کيمچند شرما
سنڌي ٻولي جي خدمتگار جو
ديهانت - ڏۡور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
اعظم ڀٽي
ڏۡور ٿيندا وڃن روز
جوڳيئڙا جي مثل اڃا سنڌي ٻولي جي خدمتگارن مخمور مهيري، انعام ٽکڙائي، بشير منگي، ڊاڪٽر
نظير شيخ، گل محمد ڪلهوڙي، ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي وڇوڙي جا وڍ تازا ئي آهن، اهو
سڪتو اڃا سانت ۾ ئي نه آيو ته وري اوچتو ئي اوچتو سنڌي ٻولي جو هڪ ٻيو خادم، علمي
۽ ادبي سرمايو، نثري نظمن جو بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪوهستان پبليڪيشن جو باني
کيمچند شرما دل جي دوري پوڻ ڪري ديهانت ڪري ويو، مٿيان سمورا درد سندس جيءۡ
جهوريندڙ هئا، پر ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي وڇوڙي کيس وڏي سڪتي ۾ آڻي وڌو هو،
موناليزا جي پُراسرار مُرڪ جهڙو ڏيک ڏيندڙ کيمچند شرما ڏاڍو ڪۡومائجي پيو هو، ڇاڪاڻ
جو لڳ ڀڳ اڌ صديءّ جي شناسائي سندس لاء وڏو شور بڻجي پئي هئي، جنهن شناسائيءّ ۾
مۡرڪ به هۡئي ته لۡڙڪ به هئا، ڀاڪر به هئا ته ٽهڪن جا پڙاڏا به هئا، خوشين جا
جهميلا به هئا ته تعزيتن جا لمحا به هئا، انهن سمورين يادن سندس دل جي ڌڙڪي کي ايڏو
ته متاثر ڪيو جو اها دل نيٺ بيهجي وئي، اسانجي سماج ۾ ڪِن علائقن تي شخصيتن جي ته
وري ڪِن شخصيتن تي علائقن جي ڇاپ جو تصور اڃا تائين ماٺار ۾ مُنهن لِڪائي نه سگهيو
آهي، ان جي باوجود به ڪي اهڙا وجود آهن جيڪي “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار”
يا “سارين سنڌ پرينءَ جو پاڇو” جهڙن سِٽن جي هُوبهُو شڪل لڳندا آهن، ان کان هٽي ڪري
ڪي فرد اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي سپنن کي سيءُ کان بچائڻ لاءِ ڪنهن نظريي جو اُڌارو
ڪمبل وٺڻ کي مهڻو سمجهندي، پنهنجي راهه جو تعين پاڻ ئي ڪندا آهن، پوءِ ڇو نه انهن
لاءِ هي ڪائنات سوڙهي ٿي وڃي پر اهي انسانيت جي اوچي ڳاٽ خاطر بس هلندا رهندا آهن،
هلندا ئي رهندا آهن، سائين کيمچند شرما ڪوهستان ۾ جنم ورتو، ڪراچي جا لڪ لتاڙي لاڙ
جي ٽنڊي محمد خان واري علائقي سان اچي لنئون لڳايو، هۡو ڪوهستان مان پنهنجي وجود
جي جيڪا خوشبوءَ کڻي نِڪتو هو، ان خوشبوءَ لاڙ کي واسي ڇڏيو، هُن وٽ قيد جي تصور لاء نفرت ۽ ڌڪار موجود هو، تڏهن ته
هُن جا خيال آزاد فضائن ۾ اهڙي اُڏام تي پهتل هئا، جتي پهچڻ جو تصور به هر ڪنهن جي
وَس جي ڳالهه ناهي هوندو، اهو آزاد خيال کيمچند شرما ۱ آگسٽ ۱۹۵۳ع تي ڳوٺ مول شريف ضلعي ڄامشورو ۾ پيدا ٿيو.
