; سنڌي شخصيتون: سڪندر علي مهيري

30 May, 2021

سڪندر علي مهيري

سڪندر علي مهيري

موچاري منزل جو متلاشي نوجوان

اعظم ڀٽي



مسلسل محنت ۽ جاکوڙ جو پنڌ ڪڏهن به اجايو نٿو وڃي، جيڪي فرد مقصدن جي حاصلات لاءِ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ وارو سفر طئه ڪن ٿا، تاريخ انهن جي سفر ۾ سڦلتا جا گُل ضرور نِڇاور ڪري ٿي. سڦلتا جا اُهي گُل ئي اُتساهه جو هڪ وڏو وسيلو بڻجي ويندا آهن. جيڪو اُتساهه نه رڳو مقصدن جو معراج نصيب ڪري ٿو پر منزل جي تقدس جي به پروڙ مُيسر ڪري ٿو. ڪي فرد هڪ خاص مقصد کي منزل سمجهي اُتي ئي بيهي رهندا آهن ته ڪي وري پنهنجي منزل جو تعين اڃا به الڳ ۽ منفرد انداز ۾ ڪرڻ چاهيندا آهن، اُهي ئي فرد جاکوڙ جا جبل جهاڳيندا رهندا آهن. جيسيتائين ڪا موچاري منزل سندن وجود کي تسڪين جون بهارون ارپي! جڏهن تسڪين جون بهارون، وجود لاءِ ڪنهن خوشبوءَ جو سُندر پيغام کڻي پهچنديون آهن ته اهي وجود نه رڳو ٻهڪڻ لڳندا آهن پر انهن وجودن ۾ جُستجُو جو جذبو اڃا به وڌيڪ متحرڪ بڻجي ويندو آهي. 


مونکي يقين آهي ته اسانجي هن دوست جي جُستجُو جو جذبو به ماٺو ٿيڻ بجاءِ اڃ به وڌيڪ مُتحرڪ بڻجندو، جنهن کي اسان سڀ سڪندر مهيري جي نالي سان سُڃاڻون ۽ پُڪاريون ٿا. جيڪو سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي هڪ علائقي مان قلم کڻي نڪتو ۽ ڪراچيءَ جهڙي عالمي شهر ۾ فائيلن جي دُنيا ۾ في الحال وڃي ٿانيڪو ٿيو آهي. 

سڪندر علي مهيري ۱۵ مارچ ۱۹۸۹ع تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي يونين ڪائونسل غلام شاهه باگراڻي (مويا) جي ڳوٺ ونگائي مهيري ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو پير بخش مهيري آهي، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين، ۲۰۰۶ع ۾ عاصم هائير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ پاس ڪري، اُتان ئي ۲۰۰۸ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيائين، مير غلام علي خان ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان بي اي ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ بيچلر آف سائنس جي ڊگر حاصل ڪيائين، ۲۰۱۴ع ۾ سوشيالاجي ۾ ايم اي ڪيائين، تعليم کاتي ۾ پهريائين پي ايس ٽي طور ڀرتي ٿيو، جنهن بعد ۲۰۱۴ع ۾ اين ٽي ايس جي امتحان وسيلي تعليم کاتي ۾ ئي جي ايس ٽي طور ڀرتي ٿيو. گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول غلام شاهه باگراڻي (مويا) ۾ بهترين استاد طور تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. 

تعليم جي ميدان ۾ هُن اُتي ئي بَس ڪري پنهنجي مقصد کي محدود ٿيڻ نه ڏنو، درس ۽ تدريس سان سندس لنئون لڳل ئي رهيو. پڙهائڻ سان گڏوگڏ هُو پڙهڻ واري مُومل کي به پنهنجي ٻَکن مان آجو نه ڪري سگهيو، سِڪ ۽ اُڪير جي انهن ٻَکن جو نتيجو اهو نڪتو جو هُن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪمبائينڊ ڪامپيٽيٽِو ايگزامينيشن جي تياري ڪري جولاءِ ۲۰۱۸ع ۾ پنجاهه هزار شاگردن جي اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ ڪاميابيءَ جو پهريون ڏاڪو پار ڪري ورتو، جنهن ۾ پنجاهه هزار اُميدوارن مان صرف پنج هزار اُميدوار ڪامياب ٿيا. نومبر، ڊسمبر ۲۰۱۸ع ۾ انهن پنج هزار شاگردن جو امتحان ٿيو، جنهن جو نتيجو جون ۲۰۱۹ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ صرف پنج سئو اُميدوار ڪامياب ٿيا، جن خوشنصيبن ۾ سڪندر علي مهيري جهڙو باهمت نوجوان پڻ شامل هو. ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۱۹ع تي انهن ڪامياب اُميدوارن جي سفارش سنڌ حڪومت کي موڪلي وئي، جن کي جنوري ۲۰۲۰ع ۾ آفر آرڊر جاري ٿيا ۽ مئي ۲۰۲۰ع ۾ انهن جا پوسٽنگ آرڊر جاري ڪيا ويا. ۲۱ مئي ۲۰۲۰ع تي هُن سنڌ حُڪومت جي زراعت، سپلائي ۽ پرائيز ڪنٽرول کاتي ۾ سترهين گريڊ ۾ سيڪشن آفيسر طور جوائننگ ڪئي آهي. 

کيس علم، ادب سان چاهه ۽ مطالعي سان تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي، وقت بوقت علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ننڍي ڄمار ۾ وسيع تعلقاتن جو جهان جوڙيو اٿس، سنڌي اخبارن ۾ ڪجهه ڪالم پڻ لکيائين. پنهنجي ڄاڻ موجب مختلف موضوعن تي علمي بحث مباحثن ۾ حصو وٺڻ به سندس خاص مشغلو رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو انهن بحث مباحثن واري ڪِرت مان ئي سندس لاءِ اُتساهه جا ڪيئي سِتارا جرڪي پيا. جن منجهس موچاري منزل جي تلاش واري جذبي کي وڌيڪ جاڳايو. هي نوجوان سنڌ جي منفرد پليٽ فارم “حق موجود سٿ” سان پڻ سلهاڙيل رهيو، جنهن سٿ نامياري صحافي نثار کوکر جي سرواڻي ۾ سموري سنڌ ۾ “باغين سان شام” ملهائڻ واري منفرد روايت قائم ڪئي. ان کان علاوه هُو حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو آهي. ۲۰۱۹ع ۾ ايڇ ايل ايف ۾ بهترين نموني سان پنهنجو پاڻ ملهايائين. سڪندر مهيري ٽنڊو محمد خان جي ميران محمد شاهه ميونسپل پبلڪ لائبريري ۾ ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جي کوٽ واري مامري ۽ لائبريري کي فعال بنائڻ واري تحرڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪتابن سان دوستيءَ ۽ علم ۽ ادب سان چاهه سبب آگسٽ ۲۰۱۸ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ميمبر بڻيو، جتي سِکڻ ۽ سيکارڻ وارن ادبي ڪلاسن ۾ حصو وٺندو رهيو، انهن ادبي ويهڪن ۾ هُو پنهنجا اصلاحيءَ ۽ تنقيدي جوهر پڻ جرڪائيندو رهيو. ٻالڪپڻ کان وٺي، هن وقت تائين سندس زندگيءَ جي گُذاريل گهڙين ۾ هاڻي سندس ڪيڊر ۾ تبديلي ضرور آئي آهي، ان سان گڏوگڏ سندس سوچن، عمل ۽ ڪردار ۾ تبديلي به يقيني آهي. جنهن تبديليءَ جو مثبت پهلو به يقينن مستقبل ۾ نمايان ضرور ٿيندو. 

بيوروڪريسيءَ جي بنيادي ڏاڪي تي سندس پهريون قدم سندس لاءِ، سندس خاندان لاءِ ۽ سندس دوستيءَ جي حلقي لاءِ خوش آئند قدم ئي آهي، پر سندس لاءِ به امتحان جي هڪ گهڙيءَ ضرور آهي، ڇاڪاڻ جو اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اُتي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن جي ڏُکن، دردن ۽ مُشڪلاتن جو جهان به تمام گهڻُو وسيع آهي. جنهن وسيع جهان مان هُو به سفر ڪري ان منزل تي پهتو آهي. سڀاڻي هُن کي انفرادي ترقيءَ جا ڏاڪا به طئه ڪرڻا آهن، جنهن انفرادي ترقيءَ کي اجتماعي ترقيءَ ۾ تبديل ڪرڻ وارا مرحلا ئي سندس حقيقي امتحان ثابت ٿيندا. ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته هُو نه رڳو هن معاشري جو ذميوار فرد آهي، پر هڪ وطن دوست ۽ باڪردار فرد آهي، جنهن کي هن ديس جي مسڪين مارُو ماڻهن جي سمورين مُشڪلاتن جي پروڙ به چڱيءَ ريت آهي. بيوروڪريسيءَ جا مجموعي طور گهُربل لوازمات به اڻانگي سفر جي وِٿ آهن. ان اڻانگي سفر ۾ هُن کي ديس جي دردن، مارُو ماڻهن جي مشڪلاتن کي به هر صُورت ۾ مُنهن ڏيڻو پوندو. سندس اهو ڪردار ئي سندس موچاري منزل جو حقيقي منصف هوندو. ان ڪردار جي حوالي سان هُو علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙن ناميارن ڪردارن جي زندگيءَ، عمل، سوچ کان به بخُوبي واقف آهي، سندس ڪردار، سندس خاندان، سندس دوستيءَ جي حلقن توڙي ديس جي دردن جي تناظر ۾ کيس اُهي سموريون خُوبيون پنهنجي جهول ۾ جهلڻيون پونديون. جيڪو جهول جڏهن تاريخ جي آڏو ڇنڊبو ته يقينن ان جهول مان شاندار خدمت جا جرڪندڙ موتيءَ ئي ڇڻندا. ٻي صورت ۾ بيوروڪريسيءَ جي دُنيا ۾ ڪيترا ئي ڪردار آيا، جن مان ڪي فائيلن ۾ دفن ٿي ويا ته ڪي تاريخ جي پَنن ۾ پنهنجي مهانتا ماڻي ويا. گهٽ ۾ گهٽ سڪندر مهيري مان اسانکي ان مهانتا واري ڪردار جي اُميد آهي، جيڪا هن دردن ڀري ديس کي سُڃاڻپ جو ڪو نئون حوالو ڏئي سگهي!! 

No comments:

راءِ ڏيندا