري ٻولي به سنڌي آهي.

انهي ٻالڪ ديني تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ پٺاڻ آباد مان مولوي محمد افضل کان حاصل ڪئي ۽ پاڻ ستين ڪلاس ۾ هئا ته قرآن پاڪ پورو ڪيائون. سندس ڏاڏا حاجي علي محمد خان پنهنجي علائقي جو علم ڄاڻو ۽ امين هو، جنهن ڪري گهر ۾ سندس ديني تدريس به ٿيندي رهي. پرائمري ۽ مڊل تعليم به ڳوٺ پٺاڻ آباد مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ون عمرڪوٽ مان ۱۹۸۵ع ۾ پاس ڪيائين. انٽر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان ۱۹۸۷ع ۾ پاس ڪيائين. ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽيءَ مان ڊسمبر ۱۹۹۵ع ۾ Entomology ۾ گريجوئيشن پاس ڪيائين.

فيبروري ۱۹۹۶ع ۾ پاڪستان جي مرڪزي ڪپهه واري ڪميٽي Pakistan Central Cotton Committee جي اداري ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ Cotton Research Institute ۾ سائنٽفڪ آفيسر Scientific Officer آفيسر طور سترهين گريڊ ۾ ڊيوٽي جوائن ڪيائون. ڪجهه وقت کان پوءِ دوران ڊيوٽي جڏهن Federal Public Service Commision ۾ پاڻ گريڊنگ آفيسر Grading Officer لاءِ اپلائي ڪيائين ته اتي سليڪٽ ٿي ويا ۽ ڪراچيءَ ۾ زرعي جنسن Agri Commodites جي مال جي روانگي Export واري گريڊنگ ڊپارٽمينٽ Grading Deparment ۾ گريڊنگ سرٽيفيڪيٽ اشو ڪرڻ واري ان اداري ۾ اٺ نو مهينا ڊيوٽي ڪيائون پر اُنهي ماحول ۾ کيس مزو نه آيو، سو وري ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ سائنٽفڪ آفيسر طور واپس ڊيوٽي جوائن ڪيائون.

۲۰۰۲ع ۾ جڏهن پي اي آر سي Pakistan Agricultural Research Council ۾ ارڙهين گريڊ جون پوسٽون آيون، ڊاڪٽر عطاءُ الله خان ان ۾ اپلائي ڪيو ۽ ۲۰۰۳ع ۾ پاڻ سينئر سائنٽفڪ آفيسر طور اسلام آباد ۾ ماکيءَ جي تحقيق واري اداري Honey bee Research Institute ۾ ڊيوٽي جوائن ڪيائون پر سندس گهڻو تجربو ڪاٽن جو هو ۽ سندس گريجوئيشن به Entomology ۾ هئي، جنهن ڪري نو ڏهه مهينن بعد اُتان بدلي ڪري کيس ملتان جي حياتاتي ضابطي Biological Control واري يونٽ ۾ فيبروري ۲۰۰۴ع ۾ اماڻيو ويو. جتي پاڻ زراعت جي دوست ڪيڙن تي تحقيق لاءِ پهريون ڀيرو پروجيڪٽ جو خاڪو جمع ڪرايو ته پي اي آر سي کان جڏهن اهو پروجيڪٽ منظور ٿيو ته باقاعده تحقيق شروع ڪيائون. جيئن زراعت لاء نقصانڪار جيتن خلاف جيڪي زهر استعمال ٿين ٿا، تن سان دشمن ڪيڙن ۾ قوت مدافعت پيدا ٿيندي آهي ۽ منجهن مقابلي لاءِ Resist Develop ٿيندي آهي جنهن ڪارڻ زهر ڪارائتا ناهن رهندا ۽ انهن لاء پوءِ مڪسچر ٺهندا آهن يا دوائن جو ڊوز وڌائڻو پوندو آهي. ساڳي طرح سندس ذهن ۾ ان خيال جنم ورتو ته انهن زهرن جي استعمال سان يقينن دوست ڪيڙن ۾ به Resist Develop ٿيندي سو جڏهن پاڻ ان تي تحقيق جو ڪيائون ته کيس خبر پئي هيستائين دنيا جي ڪنهن به سائنسدان ان تي ڪم ناهي ڪيو ۽ گڏوگڏ پاڻ اُتي بهاؤالدين ذڪريا يونيورسٽيءَ ۾ جيتن جي علم تي پي ايڇ ڊي لاءِ داخلا به ورتائون. ائين ملتان ۾ سندن Doctor Of Philosophy جي پڙهائي به هلندي رهي گڏوگڏ پاڻ ان پروجيڪٽ تي ريسرچ به ڪندا رهيا. سندس ٿيسز مان ان وقت دنيا جي اول درجي جي جيتن واري تحقيقي رسالن ۾ ٽي چار پيج يو ايس اي سميت ٻين عالمي ليول تي وڏي سطح وارن منظور ٿيل رسالن ۾ اهي پيج ڇپجندا رهيا ۽ جڏهن اهو ٿيسز انگريز ريفري وٽ پهتو ته ان به اچرج ۾ پوندي سٺا ريمارڪس ڏنا ته هي پاڪستان ۾ ڪهڙو سائنسدان آهي، جنهن دنيا ۾ پهريون ڀيرو دوست ڪيڙن تي زهرن جو Resist چڪاسڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اهڙي ريت سندس ذهن ۾ خواهش جنم ورتو ته آئون ان تي ڪو عالمي ليول جو ڪارنامو سرانجام ڏيان.

۲۰۱۲ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر عطاءُ الله خان پهريون ڀيرو هڪ سائنسدان طور پي اي آر سي جي چيئرمين سان وزٽ تي اي زيڊ آر آئي Arid Zone Research Institute عمرڪوٽ آيا، ان وقت انهي اداري جي حالت تباهه حال هئي ۽ پي اي آر سي جي چيئرمين کيس اصرار ڪندي چيو ته، آئون توهان کي بدلي ڪري هت (عمرڪوٽ) ۾ رکڻ چاهيان ٿو ۽ توهان پنهنجي علائقي جي اداري کي بهتر ڪريو. ان لاءِ توهان کي هڪ سال جو ٽائيم ڏجي ٿو، ٻئي صورت ۾ هن اداري کي بند ڪري سرڪاري پراپرٽي اسلام آباد پهچائجو ڇو جو ۲۰۱۰ع ۾ ان وقت جو چيئرمين به هن اداري کي بند ڪري رهيو هو ۽ اڃا به جيڪڏهن هي ادارو ڪارائتو ثابت نه ٿيو، پوءِ ان جي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو فرق نه پوندو.

ڊاڪٽر عطاءُ الله خان جي بقول ته آئون ان وقت ملتان ۾ جيڪو عالمي ليول جو جن جيتن تي ڪم ڪري رهيو هئس، ان وقت هڪ جيت جي قيمت ٽي چار ڊالر هئي ۽ مون عالمي ليول جو ڪم ڪري ڏيکارڻ جو سوچي رکيو هو پر جڏهن چيئرمين صاحب گهڻو روز ڀريو ته ملتان ۾ اهو چئن سالن ۾ پروجيڪٽ مڪمل ڪرڻ سان پي ايڇ ڊي به مڪمل ڪري ۲۰۱۲ع ۾ ڊاريڪٽر طور اي زيڊ آر آئي عمرڪوٽ ۾ چارج وٺي عملي طور ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي جستجو ۾ لڳس ته ٿوري ئي ٽائيم ۾ مون کي ڊاريڪٽر طور اوڻهين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي.

عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر عطاءُ الله جي چارج وٺڻ بعد انهي وقت جي چيئرمين ڊاڪٽر افتخار احمد سندس فل سپورٽ جي حامي ڀري ته پاڻ ٿر جي حوالي سان پنج ڇهه پروجيڪٽ ٺاهيا جن ۾ Toxic Free Vegetables, Kitchen Garden, Rehabilitation Of Desert Plants ۽ Nursery Development تي عملي طور ثابت ڪري ڏيکاريو ته کيس سرڪار ۽ عمرڪوٽ جي ماڻهن کان به سٺي موٽ ملي ۽ گڏوگڏ اي زيڊ آر آئي عمرڪوٽ بند ٿيڻ واري ڳالهه به ختم ٿي وئي.

 انهي دل لڳيءَ سان ڊاڪٽر عطاءُ الله خان جڏهن بئراج ۽ ٿر جي آڻين ۽ چاڙهين، ڏت ڏهاڙي سومرا جي ماروئڙن جي معاشي حالتن تي ويچاريو ته پاڻ هڪ وڏو پروجيڪٽ Strength and Upgradation ٺاهيائون جيڪو ۲۰۱۷ع ۾ وفاقي سرڪار کان منظور ٿيو. جنهن بعد انهي پروجيڪٽ تحت عمرڪوٽ جي ان اداري واري ۲۱۱ ايڪڙن جي زمين کي چار ديواري به مڪمل ٿي چڪي آهي ته گڏوگڏ آفيس جي نئين بلڊنگ تياري جي آخري مرحلي ۾ آهي، جنهن ۾ مختلف قسمن جي ليبارٽين ۾ Tissue Culture, Livestock, Biological Control Laboratory, Soil and Water Testing Laboratory سميت ٻيون به جديد ليبارٽيون آهن، تن مان يقينن مقامي ماڻهن کي وڏيون سهولتون ملنديون ۽ سندن معاشي حالتون پڻ بهتر ٿينديون گڏوگڏ انهي اداري جي جيڪا غير آباد ٻني پيل هئي، انهيء تي ريسرچ ڪندي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائي ۱۱۵ ايڪڙن تي آبادي ٿي چڪي آهي. جنهن ۾ ۵۰ ايڪڙن تي قلمي ٻيرن جو باغ آهي، ۱۰ ايڪڙن تي چوٽيهه قسمن جون ڏيهي ۽ پرڏيهي کجيون لڳل آهن، چوڏهن قسمن جا زيتون لڳل آهن، ان کان سواءِ اڍائي ايڪڙن تي سُونهاجهڙو به آهي جنهن جا پن پيهي Thar Moringa جي برانڊ سان سئو گرام جو پيڪٽ اسلام آباد موڪليو ويندو آهي، جيڪو سئو روپين ۾ في پيڪٽ وڪرو ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ان سونهاجهڙيءَ جو مختلف ڪمپنين جو سئو گرام وارو پيڪٽ اٺ سئو کان هڪ هزار ۾ وڪرو ٿيندو رهي ٿو. ان کان علاوه ليمن، چَڪو، تُوت، ڏاڙهون سميت ٻيا ميوا به لڳائي ڪامياب تجربا ٿي چڪا آهن، جن جو ميوو لذيذ ۽ کائڻ لائق آهي.

جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ ساڍا ٽي هزار کان چار هزار ٽي ڊي ايس Total Dissolvable salts پاڻيءَ تي ايترو ڪجهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ان پاڻيءَ تي بيضن واريون ڪڪڙيون ۽ گوشت وارن اصيل ڪڪڙن جو فارم به آهي ته بجلي جي پرابلم ڪري سولر سسٽم تي ٽيوب لڳائي مڇيءَ جو تلاءُ ٺهرائي سنڌو دريا تان ڪُرڙو مڇي جا ٻچا وٺي هٿرادو خوراڪ تي ڇهه مهينا مڇي پالي سوا ڪلو کان پوڻا ٻه ڪلو تائين مڇي ڪڍڻ جا ڪامياب تجربا به ٿي چڪا آهن.

ڊاڪٽر عطاءُ الله خان جي هڪ ڊاريڪٽر طور سنجيدگي ۽ اعليٰ ظرفي جو اهو مثال به ڳڻڻ جهڙو آهي ته Solar Dryer ۽ Tunnal Dryer ذريعي مرچ، چِڀڙ، گوار، پالڪ سميت جيڪي به اسان وٽ سائيون ڀاڄيون آهن تن کي سُڪائي اعليٰ پيڪنگ ڪري جلد مارڪيٽ پهچائڻ جي تياري به هلي رهي آهي.

عمرڪوٽ جي ان اداري ۾ ڊاڪٽر عطاءُ الله جي ڪاوشن سان اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول ميگا پروجيڪٽ ۾ گاهه، طبي ٻوٽا ۽ باغ لڳائي ڏنا آهن جيڪي هن وقت ميوو به ڏئي رهيا آهن. ان کان علاوه دعا فائونڊيشن وارن کي ڏاهلي ۾ کجور، ٻير، ڏاڙهون ۽ ليمن جو ۱۰ ايڪڙن تي باغ لڳائي ڏنو آهي جيڪو ڪاميابي سان تيار ٿي ويو آهي. ان ڪامياب تجربي بعد دعا فائونڊيشن وارن تعلقي ديپلي ۾ ننڍن ننڍن ٽڪرن تي چاليهه کان پنجاهه جڳهن تي انهن ميون جا وڻ لڳرايا آهن. تنهن کان سواءِ ننگرپارڪر ۾ طاهر اسپتال وارن جي زمين ۾ پڻ ٻير ۽ سونهاجهڙيءَ جا ٻوٽا لڳائي ڏنا آهن جيڪي پڻ تيار ٿي چڪا آهن. عمرڪوٽ جي ان اداري طرفان ٿر ۾ تڙ دوس، قاسم جي ڍاڻي، ڳوٺ سوائي ڪولهي، ڳوٺ مبارڪ رند سميت ٻين به ڪيترن ڳوٺن ۾ ٻير ۽ کجيءَ جا باغ لڳائي ڏنا آهن، جتان به ماڻهو فروٽ وٺي رهيا آهن.

هن وقت عمرڪوٽ ۾ ان اداري ۾ پنج ماڊل تيار آهن جن ۾ خشڪ سالي وارن علائقن ۾ باغ، گاهه، پاڻيءَ جي بچت، طبي ٻوٽن سميت مثال طور جيئن گوار زرعي جنس آهي ان جا پوري دنيا مان ۵۴ قسم چونڊ ڪري ٽيسٽ بعد وڌ کان وڌ پيداوار ڏيندڙ ٻج تيار ڪيو ويو آهي جيڪو اين جي اوز جي معرفت يا هارين کي سڌي سنئين رابطي سان به وڪرو ڪري ڏنو ويندو آهي. ساڳي ريت ٻه جنسون مڱن، ٻه جنسون موٺ/ ڪورڙ، هڪ جنس سپر ٻاجهري، ٻه جنسون اڇن ترن جون تيار ڪري گهٽ کان گهٽ قيمت تي ڏنيون وڃن ٿيون جيئن ماڻهو ان کي خريد به ڪن ۽ منجهن پيداوار وڌائڻ ۾ دلچسپي به وڌي ڇو جو ٿر ۾ گهڻي عرصي کان جيڪي زرعي جنسون پوکيون وڃن پيون اهي تمام پراڻيون آهن ۽ انهن جي ڪا به سڃاڻپ ناهي ته اهي جنسون ڪنهن جون آهن يا ڪٿان کان آيون آهن.

ٿر جي حوالي سان چوپائي مال بابت سوچيندي ڊاڪٽر عطاءُ الله خان چوڻ مطابق جانورن ۾ هٿرادو ٻج رکڻ Aritifical Insemination بابت ٿري ۽ ڪانڪريج ڍڳين جي نسلن کي تحقيق مان گذاري پيور ڪرڻ بعد انهن جو ڪراس ڪرايو وڃي جيئن ڍڳين جي انهن نسلن مان وڌ کان وڌ گوشت ۽ کير جي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي. ان لاءِ پاڻ نئون Proposal به وفاقي حڪومت کي Thar Camel جي ناليءَ سان جمع ڪرائي چڪا آهن، جنهن جي منظوري بعد Bio Technical Laboratory جڙندي جتي جانورن جي ڊي اين اي ٽيسٽ بعد Purification ۽ ڪراسنگ جو ڪم شروع ٿيندو. هن وقت اها سهولت پاڪستان ۾ اسلام آباد ۾ موجود آهي، تنهن ڪري يقينن ماڻهو ان ٽيڪنالاجي مان چاهيندي به فائدو حاصل نه پيا ڪري سگهن پر جڏهن اها عمرڪوٽ ۾ سهولت موجود هوندي ته نه رڳو ٿر پر سڄي سنڌ جا ماڻهو به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.

ڊاڪٽر عطاءُ الله خان جي انهن ڪاوشن جو قدر ڪندي گورنمينٽ کيس ترقي ڏيندي ويهين گريڊ ۾ جنوري ۲۰۲۰ع ۾ ايس اي آر سي Southern Agricultural Regional Centre جو ڊاريڪٽر جنرل مقرر ڪري ڪراچي موڪليو، جتي هن وقت پاڻ ٽنڊو ڄام، ٺٽو، عمرڪوٽ، خيرپور، ڪراچيءَ جي مختلف Set up جي ادارن جي نگراني ڪرڻ سان گڏوگڏ عمرڪوٽ ۾ مڪڙن متعلق نئين پروجيڪٽ جي نگراني به ڪري رهيا آهن ۽ مڪڙن متعلق ورلڊ بئنڪ کان ملندڙ فنڊنگ ڪري مڪڙن کي تحقيق بعد ضابطي ۾ آڻڻ جو ادارو پڻ ٺهي رهيو آهي، جنهن تي جولائي ۲۰۲۱ع کان عالمي سطح جي بيسڪ ليول تحقيق ڪئي ويندي ته مڪڙن کي زهرن کان سواءِ ٻين ڪهڙن طريقن سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

هن وقت ڊاڪٽر عطاءُ الله خان ڊاريڪٽر جنرل جي عهدي تي آهن تڏهن به سندس سوچون عمرڪوٽ جي آسپاس گهمنديون رهن ٿيون، تنهن ڪري ئي سندس ڪوششون جاري آهن ته ضلعي عمرڪوٽ جي هن اداري کي اپ گريڊ ڪري Arid Zone Research Centre منظور ڪرائجي جيئن ٿر جي پوئتي پيل ماڻهن سميت سنڌ معاشي طور ويران وير وڌندي رهي ۽ گڏوگڏ ٻيا ننڍا ننڍا پروجيڪٽ به آهن جن ۾ سڀ کان اهم اسپغول/ اسپنگر جي اُپت مان هتي جا هاري ايترو ناڻو ڪمائي نه پيا سگهن ڇو جو اسپنگر هتان کان حاصل پور وڃي ٿو، جتي پروسيسنگ مان گذري وري هتي مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ۽ سندس ڪوشش آهي ته هڪ سال اندر اسپنگر جون مختلف جنسون تيار ڪري، لاباري کان پوءِ هٿ سان ڳاهڻ جي عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٿريشر ڏنا وڃن جيئن ماڻهو گهٽ وقت ۾ ڪوالٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پلانٽ به لڳايو وڃي جيئن ان Husk ڇِلڪي کي الڳ ڪري ان جي گريڊنگ ۽ پيڪنگ اعليٰ ڪوالٽي ڪري ماڻهن کي سهولتون مهيا ڪيون وڃن جيئن اهي وڌيڪ اُپت ۽ ناڻو ڪمائي سگهن.

ڊاڪٽر عطاءُ الله خان پنهنجي ان اداري ۾ مختلف جڳهن ۽ عهدن تي رهندي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ سان گڏ ڏهن کان مٿي مختلف منصوبن جي سرپرستي ڪري چڪا آهن، جن جي ڪاوشن جي گواهي عمرڪوٽ ضلعي جا ماڻهو ڏيندا رهن ٿا. سندس چوڻ آهي ته هتي جي سياسي شخصيتن هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڃا به اعليٰ درجي جا ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، جيئن تعليم جي ڦهلاءُ سان زراعت ۽ ڀاڄين کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي وڌيڪ اناج ڏيندڙ فصل پوکائي ڪري بهترين ڪوالٽي واري اپت مان ججهو ناڻو ڪمائڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ سان، چوپائي مال جا ننڍا ننڍا فارم يونٽ ٺاهي ماڻهن کي مال جديد تحقيقي بنيادن تي وڌيڪ گوشت ۽ کير ڏيندڙ جانور پالڻ لاءِ مون کي ڪا ڀرپور سپورٽ ملي ته پُٺ تي پيل ٿر سميت سڄي سنڌ ۾ خوشحالي جو نئون باب کولي سگهجي ٿو ۽ ان سان سنڌ مان بک ۽ بد حالي مستقل لاءِ سئو فيصد يقينن ختم ڪري سگهجي ٿي.

چَنڊ تُنهنجي ذات، پاڙِيان نه پِرين سِين،

تُون اَڇو ۾ رات، سَڄڻ نِتُ سوجهرو. (شاهه)

 

(ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۲۵ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل.)

No comments:

راءِ ڏيندا