سندس والد جو نالو جهمٽ رام شرما هو. بي اي تائين تعليم حاصل ڪيائين، ڪراچي ۾ ۵ سال لينگئيج ٽيچر ٿي رهيو، ٽنڊو محمد خان
جي ڏاڏون واري علائقي سان سندس ناتو ۳۵ سالن جي پاڪائي جهڙو رهيو هو، هو ٽنڊو محمد خان شهر جي پير محلا بعد ۾ ٽالپر ڪالوني ۽ زندگيءّ
جي آخري لمحن وقت گلشن فيض ڪالوني ۾ رهائش پذير هو. ۱۹۸۷ع ڌاري محبوب پاران بيرُخي جي بازار ۾ ڪاهي
پوڻ سبب شاعري جي ڪنوار سان اکيون اڙائي،
علم عروض جي اکين تي خيالن جي پَٽي ٻَڌي،
دل کي سُڪون ارپڻ خاطر نثري شاعري شروع ڪيائين. پوءِ آهسته آهسته شاعري جي ڪتابن
جي مطالعي جو شوق سان دل ۽ دماغ کي ڌوئي، شاعري ڏانهن تِکيون وِکون کڻڻ لڳو، انهن
وِکن ۾ ڪڏهن تيزي به رهي ته ڪڏهن وري آشتي جي آسمان ۾ اکيون وجهي، سوچن جا ڍيرا ٺاهي،
ذهن جي خاني ۾ گڏ به ڪندو رهيو، نثري شاعري سان گڏ مختصر ڪهاڻيون به سرجيائين. “اداره
ڪوهستان پبليڪيشن” جو اڪيلي سر بنياد وجهي، پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پبليڪيشن جو
آغاز ڪيائين ۽ پنهنجي اندر جي وڻندڙ ويچارن کي پنهنجي پبليڪيشن جي منفرد رنگن ۾ ڇاپي پنهنجي دردن کي بِنا معاوضي جي وڪرو به ڪيائين.
ڪوهستان مئگزين جو ايڊيٽر به پاڻ رهيو، حال جي هنج ۾، ماضي جي مامرن کي بلڪل دل
تان ڌوئي صاف ڪرڻ جا جتن به ڪندو رهيو. ڀلي کڻي کيس ڪو اديب نه به وڻندو هجي، ڀلي
کڻي هن ڪنهن اديب جي تصنيف جو مڪمل مطالعو نه ڪيو هجي، پر گُرو رجنيش جون تصنيفون
کيس اوجاڳا ڪرڻ تي مجبور ضرور ڪنديون هۡيون. اُستاد بخاري سندس دل جي دفتر تي
هميشه براجمان رهيو. هو هميشه چوندو هو ته “مان ڏات کان وانجهيل ۽ ڏانءُ سان واسيل
اديب آهيان،” پر بقول شيخ اياز جي ته؛
“ڏات وڏي
شيءِ ناهي،
پر سچ وڏي شيءَ آهي،
جو سچ مچائي مچ،
سو مچ وڏي شيءِ آهي.”
اهو ئي سچ سيني ۾
سانڍي، لفظن جا مچ مچائي سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي پنهنجي منفرد سوچ سان خدمت ڪندي،
هۡن پنهنجي اها سوچ ڪنهن تي به ڪڏهن به نه
مڙهي، نه ئي ٻئي ڪنهن جي سوچ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ جي اجازت ڏنائين، آزاد
خيالي واريءَ انهيءَ راهه تي مستقل مزاجيءَ سان هلڻ جو اهم سبب به سندس اها سوچ
هئي، جنهن کيس ٻولي جي خدمت واري سفر ۾ طويل مسافري ڪرائي، هُن ساهي پَٽڻ لاءِ قلم
کي عارضي طور گهر جي ڪنهن ڪَٻٽ ۾ ته رکيو هوندو، پر هو ڪڏهن ٿَڪو نه هو، نه ئي
مايوسي جي مَم کي پنهنجا گوڏا چَٽڻ جي ڪڏهن موڪل ڏنائين، سندس ادبي خدمتن جو سفر
به سندس مزاج جيان ڏاڍو شاندار رهيو، هن پنهنجي هڙان وڙان اداره “ ڪوهستان پبليڪيشن “ پاران ۴۵ ٽماهي مئگزين شايع ڪيا، ٽنڊو محمد خان مان سلسليوار “بي نقاب” مئگزين جاري ڪيائين،
جيڪو ڪجهه عرصو جاري ٿيڻ بعد بند ٿي ويو،
هن ذاتي طور ۶ ڪتاب (ناوليٽ) لکيا آهن. جنهن ۾ “ڳالهيون ڳُجهه
اندر جون”، “ وڏيرڪو فيصلو”، “ ممتا”، “ڀوپا ۽ ڀوت”، “ڪوهستان جو نوجوان هندو رسمن
جي ڦاسي تي لٽڪيل”، “ مهاراج ۽ مندر باقي”،
ان سان گڏوگڏ “گيتا کان اُتم ماتا” نالي
شاعري جو مجموعو اڻڇپيل اٿس. شاعري ۾ پهرين تخلص
“ڪافر ڪوهستاني” ان کانپوءِ “کيمچند خيال”، وري “شرما شيدائي” ۽ آخر ۾ اصل نالو “کيمچند شرما” ڪتب
آندائين، روزنامه هلال پاڪستان ۾ تقريبن ۳۰ کن مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيائين ۽ ان کان علاوه اڻ ڳڻين ادبي رسالن ۾ سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون ۽ ٻيو
مواد ڇپيو. مون لاءِ سندس برپا ڪيل اداري “ڪوهستان پبليڪيشن” جي هڪ شاهڪار ڪوشش
حيرت ۽ اُتساهه جو وڏو سبب بڻيل رهي جو سندس ان اداري ۱۹۸۵ع ۾ حڪيم، ڊاڪٽر مولانا الهه بچايو “انور”
سومرو جي شاعري جو مجموعو “ اُڻ تُڻ انور جي “
ڇپايو هو، جنهن جي خاص خُوبي اها آهي ته شاعري جي هر صنف جي مٿان، صنف جو
نالو، بحر ۽ وزن لکيل آهي، جيڪا شاعري جي لحاظ کان هڪ منفرد تصنيف آهي. جنهن مان نئين شاعر جي سِکيا جي لاءِ ڪيترائي
گس ڦُٽي، نِکري ۽ نروار ٿي سگهن ٿا ۽ آئون يقين سان چئي سگهان ٿو ته شاعري جي اهڙي
ترتيب واري گس تي ڪيترن ئي نَوَن شاعرن، شاعري جا سجدا ڏيڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي
هوندي. کيمچند شرما اديب به هو ته طبيب به رهيو ، اهي ٻئي پيشه سندس هٿ ۽ قلم جي
سچائي جي ساک بڻيل رهيا، هوجيتري قدر پنهنجي تحريرن جي آئيني ۾ حد کان وڌيڪ
ايماندار ۽ شفاف رهيو، اوترو ئي مونکي سندس مزاج، آزاد خيالي سان گڏوگڏ من سان
بغاوت ڪندي نظر آيو، شايد ان بغاوت جو
بنياد ئي سندس گهايل پڻو هو، پوءِ اهو رُوح جو گهايل پڻو هجي، ذهن جو هجي يا دل جو
هجي، پر هن جي بدني بناوت مان ائين محسوس ٿيندو هو ته کيس دل جا گهاءَ ڪجهه سرس ئي
پلئه پيا، تڏهن ته هُن جا خيال به هميشه وکريل ۽ آزاد هوائن جي اُڏار بڻيل رهيا، هن
جي شاعري ۾ ڪلماتي اصطلاح آهون ڀريندي نظر اچن ٿا ته تجريدي رنگ وري الڳ ٿلڳ بيٺل
نظر اچي ٿو، هو کُليل خيالن کي ڳجهارت جو رُوپ ڏيڻ ۽ ڳجهارتن جا نقاب لاهڻ جا
تجربا پڻ ڪندو رهيو، هۡن پنهنجي تخليقي صلاحيت کي موسمي زڪام لڳڻ نه ڏنو، هو ڪاغذ
تي اُتاريل اکرن کي انگن جا چڪر ڏيارڻ به نه ڄاڻندو هو، هن جي ڪنهن به تخليق مان
مُدي خارج واري تاريخ نظر نٿي آئي، ان جي باوجود به هن پنهنجي شاعري کي فقط نثري
نظم سمجهيو ۽ نثر کي مختصر ڪهاڻيون، ان لاءِ هُن وٽ پنهنجا دليل به هئا، انهن
دليلن کي ضرور ڪي بنياد به هوندا، ڇاڪاڻ جو نثري شاعري جي حوالي سان شاعري جي
ماهرن جو خيال آهي ته “نثري نظم هڪ اهڙي صنف آهي، جيڪا رڳو ڪنهن اهم، گِهري ۽
ضروري پيغام کي پابند شاعري جي ڪنهن به صنف ۾ سموهي نه سگهڻ جي بنياد تي، ٿوري
رعايت سان نثراڻن لفظن کي شاعراڻي انداز ۾ بيان ڪري، پنهنجو سنيهو/ سنديش ماڻهن
تائين پهچائڻ لاءِ ڪم اچي، قافين، رديفن، بحر ۽ وزن جي پابندين کان هي شاعري آجي
آهي.” جيڪڏهن نثري شاعري، شاعري ناهي ته پوءِ فرينچ شاعر بودليئر کي نثري نظم جي
شروعات ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ نثري شاعري
ڪرڻ به ته ايتري سؤلي ناهي، جيتري سمجهي وڃي ٿي، ان ۾ به ته موسيقيت جو احساس ۽
نغمگي، اهڃاڻ، خودمختياري جون خصلتون، سهڻي تخليقي صورت کي جنم ڏين ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو شيخ اياز کي به اهو چوڻو پيو
ته “ مون انجيل ۾ نثري شاعري حضرت سليمان جي راڳن جي راڳ ۾ ڏٺي”، اياز لکي ٿو ته “ڪرستان
جي روايت ۾ سليمان جو گيتن جو گيت نثري نظم ۾ آهي”، نثري شاعري بابت شيخ اياز چيو
ته “برٽالٽ بريخت جي نثري شاعري ۽ نهايت خوبصورت ڊرامن کي جرمنيءَ ۾ وڏي اهميت آهي”،
“نثري شاعري سان شڪسپيئر جا ڊراما جهنجهيا پيا آهن”، افلاطون ۽ ارسطو جون ڪيئي سِٽون
نثري شاعري وانگر آهن،” ڪازان زاڪس جا سڀ ناول ۽ سفرنامه پڙهبا ته منجهن گفتگو ۾
يا منظرڪشي مهل ڪيئي نثري نظم آيل آهن”، “سولزي نٽسن جي ناولن جي وچ ۾ نثري نظم
آهن”، “ابسن، برنارڊشا يا آسڪروائيلڊ جا ڊراما، ڪيئي مضمون، فرانز بيڪن جا مضمون
به ساڳي قطار ۾ اچي وڃن ٿا،” جميله هاشمي، قرة العين حيدر جي ناولن ۾ به اهڙا جملا
آهن جن کي ٿوري ڦير گهير سان نثري نظم جو رُوپ ڏئي سگهجي ٿو، شيخ اياز لکي ٿو ته؛ “نثري
نظم هينئر به تسليم ٿيل شاعري جي صنف آهي، والٽ وٽمئن ۽ بودليئر کان وٺي ڪارل
شيپيرو تائين هن وقت به ڪاميابي سان لکجي رهي آهي”، سموري دنيا ڄاڻي ٿي ته رابندر ناٿ ٽئگور کي نثري شاعري تي نوبل انعام
مليو، سنڌي شاعري ۾ تمام گهڻن ۽
ناليوارن شاعرن نثري شاعري جا مجموعا سنڌي
ادب جي جهول ۾ وڌا، جن جا نثري نظم مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ شايع ٿيا ۽ ٿي رهيا
آهن، نثري شاعري جي اهميت ۽ افاديت جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو ته سنڌي
نثري نظم لاءِ پهريون ڀيرو شيخ اياز جي نثري نظم “امان! هو مون کي ڪاري ڪري
ماريندا،” جي شاهد ڀٽو ڌُن ٺاهي، ثمينه ڪنول جي آواز ۾ ڳارايو، جيڪو بي بي سي تان ڪارو
ڪاري تي ڏيکاريل ڊاڪيومينٽريءَ جي ٽائيٽل سانگ طور هليو، جنهن لاءِ شيخ اياز لکيو
ته؛ “موسيقي جي لباس ۾ اهو نثري نظم، انهيءَ ٿاڻي بولا خان جي عورت وانگر لڳي رهيو
هو، جيڪا ڪنهن وقت مون پنهنجي خوبصورت ڳاڙهي گهگهي ۾ ڏٺي هئي ۽ ائين لڳي رهيو هو
ته سج نياڻ ۾ ٽُٻي ڏئي رهيو آهي.” ان سموري صورتحال ۾ جديد دؤر ۾ مستقل بنيادن تي
بهترين نثر لکندڙ کوڙ سارا نالا آهن، جن جي ڪالمن، مضمونن، تاثرن ۾ لفظن جو
استعمال ۽ ترتيب ڄڻ ته نثري نظمن جا وهندڙ آبشار لڳندا آهن. اها ته هئي نثري نظم
جي مختصر اُپٽار جيڪا منهنجي محدود مطالعي
جي ننڍڙين اکين جي گذرگاهه رهي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان پنڌ ۾ ڪي اهڙا نالا به شامل
هجن، جيڪي نالا منهنجي اکين، ڪنن ۽ ذهن تي
ڪارو نقاب به بڻجي پيا هجن، بحرحال هلون ٿا سائين کيمچند شرما جي نثري شاعري جي
دنيا جي مختصر سير تي، جتي هن دودي جي دليريءَ جهڙا شهپر وٽي، پنهنجن لفظن ۽ تخيل
جي تلوار سان هن سماج جي بدبودار حصي ۽ ان سان سلهاڙيل ڪُند ذهن ڪردارن کي نه رڳو
للڪاريو پر سچائيءَ جي هٿ جون پنج ئي آڱريون
کولي کين سِڌي رستي جا ڏَس به ڏنا، هو ماءُ جي مٽيءَ هاڻن پاڪ پيرن جي پڻي کي حقير
سمجهندڙن کي اهڙو ته جاهل ڪوٺيندو هو جيڪي ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جي پاڙي ۾ رهندي
به شاهه لطيف جي بيت جي تشريح لاءِ رئيس امروهي جي بنگلي جو دروازو جهليو بيٺا
هوندا هئا، هو ته ان محقق کي به اهو چوندي دير نٿو ڪندو هو ته “اي محقق! حال جي
حَسين محل مان پُٺيرا پير کڻي ماضي جي جهُريل جهُوپڙين مان مستقبل جي شاهي خاني جي
تعميرات لاءِ ڪهڙا پُراڻا پٿر پيو چونڊين؟ هي پُراڻا پٿر ماضي جون ڏند ڪٿائون ٻُڌائي
سگهن ٿا پر تنهنجي مستقبل جي شاهي خاني جي عمارت کي پائيداري نٿا بخشي سگهن!!” هن
تخيل ۾ کيمچند شرما اُتساهه جو ڪهڙو نه شاندار گس ٿو ڏسي ته پائيدار مستقبل جي
لاءِ پُراڻا پٿر چونڊڻ ۽ ماضي جي ڏندڪٿائن
مان جان آجي ڪرائي نئين ۽ سائنسي سوچ ڌارڻ گهرجي، هُن جي هر سوچ ۽ لوچ ۾ انساني
عظمت ئي آرسون موڙيندي نظر اچي ٿي، جيڪا سندس اندر کي وڌيڪ سُندر بڻائي، ورهين جي
وڃايل مُرڪ کي موٽائي ٿي وجهي، جيترو سندس قلم تِکو رهيو، اهڙي ئي سندس خيالن جي
گِهرائي، بيباڪ، نِڊر ۽ کَري رهي، جنهن ۾ هو ڪنهن به رک رکان جو قائل نه هو، نه ئي
کيس ان ڳالهه جو خوف هو ته سندس تخليق سندس لاءِ ڪو ڏهاڳ نه بڻجي پئي. جتي هن جي
نثري نظمن ۾ بنيادي انساني حقن جي پرچار نظر اچي ٿي، اُتي هو رشتن جي تقدس کان به
بخوبي واقف رهيو، جتي هن روايتي ۽ تقليدي تاريخ کي طعنا ڏنا، اُتي هن تاريخ کي ڦلوريندڙ محقق کي به بخش نه ڪيو، هو
سمجهندو هو ته ڪوڙ تي ٻڌل تاريخ محققن جون ترتيب ڏنل اهي بي مقصد ڌُنون آهن جيڪي
فقط دل کي ڌُتارڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن. کيمچند شرما جا نثري نظم مذهبي انتها
پسندي جي اندر ۾ کُپايل اهو خنجر هو، جيڪو خنجر روپلي ڪولهي ۽ هوشو شيدي جي تلوار
جيان فخر سان لهرائيندو، مذهبي جنونيت جا سِر ڌڙ کان ڌار ڪندو رهيو. هن جي خيالن ۾
ماءُ جي ممتا واري گِهرائي، سمنڊ کان به گهِري هئي، هۡو ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هو ته
هو شاعري ڪنهن جي لاءِ ٿو ڪري؟ ڇا هن قوم لاءِ؟ هُن جي بقول هي قوم ته هُن جي
شاعري پڙهي ئي ڪونه ٿي، ڇا محبوبا لاءِ لِکي ٿو، محبوبا ته اڻپڙهيل آهي، پوءِ آخر ڪنهن
جي لاءِ ٿو لِکي؟ ڇا پُٽن لاءِ؟ نه نه پوٽن لاءِ ........!! نه نه .......!! بس هو
پاڻ کي چريو ڄاڻائيندو هو، جيڪي پنهنجي مُنهن ڳالهائيندا ۽ کِلندا آهن. واقع ئي
هۡو چريو هو يا فقط پنهنجي لاءِ ٿو لِکندو هو، اهو ئي سوال آهي، جنهن سوال ۾ ڪيترائي
جواب ساڪن به آهن ته متحرڪ به آهن، سوال لاجواب به آهن ته وري جوابن ۾ جبل جيڏو
جذبو ۽ همت به آهي، ڀلا پنهنجي مُنهن ڳالهائيندڙ ۽ پنهنجي مُنهن کِلندڙ چريا
لِکندا به آهن ڇا؟ هو پنهنجي لاءِ لِکندو هو
ته پوءِ هُن جي دنيا ڪهڙي هئي، هُن جو ديس ۽ ڪهڙو ھو؟ ڪهڙي معاشري جي مام کي پروڙڻ لاءِ هو
اکرن جو، لفظن جو، جملن جو، ڪهاڻين جو، نظمن جو پنڌ ڪندو هو؟ ان پنڌ ڪرڻ جي کيس ڪهڙي ضرورت هئي؟ ڪنڊن کي هٿ لڳائڻ،
ٽانڊن تي پير رکڻ واري مام ڪا معمولي ماجرا ناهي، ان کي ضرور ڪو پسمنظر هو، ان جو ضرور
ڪو مقصد به هوندو، مقصد کان خالي ڪائنات جي ڪا به شيءِ ناهي، پوءِ ڀلي کڻي ڪي مثبت
رُخ رکندا هجن يا ڪي مقصد وري منفي رُخن
جي رڻ ۾ رُلندا هُجن، جيڪو تخليقڪار، ڳالهه پنهنجي ديس جي ڪندو هجي، ديس جي ماڻهن
جي ڪندو هجي، ماڻهن جي اندر جي ڳالهين کي ڦلوريندو ۽ ولوڙيندو هجي، هن جي تخليق جا
ڪردار ٻار، نوجوان، پوڙها، نياڻيون، مائرون، اديب، دانشور، محقق، سياستدان ۽ سماج
سڌارڪ هجن، اهو تخليقڪار صرف پنهنجي ذات لاءِ قلمن جا نِب ڪيئن ڀڃيندو؟ بس قلم جا
نب ڀڃيندي ڀڃيندي ۱۷ شوال ۱۴۴۲ هجري مطابق ۲۹ مئي ۲۰۲۱ع تي سندس دل ڌڙڪڻ بند ڪري بيهي رهي ۽ سندس ساهه جو سڳو ٽۡٽي پيو، هۡو ديهانت ڪري ويو، ٽنڊو
محمد خان جي پيپلز ڪالوني ۾ شو مندر/ مساڻ ۾ سندس وجود جو اگني سنسڪار ٿيو ۽ سندس
وجود خاڪ بڻجي ويو. کيمچند شرما جي نثري شاعري جو مجموعو نومبر ۲۰۲۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي مهورتي تقريب ۱۸ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران منعقد ٿي، شاعري توڙي نثر ۾
سندس ڪافي اڻڇپيل مواد موجود آهي، جنهن کي ڇپائي پڌرو ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته
جيئن کيمچند شرما جو علمي ۽ ادبي ڪردار تاريخ ۾ ڳاٽ اۡوچو ڪري وڌيڪ فخر لائق بڻجي سگهي.
(اعظم ڀٽيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ مئي ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا