گل محمد ڪلھوڙو
اينٽي ڪلائمڪس جو وڇوڙو!
سنگتراش صحرائي
مٽي ۽ محبوب سان
پيار جو امتزاج ميان گل محمد ڪلهوڙو ڪهاڻيون ڳوليندي خود سوڳوار ڪهاڻي بڻجي ويو
آهي. اهڙي اداس ۽ ويڳاڻپ واري دور ۾ ڪوئي مڙني مايوسن کي ٿڏي اتساهه جو ذريعو بڻجي
ته اهو لازوال ڪردار بڻجي وڃي ٿو. اهڙو لازوال ڪردار ئي جڏهن سوڳواري ڏئي وڃي ته
زندگيءَ جا سڀ رنگ مرجهائجي وڃن ٿا، هڪڙي پوري ٽهي کي ويڳاڻو ڪري ڇڏي ٿو. هو
بهترين ڪهاڻيڪار هو، جنهن ٻهراڙي جي زندگي، غُربت، مُفلسي ۽ عام ماڻهو جي ڀوڳنائن
کي ڪهاڻين جي ڪينواس تي چِٽي ڇرڪ ڇڏايا. هن ڪهاڻين ۾ ڳوٺاڻي سنڌ جو عڪس چِٽيندي
اهو احساس ڏياريو ته ادب جو سماجي ڪارج ڪهڙو ٿيندو آهي. هوُ جيڪو پهرين اينٽي ڪلائمڪس کي مڪمل ڪري پوءِ
ڪهاڻي کي پورو ڪندو هو. پر هن جي زندگي جي ڪهاڻي اڌوري رهجي وئي ۽ هوُ اينٽي ڪلائمڪس
ڳوليندي الائجي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ڪلائمڪس اڌ ۾ ڇڏي، سڀئي ماجرائون پاڻ تائين
محدود ڪري هُن پار هليو ويو.
ميان گل محمد ڪلهوڙو
ڪهاڻي ۾ گهڙي ڪردارن سان کِلندو به هو ته رُوئندو به، پڙهندڙن کي به رُوئاري
وجهندو هو. ڪهاڻي “حرام” لکندي هوُ پاڻ به آڌي رات رُنو هو. “هوڏانهن رامي سوڌو ڀيلن
جا ٻار سموري وارتا کان بي نياز اوطاق جي اڱڻ تي چانور کانئن لاءِ آندل پليٽن ۾ مٽي
وجهي هڪ ٻئي کي... لي کا.....لي کا.... (وٺ کاءُ) چوندي کلندا راند ڪندا رهن ٿا.”
سنڌي ٻوليءَ سان انتها عشق ڪندو هو، پوءِ هِجي هُجي يا صورتخطي هُجي پر ٻولي جي
معاملي ۾ انتها جو عاشق هو. ٻوليءَ سان عشق جو ثبوت سندس ڪهاڻي “مرحوم ڦ ڦيٿو”
آهي، جيڪو لٽريچر فيسٽيول ۾ پڙهندي ئي ميلو لُٽي ورتو هو. هُن کي نه دوستن سان شڪايتون
رهيون ۽ نه عشق کان، صرف زندگي سان شڪايت هئي ۽ هُو بنا موڪلائڻ جي اڻ اظهاريل شڪايتون
سندس ٽن سالن جي مراد ياب جي صورت ۾ ڇڏي ڄي سنگت کي سوڳوار ڪري ويو.
دراصل هتي حساس ۽
ذهين ماڻهن لاءِ اهو ئي الميو آهي جو انهن کي اظهار جا ذريعا سوڙها محسوس ٿيندي ئي
گهُٽ ٻوُسٽ ٿيندي آهي. سماجي ۽ سياسي گهٽ ٻوُسٽ سبب سوچيندڙ فردن لاءِ اظهار جا دڳ
۽ اختيار ممنوع بڻجي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو منفرد ڪم ڪندڙ فرد هڪڙي عرصي پُڄاڻان
ولوڙجي ويندا آهن. ميان زندگيءَ سان تمام گهڻو پيار ڪندڙ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ ڏيندڙ
تخليقڪار هو، پر زندگيءَ جو ڇانورو ڳوليندي پاڻ بيوفائي جو بادل بڻجي ويو. هوُ ڌرتيءَ
جو به عاشق هو ته دوستن جي ھَڪل تي به هڪيو تڪيو حاضر رهڻ وارو هو. هُن اختلاف
رکيا ته ڳائي وڄائي رکيا ۽ مدلل ڳالهه وڻي ته پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري سامهون واري جو
حمايتي ٿي بيهندو. هو بطور ٻولي ماهر ۽ ڪھاڻيڪار ناتي ڪڏهن به انا جو شڪار نه ٿيو،
نه ئي وڏائي سندس وڙ بڻي. استاد ۽ ڪهاڻيڪار هئڻ باوجود به هُو پنهنجي ٻني پاڻ کيڙيندو
هو ۽ سمورو ڪم پاڻ ڪندو هو. هوُ جنهن سان به مليو، اُن جهڙو ٿي مليو ۽ هڪڙي ئي
مُکا ميلي ۾ دوستي جي تند ۾ پروئي ڇڏيائين. هُن لاءِ هر ڪوئي دوست اهو ئي دعوا ڪري
رهيو آهي ته هو سندس ئي دوست هو. آخري ڪچهري ۾ هُن ڪهاڻين جو ڪتاب آڻڻ جو ذڪر ڪيو،
پر مالي مشڪلاتن سبب ڪتاب آڻي نه سگهڻ تي ڪجهه قدر مايوس هو. جيڪڏهن ڪتاب ڇپجي اچي
ها ته ڪيڏي خوشي ۽ اتساهه ملي ها، اهو سندس ٽهڪ ئي ٻڌائين ها. جيتوڻيڪ هُن پبلشرن
سان ڳالهايو به هو پر ڪتاب جو اوسيئڙو ڪندي سندس زندگي جي ڪتاب مان پنو ڦاٽي ڪِري
پيو.
ميان گل محمد ڪلهوڙو
ايامِ بيروزگاري ۾ اخباري ڊيسڪن تي ڪم ڪيو ته پرنٽ، خاص ڪري اليڪٽرانڪ توڙي سوشل
ميڊيا تي ٻولي جي بگاڙ تي احتجاج سميت اختيارين کي پڻ آگاهه ڪيو. هُو سنڌ جو مخلص
عاشق هو، عشق جي اساٽ هُن کي متحرڪ بڻائڻ سميت ڪيترن ئي دوستن جو ڀرجهلو ۽ اتساهه پڻ
رهيو. جيتوڻيڪ هوُ استاد ٿيو ته فرض شناس استاد بڻيو جو ٻارڙن جي هِجي، ٻولي ۽
گرامر توڙي صورتخطي سڌارڻ تي وڏي محنت ڪيائين. هُو ٻارڙن کي به اوتري ئي اتساهه
سان پڙهائيندو هو جيتري اتساھ سان پنهنجي ڳالهه پيش ڪندو هو.
سنڌي موسيقي ۽
شاعري سان به کيس بي پناه لڳاءُ هو. جلال چانڊئي کان ويندي ٻين فنڪارن تائين کيس
شاعر، فنڪار پهريون ڪٿي ۽ ڪيئن ڳايو سربستي وارتا ڪري ٻڌائيندو هو. هن جا ويجها
دوست کيس ڪو گيت هلائي چڙائيندا هُئا. هو پنهنجي طبعيت وارو ماڻهو هو، اهو ئي سبب
آهي جو پنهنجي اندر جي بار کي ڪڏهن به مرڻ ڪونه ڏنو.
اڄوڪي هن دور ۾
مخلص ۽ نج نبار ماڻهن جو ڏڪار پئجي ويو آهي. اهڙي رُڃ جهڙي حقيقت ۾ ڪي به ٿورڙا چڱا
ماڻهو آهن اهي به بنا موڪلائڻ جي وڇڙي رهيا آهن! جن جي ڏُک تي گونگا ڳوڙها ئي وهي
رهيا آهن. اهو ڪيڏو نه جيءُ جهوريندڙ الميو آهي جو هُن پاڻ چيو هو ته موڪلايون ڪونه
ٿا وري ملنداسين پر هُو پاڻ بنا موڪلائڻ جي الوداع ڪري هليو ويو.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۸ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ميان گل محمد ڪلهوڙو
سنڌي زبان جو عاشق
ناشاد رضوان
۲۴ مئي جي ٽاڪ منجهند جي ٽاڻي هڪڙي ڏکوئيندڙ خبر سنڌ جي اهل شعور ۽ ادب قبيلي
جي ماڻهن جي دلين تي ڪنهن واسينگ نانگ وانگر وار ڪيو هو. خبر هئي “مٽيءَ سان محبت ڪندڙ
شخص ميان گل محمد ڪلهوڙو اسان کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو” ۽ پوءِ ڪنهن جي دماغ
اها خبر تسليم ڪئي به هوندي پر هر دل اها ڳالهه مڃڻ کان قطعي انڪار واري ڇڏيو هو.
دوستن جون دليون جهري پيون هيون، دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو، زبانون سن ٿي ويون ۽ اکين ۾ ڳوڙهن
قطارون هيون.
سنڌي ٻوليءَ سان
عشق جي انتها رکندڙ، صورتخطي ۽ اچار ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي، ليکڪن جي
لکڻين ۾ چڪون پڪڙي نشاندهي ڪرڻ کان انهن جون درستگيون ڪرائڻ ۽ اصلاح ڪرڻ وارو هي
شخص هڪ انفرادي حيثيت ۾ ٻوليءَ جو ادارو هو.
جديد سنڌي ڪهاڻي ۾
به ميان گل محمد بنهه منفرد مقام رکندڙ ڪهاڻيڪار ٿي اڀريو سندس مقدار ۾ ته تمام گهٽ
ڪهاڻيون ملن ٿيون پر انهن جو معيار سنڌي ادب ۾ هڪ شاهڪار حيثيت جو حامل آهي، سندس ڪهاڻين
جا موضوع اڪثر ٻهراڙي جي ماحول وارا آهن ۽ موجوده دور ۾ سنڌي زبان سان در پيش
مسئلا ۽ مستقبل ۾ ٻوليءَ لاءِ ايندڙ چئلينجز کي ميان پنهنجي ڪهاڻين وسيلي نروار ڪيو
سندس هڪڙي ڪهاڻي “مرحوم ڦ ڦيٿو” سندس حوالي جو بهترين نمونو آهي.
جوڌپوري ڪلهوڙن جي
خاندان جو هي نوجوان ڪلهوڙا راڄڌاني جي آخري شهزادي جي سڃاڻپ رکندڙ ميان گل محمد ڪلهوڙي
اڄ کان ۴۲ بهارون اڳ ميرپورخاص لڳ ڳوٺ ميان گل محمد ڪلهوڙي ۾ ميان بهادر علي ڪلهوڙي
جي گهر ۾ جنم ورتو جيڪو گهراڻو جوڌپور هندستان کان لڏي سنڌ ۾ آباد ٿيو جيڪو شجرو ڪجهه
پيڙهين ۾ ڪلهوڙا سلطنت جي بادشاهي گهراڻي جي نشاني واري حسب نسل آهي.
هن تعليم، ڳوٺ ۽ ميرپورخاص
۾ پرائي. جنهن بعد ريڊيو پاڪستان ۽ مختلف سنڌي رسالن، اخبارن ۾ لکڻ سان ادبي سفر
جو آغاز ڪيائين. ميان گل محمد جا ٻولي ماهر کان ويندي، ٻيا به ڪيترا ئي تعارف آهن.
جنهن ۾ سندس شخصيت جا ڪيترا ئي پهلو ۽ رخ سامهون اچن ٿا. جن ۾ هڪ پرائمري استاد
طور سندس تعليم جي ميدان ۾ خدمتون به تحسين لائق ۽ قابل فخر آهن جيڪو سندس اسڪول اڄ
به مثالي اسڪول طور ميرپورخاص ضلعي ۾ موجود آهي. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت شاخ
ميرپورخاص جو محنتي سيڪريٽري، پرنٽ ميڊيا ۾ ذميوار پروف ريڊر، يارن جي يار ۽ هن
دلبر شخص جي ٻيءَ وڏي سڃاڻپ سنڌيت هئي. هن جي دل ۾ سنڌ سدائين ڌڙڪندي هئي. هو سنڌ
کي سدائين خوشحال ڏسڻ جا سپنا سانڍي جيئندو هو. هن جڏهن به سنڌ تي ڪو ڏکيو ڏينهن ڏٺو
ته اکيون نم ڪري روئيندو هو، هو مڪمل طور ڌرتيءَ جو صالح فرزند هو.
هاڻ جيڪر سندس ساروڻين
جي البم کي کولجي ته ڪيترين ئي يادن جا عڪس هينئن تي هري ٿا اچن. هونئن ته ڪيتريون
ئي ملاقاتون ٿيون پر اها ملاقات اڄ به سندس حياتيءَ جي يادگار ڪچهري ثابت ٿي. ۲ سال اڳ ڄامشوري ۾ جڏهن اسان يونيورسٽي ۾ ڪلاس
ختم ٿيڻ بعد ڊپارٽمينٽ مان نڪتاسين پئي ته سندس ڪال آئي ته چيائين منهنجي ڀاءُ کي
هارٽ اٽيڪ ٿيو آهي، توهان جلدي ڪارڊيو وارڊ لمس پهچو ۽ پوءِ آئون ۽ منهنجو دوست
عاشق بلوچ فورن اسپتال پهتاسين، حال احوال طبيعت پڇڻ بعد جڏهن هو ڪچهري ۾ لڳي ويو
ته ادب، آرٽ، تاريخ ٻولي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي مدلل انداز ۾ بحث ۽ ڳالهه ٻول ڪيائين.
هن سدائين منهنجي رهنمائي ڪئي هميشه اتساهيو ۽ بيپناهه پيار ڏنو، اڄ ڪيئن مڃون ته
ايڏي پياري ماڻهوءَ سان دل بيوفائي ڪئي، اڄ اها ميرپور موجود آهي اهي پٽ ۽ استاد صفدر
جو اهو آستانو پر ڪونهي ته ميان ڪلهوڙو ڪونهي جيڪو سارا منظر ڀٽائي جي هن بيت جي
پسمنظر جيان ڇڏي ويو آ.
اَڱڻ ته اُھو ئي، جَت نه پَسان جُوءِ ۾؛
اوطاقون اوٺيئڙن جون، سوجهيم سَڀوئي؛
اکيون رَت روئي، ماڳ نھاري موٽيون!
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۲۶ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
گُل محمد ڪلهوڙو
ٻولي ادب ۽ سماج جو
خاموش خدمتگار!
ليکراج ميگهواڙ
اسان جي هي سنڌ ڌرتي
دنيا جي سمورين تهذيبن جي ماءُ تصور ڪئي وڃي ٿي، اسان جي سنڌي ٻوليءَ پُڻ جُڳن ٻوليءَ
ليکي وڃي ٿي، سنڌ ڌرتي پنهنجي پڊ تي ڪي ئي انسان پيدا ٿيا جيڪي تاريخ جي تھ خاني ۾
مختلف حوالن سان پنهنجي سڃاڻپ جي جوهر ۾ نمايان رهيا آھن ، سنڌ ڌرتي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪي
ئي سياسي سماجي علمي ادبي شخصيتن سان گڏ راڳي ويراڳي صوفي سنت درويشن کي هن ڌرتي
پنهنجي پيٽ ۾ جاءِ ڏني آھي، انهن سمورن ڪردارن مان ميان گُل محمد ڪلهوڙي جو ڪردار
سندس شخصيت علم ادب سياسي ۽ سماجي حوالي سان پنهنجو الڳ شانُ ۽ مُقام رکي ٿي.
وڇوڙا هنيانُ ڦاڙيندا
آھن، جدايون جيءُ جهوري ڇڏينديون آھن! اهڙي ڪيفيت ۾ دل ۽ دماغ منجهيل سِٽ بڻجي
ويندا آھن! سوچون يادن جي وهڪري ۾ لڙھندي ذھن جي ڪينواس تي ڪنهن مهل خوشين سان ڀاڪر
ڀرن ٿيون ته ڪنهن وقت تڪليفن جي اوڙاھ ۾ پچڻ لڳنديون آھن! يادون ڪنارا ناهن ڪنديون،
يادون نئين سر ماڻھو کي جنجهوڙين ٿيون ۽ اهڙي ڪيفيت جهڙي سوڳوار ماحول جو سبب اسان
جو دلبر دوست ميان گُل محمد ڪلهوڙي جو وڇوڙو آھي جيڪو چوويھ مئي جي ڏينهن ھڪ وڳي
اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو.
ميان گُل محمد ڪلهوڙو
باڪمال ڪردار، عظيم ذھن، بهترين ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ٿي گذريو.
جوڌپوري ڪلهوڙن جي
خاندان جو هي نوجوان ڪلهوڙا راڄڌاني جي آخري شهزادي جي سڃاڻپ رکندڙ ميان گل محمد ڪلهوڙو
اڄ کان 42 بهارون اڳ ميرپورخاص لڳ ڳوٺ ميان گل محمد ڪلهوڙي ۾ ميان بهادر علي ڪلهوڙي
جي گهر ۾ جنم ورتو جيڪو گهراڻو جوڌپور هندستان کان لڏي سنڌ ۾ آباد ٿيو جيڪو شجرو ڪجهه
پيڙهين ۾ ڪلهوڙا سلطنت جي بادشاهي گهراڻي جي نشاني واري حسب نسل آهي.
منهنجي ميان صاحب
سان پهرين ملاقات ميرپورخاص ۾ سنڌ جي مشهور ميزبان صفدر پنهور جي آستاني تي ٿي
هئي، ڪچهري دوران ميان صاحب جو موضوع گهڻي ڀاڱي ٻولي جو بگاڙ ئي هوندو هو، انهي ڏينهن
به ساڳيو موضوع هو.
ميان گُل محمد ڪلهوڙو
نه صرف اديب پر هُو سياسي ڪارڪن به هو ته سماجي ماڻھو به هو. گُل محمد ڪلھوڙي کي ڪهاڻي
جي فن تي بھترين دسترس هوندي هئس، سندس ڪهاڻيون محدود ئي سهي پر انهن جا موضوع نج
نبار ٻھراڙي جا ئي ڪردار آھن، پر انهن جي پيش فن ۽ ٻوليءَ ۾ اهڙي ته شائستگي آھي
جو ميان گل محمد جون ڪهاڻيون شاهڪار جو شرف حاصل ڪري چڪيون آھن.
ميان گُل محمد
طبيعت ۾ سادو انسان هو، پر فڪري ذھني طور هُو تمام وڏو ماڻھو هو.ميان صاحب سنڌ جو
چيخوف، يونان جو سقراط، دوستووسڪي جهڙن عظيم مفڪرن جي علمي دڳ تي گامزن هو. سموري
سنڌ جي علمي ادبي حلقي ۾ سندس سڃاڻپ ۽ شناخت جو اندازو هن جي وڇوڙي بعد سوڳوار جهڙو
ماحول سوشل ميڊيا تي ڏسي سگهجي ٿو. اهو اسان جو سڀاڳ هو جو ميان گُل محمد ڪلهوڙو
جو تعلق ميرپورخاص سان آھي. منهنجي پهرين لکڻي شايع ٿي جيڪو سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪ امير
بخش شر جي يادگيرن تي مشتمل هئي، مون جيئن فيسبڪ تي اپلوڊ ڪئي ته ميان صاحب ميسنجر
۾ آيو! ميان گُل محمد جو ٻولي سان جنون ۽ پيار جي انتاھ اهو هئي جو هن يڪدم مونکي
لکيو ته” تنهنجو استاد ڪير آھي؟ گهٽ ۾ گهٽ ٻولي سان اهڙو ويڌن نه ڪيو“. مون مسيج پڙھي
هالار لغاري کان ميان جو موبائل نمبر ورتو، جيئن ئي ڪال ڪئي ته چوڻ لڳو آئون اوهان
کي ئي ڪال ڪرڻ وارو هئس. رسمي حال احوال بعد چوڻ لڳو يار پاڻ دوست ضرور آھيون پر
آئون ٻولي ۽ سنڌ جي معاملي ۾ صفا اهڙو ئي آهيان! جيڪڏھن دل ۾ ڪندا ته معاف ڪري ڇڏيندا،هن
وقت اسان جو نئون ليکڪ ٻوليءَ سان جيڪو حشر ڪري پيو سو تمام خراب آھي! توهان جيڪا
به لکڻي موڪليو آئون ويٺو آھيان توهان مونکي موڪلي ڏيندا ڪيو، آئون توهان کي درست ڪري
موڪلي ڏيندس، آئينده خاص خيال رکندا، اهو چئي ڪال ڪٽي ڇڏي.
آئون خوش به ٿيو
هئس ته غمگين به ٿيو هئس ڇاڪاڻ جو آئون شعوري طور ان سطح جو نه هئس جو ميان صاحب
جي ڳالھ ۽ گفگتو پرکي پروڙي سگهان! آئون مايوس ٿي، لکڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيو هو، ڪجھ
عرصي بعد ميان گل محمد مونکي ڪال ڪئي ته آئون سنڌڙي ويٺو آھيان اچ روبرو ڪچهري ڪريون
ٿا، آئون ته هئس ئي سنڌڙي ويٺو هئس، ملياسين ڪچهري دوران مون کان سوال ڪيو ته
اوهان لکڻ بند ڪيو آھي؟ اهو غلط آھي، ڏسو ٻولي ۽ سنڌ پنهنجون پهريون مائرون آھن!
آئون توهان کي دلي طور چوان ٿو لکو.
مون ميان صاحب جون ڳالهيون
ذھن ۾ رکي مطالعي ۽ مشاهدي جو دائرو وڌايو، ان بعد اسان جڏھن ملنداسين هئاسين سنڌي
ڪهاڻي ئي موضوع هوندا هئس، ميان صاحب جمال ابڙو ۽ نسيم کرل سان بي انتها پيار ڪندو
هو ۽ چوندو هو ته نسيم کرل جيئن ڪهاڻيون ٿوريون ئي سهي پر هجن شاهڪار. پوءِ وقت جي
هن ظالم وهڪري ۾ ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون سئو درد هوندا هئا سويون سک به
هوندا هئا، ڪچهريون قائم هونديون هيون.
سال ۲۰۱۹ع ۾ منهنجي
ڪهاڻي، ڪاوش مئگزين ۾ شايع ٿي. اڃا صبح جو وقت هو. آئون سنڌڙي اچان پيو. رستي ۾
موبائل جي رنگ ٽون وڳي ته آئون موبائل ڏٺو ته ميان صاحب جي ڪال. موٽرسائيڪل پاسي
تي بيهاري هيلو ڪيو ته ”لِو يو ليکراج تو اڄ ثابت ڪيو ته سنڌ، سنڌي سماج ۽ سنڌي ٻوليءَ
سان تون پيار ڪرين ٿو.“ آئون سوچي پڇڻ لڳو هئس؛ ”ميان صاحب آئون سمجهي نه سگهيو
آھيان، پليز ٻڌائيندا؟“ ”يار تنهنجي ڪهاڻي ڪاوش
۾ شايع ٿي آھي. مونکي ڏاڍي سٺي لڳي. مون هينئر پڙھي تو کي ڪال ڪئي آھي.“ ان ڏينهن
ميان صاحب ڏاڍو خوش لڳو پئي. مقصد ته گل محمد، جيڪي خاموش خدمتگار ٿيندا آھن، انهن
جو اعلي مثال هو. هُو خوش ٿيندو هو، جڏھن سنڌي ڪهاڻي/ٻوليءَ ڪٿي معياري لکيل ملندي
هئي.
ميان گُل محمد سان
منهنجي آخري ملاقات پراڻي ميرپور جي اسٽاپ تي ٿي هئي، موٽر تي هو سندس ننڍڙو پيارو
مرادياب گڏ هو، هميشه جيئن ڀاڪر ڀري مليو ۽ چوڻ لڳو ”ڇهين مهينن بعد هڪ ڪهاڻي لکي
آھي پر ھي ڪهاڻي موقعي جي مناسبت سان شايع ڪرائبي!“ اُھا ڪهاڻي به رهجي وئي! ميان صاحب
جي هڪ خاصيت اها به هوندي هئي ته سنگت جي حلقي مان ڪنهن هڪ سان به ملندو هو ته
سموري سنگت جا حال پڇندو هو ۽ آخر ۾ چوندو هو ته موڪلاڻي ناهي! سڄي سنگت کي سلام ڏيندا.
ميان گل محمد ڪلهوڙو
علم ادب ۽ ٻوليءَ جو انتها جو عاشق هو، سندس ڪهاڻي ”مرحوم ڦ ڦيٿو“ ان جي اظھار جي
عشق جو هڪ مثال آھي. ميان صاحب جي ذاتي زندگي ڪيئن گذري سندس ڪهاڻي ”پويان لڳل
زندگي“ جو نمايان هڪ مثال آھي، سندس روشن خيالي، شعوري ۽ فڪري آزادي جو عظيم اظھار
سندس ڪهاڻي ”حرام“ جو هڪ نمونو آھي.
مون لاءِ اهو اعزاز
آھي ۽ هن ۾ ڪو وڌاءُ ناهي، ميان گل محمد منهنجو اول فڪري استاد ۽ پوءِ دلبر دوست ۽
محبوب هو، هُو ”جيڪڏھن منهنجن لکڻين تي تنقيد نه ڪري ها ته لکي نه سگهان ها“ ڇاڪاڻ
ته ادب ۾ تنقيد جي اهميت تمام گهڻي ۽ اعلي قسم جي آھي.ميان صاحب جي اصلاح منهنجي
زندگي جو ڪل سرمايو آھي.
ميان صاحب جي وڇڙڻ کان ٽي ڏينهن اڳ مون مسينجر
تي ڪال ذريعي ڪچهري ڪئي هُئي هو اداس لڳو غمگين لڳو هن جي ٽھڪن ۾ اُھا خوشي نه
هئي! هن جا گفتار ايترا ته ڏُکويل هئا جو ڄڻ ته ڪنهن سهاڳڻ جو سهاڳُ اجڙي ويو هجي!
مون جڏھن چيو ڪتاب اڃان نه آيو يار؟وڏو شوڪارو ڀري چوڻ لڳو''پويان لڳل زندگي'' ۽
هُو خاموش ٿي وري چوڻ لڳو خير ڪتاب ڪڏھن ته ايندو نه ته منهنجون ڪهاڻيون اوهان پڙھيون
آھن، منهنجو پورهيو سڦل...! مونکي ڳوڙھا اهو لکڻ نه پيا ڏين ته منهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب
جو مُھاڳ ميان صاحب لکي ها! ٻين خواھشن جيئن هي خواھش به اڻپوري ۽ اڌوري رهجي وئي!
ڪهاڻيون اداس رهجي ويون آھن! هُو ظالم روانو ٿي ويو آھي، پر سندس ڏنل محبت شفقت
باربار ساري پل پل جو موت ڄڻڪ ڏين پيون. لطيف واري ڳالھ ته ٻانهون هوند وات وجهي
روئان، پر اسان روئي روئي خطا ٿيون پيا پر ميان صاحب جي وڇوڙو ايترو ته ڏُک تڪليف ڏني
آھي جو روئڻ ۾ ڍوءَ نه پيو ٿئي!
جڏھن به ڪو محبوب
انسان ھٿن مان واري جيان نڪري موڪلائي وڃي ته وقت کي برف جيان ڄمي وڃڻ گھرجي!
آسمان کي پنھنجو رنگ مٽائي ڇڏڻ گھرجي ۽ ھوا کي وڻن سان ۽ پکين کي ندين سان تعزيت ڪرڻ
گھرجي ۽ تعزيت کي پاڻ سان پُڻ تعزيت ڪرڻ گھرجي.
ميان گل محمد ڪلھوڙي
جي دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو ۽ سنڌ ھڪ يگاني عاشق کان محروم ٿي وئي. ٻولي ادب ۽ دوست هڪ بڙ
جي وڻ جي ڇانُ کان محروم ٿيا ويا آھن! ميان صاحب جي شخصيت جا پهلو کوڙ آھن! اکين ۾
ڳوڙھا لکڻ نه پيا ڏين. ٻڌ ميان صاحب جسم هڪ ئي ڇو نه هجي پر روح ٻه ضرور آھن! تون محبوب ۽ دلبر دوست آھين، اسان جي
وجود جو حصو آھين! جيستائين اهل شعور جي ڪوٽ جا قلعا چمڪندا رهندا تون انهن ستارن
مان هڪ لازوال ستارو بنجي چمڪندو رهندين...سدائين گڏ پرين.
منجهان مُنهنجي
روح، جي وڃن ساجن وسري،
ته مر لڳي لُوھ، ٿر
ٻاٻيهو ٿي مران. (شاھ)
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
گل محمد ڪلھوڙو
جيڪو دلين ۾ رھي ٿو
ابراھيم کرل
سنڌ جي ساڃھ وند، ڪھاڻيڪار،
سنڌي ٻولي ۽ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ، وفادار دوست ميان گل محمد ڪلھوڙي جي وڇڙي وڃڻ
کانپوءِ، ست ڪو نه پئي ساري سگھيس ته، ھن يار جي اوچتو وڃڻ تي ڇا ڪجي؟ سيني تي ھٿ
ھڻجي، مٿو ڌوڙ ڪجي، اڀ ڦاڙ رڙيون ڪجن يا خاموشيءَ سان درد کي سھجي. ھونئن به، ڏات
جا ڏاتار وڃڻ جون وايون ڪندا آھن ته ڪي اھڙا نشان، ڪي اھڙا اشارا ضرور ڇڏي ويندا
آھن، جن کي سمجھڻ ۾ دير لڳندي آھي. ھو پنھنجا ڪم جلديءَ ۾ اڪلائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف
ٿي ويندا آھن. ميان به پڇاڙڪن ڏينھن ۾ ڄڻ ڪم پئي اڪلايا. ڪڏھن ڏس ته ٻنين ۾ بيٺو ٻج
ڇٽي. صبح جا منظر پيو شيئر ڪري ته ڪڏھن پاڻي پيو ورائي. ڄڻ ھو دل جي ڌرتي ريج ڪندو
ھجي. فصل جي سٺي ٿيڻ جون پوسٽون پيو رکي ۽ ٻارڙن سان وندر ۽ گڏ ماني کائڻ جا فوٽو
پيو رکي. ڄڻ کيس اڳتي اھڙو موقعو نه ملڻ جو يقين ٿي ويو ھو. ھن دل جي ڪنڊ ۾ بچائي
رکيل پيار، اولاد کي ورھائي پي ڏنو.
ڪڏھن وري نئين
تعمير ٿيل اسڪول جا فوٽو پئي رکيائين ۽ خوش پئي ٿيو ته ھن اسڪول ۾ سندس نسل ۽ ڳوٺ
جا ٻار پڙھندا ته سندن مستقبل سنورجي ويندو. ھو انھن ٻارن جون ۽ ڪيل ڪم جون پوسٽون
ان ڪري به رکي رھيو ھو ته متان مون کان پوءِ اھي ٻار اھو محسوس ڪن ته مون سندن ڪا
ھمت افزائي نه ڪئي.
زندگيءَ جو گاڏو ته
ھلندو رھندو پر ان گاڏيءَ جو مضبوط ڦيٿو ھڪ اھڙي جھاڪي ۾ اچي لڳو، جتان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو
ٿي پيو.
ھن اھا ڪھاڻي ڦ ڦيٿو
تڏھن ته لکي ھئي. جنھن ۾ ٻوليءَ جي مسئلن کي بيان ڪيو ھيائين. چوندا آھن ته؛ وڃڻ
کان اڳ، ماڻھو ٻولائيندو آھي. سو گل محمد ته ٻولائي ڇڏيو ھو ته؛ مونکي اوس وڃڻو
آھي.
ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندوسانءِ.
تڏھن ته ھن پنھنجي
مٽيءَ سان آخري دم تائين وفا پئي ڪئي. ھن پاڻ کي مٽي ڪرڻ پئي چاھيو.
عجيب شخص ھو. جلدي
دل جي آڳر تي اچي ويھي رھندو ھو. گوڏن ۾ اجرڪ ٻڌي. ڪو ڪڍي ته ڏيکاري.
ھو جڏھن خيرپور ۾ ٿيندڙ
شھيد نسيم کرل ڪھاڻي ڪانفرنس ۾ پھريون دفعو آيو ھو ته مونکي به اجرڪ جي وڪڙ ۾ ٻڌي،
ڪلھي تي رکي ھليو ويو ھو. ٻي ڪانفرنس ۾ آيو ته اسان اڃا پنڊال پئي ٺاھيو. ڪلھن ۾
اجرڪ ويڙھي، اچي ڪرسيءَ تي ويھي رھيو، ڄڻ پروگرام جي نگراني ڪرڻ آيو ھو. ڪاڏي
ميرپور ته ڪاڏي خيرپور. پر ھئا ته ٻئي ميرن جا شھر. ۽ ھي ھو ڪلھوڙو، جيڪو ٻنھي
شھرن مان ميرن کان پلاند وٺڻ لاءِ آيو ھجي؟ جن ڪلھوڙن کي سنڌ جي ڌرتيءَ تان بيدخل ڪري
ڇڏيو ھو. تڏھن ته ھن مونکي ڪلھوڙن جي تاريخ تي ڪتاب ڏيندي، اھو تاڪيد ڪيو ھو ته
اھو ڪتاب مان ضرور پڙھان. جنھن ۾ ڌرتي ڄاين سان آخري وقت ۾ جيڪي ڪلور ڪيا ويا،
انھن جي ڪچي چٺي جي جيئن پروڙ پويم. ھن اھو ڪتاب مون کي ميرپور خاص ۾ ڏنو ھو، جڏھن
ھن اسان لاءِ خاص ناشتو تيار ڪرايو ھو. جنھن ۾ ڍنگ مانين جو، لسيءَ جي چئونري،
تريل ڀينڊيون، واڱڻ (اھي واڱڻ گول ڪٽيل ھئا)، پٽاٽا، ڇا ڇا نه ھيو، جنھن ناشتي
لاءِ ھن ويھ دفعا ته فون ڪيو ھو. جڏھن اسان سجاد ميراڻيءَ جي اليڪشن ورڪ ۾ ٿر نڪتل
ھئاسين. مون سان گڏ سجاد ميراڻي، امر اقبال ۽ روشن شيخ گڏ ھئا. ھن جڏھن منھنجي
جھول واري پوسٽ پڙھي ته ”نور چاڪراڻي تنھنجي شھر آياسين پر تنھنجو جھول خالي ھو.“ ته
گل محمد فون ڪري چيو؛ ”رات مون وٽ اچو.“
اسان جي ڪمٽمينٽ
پياري ايوب گل سان ھئي. تنھن ڪري کيس چيوسين؛ ”صبح تنھنجي چانھ پيئنداسين.“ رات جو
ڏھين وڳي وري سندس فون آئي ته؛ ”ڀلا ناشتو مون وٽ اچي ڪيو.“ ته مون کيس چيو؛ ”ميان
اھو وس ھاڻي ايوب گل جو آھي.“ ته چيائين؛ يار صفا ڏاڍائي نه ڪيو. مون سندس اھڙي
ھجت تي کيس دلاسو ڏنو؛ ”ٺيڪ آ! ٻه گرنھ ناشتي جا تو وٽ!“ سمجھيم ته ھمراھ ڏاڍو خوش
ٿيو. اسان صبح جو سوير اٿياسين. ڇو ته اسان کي ميرپور مان ٿي وچين رستي سان وري
پياري اقبال رند وٽ وڃڻو ھو ۽ پوءِ عمرڪوٽ مان ٿي مٺيءَ ۾ پياري فھيم منگيءَ وٽ
رات ترسڻو ھو.
صبح جو پنجي وڳي
وري سندس فون آئي. يار ھاڻي جو ھاڻي نڪرو نه ته وري ڪو ٻيو بھانو ڪندئو. منھنجو
آستانو ميرپور ۾ داخل ٿيڻ سان ئي آھي. کيس پڪ ڏنيسين. نڪتاسين ئي مس ته وري پياري
خالد جوڳيءَ جو فون آيو ته؛ ”ڪٿي پھتا آھيو؟“
کيس ٻڌايوسين ته؛ ”ھاڻي
بڪار ڍنڍ تان روانگي آھي.“ ان چيو ته؛ ”ناشتو مون وٽ ڪيو. مان ميرپور آھيان.“ کيس ٺپ
جواب ڏنوسين ته؛ ”گل محمد سان ھا ڪري ويٺا آھيون.“ ”ڀلا پيالي ته پيئندئو نه؟“ جوڳي
سان ھا ڪئيسين.
ميرپور ۾ ھڪ ھوٽل
جي ڀرسان گڊز وارن جو اڏو ھو، جتي گل محمد جو آستانو ھو. اسان پھتاسين. فريش ٿياسين
ته گل محمد ساز سامان سان اچي پھتو. يارن جو ھي يار ڀائنيم ته کٿو نه ٿي پڳو. ڪچھري
ڇڏيندي دل نه پئي چيو پر ملڪ لتاڙڻو ھو. آخر ۾ موڪلائيندي چيومانس؛ ”سجاد جي پارت اٿئي!“
ته چيائين؛ ”کرل ھونئن نه پر ھاڻي ھٿ پير ھڻان ٿو، تون فڪر نه ڪر، سجاد کٽيندو،
مان صبح سوير پھچندس حيدرآباد، دوستن کي چونداسين!“ منھنجي دل ھيڏي ٿي وئي.
صبح جو اسان کان اڳ،
اتي موجود ھو. ھن ٽن دوستن سان ملايو ۽ کين تاڪيد ڪيو ته؛ ”ھي ماڻھو مون وٽ پھريون
دفعو ھلي آيو آھي، صرف ميراڻيءَ جو ووٽ کپي.“
مون کي پڪ ٿي ته
ميان وڙائتو ماڻھو آھي. جڏھن ميراڻيءَ کٽيو ته پھرين فون به گل محمد ڪئي؛ ”پيارا
مبارڪون.“
ھاڻي جڏھن ھو ناھي
رھيو ته سچ پچ ته دل اڃا به نٿي مڃي، ته ڪو ھي يار ھليو ويو آھي. اجھو ڪنھن ڪھاڻيءَ
تي ڊسڪس ڪيائين. اجھو ڪو ميسينجر ۾ ميسيج ڪيائين. ڪنھن وڏي اديب جي رويي جي شڪايت ڪيائين.
۽ پڇندو ته؛ ”چوٿين ڪھاڻي ڪانفرنس ڪڏھن ٿو ڪرائين؟“ مان ضرور ايندس ۽ اجرڪ ڪلھن تي
رکي اچي ميزبان ٿيندس.................
الوداع منھنجا دوست
الوداع........
(ابراھيم کرل جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)
ميان گل محمد ڪلهوڙو
مرحوم ڦ ڦيٿو جو ليکڪ - وڇوڙي
جو ورلاپ
حسيب ڪانهيو
ها، دل ته ڪنهن جي
به ڪونه ٿي مڃي، پر هاڻي ڪنهن مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڪو به فرق ناهي پوڻو. اها هڪڙي
حقيقت آهي ته وقت گذري چڪو، ميان گل محمد ڪلهوڙو گذاري ويو.
ميان گل محمد جي
زندگي جا ڪيئي رُخ هئا. انڪري هُن جو ائين اوچتو هليو وڃڻ ڪيترن ئي مڪتبه فڪر جي
ماڻهن کي مُنجهائي پريشان ڪري ويو. قد جو قدوار، ڏسڻ جو سهڻو ۽ ڳالهائڻ جو مٺڙو هي
ماڻهو، پنهنجي نالي جيان واقعي به گل ئي هو ۽ هن جي خوشبو ٿوري ئي عرصي ۾ وطن جو وڻ
وڻ واسي ڇڏيو هو. هُو کيسي جو کڻي جو فقير هو پر دل جو وڏو امير شخص هو. هن جي
اوطاق توڙي جو ڪکن ڪانن جي هئي پر اتي آئي ڏينهن ميلو متل رهندو هو. هتي هُو روحل،
عظيم، شير محمد ۽ ٻين سان رهاڻيون به ڪندو هو ته وڏيون وڏيون ثقافتي مچ ڪچهريون به
مچائيندو هو.
هن جي ملڪيت گهڻي
عرصي تائين ته ٻني جي چند ايڪڙن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو، جنهن ۾ هُو آخر
تائين ٻج ڀاڻ کان ويندي لڻڻ کڻڻ تائين پنهنجين هارين سان گڏ پاڻ به جُتيل رهندو
هو. ڪجهه ئي عرصو اڳي، ۲۰۱۴ع ۾ کيس پرائمري ماستري ملي هئي بس. ايترن محدود وسيلن
جي باوجود به ميان جي مصروفيتن ۽ سرگرمين جو ڪو ڪاٿو ڪونه ڏسبو هو. هُو سنڌ جي هِن
ڇيڙهي کان هُن تائين مختلف پروگرامن ۾ نظر ايندو هو. سماجي مسئلن کان ويندي مذهبي
انتهاپسندي جي معاملن تائين به هن ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچي کان ويندي عمرڪوٽ
جي پريس ڪلبز تائين وڃي پهچندو هو. ميان گل محمد ڪلهوڙو، سنڌ جي حڪمران رهيل ڪلهوڙا
خاندان جو فرد هو سو ان حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته توڙي جو وقت جي وِيرن کانئس
دنيا جي بادشاهي ته کسي ورتي هئي پر دل جي بادشاهي کانئس ڪو به کسي نه سگهيو هو.
هُو بک ڏک ۾ بادشاهه رهيو هو.
ميان گل محمد ڪلهوڙو
هڪ سٺو اديب هو. اهو ضرور هو ته هُو جڏهن ڪا نئين ڪهاڻي، ڪو نئون مضمون، ڪالم يا
شعر وغيره لکندو هو ته پوءِ جلد از جلد ڇپائي لاءِ موڪليندو هو پر ائين هرگز نه هو
ته ڪو هُو رڳو ڇپجڻ جي حد تائين لکندو هو. هُن وقفي وقفي سان ۽ ٿورو ٿورو لکيو پر
فضول نه لکيو. هن جون ڪتاب جيتريون ڪهاڻيون، درجن کن مضمون ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪي
نظم غزل سنڌي ادب جي جهول ۾ به گلن مثل آهن. هن جي خواهش هئي ته سندس ڪهاڻي ڪتاب
اچي ۽ اهو ڪم مرحلي ۾ به هو پر بدقسمتي سان سندس زندگي ۾ اچي نه سگهيو.
ميان گل محمد ڪلهوڙو
رڳو اديب نه هو. رڳو ٻولي جو چاهيندڙ نه هو پر ادب جي ميدان ۾ عملي طور به وڏو
متحرڪ ماڻهو هو. اسان جي ڊويزنل شهر ميرپورخاص جي سنڌي ادبي سنگت وڏي عرصي کان گهوٽالي
جو شڪار هئي. پر تازو ئي گذريل چونڊن جڏهن هي سيڪريٽري چونڊجي ويو ته پوءِ هن ان
اضطراب کي ٽوڙيو ۽ صفدر جي آستاني تي ادبي سنگت جون دستوري گڏجاڻيون مقرر وقت تي
پوري تسلسل سان قائم ڪيائين. افسوس آهي، هاڻي وري گل نه رهيو آهي. وري هتي ڄنڊا پٽ
شروع ٿي ويندي. گل سنڌي ادبي سنگت کي به ٽن سالن جي ننڍڙي مرادياب جيان اڪيلو ڪري
ويو آهي.
گل ڪلهوڙو جي
سرگرمين جا ميدان توڙي جو کوڙ سارا هئا پر هن جي جسم تي کل هڪڙي ئي هئي. هن جي
چهري تي ٻيو چهرو نه چڙهيل هو. هُو جهڙو اندر هو تهڙو ٻاهر. نه رڳو غلط کي غلط چوڻ
جي جرئت رکندو هو پر درست کي درست تسليم ڪرڻ جي سگهه به منجهس موجود هئي. هو قومي ڪمن
۾ به سدائين اڳين صف ۾ هوندو هو. سيد کان ويندي آريسر تائين هُو قومي لڏي سان به
سلهاڙيل رهيو. هتي ميرپورخاص جي بدنامِ زمانه تعليمي بورڊ ۾ غير سنڌين جي لوڌ جي ڀرتين
خلاف جيڪا تحريڪ هئي تنهن به گل ماڻهن جي گهر گهر کان ويندي ڪراچي تائين جي لانگ
مارچ لاءِ به اسهيو هو پر افسوس جو ماڻهو ٽَڪن ۽ ٽُڪرن تي وڪامي ويا ۽ هي فقير ماڻهو
اڪيلو رهجي ويو. اهڙي ريت هڪ هٿ جي تاڙي وڄي نه سگهي.
اسان جو رجعت پرست
سماج، جنهن ۾ گلن جي ٽڙڻ تي، هوائن جي گهُلڻ تي، ڊيل جي ٽلڻ ۽ مور جي نچڻ تي آڱريون
اُڀيون ٿي ٿي سگهيون اتي هي گل پنهنجي پوري سچائي سان ٽِڙيو، کِڙيو ۽ نروار به ٿيو.
سندس وڏا توڙي جو پيري مريدي وارا به هئا پر هي فڪري نڪتهءِ نگاهه کان نج سائنسي
ماڻهو هو، منطق جو مريد هو. ۽ ان جو برملا اظهار به ڪندو هو.
ٻاهرين تمام گهٽ ماڻهن
کي خبر هوندي ته گل هڪ سٺو ڪرڪيٽر به هو. هُو راند جو شوقين هو ۽ هتي جڏهن اردو ڪمنٽري
ٿيندي هئي اتي گل سنڌي ڪمنٽري شروع ڪئي ۽ اهڙي سهڻي ڪمنٽري ڪندو هو جو آخر تائين
نوجوان کيس پنهنجي ٽورنامنٽس ۾ سنڌي ۾ ڪمنٽري ڪرڻ جي لاءِ گهرائيندا هئا. ائين هتي
ٻيا نوجوان پاڻ به سنڌي ڪمنٽري ڪرڻ لڳا هئا. هُو يارنن جو يار هو، موقعي مهل تي جٿي
ڪٿي پهچي ويندو هو. سنڌي ٻولي جي محبت سندس رڳ رڳ ۾ روڳ جيان پئي ڊوڙندي هئي. فيسبڪ
جي اسٽيٽس کان ويندي ڪنهن ادبي پروگرام تائين ۽ ايف ايم کان اخبار تائين، جتي به ٻولي
جو بگاڙ ڏسندو هو ته همراهه بگڙي پوندو هو. هن کي ٻولي جي بگاڙ تي لکيل پنهنجي ڪهاڻي،
‘مرحوم ڦ ڦيٿو’ ڏاڍي وڻندي هئي. اها ڪهاڻي آهي به ڏاڍي سٺي. مون کي هي سِٽون لکندي
ڏاڍو اطمينان محسوس ٿي رهيو آهي ته اسان جي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ سنڌڙي پاران
گذريل ۲۳ فيبروري تي ٻولين جي عالمي ڏينهن تي هڪ شاندار پروگرام رٿيو ويو هو جنهن
۾ ميان گل محمد ڪلهوڙي کي خاص مهمانن ۾ اسٽيج تي ويهاريو ويو هو ۽ سندس انهي ڪهاڻي
‘مرحوم ڦ ڦيٿو’ تي اسڪولي ٻارن ڊرامي جي انداز ۾ به پيش ڪيو هو. اهو ڏسي هُو ڏاڍو
خوش ٿيو هو. ‘مرحوم ڦ ڦيٿو’ جو ليکڪ ‘مرحوم ميان گل محمد ڪلهوڙو’.
ميان گل محمد ڪلهوڙو
کي ڪلاسيڪل راڳين کان ويندي عوامي فنڪار به ڏاڍا وڻندا هئا، جن ۾ فوزيه سومرو،
سرمد سنڌي، جلال چانڊيو، حيدر رند ۽ ٻيا ڪي شامل هئا. پر انهن سڀني ۾ فوزيه سومرو ڪجهه
سوائي پسند هئس. هن جي مٺڙي آواز، سنڌي جي درست تلفظ جي ادائگي وغيره جي ڏاڍي تعريف
ڪندو هو. هن فوزيه جي ورسي جي حوالي سان اخبار ۾ ڪالم به لکيو.
گل محمد سان ڪيئي ڪچهريون
هيون پر گذريل آخري ڪچهري ۾ جڏهن آئون، آتم مل، ارشاد جوڻيجو، سانگي شبير، رائڌن ڀيل،
قربان شر ۽ ٻيا دوست گڏ وڃي ملياسين ته پنهنجي تاريخ جا داستان کولي ويٺو ۽ گهران
اهو سمورو مواد گهُرايائين جنهن ۾ ڪلهوڙا خاندان بابت تاريخي مواد، پراڻيون
تصويرون ۽ سون جو پاڻي ڏنل فارسي وارا ڪي خط به شامل هئا. اسان کي اهو ڏسي ڏاڍي
خوشي ٿي جو هن اهي سٺي نموني سنڀالي رکيا هئا. پر هُن پُڄاڻان ڳڻتي آهي ته انهن جو
الائي ڇا ٿيندو. اهو تمام ضروري آهي ته هڪ ته گل ڪهلوڙي جو قلمي پورهيو، جيڪو
مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪاوش دنيا جي مئگزين ۾ ڇپيو آهي سو ڪتابي صورت ۾ اچڻ گهرجي
۽ ٻيو وٽس موجود هي تاريخي مواد به ڪنهن محفوظ جاءِ تي محفوظ ڪيو وڃي.
ميان گل محمد ڪلهوڙو
جي زندگي جا ٻيا به کوڙ پاسا هئا جن سڀني کي سندس وڇوڙي متاثر ڪيو آهي پر منهنجي
نظر ۾ سندس وڃڻ کان پوءِ سڀ کا وڏو جيڪو اسان کي نقصان ٿيو آهي سو اهو جو اسان هاڻي
هڪ مثالي استاد کان محروم ٿي ويا آهيون. گل محمد ڪلهوڙو هڪ بهترين استاد هو. هُن ڀيلن
ڪولهين جي ٻارن جي اڪثريت هئي ۽ هُو گهران نڪرندو هو ته به آسي پاسي جي ٻارن سان
سندس موٽرسائيڪل اڳيان پويان تار ٿي ويندو هو. هُو شاگردن کي بي انتها پيار سان پڙهائيندو
هو. سنڌ ۾ ڪيترائي اديب، صحافي ۽ اين جي اوز ورڪر سرڪاري استاد اٿئو، پر اوهان کي ڪنهن
جي به فيس بڪ وال تي شاگرد نظر نه ايندا. پر ميان گل محمد ڪلهوڙو جي وال تي ويندا
ته اوهان کي هُو سڀ کان پهرين استاد نظر ايندو ۽ پوءِ ئي ٻيو ڪجهه. ٻاتن ٻارن جون
وڊيوز، انهن جا اکر ۽ انهن جون ڳالهيون سڀني تائين پهچائيندو هو.
هن جي يارن جو ته ڇيهه
ئي ڪونه هو پر صفدر پنهور کي استادِ اعظم چوندو هو. اڄ اهي سڀ، صفدر، اختر، محمد
خان، هرجي، هالار، مِٺو، عطا، حاجي ساند، روحل ۽ ٻيا کوڙ ته ڏاڍا اُٻاڻڪا آهن ئي
پر انهن سميت ادبي، سياسي ۽ سماجي ساٿي به ڏاڍا ادا آهن. سنڌي ڪهاڻي جو منهن لٿو پيو
آهي. سنڌي ٻولي جو چهرو زرد ٿي پيو آهي. پر اهي سڀ ته هڪڙي پاسي، پر مرادياب ۽
سندس کوڙ سارا اهي معصوم اسڪولي شاگرد ڪيئن گذر ڪندا جن جو ڇپر ڇانوَ هو. هنن جو
همراهه هو گل. يقيناً ويسري جي پرائمري اسڪول ڏي ويندي هاڻي سائين شير محمد پنهور
جا به پير ڳرا ٿيندا ويندا، جو هاڻي ميان گل محمد ڪلهوڙو ناهي رهيو.
خبر ناهي، ته هن
زندگي سان وفا نه ڪئي يا زندگي هن سان بيوفائي ڪري وئي. پر هن جي وڃڻ سان اسان جو
اجتماعي طور وڏو نقصان ضرور ٿيو آهي. هن جي وفات تي ڪيترن ئي دوستن مختلف جاين تان
ڳالهايو پر هر ماڻهو اهو ٿي چيو ته، “يار اسان فيسبڪ تي پڙهيو آهي پر يقين نٿو
اچي، ڇا واقعي ميان گل محمد گذاري ويو ڇا؟؟”
مون سان آخري ڀيرو ڪجهه
ڏينهن اڳ فون تي ڳالهايو هئائين ۽ چيو هئائين ته ۲۳ مارچ تي سنڌي ادبي سنگت پاران
رٿيل احتجاج پاڻ سنڌڙي ۽ ميرپورخاص شاخ واري دوست گڏجي ميرپورخاص پريس ڪلب تي ڪريون.
پر پوءِ آخر تائين (۲۴ مارچ) خبر ناهي ڇو هن پاران ڪا ورندي ئي ڪانه آئي!
(ڏھاڙي ڪاوش جي ۳۱
مئي ۲۰۲۱ع تي مئگزين ۾ ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا