; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عابد مظهر شاھ

30 May, 2021

ڊاڪٽر عابد مظهر شاھ

ڊاڪٽر عابد مظهر شاھ

صاحب خان



محترم ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه صاحب جن جو اصل نالو محمد عابد شاھ آهي سندن جو ادبي نالو عابد مظهر آهي. سائينءَ جن جو جنم ڳوٺ باجارا ضلعو دادو (هاڻوڪو ڄام شورو) جي ادبي گھراڻي ۾ ٿيو. سائينءَ جن جو والد صاحب محترم سيد مظهر سيوهاڻي پڻ سنڌي غزل جو بهترين شاعر هو. ڊاڪٽر صاحب جن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ باجارا مان ئي حاصل ڪئي. سائينءَ ميٽرڪ طالب المولا هاءِ اسڪول دادو مان ۽ سٽي ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پاس ڪئي. بي اي جي ڊگري سچل ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي (سنڌي) جي ڊگري حاصل ڪئي. محترم ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه صاحب جن ڊاڪٽر آف فلاسفي (پي ايڇ ڊي) جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.


محترم ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه صاحب جن کي سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت سان بيحد لڳاءُ آهي پاڻ جتي به رهندا آهن ته ڪوشش ڪندا آهن ته اتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولجي. سائين جن شاگرديءَ جي دور ۾ ئي ڪراچي يونيورسٽيءِ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيو پر ڪجهه سببن جي ڪري اها اڳتي هلي نه سگهي. اهڙي طرح سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي بنياد ۾ ڊاڪٽر صاحب جن جو اهم ڪردار آهي. انکانسواءِ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جو بنياد پڻ سائينءَ جن جي محنتن جو نتيجو آهي. پاڻَ سيوهڻ سنڌي ادبي سنگت جو بنيادي سيڪريٽري پڻ رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ سنڌ ي ادبي سنگت ڪراچي جا ٻه دفعا سيڪريٽري به رهي چڪا آهن. محترم ڊاڪٽر عابد مظهر صاحب جن جا پنج ڪتاب ڇپيل آهن. پهريون مضمونن جو ڪتاب (پڪا ۽ پيرون)، ٻيو ڪهاڻين جو ڪتاب (گم ٿيل محبتون)، ٽيو شاعري جو ڪتاب (وڇوڙي جو آٽو گراف)، چوٿون تحقيقي مقالي جو ڪتاب (شاه لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا) ۽ پنهنجو ڪتاب سائينءِ جن پنهنجي والد صاحب محترم سيد مظهر سيوهاڻي جي شاعري جو مجموعو بزم غزل (سيد مظهر سيوهاڻي جو ڪلام) ڇپرايو.

مختلف تعليمي ادارن، ادبي ۽ سماجي تنظيمن پاران محترم ڊاڪٽر عابد مظهر صاحب جن جي سنڌي ادب لاءَ اڻ ٿڪ محنت ۽ خدمتن جي عيوض کيس ڪيترن ئي ايوارڊس سان نوازيو ويو آهي. جهڙوڪ يوٿ ويلفيئر اسٽوڊنٽ ڪراچي يونيورسٽي، انيس انصاري اڪيڊمي ڪراچي، سنڌي شعبي ڪراچيءَ يونيورسٽي، ٽيچرس ائسوسيئيشن ڪراچي يونيورسٽي،، سچ سوشل ويلفيئر ڪراچي، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ مهراڻ ڪلچر گروپ دبئي.

۲۰۱۱ ۾ ڊاڪٽر صاحب جن ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان بحيثيت چيئرمين رٽائر ٿيا. محترم ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه صاحب جن هن وقت صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاھ ۾ اعزازي ڪلاس ايم اي تصوف جا پڙهائيندا آهن ۽ الهادي يونيورسٽي ڪراچي ۾ پڻ درس و تدريس جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحب جن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان هفتيوار ادبي پروگرام پڻ ڪن ٿا. انکانسواءِ محترم ڊاڪٽر عابد مظهر صاحب جن هن وقت سنڌي ادبي سنگت گلشن ٽائون شاخ جو ڪنوينر ۽ سماجي تنظييم سچل سوشل ويلفيئر ڪراچي جا وائيس پريزيڊنٽ آهن.


عابد مظهر

شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ شخصيت

رزاق سهتو

عابد مظهر گھڻ پاسائي شخصيت آهي. ادب جي زمين تي مند آهر شاعري، ڪهاڻي تخليق ڪندو رهي ٿو. شاعري جو ڪتاب “وڇوڙي جو آٽو گراف” ڪهاڻين جا ڪتاب ”گم ٿيل محبتون” ۽ “محبت ۽ مايا” سندس قلمي پورهئي ۾ شمار آهن. سندس شاعري جي باغ مان اوهان کي هڪڙو گل پيش ڪيان ٿو جيئن اوهين به واس وٺي سگهو.

اي ڏکڻ جي هير جهڙي ڇوڪري،

سمنڊ جي ڇولين جيان پئي ٿي ڇلين،

ڇو نه ٿي مون تي گھلين.

ڇوصدين جو مان بڻيل هان انتظار،

ڇو نه تون منهنجي اندر ۾ ٿي رهين.

ڇونه ٿي مون تي گھلين.

چنڊ جي پهرين جيان ٻانهون ڪري،

ڀاڪرن ۾ ڇو نه ٿي مون کي ڀرين

ڇو نه ٿي مون تي گھلين.

عابد مظهر جون ڪهاڻيون ۽ شاعري پڙهڻ کانپوءِ سوچڻو ٿو پوي ته سندس پختگي شاعري ۾ آهي يا ڪهاڻيءَ ۾ آهي. مان کيس خوش نصيب ٿو سمجھان جو موهن ڪلپنا، بشير شاد جهڙن پنهنجي تحقيقي مضمونن ۾ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان عابد مظهر جوذڪر ڪيو آهي. منهنجي راءِ آهي ته هن لاءِ اهو وڏو حوالو آهي. هاڻي کيس ٻين حوالن جي ضرورت ئي ناهي. جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ چاهي ته “آرسي” رسالي ۾ موهن ڪلپنا ۽ نئين زندگي رسالي ۾ بشير شاد جا مضمون موجود آهن. سندس ڪهاڻين جو اهو شروعاتي دور هئو. ان کانپوءِ پاڻ جيڪي ڪهاڻيو لکيون اٿائين انهن تي ڳالهائڻ جي گھڻي گنجائش آهي.

هلندڙ دور ۾ هرڪو پاڻ وڻائڻ جي چڪر ۾ قدرن جو سموريون سرحدون اورانگي ٿو وڃي. پرــ اڃان ڪن جي قلم کي ڪَسُ ناهي لڳي. عابد مظهر ۽ مون جهڙا ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويهي پيا رنڊا روڙيندا آهيو. عابد مظهر نه سهپ جو شڪار ٿي ويل شخص ۽ تخليقڪار آهي. نه سهپ سنڌي جي اڪثر ساڃانهه وندن جي وندر ٿي پئي آهي. دوستن جي ٺاهڻ  ۾ هو ٻه هٿ اڳتي رهندو هئو. پنهنجي پر ۾ ماڻهن کي دوست ڄاڻي ڏاڍي خدمت ڪندو آيو پر دوستيءَ جي ننڍ مان جڏهن  بيدار ٿيو ته فليٽ ۾ پاڻ کي اڪيلو، اڪيلو، اڪيلو،پاتو هئائين. رنو، رنو، رنو ڏاڍو رنو ڇاڪاڻ ته فليٽ تي سندس سمجھ مطابق دوستن جا هجوم هوندا هئس. پوءِ اڪيلائپ جي ور چڙهي ويو. سندس ٻي شادي دوستن جي بيوفائيءَ جو ردي عمل هئو. ويڳاڻپ جي گھيري ۾ پنهنجا شعر لکندي اٿلي پئي ٿو.

ٻڌي ماڻهون ڪي خوش ٿيا آهن.

شعر ٺاهڻ عابد ڇڏيا آهن.

مان ته اڄ ڪلهه اداس گھاريان ٿو

منهنجا جذبا چڙهيا چکيا آهن.

يا

اچو ته پنهنجي پنهنجي بيوفا دوستن جو ماتم ڪيون.

جن پهرين نظر ۾ ئي اسان جي دل موهي وڌي هئي.

محبت ۽ پيار جي مامري ۾ سدائين اڳ ڀرو رهيو آهي. مون کيس ڪيترائي ڀيرا سمنڊ تي ڏٺو هئو. هو سمنڊ تي محبوبن سان ميلو مچائي روح کي وندرائيندو رهندو هئو.

عابد سان ڪچهري ڪرڻ وقت ڏاڍي احتياط جي ضرورت هوندي آهي. ڇاڪاڻ جو خبر ناهي هوندي ته هو ڪهڙي ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندو. پر معافي وٺڻ ۾ دير ڪون ڪندو آهي. سنجيده گھٽ، رنجيدهه وڌيڪ رهندو آهي. ملڻ جو وقت ڏئي ايندو ڪون يا ديرسان ائيندو، جڏهن ڪم لهي چڪو هوندو آهي. منهنجي راءِ آهي ته جيڪڏهن عابد جي شاعري کي ڪو ڪلاڪار، محنت ڪري ڳائي وجھي ته هو گھڻن شاعرن کان نشابر ٿي بيهندو. هونئن جن شاعرن وٽ مالي وسيلا آهن. فنڪارن جي خدمت ڪري پنهنجي شاعري ڳارائي سگهن ٿا. اچو ته سندس نظم مان حظ حاصل ڪريون.

آزاد نظم

ڪير سڃاڻڻ وارو ناهي.

پل هئا جو گذري ويا،

پل آهن، جو گذرن پيا

وقت هئو جو ٽهڪ هئا.

وقت آهي جو ڪجھ ڀي ناهي

ڳالهائڻ لاءِ ڳالهيون ساڳيون

 پوءِ نه ناهيون ساڳيان سائين

ڏينهن هئا جو لکندا هئاسين

ڇپبا هئاسين، پڙهندا هئاسين

وقت آهي جو هاڻي سائين

ساڳيون وستيون، ساڳيون واٽون

ڪير پڇڻ وارو ناهي.

عابد مظهر کي ڪهاڻيءَ جي پيچرن تي هلندي پسجي ته هو سماج ۾ مروج بي صود ريتن، طبقاتي فرق، کان سواءِ انساني قدرن جو پرچارڪ نظر اچي ٿو. هو سماج کي ماهر سرجن جيان ڏسي ان جي آپريشن، ڪري ناسور ٿي ويل رواجن کي ڪوري ڪڍي ڦٽو ڪري نئين روايت جا پها رکي سماج کي جديد ڏسڻ چاهي ٿو. سندس ڪهاڻي”پاڪن جو قبرستان” ڇِرڪائيندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ماڻهوءَ جي اندر ۾ موجود حسد، ساڙ، ماڻهن جي درجا بندي ۽ سيد پرستي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. هو لکي ٿو ته”ڳوٺ جو سڀ کان قديم ۽ وڏو مقام آهي. پهريائين سيدن جو قبرون آهن. ۽ پٺيان سيدن چواڻي”ڪت خلق جون قبرون آهن. ميڙائو ۽ الهه بخش اڃان قبر کوٽڻ لاءِ ڪوڏر جا ٿورائي لپا هنيا ها ته مرحوم سائين وڏي جي ننڍي ڀاءُ ڇتي ڪتي جيان پري کان ئي هنن کي  ڏاڙهيندي چيو”ذليلو شرم ناهيوَ جو هڪ امتي مائي لاءِ وڏن سيدن ۽ آرياڻين جي ڀرسان قبر ٿا کوٽيو. هنن سائين جي هڪل ٻڌي ڪوڏر مان هٿ ڪڍي هن جي منهن ۾ حيرت  مان ڏٺو ۽ چيو”سائين ڇو ڪير به آهي پر توهان جي ڀاڄائي آهي” کرو جواب ٻڌي سيد ڊڄي ويو.  پر خار مان چيائين” ناهي منهنجي ڀاڄائي اسان ڪو سيدن جي ڪڌن ڪرتوتن جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟” “سائين ڪڌو ڪرتوت ڪهڙو هو؟” “سائين وڏي شوق وچان شادي ڪئي هئي.ڪارو منهن ڪيو هئائين انهيءَ کي هت پورينداسين، ته سڀني سيدن جون جيڪي، ڪنيون ذاتيون، زالون بڻجيو ويٺيون آهن. تن کي به هت پورڻو پوندو. ائين سڄو مقام اسان جي موچين، مڙن جي حوالي ڪري ڇڏيون ته پوءِ سيدن جي مقام ۽ امتين جي مقام ۾ ڪهڙو فرق رهندو.؟ ان ڪري ڪني آڱر وڍي چڱي آهي.”

سندس ڪهاڻي “دعا جي چمي” مان جملا ”ائين هن سپر طاقت سڀني ملڪن جي ميمبرن تي ترڇي نظر ڊوڙائي. هن جي نظر هڪ ڪرسيءَ تي سالن کان اچي ويهندڙ هڪ پوڙهي ملڪ نما انسان تي پيئي هٿ ۾ تسبيح سفيد ريش، مڻين کي تڪڙ تڪڙ سان ڦيرائي ڳڻپ پوري ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو هو. ائين هن جي سالن کان آواز نه ٻڌندڙ ڪنن تي هڪ ڪڙڪيدار آواز پيو. جيڪو اڄ چٽائي سان هن ٻڌو ۽ هي خوشيءَ مان اٿي بيهي رهيو. “اوپوڙها ڪير آهين تون؟” “سالن کان توهانجي عتاب ۾ آيل ٻانهو پر پوءِ به مون دل نه هاري. تنهنجي هرسڏ ۾ سڏ ڏنم، ڪڏهن منهن نه ڦيرايم” جواب آيو “ تون بخشجي وئين. تنهنجي اڄ کان ڊيوٽي بهشوت جي خاص گيٽ تي آهي.”ڪهاڻي “ پناهه جي ڳولا۾”

جملن جي مالها هيئن پوئي ٿو

“هو ڪو خاص ماڻهون ته ڪونهي. هو ته هڪ اهڙن عام ماڻهن مان آهي جيڪي لڳاتار ڳولا جي الزام ۾ سر عام چونڪ تي ڦاسيءَ تي لٽڪايا ويا آهن جيڪي محبت جي اظاهر ڪرڻ وارن گنهگارن مان ڪوٺائبا آهن.” ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن جي گفتگو هيئن بيان ٿو ڪري ”تون مون سان ملڻ کان اڳ ڇا ڪندو هئين. ۽ منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڇا ڪندو آهين؟” هن وارڻيو هئو ته؛ “تون کان اڳ به ڳولا جاري هئي ۽ هاڻ به جاري آهي. اڳ ڪتاب پڙهندو هئس. سڪون جي ڳولا ۾ نماز پڙهندو هئس، هاڻ انهن سڀني کي ڇڏي تنهنجي چهري جي عبادت ڪندو آهيان. تنهن جي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي اڌ وهيءَ واريءَ عمر ۽ تنهنجي مکڙيءَ مان گل ٿيڻ واري عمر تي سوچيندو آهيان.” هوءَ هن جي چريائي وارين ڳالهين تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي هئي. وري لکي ٿو ته “بدبوءِ ۽ خوشبوءِ هرڪنهن جي اندر ۾ هوندي آهي. هن دنيا مان سچائي جي ڳولا ختم ٿيڻي ئي ناهي. جڏهن ته سچ توهان جي منهن کان ويجھو آهي. حسن سراب آهي. پيار جو ماڳ انسان جي اندر ۾ لڪل آهي.جيڪو روح جي شڪتيءَ مان اڀري نور بڻجي پئي ٿو.”

عابد ڪهاڻي ”خودڪشي” ۾ اهڙن پوڍائن ماڻهن جي منهن تان نقاب لاهي، سماج ۾ اصل چهروظاهر ڪندي لکي ٿو ته”هن جا تعلقات ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان آهن. سڀن اميرن ۽ سياسي ماڻهن سان زماني جي هرڪم جي ڏيتي ليتي اٿس. هو کارائڻ پيئارڻ ۾ هنن جي هرڪا مدد ڪندو آهي. زر کان وٺي زن تائين پوءِ هو هن کي ڇو نه ڀائين ان ڪري هن جا پئون ٻارهن هئا. پنج ئي آڱريون گيهه ۾ هئس. باقي غريب ماڻهن سان هن جي گھٽ لڳندي هئي. هو مخصوص دوست ڇوڪرين کانسوا ڪنهن کي به نه گھرائيندو هئو. اڄ هڪ مخصوص ڇوڪريءَ کي گھرايائين. هن کي سٿرن تي هٿ هڻي چَسڪا پئي ورتائينس. پر مڙسي هن جو ناليو ئي نه پئي وٺي. هن اهي سڀ حرڪتون هن ڇوڪريءَ سان ڪيون جڪي مڙسي اڀارڻ لاءَ ڪافي هوندوين آهن پر ڪجھ به هن کان نه ٿي سگھيو هو. ۽ ڇوڪريءَ سان شرمندگي وچان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳو هئو.”

تخليقڪار جي درد کي ڪهاڻي”ڪهاڻيڪار” ۾ اهڙي لفظن کي جملن ۾ اڻي ٿو جو اندر مان سندس ويڳاڻپ جو احساس اڀري اچي ٿو. مون کي لڳو ته هي دردُ ڪهاڻيڪار جي اندر جو درد آهي. جيڪا ڀوڳنا سالن کان ڀوڳيندو اچي ٿو. لکي ٿو ”ڳالهه کي نٽائيندي چيو هئومانس ڪهاڻي لکيئي وراڻيو هئائين مايوسيءَ ۾ ڪهڙو ادب تخليق ڪبو؟ جڏهن ته پين ۽ پنن لاءِ ٽڪو به نه هجي، پر ڪهاڻيون ضرور لکندس. طارق روڊ تي گاڏيون  صفا  ڪيون اٿم  ڪو ٻٽي روپيا  ڏيندو هئو ته ڪو ٻٽي  دڙڪا به ڏيندو هو. ڀاءُ جي گھر ۾ بنا پئسن جي رهڻ هڪ وڏو امتحان آهي. ماڻهو چوندا هوندا ڀاءُ جي گهر مفت ۾ پيو کائي هن کي نوڪريءَ جي ڪهڙي پرواهه.”

مجموعي طور تي عابد مظهر پنهنجي انفرادي درد کي اجتمائي درد ۾ مٽائڻ جو هنر رکي ٿو. ڪنهن به تخليقڪار جي سموري تخليق ۾ جان ناهي هوندي. ڪي ڪهاڻيون جاندار ناهن. جن ۾ فني فڪري، کوٽ محسوس ٿئي ٿي. عابد تمام جهونو ڪهاڻيڪار آهي. مونکي سندس ڪهاڻين ۾ ڪا اندر جي اڇل، تجسس، ٻوليءَ جي رواني، نٿي ملي. بس هر ڪهاڻي ۾ ٻه چار ڪي جملا وڻي ٿا وڃن جئين مون سندس ڪهاڻي جا جملا کڻي هتي لکيا آهن. محسوس ڪيم ته جيتري پيڙا عابد ڀوڳي ٿو. ان ڪٿا کي انهيءَ درد سان پني تي لاهي سگھڻ  جو ڏانئن هن وٽ ناهي. جيترو کيس تجربو ۽ مشاهدو آهي ته سندس ڪهاڻي اندر کي وڍي وجھي اهڙا ڪي به آثار سندس ڪهاڻين ۾ ڪونهن. سڌيون سنيون ڪهاڻيون آهي. حيراني به ٿيم ته ڪا شاهڪار ڪهاڻي لکڻ ۾ اسان جو يار ڪامياب ڇو ناهي ويو. جنهن جو سبب اهو محسوس ٿيو ته سندس رويو ادب ڏانهن غير سنجيدهه رهيو آهي. شاعريءَ جي حوالي سان ابن شاعر آهي. سندس شاعري گھڻي پختي آهي. جنهن جو مثال مٿي ڏئي آيو آهيان. ورجائڻ نٿو چاهيان.

 

(رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)



ڊاڪٽر عابد مظهر

(۲۱مئي ۱۹۵۱ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير

سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار شاعر محقق، استاد، ڊاڪٽر عابد مظهر جو اصل نالو عابد شاهه لڪياري آهي، ادبي نالو عابد مظهر اٿس. پاڻ تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ باجارا ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سيد مظهر سيوهاڻي به مشهور شاعر هو . سندس گهراڻو ادبي هئڻ ڪري پاڻ ننڍي هوندي کائين ادب ڏي راغب ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ باجارا، سيڪندري تعليم طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو، انٽر سٽي ڪاليج دادو، بي اي سچل ڪاليج حيدرآباد، ايم اي اڪنا مڪس سنڌ يونيورسٽي، ايم اي (سنڌي ادب) ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.

ڊاڪٽر عابد مظهر سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪارن مان آهي سندس سڃاڻپ رڳو ڪهاڻيون نه پر بهترين شاعر، محقق، محنتي استاد طور به آهي پاڻ سادگي ۽ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ آهي. ڪڏهن ته نيڪ نمازي ڪڏهن ته شراب طهورا تي رات کٽيو وڃينس. سندس ڪيل ادبي خدمت سنڌي ادب ۾ پنهنجي حيثيت ماڻي چڪي آهي.سندن تصنيفن جو وچور هن ريت آهي.

پڪا ۽ پيرون (مضمون)

هي ڪتاب مختلف مضمونن تي مشتمل ۾ آهي. جنهن ۾ مير علي نواز ناز ،ڳوٺ باجارا جو مختصر تاريخي جائزو، تنقيدي جو ڏانءُ، شطاريه سلسلو، حافظ حامد جي شاعري، سيد مرتضيٰ ٺٽوي ۽ ٻيا مضمون شامل اٿس.

گم ٿيل محبتون (ڪهاڻيون)۱۹۹۲ع

هن مجموعي ۾ ڪهاڻيون، ڌٻڻ مان نڪتل ماڻهو، ٽٽل عڪس، فطرت جو انتقام، پاڪن جو مقام، ڪالو ميرل، الميو، ڀٽڪندڙ ماڻهو، مرڪ، ڌنڌ ۾ گم ٿيل ويل ڪرڻا، چماٽ، پلپل جو قيدي، وڃايل پاڇا، مان روڊ ۽ سوچون وغيره شامل آهن، سندس ڪهاڻين بابت ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو “عابد مظهر جي ڪهاڻين جو زياده ترپس منظر فرد جي داخلي پيڙا ۽ محرومي آهي، سندس ڪهاڻين ۾ پيار کان محرومين جي نتيجي ۾ فرد جي وجود جو بي مقصد پڻو شامل آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو گم ٿيل محبتون، ڪافي دير سان شايع ٿيو. پر ان کان اڳ سندس ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن سندس ڪهاڻيون، مان روڊ ۽ سوچون، ڌنڌ ۾ گم ٿي ويل ڪرڻا، پلپل جو قيدي ۽ وڃايل پاڇا، جديد فڪر جون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ فرد مسلسل بي چين ۽ نه ختم ٿيندڙ ڏک ۾ مبتلا آهي ۽ سماجي هر قسم جون محرميون داخلي طرح فرد کي بي وس ۽ نفيساتي الجهن جو شڪار ڪري چڪيون آهن سندس ڪهاڻين ۾ انهيءَ فڪر جو اشارو آهي. ته ساک ۽ شانتي ڏانهن صرف هڪ ئي واٽ وڃي ٿي اها آهي “پيار” جي،” (ميمڻ، ۲۰۱۷: ۵۱۰ــ۵۱۱)

عابد مظهر جي ڪهاڻين جا موضوع، پلاٽ ڊائلاگ، پنهنجي ڌرتي تان ورتل آهن هو ماڻهن جي اهنجن، دردن، سورن، ناانصافين، ڏاڍاين جي قلم، ذريعي ڪهاڻين وسيلي اظهار ڪري ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ جديد فڪر به آهي ٻئي پاسي پيار تي هن لاءِ سڀ ڪجهه آهي. سليم ميمڻ لکي ٿو ته “ٻين افسانه نگارن جيان عابد کي پنهنجي ڪهاڻين لاءِ پلاٽ ۽ ڪردار جي گهر ڪانهي. هو پنهنجي ڪردار پاڻ آهي. ۽ ڪهاڻي جو ڄار پنهنجي چؤگرد آڻيندو رهي ٿو ۽ پنهنجي زندگي جي ڀوڳنائن ۽ پيڙائن کي ياد ڪيو اٿس.” (ميمڻ، ۱۹۹۲: ۲۹)

سندس ڪهاڻين ۾ ٻولي جو حسن دلربا آهي هو خودڪردار کان ڳالهرائي ٿو. جذبا، خيال، نماڻائي، سندس ڪهاڻين جو حسن آهي. سندس ڪهاڻيءَ جو هي ٽڪرو پڙهو.

“هو شهر وڃڻ لاءِ ائين پريشان هو. جيئن ڪوئي ٻار پنهنجي ماءُ جي گود ۾ وڃڻ لاءِ آتو هوندو آهي. هو اهڙي طرح پنهنجي دل ۾ شهر لاءِ اهڙائي سڪون ڏيندڙ احسان کڻي بس ۾ چڙهيو هر وقت بس جي دريءَ مان لوڻا هڻي روڊ تي لڳل بتين ڏانهن باقي بچيل پنڌ وارن ميلن جي ڀٿرن تي نظر وجهند رهيو هو آخر هن جو پنڌ کٽو جڏهن بس شهر جي روڊ تان گذري رهي هئي ته گاڏي کاتي ۾ بس پهچندي ئي. لهي پيو. هو بريف ڪيس هيٺ رکي هن شهر جي فضا ۾ ٻانهون ايئن لهرايون هيون. ڄڻ هو پنهنجي وڇڙي ويل اوچتو هلندر ڪنهن پياري دوست کي ڀاڪر پائيندو هجي. هو بريف ڪيس کڻي، پنهنجي دوست جي گهر وڃڻ لاءِ رڪشا واري کي ڪرايو ڏئي روڊ تي بريڪ ڪيس کي گهليندي، هن پهرين نظر ان گهر وڏي وڏي جنهن ۾ هن جي محبوبا رهندي هئي.” (مظهر ،۲۰۲۰: ۱۰۱)

هن ڪهاڻي جي مختصر ٽڪري مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪهاڻي حيدرآباد شهر جي عڪاسي ڪري ٿي جتي گاڏي کاتي جو ذڪر به آهي ته لطيف آباد جو به آهي. خيالي ڪردار ناهي، هي حقيقي تاريخي ڪردار آهن عابد مظهر ڪهاڻين ۾ تاريخ لکي ٿو. سندس ڪهاڻين جو حسن نروار آهي. سندس ڪهاڻيون فڪري، جديد، ۽ گهرائپ واريون آهن.

وڇوڙي جو آٽو گراف(شاعري) ۲۰۰۶ع.

عابد مظهر جي فن ۽ شخصيت کي پنجن حسن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ڪهاڻيڪار، محقق، استاد، شخصيت، ۽ شاعر، سندس شاعري جو ڪتاب آٽو گراف جڏهن ڇپيو ته کيس مڃتا ملي. هن وائي ۾ سرگهاتو جو پڙاڏو ٿو پسجي.

اچو ته ويهي اوريون مانجهي منهنجي تڏي

ڪنڌي ڪلاچي ڪلئين

مڙيا مانگر ڪيترا سهڻي ٿي سڏي،

ڪنڌي ڪلاچي ڪليئن

ڀائر سڀ پيڙا ٿيو، گوڏا ويهو گڏي،

ڪنڌي ڪلاچي ڪلئين

پڊ نه ڇڏيو پنهنجا ويڙها ويهو اڏي،

ڪنڌي ڪلاچي ڪلئين

نيٺ ته ٿيندو سوجهرو، ڇپر نه ڪو ڇڏي

 (مظهر،۲۰۰۶)

غزل

سنڌ مٺڙي، منڇر جا ساڳيا ڪنارا،

ملن ڪونه ماڻهو مگر پيار وارا،

چُڪو مڌ جو هي پيارين پيارا،

ته پنهنجا به چمڪي پون ستارا،

جتي قربتن جا پيا نعرا ها لڳندا،

اتي پيار بن ڪٽي ڪيون ٿا گذار،

ڏسيو ڀاڳ پنهنجا مان حيران آهيان،

اسان لئه ٿا نڪريو پون کوهه کارا،

اوهان جي جواني اوهان کي مبارڪ،

نئين ڳالهه ناهي، ڏکن ۾ گذارا،

جتي سڀ پٽجي وڃن ٿيون اميدون،

اتي ئي رهياسين اسان هڪ اڃارا.

(مظهر ۲۰۰۶)

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا (تصوف)۲۰۱۲ع

 ڊاڪٽر عابد مظهر جو هي ڪتاب Ph.D مقالو آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪراچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگراني هيٺ هي مقالو لکيو. هي ڪتاب ستن بابن تي مشتمل آهي. پهرئين باب ۾ شاهه عبداللطيف جو احوال ٻئي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي همعصر صوفي بزرگ ۽ شاعرن جو مختصر احوال، ٽئين باب ۾ تصوف جي نشريح چو ٿين باب ۾ چشتي سلسلي جي ابتدا ۽ ننڍي کنڊ جا مشهور مشهور چشتي بزرگ ۽ سنڌ جا چشنتي بزرگ، باب پنجين سهروردي سلسلي جي ابتدا، سهروردي سلسلي مان نڪتل ٻيا سلسلا، مشهور سهرودي بزرگ، ۽ سنڌ جا سهروردي بزرگ، باب ڇهين ۾ قادري سلسلي جي اوسر، مشهور قادري بزرگ، سنڌ جا قادري بزرگ، باب ستين ۾ نقشبندي سلسلي جي ابتدا، مشهور نقشبندي بزرگ ۽ سنڌ جا نقشبندي بزرگ شامل آهن.

ڊاڪٽر عابد مظهر سنڌ جي تصوف جي فڪر تي عالمانه تحقيق ڪئي آهي. شاهه لطيف جي دؤر ۾ تصوف جي باري ۾ مفصل لکيو اٿس. مصنف تصوف ۽ ويدانيت جي باري ۾ لکي ٿو ته:

“هيءَ حقيقت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دؤر ۾ ويدانيت ۽ تصوف جا ڪيترائي سلسلا سنڌ جي صوفياڻي سرزمين تي پروش حاصل ڪري رهيا هئا. پر مون پنهنجي هن مقالي ۾ تصوف جي اسلامي سلسلن چشتيه، سهرورديه، قادريه ۽ نقشبنديه سلسلن جو ذڪر ڪيو آهي. شاهه سائين خود خانداني حوالي سان قادريه سلسلي تان تعلق رکندو هو. ان ڪري مون کي به سٺو لڳو ته مان انهن سلسلن جي اوسر تي ڪم ڪريان.” (مظهر، ۲۰۱۲: ۱۱-۱۲)

(۵) بزم غزل ۲۰۱۷ع (مرتب)

بزم غزل، ڊاڪٽر عابد مظهر پنهنجي والد صاحب سيد مظهر سيوهاڻي جي ڪلام کي مرتب ڪيو آهي. ان غزليات جي ڪتاب جو نالو ’بزم غزل‘ رکيو آهي. ڊاڪٽر عابد مظهر شاعر ابن شاعر آهي. ڊاڪٽر عابد مظهر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ڀرتي ٿيو ۽ اتي سنڌي شعبي جو چيئرمين ٿي رٽائر ٿيو. سندس ادبي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن.

محبت ۽ مايا (ڪهاڻيون) ۲۰۲۰ع

هن ڪتاب ۾ ٽوٽل ۲۵ ڪهاڻيون شامل آهن.ڊاڪٽر عابد مظهر سنڌ جي جديد ڪهاڻيڪارن ۾ شامل آهي. سندس ڪهاڻيون فني فڪري گهرائي روايون آهن سماج جون عڪاسي ڪن ٿيون. ڪهاڻين بابت ڊاڪٽر شير مهراڻي لکي ٿو ته “ڊاڪٽر عابد صاحب هن ڪتاب ۾ اهڙين ڪهاڻين جي چونڊ ڪئي آهي. جن جو سئون سڌو واسطو اسان جي سماج ۾ موجوده اهڙن قدرن سان آهي. جيڪي اسان کي هڪ نئين منظر نامي سان روشناس ڪرائي، رهيا آهن ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ جو انداز سليس ۽ سولو آهي. پر اها به حقيقت آهي ته ان سليس ۽ سولي انداز ۾ لڪل تکا ۽ چڀندڙ تير اڻلکائتي انداز سان پنهنجو پنهنجو نشانو وٺندا وڃن ٿا. اهوئي سندس لکڻ جو هنر آهي. ۽ اهائي سندس ڪاميابي جي ضمانت آهي. (مهراڻي، ۲۰۲۰: ۱۱)

ڊاڪٽر عابد مظهر جي ڪهاڻين جا ڪردار هن سماج مان کنيل آهن.هو هن سماج جي چڱاين لڱاين جو اظهاربسهڻي نموني ڪيو آهي.سندس ڪهاڻين ۾ فن۽ فڪر سگهارو ، ٻولي ۽ اسلوب شاندر اٿس. عابد مظهر شاعري،ڪهاڻي تحقيق ۾ هڪ الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو

حوالا:

ميمڻ، عبدالغفور،ڊاڪٽر، ۲۰۱۷: سنڌي ادب جو فڪري پس منظر، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ.

ميمڻ، سليم، پروفيسر، ۱۹۹۲: گم ٿيل محبتون، مشعل اڪيڊمي ڪراچي.

مظهر، عابد، ڊاڪٽر، ۲۰۰۶: وڇوڙي جي آٽو گراف.

مظهر، عابد، ڊاڪٽر، ۲۰۱۲: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

مظهر، عابد، ۲۰۲۰: محبت ۽ مايا، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي.

مظهر، عابد، ۲۰۲۰: محبت ۽ مايا، نئون نياپو، اڪيڊمي ڪراچي.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي کنيل)




ڊاڪٽر عابد مظهر

پنجون درويش

نياز پنهور

دنيا ۾ درويشن جا ڪيئي قسم آهن، هڪڙا درويش اُهي آهن جن جون وڏيون وڏيون مزارون آهن جن جا مجاور آهن، جن تي ڪڏهن ساليانا ته ڪڏهن سهائي سومر تي پيا ميلا لڳندا آهن، ماڻهن جا هجوم هوندا آهن، جيڪي مزارن تي حاضري ڀري پڙ چاڙهي پيا باسون باسيندا آهن، ڪي وري اهڙا درويش آهن، جن تي سندس جيئري ئي مريدن ۽ عقيدتمندن جا ڪٽڪ پيا گڏ ٿيندا آهن، جيڪي ماڻهن جا ڪڏهن تعويذ ۽ ڪڏهن ڌاڳي ڦيڻي سان مسئلا پيا حل ڪندا آهن، ڪي درويش وري پاڻي پڙهي ڏيندا آهن، ڪي مٽي ته ڪي خاڪ سان پيا ماڻهن جو علاج ڪندا آهن، هڪڙا درويش ته اهڙا آهن جن کي پاڻ سياسي درويش چئي سگهون ٿا، جن تي وري سياستدانن جون حاضريون پيون لڳنديون آهن، سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ٻارين ٻچي پيا انهن درويشن تي وهلور ويندا آهن، اهڙن ڪيئي درويشن کي اسان جا پڙهندڙ به چڱي طرح سڃاڻن ٿا، الائي ڪهڙي خبر پنهنجي پڙهندڙن مان ڪيترائي انهن درويشن جي حاضريءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو ڪاروهنوار بڻائي ويٺا هجن، اسان کي اهڙن سمورن درويشن لاءِ دلي محبت ۽ احترام آهي، پاڻ کي به جتي موقعو ملندو آهي، انهن درويشن جون پيا حاضريون ڀريندا آهيون ۽ ان اميد ۽ آسري تي ته اهي الله سائين جا ويجها ٻانها آهن، جن وٽ وقت به وقت حاضري سان اسان جي زندگيءَ جون مشڪلاتون آسان ٿينديون رهنديون.

هڪڙا درويش وري اهڙا آهن جيڪي پاڻ کي ڪڏهن به درويش ناهن سڏائيندا، پر انهن جي معصوميت ۽ سادگي سبب وري ماڻهو انهن کي درويش سڏيندا آهن، منهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا چار درويش آيل آهن، جن کي مان دل و جان سان درويش سمجهندو آهيان، جن مان پهريون درويش آهي سائين پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، ٻيو سائين احمد شاهه لڪياري (نيو سعيدآباد وارو) ٽيون سائين غلام شبير شاهه (لاکڙا وارو) ۽ چوٿون دوريش آهي جنهن کي آئون درويش گهٽ ۽ مست وڌيڪ سڏيندو آهيان، سو آهي سائين محسن شاهه درويش عرف محسن شاهه مست، پر اڄ آئون انهن چئني درويشن کي ڇڏي هڪڙي پنجين درويش جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس، جيڪو سچ پچ ته هڪڙو وڏو درويش آهي ۽ ۽ عقيدتمندن جو هڪ وڏو انگ کيس جيئري ئي درويش سڏي ٿو، لڳي ٿو ته اڳيان هلي مٿس ميلا ضرور لڳندا، اهو درويش آهي عابد مظهر شاهه.

هي درويش سنڌ جي درويشن واري ڌرتي يعني سيوهڻ کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي شهر باجارا جو رهواسي آهي، هو ٻين درويشن جيان ماڻهن لاءِ ڌاڳا ڦيڻا نه ڪندو آهي پر پاڻ سدائين ٻين جي جي ڌاڳن ڦيڻن ۾ هوندو آهي، هن جي چاهت ۽ محبت جو سڳو لوهي زنجير کان به مضبوط هوندو آهي، هو محبت جي سڳي ۾ ٻين کي گهٽ ۽ پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٻڌندو آهي، ان ڪري ماڻهو سندس سچائيءَ، سادگيءَ ۽ معصوميت جو فائدو وٺندي کيس ان ڌاڳي سميت اڪيلو ڪري هليا ويندا آهن، پر کيس ان جي ذري به پرواهه نه هوندي آهي ۽ هو وري ڪنهن ٻئي جي محبت جو سڳو پنهنجي ٻانهن ۽ ٽنگ ۾ ٻڌي پيو گهمندو آهي.

کيس ڄامشورو ڇڏي لڳ ڀڳ ٽيهارو سال ٿي ويا آهن پر اسان سان سندس نينهن جو ناتو ڪڏهن به ڪمزور ناهي ٿيو، ملون يا نه ملون، ڳالهايون يا نه ڳالهايون، دل هڪٻئي لاءِ سدائين پئي ڌڙڪندي آهي، مون هن سان دوستيءَ ۾ ڪڏهن انصاف ڪيو آهي الائي نه پر هن ڪڏهن به مون سان حساب ناهي ڪيو ، اگر حساب ڪتاب ڪري ها ته منهنجي پاڇيءَ ۾ وڃي صرف ٻڙي بچي ها، مون کي لڳي ٿو ته هن درويش وٽ ڪا اهڙي ڪاپي آهي جنهن ۾ ساڻس ٺڳي ۽ چالاڪي ڪندڙن جو حساب تحرير هوندو ئي ناهي، هو صرف پنهنجي محبتن جو ذڪرڪندو رهي ٿو ۽ ان ۾ سرشار ۽ خوش آهي، هن جي سڃاڻپ جي حوالن ۾ رڳو “درويش” هئڻ وارو ئي اڪيلو حوالو ناهي پر هو شاعري، ڪهاڻين، تحقيق ۽ تنقيد جي ۶ ڪتابن جو مصنف هئڻ سميت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ۽ پروفيسر جو عهدو ماڻي هاڻي رٽائرمينٽ واري زندگي گذاري رهيو آهي.

چون ٿا ته پروفيسر ڪڏهن به رٽائر ناهي ٿيندو، ان ڪري آئون سرڪار جي ۶۰ سالن واري نوڪري جي مدت جو ذڪر ڇو پيو ڪريان، باقي هو نوڪري کان اڳ به ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر هو ۽ سرڪاري نوڪري جي خاتمي کانپوءِ به هو ليکڪ، ڪهاڻيڪار،شاعر ۽ پروفيسر آهي، هو سن ۱۹۷۵-۱۹۹۷4ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ باجارا مان نڪتو هو ڪراچي يونيورسٽي لاءِ نه پر سنڌ يونيورسٽي لاءِ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اچي پهتو هو ۽ اتي کيس ڪلارڪي به ملي وئي، هو ان ڪلارڪي دوران ايترو ته خوش ۽ مطئمن هو جو هن شايد ڪڏهن پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ خوشي لاءِ سوچيو به نه هو، سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد جا ادبي پروگرام، ادبي سنگت، ادبي دوست هن جي چپ چاپ زندگيءَ ۾ ٽهڪن جو سبب بڻجي ويا هئا، نه کيس پگهار جو فڪر هو ۽ نه وري ترقي جي تمنا، هن جي پگهار ته هن جي مهيني گذرڻ کان اڳ ئي خرچ ٿي ويندي هئي، سنڌ يونيورسٽي ۾ هو ڇڙو رهندو هو، سائين پيرل شاهه بادشاهه سندس دوست به هو ته شايد ڳوٺائي به هو، عابد ان جي ڪوارٽر ۾ رهندو هو، سائين پيرل شاهه کيس ٻن ڪمرن واري ڪوارٽر مان هڪڙو ڪمرو ڏئي ڇڏيو هو، پر سائين عابد شاهه جي دوستن جو وڌندڙ تعداد، واندن ۽ مفت خورن جي مستقل موجودگيءَ سبب ڪڏهن ڪڏهن ته سائين پيرل شاهه به پنهنجو ڪوارٽر عابد مظهر ۽ سندس دوستن جي حوالي ڪري پاڻ الائي ڪيڏانهن هليو ويندو هو ۽ الائي ڪٿي وڃي رهندو هو.

پر عابد شاهه کي چوندو ڪجهه به نه هو، انهن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ ٻروچ جي هڪڙي هوٽل هوندي هئي، جتي اوڌر به وڏي پئماني تي جاري هئي، عابد مظهر ان ٻروچ کي اسان جو ٻوٿ ڏيکاري چيو هو ته “هي منهنجا دوست آهن، جيڪو چاهين کائين ۽ پيئن منهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏجائين”، اهڙي طرح مهينو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي عابد مظهر پنهنجي مهيني جو سڄو پگهار ان ٻروچ کي حوالي ڪري وري نئين سر اوڌر جو کاتو کولي ڇڏيندو هو، باجارا ۾ بابا اڃا حيات هو ۽ عابد جي گهر وارن جي ذميواري شايد ان تي هئي، اسان عابد کي سندس ان محبت ۽ فراخدلي سبب پنهنجو مستقل قائد به بڻائي ڇڏيو هو، هو رڳو ان هوٽل جي حساب ڪتاب سان اسان جو قائد نه هو پر اسان جي سنڌي ادبي سنگت جي يونيورسٽي واري شاخ جو ڪيئي ڀيرا سيڪريٽري به رهيو، هو سنگت جو سيڪريٽري به هو خزانچي به هو.

سندس ڪوارٽر اوطاق به هئي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي آفيس به هئي، سنگت جون هفتيوار گڏجاڻيون به اتي ئي ٿينديون هيون، جنهن ۾ چانهه بسڪوٽ ته لازمي آئٽم هوندا هئا، پر اگر ڪو اديب پري کان پهتل هوندو هو سو عابد مظهر جي گهر کي “پنهنجو گهر” سمجهي ٿڪ ڀڃي پوءِ ڳوٺ روانو ٿيندو هو، گهر عابد مظهر جو، کٽ عابد مظهر جي ۽ ماني ٻروچ جي هوٽل جي، عابد ڪڏهن به ان تي پنهنجو منهن نه گهنجايو، هو سدائين ٽهڪ پيو ڏيندو هو، اهو ئي سبب هو جو ڪيئي غير مقامي اديب هڪ طرف عابد جي مهمان نوازي جو ناجائز فائدو وٺندا هئا ته ٻئي طرف کيس دل ئي دل ۾ چوندا به هئا ته “هي همراهه آهي درويش.”

سو عابد جي ان درويشيءِ واري معنى جي مون کي تڏهن خبر نه هئي، پر جڏهن هاڻي پوڙهو ٿيڻ لڳو آهيان ته درويشي واري ان معنيٰ کي سمجهڻ لڳو آهيان، عابد ۾ اها سادگي آهي، يا درويشي آهي ته هو دوستن تي اکيون پوري اعتماد ڪندو آهي ۽ انهن جي جي صلاحن تي هلندو آهي ۽ نتيجي ۾ سدائين مشڪلاتن ۽ عذابن ۾ هوندو آهي، کيس پوءِ به خبر نه پوندي آهي ته هو دوستن جي هٿان ڪڏهن ۽ ڪيئن استعمال ٿي ويو، هو شاعر ته هو ئي ان ڪري شاعري به ڪندو هو، هڪ ڀيرو دوستن کيس چيو ته”تنهنجي شاعري ۾ نه درد آهي نه گداز آهي ۽ نه نکار آهي، ان ۾ ته ڪي احساس به ناهن”، همراهه کي لڳو ته دوست شايد صحيح چوندا هوندا، ان ڪري هن معصوميت مان دوستن کان پڇيو ته ڀلا اهو درد ۽ گداز ڪيئن ايندو، نکار ڪٿان ملندو، دوستن چيو اهو تمام آسان ڪم آهي، تون گهٽ ۾ گهٽ ۾ هڪڙو عشق ضرور ڪر، بنا عشق جي نه درد ملنديءَ نه شاعريءَ ۾ نکار ايندئي، پياري عابد اها صلاح رکي پنهنجي اکين تي ۽ عشق لاءِ حامي ڀري ورتائين ۽ ٻه ٽي ڏينهن “ٽارگيٽ” جي ڳولا شروع ڪيائين ۽ آخرڪار دوستن کيس عشق جي لاءِ ماڻهو به ڳولي ڏنو.

اها شخصيت هئي سنڌ يونيورسٽي ۾ رهندڙ هڪ ليکڪ جي ويجهي مائيٽياڻي، عابد صبح جو سوير پينٽ شرٽ پائي خوشبوءِ سان وهنجي ان شخصيت جي رستي تي اچي بيهي رهندو هو، ڪجهه ڏينهن ڳالهه اشارن ڪنائين ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر سندس اها ڪوشش ڪامياب نه ٿي، کيس سامهون کان ڪا هاڪاري موٽ ته نه ملي پر کيس ناراضگي وارا اشارا ملڻ شروع ٿي ويا، هو ٻڌائي ٿو ته دوستن کيس چيو ته خاتون اگر تنهنجن اشارن کي نه ٿي سمجهي ته پوءِ هاڻي لک هڪڙو خط، پياري عابد کي خط به انهن دوستن لکي ڏنو، عابد رڳو پنهنجن هٿن اکرن سان ان کي فيئر ڪيو ۽ اهو خط ان محترمه تائين پهچايو، پوءِ ڇا ٿيڻو هو اهو ته اوهان سمجهي ويا هوندو.

پر پڙهندڙن جي اصرار تي ٻڌائيندو هلان ته محترمه اهو خط پنهنجي ليکڪ مائٽ حوالي ڪيو ۽ ان ليکڪ کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هو سچي پچي ڀنگ گهوٽڻ وارو ڏنڊو کڻي پياري عابد جي گهر اچي پهتو، دروازو کڙڪائين، عابد دروازي جو هڪ تاڪ کولي ٻاهر آيو، سندس ٻيا دوست ماٺيڻو اوٺو، طارق عالم، قيس عالم ۽ اخلاق انصاري بند دروازي جي پويان بيهي رهيا، انهن جو خيال هو ته اگر ڳالهه اڳيان هلي جهيڙي ۾ تبديل ٿئي ٿي ته هو عابد جي مدد لاءِ ٻاهر اچي ويندا، ليکڪ دوست عابد تي ڏنڊو اولاريندي چيو ته “هي ڇا آهي”، عابد چيو ته “دل جو داستان آهي، مون کي عشق ٿي ويو آهي”.

ان تي ليکڪ چيس “عشق ائين ڪبو آ”، عابد وراڻيو “جيئن توهان عشق ڪندا آهيو مون به ائين ڪيو آ”، ليکڪ دوست کيس “وات ڳاڙهو ڇوڪرو” چوندي ڏنڊو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ايئن در پويان لڪيل مددگار فورس ٻاهر اچي وئي ۽ انهن اسان جي شاعر تي ان قاتلانه حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ان کانپوءِ عابد ۽ ان ليکڪ جي وچ ۾ سالن تائين جهيڙو ڪاوڙ ۽ ناراضگي هلندي رهي، پر عابد چواڻي شاعري ۾ ان عشق جي ناڪامي سبب ٿورو ٿورو درد اچي ويو هو ۽ شاعري ٿوري نکري وئي ۽ ان ۾ ٿورو گداز به اچڻ لڳو، ان ليکڪ ۽ عابد وچ ۾ اهو جهيڙو سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين تائين به اچي پهتو.

هڪ ڀيرو ته ان ليکڪ عابد جي ڳچيءَ ۾ هٿ به وڌا، جنهن کي ان ڏينهن گڏجاڻي جي صدارت ڪندڙ دادو کان آيل شاعر دوست اطهر منگي ۽ سائين ظفر حسن وچ ۾ پئي ٽاريو ۽ ڇڏرايو، عابد اڄ به چوي ٿو نور جو قسم مون اهو عشق پاڻ نه ڪيو هو،دوستن مون کي زوري ڪرايو هو، بهرحال عابد ان خاتون سان بعد ۾ هڪ موقعي تي ملاقات ڪري پنهنجي پوزيشن واضح ڪئي ته سڄي ڳالهه ۾ سندس پنهنجو ڪو ڏوهه ناهي، کيس دوستن خط لکرايو ۽ انهن زوري عشق ڪرايو، بهرحال هن کيس چيو تون مون کي سٺي ضرور لڳندي هئنيءَ.

عابد مظهر سنڌ يونيورسٽيءَ نه ڇڏي ها ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ پروفيسر به نه ٿئي ها، ڊاڪٽر به نه ٿئي ها، سندس سنڌ يونيورسٽي ڇڏڻ وارو فيصلو به درد ۽ غم سان ڀريل آهي، هو ٻڌائي ٿو ته مرحوم ماٺيڻي اوٺي جي آپگهات بعد سنڌ ادبي سنگت جي تعزيتي گڏجاڻي ۾ سڀني جي راءِ ۽ تجزيو هو ته ماٺيڻي کي خودڪشي لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي ۽ ان خودڪشي ۾ ماٺيڻي جي “صاحب” جو به سڌو سنئون هٿ آهي، ان گڏجاڻي ۾ امداد حسيني به تقرير ڪندي چيو هو ته اگر ڪنهن جا هٿ ماٺيڻي جي رت ۾ ٻڏل ناهن ته پوءِ انهن هٿن کي هر هر صاف ڪرڻ جي به ڪهڙي ضرورت آهي.

عابد چواڻي اها گڏجاڻي سندس لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڇڏرائڻ جو سبب بڻي کيس نياپو ڏنو ويو ته “عابد، ماٺيڻي کانپوءِ هاڻي آپگهات لاءِ تنهنجو وارو آهي”، عابد جا ملائڪ زور هئا هو آپگهات کان ته پاڻ بچائي ويو، پر کيس ۵۲۳ رپيا ۲۵ پئسا ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ نوڪريءَ مان ڊس مس ڪيو ويو، عابد مظهر ٻڌائي ٿو ته ان جاچ جو آفيسر ان وقت سنڌ يونيورسٽي ءَ جو اعليٰ عملدار ۽ سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي الانا هو، جنهن کيس صرف ۵۲۳ رپيا ۲۳ پئسا خرد برد ڪرڻ جي الزام هيٺ نوڪريءَ تان ئي ڊس مس ڪري ڇڏيو.

عابد چئي ٿو ته مون کي چيو ويو ته آئون پئسا ڀري ڏيان، مون چيو ته اگر ڀري ڏيندس ته به ڏوهي ليکبس، اگر نه ڀري ڏيندس ته به ڏوهاري ڪائونٽ ٿيندس، ان ڪري عابد ان فيصلي خلاف ليبر ڪورٽ ۾ ويو ۽ ليبر ڪورٽ عابد جي حق ۾ فيصلو ڏيندي، سندس نوڪري تي بحالي جو حڪم ڏنو، عابد مظهر انهيءَ ڏينهن نوڪري جوائن ڪئي ۽ ساڳئي ڏينهن استعيفا ڏئي ڪراچي يونيورسٽي ۾ اچي سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتي، هن اتي ماسٽرس به ڪئي ـ ليڪچرار به ٿيو، ترقي ڪندو پروفيسر تائين پهتو، پي ايڇ ڊي به ڪيائين ۽ ڊپارٽمينٽ جي هيڊ طور ۲۰۱۱ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين.

 پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان نوڪري ڇڏڻ ۽ ڪراچي اچڻ کي پنهنجي لاءِ خوش نصيبي سمجهي ٿو، هو چوي ٿو ته اگر ڊاڪٽر الانا مون کي نوڪريءَ مان نه ڪڍي ها ته پوءِ مان ڪلارڪ ئي هجان ها ۽ اتان ئي رٽائر ٿيان ها، هو ڊاڪٽر الانا کي اڄ به روبرو چوندو آهي ته ڊاڪٽر صاحب اوهان مون کي ڊس مس نه ڪريو ها ته مان پروفيسر ئي نه ٿيا ها.

عابد جو ڪراچي يونيورسٽي ۾ نوڪري لاءِ اچڻ کان وٺي سندس رٽائر ٿيڻ تائين وارو سفر به سنڌ يونيوسٽي جي اڙانگن پيچرن واري سفر کان گهٽ يا آسان سفر نه هو، ڄام شوري ۾ سندس چواڻي هڪڙيون هچايون هيون ته ڪراچي يونيورسٽي وري ٻيون، خبر ناهي انهن هڪٻئي جي اوبر کاڌي هئي يا عابد مظهر کين هڪ آسان ٽارگيٽ ٿي مليو هو، جنهن تي انهن پنهنجي ظلم ۽ جبر جا نوان نوان تجربا پئي ڪيا، بهرحال هو ان سڄي سفر دوران پروفيسر نواز علي شوق جي محبتن کي ياد ڪري ٿو، جنهن کيس يونيورسٽيءَ ۾ رکرايو، حملن کان بچايو ۽ آخر ۾ رٽائرمينٽ تائين ساٿ ڏنو.

عابد ٻه شادي ڪيون، پهرين زال ۽ عابد وچ ۾ معاملات ڪيئن هئا، اها خبر ته باجارا وارن ۽ حويلي ۾ ويٺل ٻين بي بين سڳورين کي هوندي پر ڪراچي ۾ ڪيل سندس محبت واري ٻي شاديءَ جا داستان، واقعات، حادثات، معاملات ۽ حالات ايئن ئي هئا، جيئن ٻي شادي ڪرڻ وارن سان ٿيڻ گهرجن، آپگهات کان بچڻ جو هڪڙو واقعو ته ڄام شوري ۾ ماٺيڻي اوٺي جي موت کانپوءِ ٿيو ۽ آپگهات جا ٻيا حالات، عابد جي ٻي شادي کانپوءِ ٿيا، هو رب سائين جو تمام گهڻو احسان مند آهي ته کيس سلجهيل، سلڇڻا ٻارڙا ٿيا، جن ڪڏهن به پنهنجي هن دوريش پيءُ جي اکين ۾ لڙڪ اچڻ نه ڏنا.

ڊاڪٽر عابد مظهر پاڻ شاعر ته هو پر سندس والد به ان دؤر جو هڪ وڏو شاعر هو ۽ مستند شاعر هو، جيڪو مظهر سيوهاڻي جي نالي سان پاڻ غضب جا غزل لکندو هو، عابد مظهر ننڍي هوندي ڪافي شرارتي هو، هو پنهنجو واقعو ٻڌائي ٿو ته ننڍي هوندي اسڪول ۾ ساڻس ڇوڪريون به پڙهنديون هيون، بعد ۾ ڇوڪرين کي ڌار ڪلاس ۾ ويهاريو ويو، عابد ڪلاس ۾ ديوار ۾ هڪ سوراخ ڪري ڇڏيو، اتان ويهي ڇوڪرين کي ڏسندو هو جنهن تي کيس ننڍپڻ ۾ مارون به مليون.

هڪ قومپرست ذهن ۽ سوچ رکندڙ عابد سنڌ جي اڄوڪين حالتن کي ڏسي ڪڙهندو رهي ٿو، سندس خيال آهي ته سنڌ جا قومپرست ڌرتي سان سچا هجن ها ته انقلاب ڪڏهوڪو اچي چڪو هجي ها، سندس خيال آهي ته سنڌ سان ڪو به سچو ناهي،تقريرن سان انقلاب ناهي ايندو، هو چوي ٿو ته اهي وڏا قومپرست جيڪي اڳ ڪجهه به نه هئا، اڄ ڪروڙ پتي ۽ هائوسنگ سوسائيٽيز جا مالڪ بڻيل آهن.

کيس لطيف سائين سان اٿاهه پيار آهي، هو ڳالهين ڳالهين ۾ هن جي فڪر تي ڳالهائيندو رهي ٿو، کيس ڳالهه تي اڄ به ڏک آهي ته علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بلوچ، شاهه جي رسالي مان سُر ڪيڏارو کي ڪڍي ڌار ڪري ڇڏو هو.

پر هو ڀٽائيءَ کي ئي پنهنجو سونهون ۽ رهبر سمجهي ٿو، هن جو در اڄ به دوستن لاءِ کليل آهي،

“هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين نينهن،

ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مُور نه سکيا”

 

(مير حاجن مير: ڪتاب “ڊاڪٽر عابد مظهر: فن ۽ شخصيت” تان کنيل)

 

ڊاڪٽر عابد مظهر

مامرو هي پيار جو

اياز گل

نئين ٽهيءَ جي سنڌي شاعرن جتي روايتن جي ابتڙ، نوان رستا ۽ نوان گس ڳولي ڪڍيا آهن اتي منجهن هڪ خصوصيت به نرالي آهي جو هو پنهنجي روين هلت ۽ ڏيک ويک مان بلڪل به روايتي شاعر ناهن لڳندا ۽ اسان جو پيارو دوست عابد مظهر ته روايتي ڇا ،بنهه شاعر ئي ناهي لڳندو هن کي ڏسي لڳندو ئي ناهي ته ڪو شاعريءَ جي اپسرا، ڪڏهن اره زورائي سان ته ڪڏهن لڪ ڇپ ۾ اچي وٽس به رهندي هوندي! هو ته پنهنجي عمل مان يارن جو يار، هڪ جيئري دل وارو انسان ۽ اديبن،شاعرن ۽ دوستن جوٻڌوٻانهو نظر ايندو آهي جنهن سان ملي پڪ اٿم ته ارسطو کي شاعرن بابت پنهجي راءِ بدلائڻي پوي ها ۽ هو وڏي خوشيءَ سان کين پنهنجي رياست ۾ رهڻ ڏئي ها.

بحرحال ڳالھه اسان سمجهڻ، نه سمجهڻ ۽ مڃڻ نه مڃڻ جي ڪونهي سچ اهو آهي ته عابد مظهر هڪ سٺي ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار سان گڏ هڪ شاعر به آهي ۽ هي سندس مجموعو وڇوڙي جو آٽو گراف ان جي سچي ثابتي آهي عابد مظهر جي هن شعري مجموعي ۾ غزل،آزاد نظم، نثري نظم، وايون، دوها، ۽ ٽيڙو شامل آهن، هن گهڻي ڀاڱي انهن شعري صنفن ۾ پنهنجي ذاتي احساسن، اڌمن ۽ ڀوڳنائن جي عڪاسي ڪئي آهي.

ڪٿي اڻ لکي نموني ڪٿي مٿاڇري ته ڪٿي گهرائي ۾ وڃي، من- ڇهندڙ نموني. تخليقي حوالي سان بنيادي طور عابد مظهر کي انهن شاعرن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو جيڪي محبت جا شاعر آهن ۽ جن لاء سنڌيءَ جي وڏي شاعر شيخ اياز لکيو آهي ته”“هر شاعر محبت، شاعر انقلاب هوندو آهي پر هر شاعر انقلاب شاعر محبت ناهي هوندو”. شيخ اياز جهڙي انقلابي شاعر جا اهي لفظ يقينن رومينٽڪ شاعري ڪندڙ شاعرن جي اهميت وڌائين ٿا پر ائين ضرور آهي ته اهڙن شاعرن کي پنهنجي قومي توڙي سماجي مسئلن ڏانهن به اک کليل رکڻ گهرجي، عابد مظهر وٽ پيار جو احساس غم ۽ خوف گاڏڙ آهي.

جيون سان ڀي ناهي ايڏو.

پيارڪيان ٿو توسان جيڏو.

پيڙا جو احساس ڏنگي ٿو،

ڪوئي ڀاڪر پائي جيڏو.

ڪيڏي گهري چاهت آهي،

پوءِ به ٽٽڻ جو ڊپ آ ڪيڏو.

۽ خوف مان گذرڻ واري اها ئي صورتحال اسان کي اڪثر نوجوان ۽ جوان شاعرن جي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿي لازمي طرح سان ان جو اهم سبب سماجي اڻ برابريون ۽ پابنديءَ واريون حالتون آهن جنهن مان هيٺئين وچولي ڪلاس سان واسطو رکندڙ شاعر گذري وڏوٿئي ٿو ۽ پنهنجي تخليقن ۾ اهو ئي ڪجھ ڏئي ٿو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو ۽ نظر آيو آهي.

روز آڙاھ ۾ پچان ٿو پيو

آوي آهي يا منهنجو گهر آهي

جتي ساب پئجيو وڃن ٿيون اميدون،

اتي ئي رهياسين اسان هڪ اڃارا.

ڪرسين وارن ماڻهن آڏو،

ويچارو ڪيئن لڳبو آهي!

عابد مظهر جي ڪيترن غزلن جي بندن کي پڙهڻندي واھ واھ چوڻ تي دل چوي ٿي.

سکي تون هوڏ جي حالت تان شل لهين جيڪر،

مٺي تون رحم جي عادت سکين پوين جيڪر،

ائين ٺهي ئي نه ٿو تون اچين ۽ مان نه هجان،

توهان جا پير اسان جون اکيون اچين جيڪر.

منهنجي خيال ۾ هر تخليقار پاڻ پنهنجي تخليقن لاء هڪ بهتر نقاد هوندو آهي ۽ هن کي اها ڄاڻ به چڱي طرح هوندي آهي ته سگهاري تخليق ڇا هوندي آهي عابد مظهر جڏهن اهو چئي ٿو ته،

تخليقي سٽ تنهن کي چئبو،

من کي جيڪا ڇهندي آهي.

غزلن جي مقابلي ۾ نظمن ۾ عابد مظهر جي تخليقي سگھه وڌيڪ ڀرپور نظر اچي ٿي. انفرادي توڙي اجتماعي مسئلن،پيڙائن ۽ احساسن کي عابد نظمن وسيلي وڌيڪ چٽائي سان بيان ڪري سگهيو آهي سندس اهڙن نظمن ۾ ٿڌو ساھ ، اداس ڇوڪري ،مرڪندڙ شام، ز جي نالي، هير جهڙي ڇوڪري ، وغيرھ شامل آهن جيڪي محبت کان قوميت ۽ ٻين بين الاقواميت ڏانهن وڌندڙ راهون کولين ٿا.

جڏهن به ٽيلفون تي

ٽي رنگون وڄن

۽ تنهنجي ٽيلفون کڻندي ئي

ڪوٿڌو ساھ ڀري رکي ڇڏي

ته پڪ ڄاڻجانءِ

اهو مان ئي هوندس.

(نظم ٿڌو ساھ)

سندس نظم صلاح ۾ بين الاقواميت جا اولڙا پسجن ٿا، جڏهن ته سوال انسان دوستي جي عڪاسي ڪري ٿو نظم محبتن جا يونٽ ۾ جديديت جو رنگ آهي نظم آخري خواهش عابد مظهر جو خوبصورت نظم آهي ۽ مشهور شاعر رسول حمزا توف کان متاثر ٿي لکيل آهي.

جڏهن تون اخبار ۾ پڙهين ته ڪو گمنام شاعر

ناڪام خودڪشي

جي الزام ۾ جيل

هليو ويو آهي

تڏهن تون مونکي

سمجهجان!

۽ جڏهن توکي

خود ڪشي ڪرائڻ

جي ڏوھ ۾.

ڪورٽ ۾ وٺي اچن

۽ مان توکي

جيڪڏهن سڃاڻڻ

کان انڪارڪري

ڇڏيان ،ته تون مون کي

پنهنجي بي انتها پيار

ڪرڻ وارن مان

سمجهجان!

پر جيڪڏهن بيان ڏيندي منهنجي ساھ جو آخري سڳو

ٽٽي وڃي

ته منهنجي آخري

گذارش اٿئي ته

مونکي هڪ لا وارث

پيار ڪندڙ سمجهي

سڃاڻڻ کان انڪارڪري ڇڏجان!

(نظم آخري گذارش)

ساڳي طرح سندس پابند نظم هير جهڙي ڇوڪري هڪ متاثر ڪندڙ نظم آهي.

اي ڏکڻ جي هير جهڙي ڇوڪري

سمنڊ جي ڇولين جيان پئي ٿي ڇلين

ڇونه ٿي مون تي گهلين.

چنڊ جي پهرين جيان ٻانهون ڪري

ڀاڪرن ۾ ڇو نه ٿي مون کي ڀرين.

عابد مظهر غزلن، نظمن کان سواءِ وايون، دوها، ٽيڙو به لکيا آهن جن ۾ هو خوبصورت خيال سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

هي ڪجھه سٽون لکي مون عابد مظهر سان انصاف ڪيو آهي يا نه؟ حقيقت اها آهي ته دوستن جي شاعري تي راءِ ڏيڻ /ڇنڊڇاڻ ڪرڻ مونکي ڏاڍوڏکيو لڳندو آهي، آءُ محبت کي تنقيدي نگاھ سان ڏسي ئي ناهيان سگهندو. ساڳيو حال عابد مظهر جي شاعريءَ تي لکڻ وقت آهي جو لکندي لکندي بيهجي وڃان ٿو ۽ عابد مظهر جو هي بند منهنجي آڏو اچي وڃي ٿو.

عابد ماڻهو مکڻ اٿئي جاني،

توسان هر حال ۾ وهيو آهي.

محبت جي موٽ محبت سان ئي ڏئي سگهجي ٿي، مونکي عابد ۽ سندس شاعريءَ ۾ سندس خاميون خوبيون ئي نظر اچن ٿيون ۽ مان سندس اڳيان جڳ مشهور ڏاهي ۽ نقاد ٽي ايس ايلٽ جا هي لفظ رکان ٿو.

سوال اهو ڪونهي ته ڪنهن شعر کي پنهنجي دؤر ۾ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ وارن جو انگ ڪيترو گهڻو يا گهٽ آهي. خاص ڳالھه اها آهي ته گهٽ ۾ گهٽ کيس پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارن جو مختصر تعداد هميشه موجود رهي.

عابد مظهر کي ايليٽ جي انهن وزنائتن لفظن کي سچ ته سيني سان سانڍي رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي پڙهندڙن توڙي ٻڌندڙن جو هڪ مختصر تعداد سدائين موجود رکڻ لاءِ تخليق جي ميدان ۾ ڀرپور محنت ۽ صلاحيتن کان ڪم وٺڻ گهرجي لکندو رهڻ گهرجي ۽ اڳتي ئي اڳتي وڌندو رهڻ گهرجي.


 

عابد مظهر

دوست کان ليکڪ تائين

رکيل مورائي

هن شخص جو نالو سيد محمد عابد مظهر آهي ۽ ادبي طور عابد مظهر جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ باجارن جي سيد مظهر سيوھاڻيءَ جو فرزند آهي. جيڪو پاڻ هڪ قادر الڪلام شاعر هو. اڻ تصديق ٿيل رڪارڊ موجب عابد مظهر باجارن ۾ ڄائو آهي، باجارن ۾ وڏو ٿيو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ پوڙهو ٿيو آهي.چون ٿا هو جڏهن ڄائو هو تڏهن سيوهڻ ۾ هيءَ چوڻي مشهور ھئي ته “انڌير نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا” ۽ ان وقت سنڌو درياھ تارؤن تار وهندو هو، پر شايد وڏو ٿي عابد مظهر وهنجڻ اڙل واھ ۾ لڳو هو. جنهن جي سڪ پوري ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي ملهايل اڻهٺ هين سالگرھ جي موقعي تي مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق انصاري ۽ مون کي سيوھڻ کان ٻاهر نڪرڻ وقت اڙل واھ ۾ وهنجڻ جي صلاح ڪئي هئي. پر اسان ڏٺو ته اڙل واھ مان به سنڌوءَ وانگر واري ٿي اڏامي! ۽ هن جي ڪيل وهنجڻ واري صلاح هوا ۾ اڏامي وئي.!

عابد مظهر وهيءَ ۾ چون ٿا ڏاڍو چڱو ماڻهو هئو، ايستائين جيستائين هن عشق نه ڪيو هئو، جنهن کان پوءِ هن ۾ ٻي خرابي اها پيدا ٿي ته هن شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. ۽ ان وقت ڪنهن پيءُ لاءِ شاعر پٽ جو تصور اهو هئو ته ڄڻ پٽ ڄائو ئي ڪونه، پر عابد مظهر سان ائين ٽريٽ نه ڪيو ويو.ڇاڪاڻ ته سندس والد بزگوار پڻ اعليٰ شاعر هو. جنهن کي پٽ جي شاعر ٿيڻ تي خوشي ٿي هوندي! پر يقين سان مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته عام سنڌي ماڻهن وٽ شاعر جو تصور اڄ به ڪو چڱو نه آهي. پوءِ به اسين پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ سدائي چوندا رهدا آهيون ته اسين سنڌي ماڻهن لاءِ ٿا لکون، ۽ وڏو سچ اهو آهي ته اسين لکون انهن لاءِ ٿا جيڪي اسان کي پڙهندا ئي ناهن ۽ عابد مظهر به انهن لاءِ لکندو آهي.جن وٽ تعليم اڄ تائين نه پهچي سگهي آهي، انهن وٽ ٺهيل اسڪولن ۾ يا بُهه پيل هوندو. آهي يا ڪڪڙ ٻڌل هوندا آهن، پوءِ به اسين سڀ عابد مظهر سميت لکي رهيا آهيون ڇا اسان کي شاباس نه هجي؟.

عابد مظهر سيوھڻ ڇڏيو ته ڄام شوري جو ٿي ويو ۽ ڄام شورو ڇڏيائين ته ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ رهيو ۽ نوڪري ڪيائين. ائين هو جيترو وڏي شهر ۾ آيو ، اوترو وڏو ماڻهو ٿيو. ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني ۾ رهي عابد مظهر تمام وڏو ماڻهو ٿيو. هن هڪ وڏي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪئي، پروفيسر جي پد تان رٽائر ٿيو، پنهنجي نالي جي شروع ۾ هڪ اعزازي لفظ ڊاڪٽر لکڻ شروع ڪيائين، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ.ڊيءَ جي ڊ گري ورتائين. سندس لکيل مقالو سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي نهايت آبرو دار نموني شايع ڪيو آهي. اڄ جڏهن اسان سندس دوست عابد مظهر کان اڳ ۾ ڊاڪٽر لکندا آهيون ته گهڻو فخر ٿيندو آهي. شايد دلي طور کيس به ايترو فخر نه ٿيندو هوندو. ڇاڪاڻ ته ان يونيورسٽيءَ، جنهن ۾ هن اڌ ڄمار پڙهايو ۽ جتان هن هڪ اعزاز رکندڙ ڊگري ماڻي، اها يونيورسٽي کيس هڪ اسڪالر هجڻ جي ناتي ، هڪ اديب شاعر هجڻ جي ناتي، هڪ ڊاڪٽر هجڻ جي ناتي سندس پوئين عمر ۾ ايتري به سهولت ڏيئي نه سگهي. جيتري ان موجود رهندڙ وي سيءَ جي خوشامد ڪندڙ استادن کي ڏني آهي.

هاڻ هوُ يونيورسٽيءَ جي چوديواري کان ٻاهر رهندو آهي، هاڻ هن کي يونيورسٽيءَ کي ڏسي سڪون نه ملندو آهي. جيترو سڪون هن کي پنهنجي دوستن سان ڪچهري ڪرڻ سان ملندو آهي. ته انهن سان پنهنجا ئي رکندڙ به ، هو اهڙو آهي. جنهن پنهنجي ماحول ۾ بنھ گهٽ ماڻهن کي رنجايو هوندو ، جيتوڻيڪ هو پاڻ گهڻو رنج ٿيندو آهي. پر بنھ ٿورڙي وقت لاءِ ۽ پوءِ وري ساڳيو هوندو آهي، جنهن کي عابد مظهر چئبو آهي!.

هو جنهن خاندان سان واسطو رکي ٿو، ان ضرور ٻه چار مريد هوندا. پر پاڻ انصارين جي وڏي بزرگ جي هٿ تي بعيت ڪري انهن جي مريدي قبول ڪئي اٿائين. ائين هو پاڻ چوندو آهي، اڄ جڏهن پيري مريدي کان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهي. تڏهن عابد مظهر کي پنهنجي مريد هجڻ وارو عيب کان بچڻ لاءِ هڪ ٻيو جملو چوندي ٻڌو ويو آهي. ته “ انصاري منهنجا ادبي دوست آهن”. جيتوڻيڪ منهنجو ايمان اها ڳالھه چوي ٿو دوستي فقط شخصي ٿيندي آهي. ان لاءِ پوءِ جيڪڏهن ٻيون نسبتون جڙنديون آهن ته اها وڌيڪ پائيدار ٿيندي آهي.

سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو شاعر عابد مظهر سان رنج رهندو آهي.سبب اهو آهي ته جنهن ڇوڪريءَ سان عابد مظهر پهريون عشق ڪيو هو، اتفاق سان اها ڇوڪري اڳتي هلي ان شاعر جي سالي پڻجڻي هئي. ۽ ان عشق عابد مظھر کي اهڙا ڪرشما ڏيکاريا جو هن جي دل جو ڪفر مٿان ايمان ٿي ويو، هو شاعر بڻجي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي لاجواب ڪتاب ڏنائين” وڇوڙي جو آٽو گراف.”

ياد رکيو وڃي ته جڏهن عابد مظهر جي پهرئين عشق جو سپنو ساڀيان نه ٿي سگهيو هئو ته هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون، جن هن کي هڪ ليکڪ/ڪهاڻيڪار طور پڻ سنڌ ۾ چڱي آبرو بخشي، هن ايتريون ڪهاڻيون لکيون جو انهن جو هڪ خوبصورت ڪتاب جڙي پيو. عابد مظهر پنهنجي اڻ پوري سپني کي ڄام شوري وٽان سنڌو درياھ جي حوالي ڪري ڪراچيءَ آيو ۽ پنهنجي محبتن کي سهيڙي ورتو. جيتوڻيڪ هن محسوس ڪيو ته اُهي محبتون هاڻ گم ٿي ويون آهن، جنهن ڪري هن پنهنجي ڪتاب کي سرو ڏنو “ گم ٿيل محبتون” پر اعتبار ڪيو وڃي ته شريف شخص پنهنجي نئين محبت آڏو ڪڏهن به اهڙو اظهار نه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته منجهس اهڙي همٿ نه آهي، ۽ هاڻ هنن هيڻن هڏن ۾ ته بلڪل نه !

عابد مظهر الڳ الڳ موضوعن تي اڪيچار مضمون، مقالا ۽ ليک به لکيا آهن. جن مان ڪن کي سهيڙي، هن هڪ ڪتاب جوڙيو، جنهن کي نالو ڏنائين “ پڪا ۽ پيرون” سندس رهيل ۽ وکريل سڀ ليک گڏ ڪجن ته هوند وڌيڪ ڪيئي ڪتاب جڙي پوندا، جيڪي کيس وڌيڪ ادبي مرتيو ڏياريندا ( ٻي طرح هن جو مرتبو هڪ ڪهاڻيڪار طور، هڪ شاعر طور، هڪ اسڪالر طور، اسان سڀني جي آڏو آهي، جيڪو هڪ مانائتو ۽ شانائتو آهي.) هڪ شخص طور عابد مظهر لاءِ اهو چوڻ گهڻو ٿيندو ته هو يارن جو يار آهي. سنڌي محاوري ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته عابد مظهر “ گھه جو گهڙو” آهي. مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻي خوشي محسوس ٿيندي رهندي ته عابد مظهر جهڙو شفاف شخص ۽ شفاف لکندڙ ، ليکڪ منهنجو دوست آهي، مان پنهنجي دوست کي دل جي سڀني تهن سان سندس جنم ڏينهن تي گهڻيون گهڻيون مبارڪون ڏيان ٿو، قبول پونديون اهڙي پڪ اٿم ۽ بس!.

 

(مير حاجن مير، “ڊاڪٽر عابد مظهر (فن ۽ شخصيت)” ڪتاب تان کنيل)

 

ڊاڪٽر عابد مظهر

نئون قلندر

ڊاڪٽر شير مهراڻي

اصل ۾ قلندر نالو آهي ڪيفيت جو، اها ڪيفيت جنهن ۾ فرد دنيا مافيها کان بي نياز، پنهنجي ڌن ۾ مگن، نه ڪنهن جي آئي ۾ نه وئي ۾ ڪٿان اڀريو ڪٿان لٿو، ان صورتحال کان به لا تعلق ۽ لا تمع.ڪنهن کي ڏک ڏنو ڪنهن ڌڪ هنيو خوشي ڏني، مرهم رکيو، ڪو رٺو، ڪو پرچيو،انهن ڳالهين کان جهڙو ڪر پري، ڪڏهن دل چويس ته نمازون پڙهي تهجد پڙهي اگر نه پڙهي ته عيد جي نماز به نه پڙهي، دل چويس ته ڪوڙي پاڻي سان روزو کولي، دل چويس ته پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي وجد ۾ اچي نچڻ لڳي، اهي سڀيئي ڪيفيتون حقيقت ۾ قلندرانا آهن، عام ماڻهو کان اهي ڳالهيون زور آهن، سچ پڇو ته اهي مڙئي ڪيفيتون اسان جي نئين قلندر پروفيسر عابد مظهر ۾ موجود آهن دل جو اهڙو صاف جو صوفي هجي ته خدا ڏسي وٺي، آءُ جڏهن سائين عابد مظهر تي لکڻ لاء ويٺس ته سوچ جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويس ته سندس ڪهڙي پهلو تي لکان. هو جيڪو هڪ ئي وقت تمام سٺو شاعر بلڪ شاعر ابن شاعر به آهي ته بهترين ڪهاڻيڪار، بي باڪ محقق به آهي ته ادب جو سٺو پارکو به ۽ تجزيه ڪار پڻ آهي. منهنجو استاد ۽ سٺو دوست پڻ آهي.

اُهي يا اڃا ٻيا ڪيترا پهلو آهن جن تي ڀرپور لکي سگهجي ٿو، اهو پڻ لکي سگهجي ٿو ته عابد مظهر جڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ اسٽنٽ پروفيسر هو تڏهن به هو اسان شاگردن سان گڏ يونيورسٽيء جي ڪينٽن۾ سرن ۽ سيمنٽ جي ننڍڙن بلاڪن تي ويهي ڪچهري ڪندي چانھه جو سرڪيون به پيو ڀريندو هو اهو سلسلو تڏهن به جاري رهيو جڏهن هو ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو چيئرمين هو. الائي ڪيتريون يادون واڳيل آهن هن قلندر صفت انسان سان هڪ ڏينهن سندس آفيس ويس ته هن کلي کيڪاري چيو ته ڪا گاڏي آهي مون چيو سائين گاڏي ته ڪانهي پر بائيڪ آهي جيڪو ڪم گاڏيءَ کان وٺي سگهجي ٿو اهو بائيڪ کان به وٺي سگهجي ٿو.

مون سندس آفيس ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته منهنجي نظر الماري تي پيل نفيس مصلي تي وڃي پئي چيم سائي ڪپڙو ته ڪونهي باقي مصلو آهي کلي چيائين مصلي کي لاھ ته هلون پوءِ مصلو کڻي سائين سان گڏ پارڪنگ ايريا ۾ بهاريل بائيڪ ڏي وياسين ، بائيڪ تي ويهڻ کان پوء به مونکي خبر نه هئي ته سائين ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃي پوءِ پاڻ ئي چيائين موسميات واري پاسي هل اتي هلي هڪ سوڙهي گهٽيءَ وٽ اچي بيهاريائين،کيسي مان ٻڪ پئسن جو ڪڍي سلاخن جي پويان ٺهيل ڪائونٽر تي ويٺل ٿلهي متي همراھ کي ڏنائين ۽ هن موٽ ۾ هڪ ٿلهي متاري ٿيلهي ڏني جنهن ۾ شايد بوتلون هيون سائين اها ٿيلهي اسان ٻنهي جي وچ تي بائيڪ تي رکي مصلي سان ڍڪي ڇڏيائين. آفيس ۾ اچي اها ٿيلهي الماري ۾ رکي سائين چيو دنيا ايڏي ڏکي ۽ مفاد پرست ٿي وئي اهي جو ان کي سمجهي نٿو سگهجي. مون سوچيو هو ته چيئرمين ٿيڻ کان پوءِ سڀني استادن کي کير کنڊ ڪري ويهاريندس پر هنن اهڙي چال چلي جو سڄي عمر رهندڙ گروپ کان هنن جدا خلاف پريس ڪانفرنس ڪرائي مونکان هو ڪاوڙائي ڇڏيائون. هي گروپ اڳئي منهنجو مخالف هو هاڻي هن گروپ کان به پري ڪري ڇڏيائون هاڻ نه هنن جا رهياسين نه هنن جا..

ڊاڪٽر شير دنيا ايڏي مفاد پرست آهي جو هن کي اسان جهڙا سادا ماڻهو سمجهي نٿا سگهن ماڻهو ماڻهو جو ماس پيو کائي دوست نما دشمن جي مون لاء سڃاڻپ ڏاڍي ڏکي آهي ان اوکي صورتحال ۾ رهڻ پنهنجي وس جي ڳالھه ناهي سو ڪوڙو پاڻي ضروري آهي. مون ڳالھه ٻڌي مٿو کنهيو؛ اهو سڀ ڪجھه سائين پنهنجي منهن پئي ڳالهايو.

منهنجي وري ڪوڙي پاڻي کان ڪل وڃي. پوءِ سائين لاءِ غالب جو شعر ياد آيو.

يه مسائل تصوف يه تيرا بيان غالب

تمهين هم ولي سمجهتي جو نه باد خار هوتا.

يا لطيف سائين فرمائي ٿو..

م ڪر سڌ سري جي،جي ٽارئين ٽوھ،

پئي جنهن پاسي ٿئي، منجهان رڳن روح،

ڪاٿي چڪ ڪڪوھ، لاهي سر لطيف چئي.

يا

سڌڙيا شرابن جون،ڪه پچارون ڪن.

حه ڪات ڪلالن ڪڍيا،ته موٽيو پوءِ وڃن،

پڪون سي پين،سر جن جا سٽ ۾.

پاڻ شايد ٽارئين ٽوھ سڌڙيا آهيون جو اهو امرت نٿو اڪلي، پر سائين عابد مظهر ته جهڙوڪر پراڻو يا گڻنگ پياڪ.

قمر شهباز ، تاج بلوچ لاء لکيو آهي ته هو انگور ۽ آدم جي ڌيءَ جو گڻنگ پياڪ آهي پر اسانجو عابد مظهر آدم جي ڌيءَ کي ست قران سمجهي باقي انگور جي ڌي سندس اکين تي.

وٽ وٽ وٽيءَ ۾، مٽ مٽ منڌ ٻيو،

قدرڪيف ڪلال جو، پياڪن پيو،

اچن درس دڪان تي ڪنڌ قبول ڪيو،

سرها سر ڏيو، چکن سرڪ سيد چئي.

اسان جي دوست قدير ڪانڌڙي لاءِ سائين عابد مظهر اڪثر چوندو آهي ته هي منهنجو مرشد آهي، هڪ سانوري شام جو سچل ڳوٺ ۾ پٺاڻ جي هوٽل تي گڏ چانھه پئي پيتي سين ته سائين عابد مظهر، قدير کي چيو: ابا مونکي به فيض جو ونڊ ڏي.

قدير ڪانڌڙي جو لهجو سچ به پهتل پير جهڙو ٿي ويو هڪدم چيائين. آدم جي ڌيءَ ۽ انگور پياڪ کي ونڊ نه ملندو جي واقعي به ونڊ کپئي ته آدم جي ڌيء ۽ انگور مان هٿ ڪڍ. سائين عابد چيو دعا آ ته ان جي پچر ڇڏيم ، همراھ جهٽوڪر ستين آسمان تي وڃي پڳو ، آءُ چپ چاپ ٻنهي کي ٻڌندو رهيس نيٺ قدير کي چيم جي واقعي تون بزرگ آهين تنهنجي دعا اگهاڻي آهي ته پوءِ بوتل گهراءِ ته جي سائين پيگ نه ٺاهيو ته تنهنجي دعا اگهاڻي، تون ولي ته سائين عابد به پهتل اسان جهڙا آهيون تهڙا ٺيڪ آهيون اسان کي ولايت نٿي کپي. قدير جا ڪرتوت مون کي سجهيا پئي سو چيائين تڪڙ نه ڪر بوتل آئي ته سائين عابد نه مڙندو. ٽهڪن جا ٽاڙها ٿي ويا قدير چيو وڏو استاد آهين گهڙي کن ته ولايت وارو پير رهڻ ڏين هان.

ايئن سائين عابد جون کوڙ يادون آهن جيڪي سائين عابد سان واڳيل آهن ساڻس پيار ڪندڙ شاگردن جو وڏو حلقو سائين سان گڏ هوندو آهي جيڪو شاگرد پڙهڻ ۾ پوئتي هوندو۽ کيس ناپاس ٿيڻ جو ڊپ هوندو هو ته سائين وٽ ڊوڙي ويندو هو، سائين جي اڳيان شاگردن جا به پنهنجا ناٽ چوندس سائين توهان ته پاس ڪري ڇڏيندا پر ٻين استادن کان به پاس ٿيڻ جون مارڪون وٺي ڏيو پوءِ سائين جا ٻين استادن جي آفيس جا چڪر جيڪي به سائين جا شاگرد هوندا هئا... سائين توهان به نااهل شاگردن جي سفارش ٿا ڪيو. چوندو هئن جي اهل هجن ها ته سفارش ڇو ڪيان هان.. مارڪون ڏيون ته وڃي روزگار سان لڳن ڊاڪٽر انجنيئر ٿيڻ جهڙا هجن هان ته ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ هجن هان هت داخلا ڇو وٺن هان استاد به سندن ڳالھه رکندا هئا.

ادب جي ميدان ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عابد مظهر جي نالي سان سڃاتو ويندڙ هي نئون قلندر انتهائي جاکوڙي ڪردار ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. پڪا ۽ پيرون،وڇوڙي جو آٽو گراف،گم ٿيل محبتون، شاھ جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا سندس اهم تصنيفون آهن، والد سيد مظهر سيوهاڻي جو ڪتاب به ڇپرايو اٿس بزم غزل جي نالي سان.

تان ڪي ساڻن اور، جان آهن اوطاقن ۾،

ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينهن ۾ پاڻ مٿائن گهور،

ويا جي هنگلور ته ڪر م ملندئي ڪاپڙي. (شاھ)

 

(مير حاجن مير: ڪتاب “ڊاڪٽر عابد مظهر: فن ۽ شخصيت” تان کنيل)


 

ڊاڪٽر عابد مظهر

معصوم ٻارڙن جي مرڪ جهڙو شخص

غوث پيرزادو

گلشن حديد جنهن جي عربي معنيٰ لوهه جو باغ آهي، ڪراچيءَ جو اهڪڙو علائقو قائم ڪيو ويو هو جنهن کي بعد ۾ مني اسلام آباد به چيو ويو. گلشن حديد سمنڊ ڪناري پهاڙي تي ٺهيل هڪ اهڙو خوبصورت علائقو آهي جتان جي شام هوائن جي هڳساڻ سان ڀري ڇڏيندي آهي ورلي سنڌ ۾ ڪو اهڙو علائقو هجي جيڪو گلشن حديد جي طرز جو هجي. ٿورو ٿورو مونکي ميڊم رخسانه لغاريءَ جو جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) مون کي هن سان ميل کائيندي نظر ايندو آهي.

ان زماني ۾ پٿرن جي باغ يعني گلشن حديد ۾ هڪ چريو يگانو، اميچوئر ۽ ٻارڙن جهڙو شاعر، ڪهاڻيڪار، محقق، نقاد ۽ تعليمدان سائين عابد مظهر به رهندو هو. ان جو هن علائقي کي هن رومانوي انداز ۾ جڙندي ڏٺو ته کيس اچي اڻ تڻ لڳي ته ڇونه هتي ادبي سنگت جو بنياد وجهجي. ڇوته تن ڏينهن ۾ اسانجو پرين محبوب ماڻهو راز شر، ڊاڪٽر غفورميمڻ، فيض جوڻيجو، لڄپت راءِ، سلطان سنديلو ۽ ٻيا دوست هتي رهندا هئا پوءِ هن جي اڻ تڻ ۽ بيقراريءَ کيس ادبي سنگت جو بنياد وجهڻ تي مجبور ڪيو. ۽ سنگت جون سرگرميون زور شور سان ٿيڻ لڳيون سال ٻن کان پوءِ اياز جاني به اچي سندن سٿ ۾ شامل ٿيو. ۽ سنگت کي چار چنڊ لڳي ويا.

سماج کي بيقرار شخص ئي تبديلي ڏانهن وٺي ويندا آهن، اڻ تڻ ئي بيٺل پاڻي ۾ پهرين پٿر جو ڪردار ادا ڪندي آهي سو عابد جهڙا بيقرار شخص ۽ دنيا جو تقديرون بدلائي سگهندا آهن.

خوبصورت اکين جي ٻيڙين تان نظمن جا هنج اڏاريندڙ ويڪري منهن وارو هي عابد بنيادي طور تي عاشق آهي. ستر سالن کي پهچندي به سندس وجود مان عشق جي اساٽ ختم نه ٿي آهي، هميشه ليئا پائيندي نظر ايندي آهي. هو پوڙهو ئي نه ٿو ٿئي عشق جي آڳ کيس سدائين جوان پئي رکي. هو عاشق آهي ان ڪري ئي سندس مٽيءَ جي من ۾ ڪوبه مير نه آهي. هو دوکي باز ڪلچر جو حصو نه آهي. سچ جو واپار ڪندي زندگي گذاري اٿائين ڪوڙ جي ڪچ سان دوست نه رکي اٿائين، پلئه ۾ سچ جو وکر کڻي هن ڪوڙي سماج جي اڳيان اوچي ڳاٽ سان بيٺو آهي. هن مڪاري ۽ فريب کان پري هڪ اهڙي زندگي گذاري آهي جو دوستن جي حلقن ۾ ته ڇا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي اوپرو محسوس ڪندو هوندو.

عابد مظهر ڪراچي جي ادبي حلقي جي جان رهيو آهي. هن نه رڳو سنگت گلشن حديد جو بنياد وڌو پر هن ڪراچي سنگت جي تاريخ ۾ پڻ روشنين جا نوان رنگ ڀريا ۽ جڏهن به تاريخ جي اندر ڪراچي سنگت جو ذڪر نڪرندو ته اها تاريخ عابد جي ذڪر کانسواءِ اڌوري ليکي ويندي. هن سنگت کي هلائيندي جيتروڀوڳيو هوندو شايد ئي ڪنهن ٻئي اديب ايترو سٺو هجي. هن کي پل پل ڪسارن جملن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن پل پل پنهنجن جي چهرن کي بدلجندي ڏٺو آهي. پر هڪ ڳالهه جيڪا انسان ۾ هجي ته خامي ۽ فرشتي جي خوبي ليکي ويندي آهي ته هو ڳل تي چماٽ کائيندڙن کي ورائي ٻيوڳل ڏيندو آهي، پر هو ليڪوڪڍي نه ٿو ويهي. هو نڀائي ڄاڻندو آهي ايتري تائين جو جن سندس هٿ مان گرهه کسيو آهي انهن سان به هن دوست سمجهي نڀايو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته هي هيڏو معصوم شخص ڀلا هن سماج ۾ ڪيئن ٿو جي سگهي، جهرڪي جهڙي ڪنئوري دل رکندڙ عابد، ايڏين تلخين ۽ بيوفائين جي باوجود به پنهنجي ٽهڪڙن کي ڪيئن بچائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي اها ڳالهه نه رڳو پريشان ڪندڙ پر ڳڻتي ۾ وجهڻ جهڙي به آهي.

اصل ۾ جڏهن ڪنهن فرد جي شخصيت جي ڪٿ ڪجي ته ان مهل ماڻهو کي پنهنجي ذات کي باهر ڦٽي ڪري ڇڏڻ گهرجي. تڏهن ئي توهان هڪ ماڻهو جي ذات سان انصاف ڪري سگهو ٿا. عابد مظهر توڙي جو منهنجو دوست نه آهي. توڙي جو منهنجون ساڻس ڪي گهڻيون ملاقاتون به نه رهيون آهي پر منهنجي حال ۽ ماضيءَ جي دوستن جو هو دوست رهيو آهي ان ڪري مون کي به لڳندو آهي ته مون ساڻس ڪو چڱو خاصو وقت گڏ گذاريو آهي. توڙي جي سندس ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندا رهندا آهن، پر اهي مون تائين نه پهچي سگهندا آهن نه وري مون ڪي ٻه اکر سندس ڪتابن تي لکيا آهن، نه وري ڪو سيڙجي مون وٽ ايندو آهي نه وري ڪراچي ۾ رهندي آئون ساڻس ملندو رهندو آهيان، پر منهنجي ادبي سنگت جي سيڪريٽري شپ واري دؤر ۾ آئون کيس پروگرامن ۾ گهرائيندو رهندو هيس ۽ سنگت حديد جي فائونڊر جي حيثيت سان کيس مان ڏيندو رهندو هيس.

هي هڪڙو ئي شخص آهي جنهن کي ڪراچي جي ادبي حلقي ۾ جُهڙَ جي ڪڪريءَ سان ڀيٽيو ويندو آهي ڪڏهن ته اوڙڪون ڪري وسي پوندو آهي ته وري ڪڏهن صفا غائب ٿي ويندو آهي. هي دشمنيون ۽ منافقيون رکي گهر ۾ ويهي نه ٿو رهي، پر دوستين ۾ درياهه جيان اٿلي پوندو آهي. هن زندگي پنهنجي حساب سان گذاري آهي ان ڪري هن جا ادب جي دنيا ۾ دشمن گهٽ ۽ دوست وڌيڪ آهن.

شاعري هن جي روح ۾ شامل آهي. شاعري کيس ورثي ۾ ملي آهي، سندس والد صاحب شاعر هو تنهنڪري کيس فطري شاعر چئي سگهجي ٿو پر جڏهن نثر لکي ٿو ته پنهنجي ڊڪشن ۾ نمايان ۽ نروار ٿي بيهي رهي ٿو. هن جي نثر جي ٻولي پنهنجي ۽ جدا آهي هو ٻين ليکڪن جي تقليد نه ٿو ڪري سگهي. پر سندس نثر جا حسناڪ پاسا اهو چوڻ تي مجبور ڪندا آهن ته سندس نثر به شاعراڻو آهي.

هن سان منهنجي گهٽ لڳندي آهي. پر هي هو مون سان شديد پيار ڪندو آهي. ان ڪري اڄ تائين پنهنجي اليڪ سليڪ هلندي پئي اچي.


 

عابد

ماڻهو مکڻ آهي

امر اقبال

سائين عابد مظھر سان منھنجي ملاقات ۹۰ واري ڏھاڪي جي شروعات ۾ ٿي ھئي. ان وقت پاڻ ٽين ائجر ھياسون. ملاقات ڪٿي ٿي ھئي؟ اھو مون کي ياد ناھي. ھا، ساڻس ميل ملاقات ٻن جاين تي ٿيندي ھئي. ھڪ رمپا پلازا ۾ ھر خميس جي شام جو ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾، ۽ ٻيو ڪڏھن ڪڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾، جتي پاڻ ان وقت ليڪچرار هيو، ۽ منھنجو ناول نگار دوست دوست پرويز ابڙو، سنڌي شعبي ۾ پڙھي رھيو ھيو. مان ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ سان ڀت ڀت ۾، اين. اي. ڊي يونيورسٽيءَ جي سول ڊپارٽمينٽ ۾ پڙھي رھيو ھيس ۽ اتي ئي ايم بي (ڪيو ون ھاسٽل) ۾ رھندو ھيس. ٻنهي يونيورسٽين جي وچ واري ديوار ۾ ھڪ وڏو گرکو ھوندو ھيو، جتان شاگرد هيڏانهن هوڏانهن ايندا ويندا ھيا. سو، ڪڏهن پرويز پاڻ، يا پنهنجي دوستن سميت اسان ڏي ايندو هيو، ڪڏھن اسين وڃي وٽس نڪرندا ھئاسون.

انھن ڏھاڙن ۾ عابد مظھر صاحب اڃان ٻي شادي ڪونه ڪئي ھئي ۽ يونيورسٽي روڊ تي واقع “اسلامڪ آرڪيڊ” جي ھڪ فليٽ ۾ ڇڙو رھندو ھو. منهنجو وٽس انهيءَ فليٽ تي به ھڪ ٻه دفعا وڃڻ ٿيو. سندس فليٽ جا دروازا، سندس دل وانگر، سندس اديب دوستن لاءِ ھميشه کليل ھوندا ھئا.(انھيءَ حوالي سان ھڪ لطيفو/ٽوٽڪو به پنھنجي ادبي حلقن ۾ مشھور ٿيو، ان جو ذڪر ڪنهن ٻي جاءِ تي.) اڳتي ھلي سائين عابد مظهر جڏھن ٻي شادي ڪئي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ئي ايمپلائيز ڪالونيءَ ۾ ھڪ ننڍڙي خوبصورت فليٽ ۾ سگهرو رھڻ لڳو. انھيءَ فليٽ ۾ ھڪ سال ڪونڊن واري نياز جي سڏ تي، مان ۽ پرويز ابڙو به وڃي نڪتا ھياسون. حلوو، پوريون، کيرڻي ۽ مٺيون مانيون اڄ به ياد آھن. سائين عابد مريضِ محبت ته ھيو ئي، اڳتي ھلي ڊاڪٽر به ٿي ويو.

انھيءَ دؤر ۾ (سال ياد نه اٿم) سندس شاعريءَ جو ڪتاب “وڇوڙي جو آٽو گراف” شايع ٿيو ھو. مون کي به گفٽ ڪيو ھيائين، ۽ مون وري ڪتاب تي ھڪ تفصيلي مضمون لکي، کيس گفٽ ڪيو ھو. اھو مضمون الائي ڪاڏي گم ٿي ويو؟ مون وٽ ڪاپي به نه ھئي..( “گم ٿيل محبتون” سندس ڪھاڻين جو ڪتاب آھي، جيڪو شاعريءَ جي ڪتاب کان آڳاٽو ڇپيو ھو.)

اھي ئي سال ھيا، سکر ۾ مرحوم بشيرمنگيءَ سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر پاران، ناز سنائيءَ، عابد مظھر ۽ ممتاز بخاريءَ سان رهاڻ رچائي ھئي (شايد “ڪينجهر ايوارڊ” ملڻ جي حوالي سان) انھيءَ تقريب ۾ به مون سائين عابد جي حوالي سان مختصر مضمون پڙھيو ھيو.

پر افسوس جو اھو مضمون به ھيڏي هوڏي ٿي ويو ۽ منهنجي ھيل تائين ڇپيل ڪنهن به ڪتاب ۾ شامل ٿي نه سگهيو.

سائين عابد مظھر سڄي عمر پيار ورھايو آھي. دوست سندس سچائيءَ ۽ خلوص کي سندس سادگي سمجهي کيس رنجائيندا ۽ ايذائيندا به رھيا آھن، پر ھن ملنگ ماڻھوءَ ڪڏهن به ڪنھن سان ٻاڙو ڪونه ٻوليو. سائين ايازگل جي سٽ “جو شخص پيار، رڳو پيار ٿو ڪرڻ ڄاڻي” سچ پچ ته مون کي عابد مظھر صاحب جي شخصيت تي به صفا فٽ نظر ايندي آھي. رمپا پلازا ۾ دوستن سان سندس رسڻ ۽ پرچڻ، مان ڪيئن ٿو وساري سگهان؟ ڇا تہ ڏينهن ھوندا ھئا اھي. اڄ به عابد صاحب سنڌي ادبي سنگت سان ساٿ ۾ سلھاڙيو پيو اچي. ھو ڪراچيءَ ۾ سنڌي اديبن جي گڏجڻ ۽ گڏجي ويھڻ جا بھانا ڳوليندو رھندو آھي.

ڪجھ عرصو اڳ عابد صاحب جو خيرپور ڪنهن ذاتي ڪم سان اچڻ ٿيو، مون سان رابطي ۾ ھيو. مون ريڊيو خيرپور تي پنهنجي پروگرام “ادبي سنگت” ۾ ساڻس تفصيلي گفتگو رڪارڊ ڪرائي، پوپٽ پبلشنگ ھائوس جي آفيس ۾ اديب دوستن سان سندس ڪچھري رکرائي، پاڻ پنهنجو ڪھاڻين جو نئون ڪتاب “محبت ۽ مايا “ گفٽ ڪيائين. ائين اھي سڀ گهڙيون يادگار بڻجي ويون. ھن نئين ڪھاڻي ڪتاب ۾ ھن بنھه مختصر ڪھاڻيون لکڻ جو تجربو ڪيو آھي. ٿورو عرصو اڳ پي ٽي وي ڪراچي مرڪز تي ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جي ڊائريڪشن ۾، هفتيوار ادبي پروگرام “ادب سنسار” جي سيٽ تي ساڻس تفصيلي ڳالھه ٻولھه ٿي، جنهن ۾ ھن دل کولي، جهانگارا، باجارا، کان وٺي سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ تائين جي ڳالھين ۽ يادن کي ساريو.

عابد مظھر صاحب جو مانوارو والد صاحب سيد مظھر سيوهاڻي پنهنجي وقت جو ناميارو شاعر ھيو. سندس ڊاڪٽر عطا محمد “حاميءَ” سان به محبت ۽ دوستيءَ جو رستو ۽ رشتو ھيو. حامي صاحب پنهنجي ھڪ شعر ۾ سندس نالو کڻي کيس ياد ڪيو آھي. مون انھيءَ شعر واري ڳالھه جڏھن عابد صاحب کي ٻڌائي ھئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ھيو. ھونئن به ھو ٻارن وانگر خوش ٿيندو آھي ۽ ٻارن وانگر رنج ٿيندو آھي. پاڻ ستر کي اچي لڳڻ وارو هوندو، پر من ۾ ستن سالن جو ٻار اڃان به ويٺو اٿس. علم، ادب، شاعري سائين عابد مظھر کي ورثي ۾ مليا آھن.. ھو انهيءَ ورثي جو امين رھيو آھي. رب سائين کيس صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري. اسان کي انتظار آھي، سندس لکيل آتم ڪٿا جو، جنهن جو اعلان ھو آڳاٽو ڪري چڪو آھي. ڀؤ اھو به آھي ته اھا ڪٿا اسان جي ادبي سماج کان ھضم به ٿي سگهندي الائي نه...

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

ڊاڪٽر عابد مظهر

آيا اڱڻ عجيب نصيب ڀلا

ڊاڪٽر اعجاز سمو

ڊاڪٽر عابد مظهر فقيري طبعيت جو صوفي منش انسان آھي. تمام پيار ڪرڻ وارو شخص آھي. سنڌي ادب جي آڪاش جو چمڪندڙ ستارو آھي. محقق ، شاعر، ڪاليمسٽ ۽ ڪهاڻيڪار پڻ آھي. تدريسي علم سان لاڳاپيل آھي.

هن سنڌي اداب جي جهول ۾ ڪيترا ئي خوبصورت ڪتاب ڏنا آھن.

ڊاڪٽر عابد مظھر ڪڏھن بہ ڪافڪا، گارشيا مارڪريز ، موپاسان، منٽو، ڪرشن چندر ٿيڻ نہ چاهيو آھي. نہ ئي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. هن پاڻ کي هر ٽهيءَ ۾ عابد مظهر ئي بهتر سمجهيو آھي. ڇو تہ هن جي لفظن جي چونڊ پنهنجي آھي ۽ تخليقن جي اڻت ۾ آرٽ ۽ گرافٽ پنهنجو آھي.

مان مڃان ٿو هر ليکڪ ڪنهن نہ ڪنهن ليکڪ مان متاثر ضرور هوندو آھي. عابد مظھر بہ ضرور هوندو. پر عابد مظھر جو ادبي گس بہ پنهنجو آھي. ۽ گھر بہ پنهنجو آھي. ٻين ليکڪن جيان هرگز ناهي، جيڪي پرائي پلاٽ تي پنهنجو گهر اڏي دروازي تي پنهنجي نانءُ جي وڏي تختي هڻي ڇڏيندا آھن.

ڊاڪٽر عابد مظھر سان گهڻيون يا ٿوريون ملاقاتون يا ويهڪون تہ ڪونہ آھن. پر انهي فيس بڪ ايترو تہ اسان کي ويجهو ڪري ڇڏيو آھي جو هاڻ اسان جي محبتن ۾ وٿي بہ ڪونہ رهي آھي

سو فيس بڪ جي اها مهرباني آھي بلڪي وڏي مهرباني آھي، جو ڊاڪٽر عابد مظهر جهڙو پرين پيارو دوست ڏئي ڇڏيوآھي.

ڪجھ ڏينهن پهريان جڏھن مون کي عابد مظھر فون ڪري چيو تہ “خيرپور اچان پيو ۳ تاريخ تي. توسان ملڻ چاهيان ٿو. ڪٿي ملندين.؟”

چيم” تون پهچي رڳو فون ڪجان. مان تو وٽ پهچي ويندس.“

جڏھن اها ڳالھ حبدار سان ڪئي. تہ هن چيو “زبردست آهي پيارا. پوءِ ڇو نہ دوستن کي گهرائي هڪ ادبي عملي ڪچهري رکجي.“

مون کي بہ ڳالھ وڻي. عابد مظھرکان پڇي ورتوسين. ائين هي خوبصورت پروگرام جڙي ويو.

اڄ عابد اسان جي وچ ۾ آھي ۽ هيءَ محفل ڄڻ ستارن سان ڀريل هڪ خوبصورٿ ادبي آڪاش بڻجي پيو آھي.

عابد تنهنجي وڏي مهرباني تنهنجا قرب جو تون هڪ دوست جي پٽ جي شادي ۾ تنوير جي خيرپور آئين، ۽ اسان جي محفل ۾ بہ رنگ وکيري ڇڏيئي.

 

(ڊاڪٽر عابد مظھر جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

مير حاجن مير جي ڪتاب “ڊاڪٽر عابد مظهر: فن ۽ شخصيت” جو جائزو

ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

ادب ۽ اديب انساني معاشري جا اهي ڪالب ۽ ڪالبي آهن جيڪي انساني معاشري جي انفرادي توڙي اجتماعي تناظر ۾ سندن نظرياتي ۽ تهذيبي، جذباتي ۽ جمالياتي ناهموارين ۽ اوڻاين جي نه رڳو عڪاسي ڪندا آهن پر انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تجزين وسيلي بهتر مستقبل جِي خوبصورت تعمير پڻ ڪندا آهن. هن ڏس ۾ سيوهڻ جي سر زمين شوي-آستان کان سيوستان تائين ۽ سيوستان کان سيوهڻ تائين جي هزارن سالن جي تاريخي سفر ۾ علم ۽ ادب جا انيڪ گوهرِ ناياب پيدا ڪيا آهن. اهڙن گوهرِ ناياب جي ميڙ مان محترم ڊاڪٽر عابد مظهر به هڪ آهي. اڄ آئون سندس فني ۽ شخصيتي پهلوئن تي سيوهڻ جي ئي مٺڙي سر زمين جي نوجوان ۽ جاکوڙي اديب، شاعر ۽ محقق طرفان مرتب ڪيل ڪتاب “ڊاڪٽر عابد مظهر: فن ۽ شخصيت” جو هڪ مختصر جائزو پيش ڪريان ٿو.

مير حاجن مير جو هي ڪتاب ۱۲8 صفحن تي مشتمل پڪي جلد ۽ خوبصورت سرورق سان سوچ پبليڪيشن سيوهڻ پاران تازو ئي ۲۰۲۲ع جي آخر ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي قيمت ۳۰۰ پاڪستاني روپيا رکيل آهي. مرتب ڪندڙ هي ڪتاب نياز پنهور کي ارپيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عابد مظهر جي ادبي پورهئي ۽ شخصيت بابت ۲۷ نالي وارن اديبن ۽ شاعرن جا مضمون، مقالا، رايا ۽ تجزيا شامل آهن جن ۾ هڪ سندس مقالو به شامل آهي.

مير حاجن مير پنهنجي مضمون “ڊاڪٽر عابد مظهر جي ڪتابن جو تعارف” ۾ ٻڌائي ٿو ته سيوهڻ جي قديم ڳوٺ باجارا ۾ ۱۹۵۱ع ۾ جنم وٺندڙ “ڊاڪٽر عابد مظهر سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪارن مان آهي. سندس سڃاڻپ رڳو ڪهاڻيڪار نه پر بهترين شاعر، محقق ۽ محنتي استاد طور به آهي.” هو وڌيڪ لکي ٿو ته پاڻ ڇهن ڪتابن جا مصنف آهن، جن ۾ “پڪا ۽ پيرون” (۱۹۹۰) ۽ “وڇوڙي جو آٽوگراف” (۲۰۰۶) ترتيبوار مضمونن ۽ شاعري جا ڪتاب آهن؛ “گم ٿيل محبتون” (۱۹۹۲) ۽ “محبت ۽ مايا” (۲۰۲۰) سندس ڪهاڻين جا ڪتاب آهن؛ “شاه عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ تصوف جا سلسلا” (۲۰۱۲) سندس پي_ايڇ_ڊي جو مقالو آهي؛ جڏهن ته پاڻ پنهنجي والد صاحب سيد مظهر سيوهاڻي مرحوم جي شاعري کي “بزمِ غزل” (۲۰۱۷) طور هڪ ڪتاب جي صورت ۾ پڻ سهيڙيو آهي.

مير حاجن هن ڪتاب ۾ مرحوم تاج بلوچ جي مضمون “نئين ۽ پراڻي فن جو سنگم” کي مهڙ ۾ جاءِ ڏئي مقدم رکيو آهي. تاج بلوچ هن مضمون جي تمهيد ۾ ادب جي ڪارج يعني ترقي پسند سوچ ۽ ادب تي ڳوڙها خيال پيش ڪيا آهن. ڊاڪٽر عابد بابت پاڻ چوي ٿو: “وائي ۽ غزل جي ڀيٽ ۾ عابد مظهر مونکي فڪري طور تي نظم جو سگھارو شاعر محسوس ٿئي ٿو.” نموني طور سندس هڪ نظم مان ڪجھ سٽون پيش ڪجن ٿيون جن ۾ پهرين تاريخ جي چنڊ کي ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان محبوبا جي ٻانهن سان تشبيه ڏني اٿس:

اي ڏکڻ جي هير جهڙي ڇوڪري

سمنڊ جي ڇولين جيان پئي ٿي ڇلين

ڇو نه ٿي مون تي گھلين.

چنڊ جي پهرين جيان ٻانهون ڪري

ڀاڪرن ۾ ڇو نه ٿي مون کي ڀرين.

نياز پنهور پنهنجي مضمون “پنجون درويش” ۾ ڊاڪٽر عابد مظهر جي شاعر ۽ اديب دوستن سان غير مشروط محبت ۽ انهن جي چانهن پاڻي، کاڌي پيتي وغيره جو خيال رکڻ ۽ مسلسل ساٿ نڀائيندو اچڻ جي تناظر ۾ کيس هڪ درويش سڏيو آهي: “عقيدتمندن جو هڪ وڏو انگ کيس جيئري ئي درويش سڏي ٿو، لڳي ٿو ته اڳيان هلي مٿس ميلا ضرور لڳندا...”. رکيل مورائي کيس کي وري “گهه جو گھڙو” ڪوٺيو آهي ۽ سندس لکڻين جي عميق ۽ جھنجھوڙيندڙ معنائن ۽ فلسفن جي حوالي سان چوي ٿو “... ۽ وڏو سڇ اهو آهي ته اسين لکون انهن لاءِ ٿا جيڪي اسان کي پڙهندا ئي نه آهن ۽ عابد مظهر به انهن لاءِ ئي لکندو آهي.” پروفيسر قلندر شاه لڪياري (مرحوم) پنهنجي مختصر رايي ۾ عابد مظهر کي سٻاجھڙو ڪوٺيندي انڪشاف ڪيو هو “...خبر پئي ته ادب دوستي ادب دشمني ٿي پئي. ادب جي ديوتائن کي پتڪڙي ماڻهو جو اسرڻ نه آئڙيو سو پنهنجي پر ۾ پَتو ئي ڪٽي ڇڏيو هئائونس، پر پِير زور هئس.” هن ڳالهه جي توثيق ۽ وضاحت راز شر جي مضمون مان پڻ ٿئي ٿي. “... تن ڏينهن ۾ منهنجي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ داخلا ٿي چڪي هئي ۽ سائين عابد مظهر ڪراچي يونيورسٽي جي شاه عبداللطيف چيئر مان نڪري سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿي چڪو هو. جيتوڻيڪ سائين عابد مظهر انتهائي بي ضرر ماڻهو هو پوءِ به سليم ميمڻ جي اک جو ڪنڊو ٿي پيو هو جيڪو رٽائرمينٽ تائين به رهيو.” شر صاحب عابد مظهر جي ذاتي زندگيءَ بابت پڻ گھڻو ڪجھ لکيو آهي جنهن مان هي هڪ نهايت سادو ۽ ٺاه ٺوه کان پري، دوستن جو هر حال ۾ مددگار، ڳنڍيندڙ ۽ عشق جو ڪٺل شخص ظاهر ٿئي ٿو. ٻئي پاسي پروفيسر سليم ميمڻ کيس “سيد پرستي جو خول لاهي ڦٽو ڪندڙ” ۽ شڪست کاڌل فرد سڏيو آهي.

ڊاڪٽر شير مهراڻي هن کي نئون قلندر قرار ڏئي ٿو. “عابد مظهر جڏهن ڪراچي يونيورسٽي جي ڪينٽين ۾ اسسٽنٽ پروفيسر هو تڏهن به هو اسان شاگردن سان گڏ يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين ۾ سرن ۽ سيمينٽ جي ننڍڙن بلاڪن تي ويهي ڪچهري ڪندي چانهن جون سُرڪيون به پيو ڀريندو هو. اهو سلسلو تڏهن به جاري رهيو جڏهن هو ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو چيئرمين هو... ڪڏهن دل چويس ته نمازون پڙهي، تهجد پڙهي؛ اگر نه پڙهي ته عيد جي نماز به نه پڙهي. دل چويس ته ڪوڙي پاڻي سان روزو کولي، دل چويس ته پيرن ۾ گھنگھرو ٻڌي وجد ۾ اچي نچڻ لڳي...” پاڻ هن کي “جديد سنڌي ڪهاڻي جو وڏو نالو” قرار ڏئي ٿو ڇو ته سندس ڪهاڻيون نه رڳو اسان جي سماجي مسئلن کي اجاگر ڪن ٿيون پر اهي هڪ تکي ۽ چڀندڙ تنقيد وسيلي انهن جو ڇيد ڪندڙ به آهن ته وري سماج کي هاڪاري رخ ڏيکاري انهن جو حل پڻ پيش ڪندڙ آهن. هن سندس ڪهاڻين جي حوالي سان هڪ سٺو جائزو پيش ڪيو آهي.

مختيار چني “عابد مظهر جي ڪتاب محبت ۽ مايا جو مختصر اڀياس” ۾ شامل ڪهاڻين جو تمام خوبصورت ۽ بهترين تجزيو ڪيو آهي. هن ۾ پاڻ “ڪي اوڏا ئي ڏور”، “راند”، “پاڪن جو مقام”، “گم ٿيل محبتون”، “سون سريکا هٿڙا” ۽ “دعا جي چمي” جو نه رڳو وچور بيان ڪيو آهي پر انهن جي اندر سماج تي ڪيل چٿر ۽ طنز توڙي اصلاحي پهلوئن کي ڪمال ڪاريگري سان اجاگر ڪيو آهي. هتي پڙهندڙن لاءِ ڊاڪٽر عابد مظهر جي نموني طور هڪ پتڪڙي ڪهاڻي “ڪي اوڏا ئي ڏور” جيڪا پوسٽ ماڊرنزم جي ورچوئل ريئلٽي تي هڪ چٿر آهي جو تت پيش ڪجي ٿو: هن ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار پنهنجن پراڻن ۽ ماضي جي ڪلاس فيلو دوستن کي جديد رابطي جي ذريعن جهڙوڪ فيس بوڪ تي ڳولي هٿ ڪندو آهي ۽ انهن سان پنهنجي دوستي کي وري زنده ڪندو آهي. پر جيئن ته اهي جسماني طور اڃا به ڏور هوندا آهن انڪري هو انهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪينجھر ڍنڍ تي هڪ گڏجاڻي رٿيندو آهي. مقرر ڏينهن ۽ وقت تي دوست هڪ ٻئي سان ڀاڪر ڀري ملندا آهن پر ٿوري دير کان پوءِ هن جا سڀ دوست پنهنجن پنهنجن موبائيلن ۾ مصروف ٿي ويندا آهن. هي هنن کي سمجھائيندو آهي ته اهي سڀ هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ ۽ پراڻيون يادون تازيون ڪرڻ آيا آهن پر دوست وري به موبائيلن ۾ لڳي ويندا آهن. هو انهن کان موبائيلون ڦريندو به آهي پر سڀني دوستن جي ناراض ٿيڻ تي اهي واپس ڪري سمهڻ لاءِ روانو ٿي ويندو آهي. صبح جو جيئن نيرن کڻي دوستن وٽ ايندو آهي ته اھو ڏسي حيرت ۾ وٺجي ويندو آهي ته سندس سڀ دوست کسڪي ويا ھوندا آھن. هي ڪهاڻي ڳوڙهي نموني اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته اسان مشيني رابطن ۽ ورچوئل ريئلٽي ۾ اهڙو اڙجي ويا آهيون جو اسان جا حقيقي رابطا بنهه ڪمزور ٿي چڪا آهن!

مٿين اديبن کان علاوه هن ڪتاب ۾ امر اقبال، انور ڪاڪا، امتياز دانش، ڊاڪٽر آمنه سومرو، عبدالفتاح ڪاڪيپوٽو، ۽ طارق عزيز شيخ جا مضمون ۽ رايا شامل آهن. مير حاجن مير جو هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڪو به پڙهندڙ ڊاڪٽر عابد مظهر جي سڀني ڪتابن، خاص طرح سان سندس ڪهاڻين جا ڪتاب “گم ٿيل محبتون” ۽ “محبت ۽ مايا” توڙي سندس شاعري جو ڪتاب “وڇوڙي جو آٽوگراف” ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب گهر تان خريد ڪري ضرور پڙهندو!

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۱۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا