حضرت غوث الحق مخدوم
سرور نوحؒ
مشھور ولي ۽ روحاني شاعر
نور سنڌي
عظيم بزرگ هستي
صاحبِ ڪرامت و فتوح، نامور شاعر حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رح، حضرت ابو بڪر
صديق رضه جي فرزند حضرت محمد بن ابي بڪر رضه جي اولاد مان آهن. پاڻ ۲۷ ماههِ رمضان مبارڪ هجري سنه ۹۱۰ آخري جمعي جي ڀلاري رات تولد ٿيا. مخدوم
نوح رح جو پڙڏاڏو حضرت شيخ فخر الدين ڪبير وڏو عرب ملڪ مان لڏي پنجاب جي مشهور شهر
دره غازي خان جي ڀرسان ڪوٽ ڪروڙ پڪا ڳوٺ ۾ اچي رهيو. ڪوٽ ڪروڙ هن وقت وڏو شهر بنجي
ويو آهي. هن شهر ۾ ڪيترن ئي بزرگن جون درگاهون آهن، جتان بعد ۾ نڪري سفر ڪندي سنڌ
جي بوبڪ شهر ۾ اچي رهيو. سندن آخري آرامگاهه به اتي ئي آهي. ڪافي عرصي بعد سندن پوٽو
مخدوم فخر الدين صغير ڪوٽ ڪروڙ مان لڏي هالاڪنڊي هالا ۾ اچي رهيو. هالا ۾ ڪيترن ئي
ڪرامتن جهڙا ڪم ڪيائين. حضرت مخدوم نوح رح جن جي ولادت باسعادت جون پيشنگويون به ڪيترن
ئي درويشن ڪيون هيون، سندن والد مخدوم نعمت الله رح جڏهن ۲۵ سالن جي ڄمار جو هو، اڃا سندس شادي به نه ٿي
هئي ته ان وقت جي مشهور بزرگ حسو فقير چاڪي جو چاچو مجذوب فقير هوندو هو. اهو جڏهن
به هالا شهر ۾ ايندو هو ته گهٽين بازارن ۾ چوندو وتندو هو ته هن شهر ۾ جلد ئي
زماني جو غوث الله سائين خلق کي فيض بخشڻ وارو بزرگ پيدا ٿيڻ وارو آهي. جڏهن ته
مشهور بزرگ حضرت فقير نوح هوٿياڻي جي پوٽي ننڍي فقير نوح هوٿياڻي ۽ ٻين بزرگن به
مخدوم نوح رح بابت بشارتون مشهور ٻڌايون.
مرزا قليچ بيگ جيڪو
سنڌ جو وڏو محقق ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي، ان وري پرائمري ڪورس جي ڪتابن ۾ لکيو آهي ته
ڪامل بزرگ فقير نوح هوٿياڻي مخدوم نعمت الله رح جن کي چيو ته منهنجي مئي پڄاڻان
پنهنجي فرزند جو نالو ”نوح“ رکجو ۽ فقير جي رضا ڪرڻ بعد پنهنجي فرزند جو نالو
مخدوم نوح رکيو. شيخ ڀڙڪيو ڪاتيار جيڪو مخدوم نعمت الله رح جن جي وقت ۾ هڪ وڏو ڪامل
درويش هوندو هو. اهو درويش هر ماڻهوءَ کي اهو ٻڌائيندو هو مخدوم نعمت الله کي لطف
الله نالي هڪڙو فرزند پيدا ٿيندو، جنهن کي حق تعاليٰ جو دائمي ديدار حاصل رهندو.
روايت آهي ته حضرت مخدوم نوح رح پنجن ڏينهن جا هئا ته ٻانگ ٻڌڻ کانپوءِ صاف زبان
سان ڪلمون شهادت پڙهيائون، جنهن کي سوين ماڻهن ٻڌو. سندن ديني تعليم قرآن پاڪ پڙهڻ
وقت عمر بابت مختلف رايا آهن، ڪن ڪتابن ان وقت سندن عمر ست سال، ڪن ڏهه سال ۽ ڪن ڪتاب
چوڏهن سال لکي آهي. سندن استاد مخدوم عربي عرف مخدوم شاهه ڏنو هو، جو ان وقت جو ڪامل
عارف بزرگ هوندو هو ۽ قرآن پاڪ اهڙو ته مٺڙي آواز سان پڙهندا هئا جو چون ٿا ته پکي
به قطارون ڪري اچيو ويهندا هئا. واٽ ويندڙ ماڻهو بيهي رهندا هئا. هي بزرگ حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو نانو هو. حضرت مخدوم نوح رح صرف ۲۵ سيپارا ياد پڙهيا. ڪن ڪتابن لکيو آهي ته
روايتون آهن ته پاڻ ٻه ٽي فقه جا ڪتاب به پڙهيائون. ظاهري علم جي لحاظ کان فقط
قرآن شريف پڙهيل هئا پر هر سوال جو جواب جدا جدا اهڙي علمي نموني ۾ ڏيندا هئا جو وڏا
وڏا عالم علماءَ طلباءَ سندن علمي لياقت جي امتحان لاءِ اچي موجود ٿيندا هئا. پاڻ
ان موقعي تي هڪ آيت جون ايتريون ته معنائون فرمائيندا هئا جو سڀ حيران ٿي ويندا
هئا. ٻي روايت آهي ته هڪ دفعي مصالحين جي هڪ وڏي جماعت حضرت مخدوم صاحب جن کان
قرآن پاڪ جي ڏکين آيتن جي معنيٰ سمجهڻ جو ارادو ڪري سندن خدمت ۾ آيا، جن جي اچڻ
کانپوءِ مخدوم نوح رح صاحب عالمن کي فرمايو ته عالمن کي گهرجي ته هو علم جو بيان ڪن
ته ٻين کي فائدو رسي. ان کانپوءِ پاڻ زبان فصيح سان بيان ڪرڻ لڳا، ۳۴ تفسيرن جا نالا وٺندي فرمايائون ته فلاڻي
تفسير ۾ هن ريت آهي ۽ فلاڻي ۾ هن ريت آهي. ان کانپوءِ حقيقت ۽ طريقت جون معنائون
بيان فرمايون. آخر ۾ عالمن عرض ڪيو ته اسان جي حق ۾ دعا ڪرڻ فرمايو ته پاڻ
فرمايائون ته آئون الحمد ٿو پڙهان، اوهان آمين چوندا وڃو. پاڻ فرمايائون ته اهڙا
به فقير آهن جي ساري ڄمار سورت فاتحه جي معنيٰ ڪندا رهن ته پوري نه ٿيندي.
روايتون آهن ته وقت
جي حاڪمن مان مرزا محمد باقي جيڪو مشهور زمانه به هو، سندن خدمت ۾ ٻه دفعا مخدوم
نوح رح جي مريدن وٽ روحاني سفر دوران ٺٽي ويو ته هو اتي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو.
مرزا باقي به سندن زماني ۾ گاديءَ تي ويٺو. مرزا باقي جو وڏو فرزند مرزا بابنده
خان جيڪو چريو هو، جنهن ڪري هو گادي تي نه ويهاريو ويو پر سندس پٽ مرزا جاني
گاديءَ تي ويهاريو ويو. هڪ ڪتاب ۾ آهي ته مرزا بابنده خان کي مخدوم نوح رح جي خدمت
۾ دعا لاءِ آندو ويو ته کيس بيماريءَ کان شفا ٿي، مگر پاڻ ڪابه توجه نه ڏنائون. ڇاڪاڻ
جو ان شخص مخدوم، لعل شهباز جي مزار ۾ هڪ دفعي هڪ عورت سان هٿ چراند ڪئي هئي جنهن ڪري
هن تي ديوانگي هميشه لاءِ قائم رهندي آئي. مخدوم صاحب جن شريعت جا ايترا ته پابند
هئا جو ڪڏهن به نماز جماعت کانسواءِ ادا نه ڪيائون. بهاءُ الدين گودڙي کان نقل آهي
ته هڪ دفعي مخدوم نوح صاحب ٺٽي جي جامع مسجد ۾ تشريف فرما ٿيا. جمع جي نماز
کانپوءِ اٽڪل هڪ هزار ماڻهو معرفت ۽ ولايت کي پهتا جن مان حضرت صابر سومرو، شيخ
تاجن، شيخ حبيب ۽ سيد عبدالڪريم بلڙي وارو مشهور بزرگ هئا، جن کي ڪشف ڪرامت سان سڄي
سنڌ سڃاڻي ٿي. انهن وٽان هزارين ماڻهو معرفت جو رستو سکي پنهنجي ڪماليت کي رسيا
آهن. حضرت مخدوم نوح رح جن فرمائيندا هئا، مونکي حضور ڪريم صلي الله عليه وآله
وسلم جن وٽان چار شيون عطا ٿيون آهن، هڪ ذڪر جو سبق، ٻيو قرآن شريف جو تفسير، ٽيون
حديث جي سمجهاڻي، چوٿون خواب جي تعبير.
پاڻ چوندا هئا ته ڪنهن
ظالم کي به پِٽ پاراتو ڪرڻ ناجائز ۽ درست ناهي. ظالم جي حق ۾ هيءَ دعا گهرڻ گهرجي،
اي منهنجا رب فلاڻي کي مخلوق تي رحمدل ڪر ته خلق سان نرم دل ٿي هلي. سنڌ جي حاڪم
مرزا محمد باقي تي مغل بادشاهه اڪبر ڏاڍو ڏمريو هو، سو مرزا کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ
سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليو. اڪبري فوج سنڌ ۾ قتل غارت ڪندي اڳتي وڌي رهي هئي. ماڻهو
حضرت نوح جن وٽ فريادي ٿي آيا. پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ عافيت بخير ڪندو. آخر
اها فوج هالا ويجهو اچي پهتي، جنهن ڪري شهر وارا ماڻهو وٽن اچي حاضر ٿيا ۽ سمورا
حال اچي پيش ڪيائون. پاڻ ٿورڙي چپٽيءَ مٽي گهرائي تريءَ تي رکي هڪ دعا پڙهي فوج ڏانهن
ڪيائون، جنهن سان اها فوج انهيءَ وقت اتان پوئتي هٽڻ لڳي ۽ اهڙي ته ڀڳي جو پنهنجو
ساهه وڃي هندستان ۾ کنيائون. بادشاهه اڪبر لشڪر جي ڀاڄ جو سبب معلوم ڪرڻ گهريو،
جنهن تي فوج جي سربراهن چيو ته هالن جي لڳ طوفان دهشت طاري ٿيو، جنهن ڪري جانيون
بچائي اچي هتي پهتا آهيون. ان وقت شاهي درٻار ۾ ڪو درويش ويٺو هو، ان عرض ڪيو ته
اهو ڪنهن ولي الله جي ڪرامت جو ڪرشمو آهي. ان کانپوءِ اڪبر بادشاهه ٻيهر فوج
عبدالرحيم خان خانان جي سرڪردگي هيٺ موڪلي ۽ مخدوم نوح جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو به حڪم
ڪيو، ليڪن عبدالرحيم خانان جي هالا پهچڻ کان اڳ حضرت مخدوم نوح رح هن فاني دنيا
مان لاڏاڻو ڪيو. ان وقت سندن عمر ۷۷ سال هئي. پاڻ پيرسن ٿي وڃڻ جي باوجود پاڻمرادو هلندا هئا.
وصال وقت کين ڪا به بيماري نه هئي، ۲۷ ذوالقعد ۹۹۸هه بمطابق ۱۵۸۴ع تي جمع جي رات سوهماڻي جي نماز مسجد ۾ باجماعت ادا ڪيائون.
ان بعد حرم سرا اسهيا، مسجد شريف جي دروازي جو ڪڙو هٿ ۾ جهلي هي بيت چيائون:
نه سي جوڳي جوءِ ۾،
نه سا سکي چات،
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي
ويل پراڻا.
حويلي ويجهو دروازي
تي پهتا ته هي بيت چيائون:
ابوبڪر آءُ، سامين
سفر سنڀاهيو،
متان ٿي پنان،
سارين سنياسين.
اهڙا بيت ڏيندي به ڪنهن
کي اهو گمان نه هو ته پاڻ وصال ويجهو آهن، ڇو جو پاڻ وقت به وقت موقعن جي مناسبت
سان پنهنجا بيت، ڏوهيڙا ائين پيا ڏيندا هئا، مگر ابوبڪر شاهه لڪياري رحه هڪڙو الله
جو بزرگ هو ۽ حضرت مخدوم نوح رحه جو خاص پيارو هو. ان کي ڪشف ذريعي حقيقت معلوم ٿي
وئي ۽ هي بيت چوندي ڳوٺان نڪتو ۽ اچي حاضر ٿيو، ”اچان ٿو اچان، ڪج ذرو ڪا جٽا،“
مخدوم نوح رحه جي هدايت تي سندس وصال بعد صبر ۽ سڪونت ۾ رهڻ ڪري رات گذري وئي. کين
۱۲ فرزند هئا ڪجهه نياڻيون هيون، سندس ۴ شاديون هيون. حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح
رح جن جو عرس مبارڪ ھالا ۾ اڄ رات کان سڀاڻ تائين ملھايو پيو وڃي، جنھن جو افتتاح
درگاه جو سجاده نشين مخدوم جميل زمان ڪرڻ فرمائيندا.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۱۱ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
[ ۱۵۰۵ع – ۱۵۸۹ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سر
زمين سنڌ جو عظيم فرزند، ”نو لکي گودڙيءَ وارو بزرگ“، سنت و اثقا جو ڪامل نمونو،
عارف ۽ ديني تعليم و تربيت جوگهارو، غوث الحق مخدوم لطف الله المعروف مخدوم نوح
ولد مخدوم نعمت الله صديقي قريشي، جمع جي رات ۲۷
رمضان المبارڪ ۹۱۱هه مطابق ۱۲ آگسٽ ۱۵۰۵ع تي، بيبي سڪينه جي بطن مان، هالا ڪنڊي (هالا) ۾ ڄائو
هو. سندس نسبي سلسلو ايڪويهين پشت ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضه (۵۷۲ع – ۶۲۴ع)
جن سان وڃي ملي ٿو. سندس ولادت بابت حسو فقير چاڪي، مجذوب ٽوڙي ۽ شيخ ڀرڪيو ڪاتيار
رح جهڙن بزرگن، مجذوبن ۽ عالمن سڳورن جون پيشنگويون ٿيل هيون، ته ”جلد اهڙو نينگر
پيدا ٿيندو؛ جنهن کي هر دم حضور حاصل هوندو“– سچ پچ ٿيو به ائين.
مخدوم
نوح رحه جو جد- امجد شيخ فخرالدين ڪبير عرب مان هجرت ڪري ديري غازي خان جي ڳوٺ
”ڪوٽ ڪروڙ“ ۾ اچي رهيو. هي ڳوٺ خداوارن جو اڳ ئي رهائشگاه هو، ويتر شيخ فخرالدين
رح جي اچڻ سان ولايت جو مبنع بڻجي ويو. ڳچ سالن بعد شيخ صاحب سياحت جي خيال سان
گهمندو ڦرندو اچي بوبڪن ۾ نڪتو. بوبڪ انهن ڏينهن ۾ بزرگن ۽ عالمن جو مسڪن هو؛ جنهن
ڪري شيخ فخرالدين به هتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪندي، باقي زندگي دين جي تبليغ ۾
گذاري. ڪافي ڪرامتون کانئس سرزد ٿيون. هوڏانهن سندس اولاد مان مخدوم فخرالدين
صغير، ڪوٽ ڪروڙ ڇڏي اچي هاله ڪڊيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. وڏو عارف، عابد ۽ زاهد شخص
هو؛ جنهن ڪري ڪيترائي لاکا، ميمڻ، سومرا ۽ ٻيا مقامي باشندا سندس پوئلڳ بڻيا. سندس
پونيرن لاکن ۽ سومن مان شاديون ڪيون هيون.
مخدوم صاحب جو ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين وقت نهات
پرهيزگاري سان گذريو آهي. سندس ابتدائي اُستاد مخدوم شاهد ڏنو عرف عربي ڌيانه رحه
هو؛ جنهن وٽان ۲۵ سيپارا، وهب ۽ عطا، عام لدني ۽ فقہ جا چنڊ ڪتاب پڻ
پرهيو هو. ايترو ته ذهين هو؛ جو سندس استاد ۽ هم سبق شاگرد به سندس علمي بصيرت تي
دا ڏيندا هئا. هڪ دفعي پاڻ کين ٻڌايو هئائين، ته ”مون کي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت
محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن وٽان چار شيون عطا ٿيون آهن: ذڪر جو سبق، قرآن
جو تفسير، حديث جو فهم ۽ خواب جو تعبير“. سندس سلسله- طريقت ”سهروردي اويسي” هو.
شروعات
۾ شاديءَ جو خيال ترڪ ڪيو هئائين، پر پوءِ سنت نبويءَ جي پيرويءَ کي افضل ڄاڻي،
چاليهن ورهين جي عمر ۾، سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ جي همشيره بيبي زليخان سان پهرين
شادي ڪيائين؛ جنهن مان: محمد امين، حامد ۽ نور محمد، احمد ۽ چئن نياڻي جو اضافو
ٿيو. بيبي زليخان (۹۵۶هه - ۱۵۴۹ع) ۾ وفات ڪئي؛ جنهن ڪري ٻي شادي چوهاڻ قوم مان ٿيس؛
جنهن مان: ابراهيم، ميران محمد ۽ جلال محمد ڄاوا. ٽين شاديءَ مان: موسيٰ، آدم،
هارون، دائود ۽ يوسف پيدا ٿيا؛ پڇاڙيءَ واري (چوٿين) شاديءَ مان کين ڪوبه اولاد نه
ٿيو. پاڻ ۸۵ ورهين جي عمر ۾ جمع جي رات ۲۷
ذوالقعد ۹۹۸هه مطابق ۲۱ نومبر ۱۵۸۹ع تي هالا ۾ وفات ٿي. سندس وصيت موجب غسل جي سعات فقير
عبدو ڪيريو کي نصيب ٿي. غسل بعد ۷۱ دفعا جنازه نماز پڙهي ويئي. آخر جمع جي نماز بعد کيس
ڳوٺ ۾ هميشہ هميشہ لاءِ آرامي ڪيو ويو. ٻارهن سالن بعد وڏيءَ ليٽ ۾ سندس جسم خاڪيءَ
کي ڪڍي، نئين ڳوٺ ۾ دفنايو ويو. جتي سندس عاليشان مقبرو، سندس پوٽاڻ مان پنجين
سجاده نشين مخدوم محمد زمان (۱۲۰۵هه - ۱۷۹۰ع) ۾ تعمير ڪرايو هو. سندس ڏاکڻي طرف مخدوم مير محمد جي
تربت آهي، جيڪا مير فتح علي خان ٽالپر (۱۲۱۰هه - ۱۷۹۵ع) ۾
تعمير ڪرائي هئي. اتر طرف مير ڪرم علي خان (۱۲۲۲هه -
۱۸۰۷ع) ۾ جامع مسجد جوڙائي آهي. هر سال ذوالحج جي پهرين سومر
تي مٿس ميلو وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو آهي، جتي ذڪر و فڪر، مولودن ۽ مداحن جي محفل
سان گڏ ”ڏهر“ جي پالوٽ ۽ سماع جي محفل منعقد
ٿيندي آهي.
مخدوم
صاحب ”نو لکي گودڙيءَ“ جو مالڪ هو. سندس خيال
سنت نبويءَ موجب هئا. طريقت جاذب، سادي ۽ فقيراڻي اُٿڻي ويهڻي هيس. ٺٺ ٺانگر ۽
طمطراق کان بيزار هو. سندس حلقي ۾ امير خواه غريب، دولت مند ۽ حاڪم پڻ هوندا هئا.
نذر نياز غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. پوشاڪ سادي ۽ اڪثر سائي يا نير ۾ ٻڏل
ڪپڙا پهريندو هو. فقر و فاقو سندس دل جي مرضيءَ موجب هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس گهر ۾
کاڌي لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو، تاهم به شڪر سندس زبان تي هر وقت رهيو. سيد ابوبڪر
شاه لڪياروي، سيد علي شيرازي، فقير رشيدالدين، شاه محمد حسين ۽ ميان بهاؤالدين
گودڙيو سندس خاص خليفن ۾ شمار ٿين ٿا. پاڻ ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين، جن مان فارسي
زبان ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو مثالي حيثيت رکي ٿو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي علمي
مهارت ۽ ادراڪ هوس. شاعري به سٺي ڪئي اٿس.
حوالا
(۱) – فقير
نوح هوتزاني رح (۱۴۱۴ع – ۱۵۰۴ع) جي اشاري سان مٿس ”نوح نالو پيو هو.
(۲) –
”هالا ڪنڊي“، حيدرآباد سنڌ جو قديم شهر آهي، جيڪو موجوده ”هالا“ نالي سان سڏجي ٿو.
کيس مخدوم محمد ٻڌايو هو؛ ۽ شروعات ۾ سندس نالو ”مرتضي آباد“ رکيو ويو. درياه جي
پائيندڙ سببان ڪوه کن جي وڇوٽيءَ تي نئون شهر آباد ڪيو ويو [قديم سنڌ، ان جا مشهور
شهر ۽ ماڻهو – مرزا قليچ بيگ، ۱۹۲۵ع،
صفحو ۵۵]. غالباً ۱۵۹۲ع ڌاري درياهي چاڙهه سبب ”اسلام آباد“ نالي ڀرسان هڪ ٻيو شهر به آبا ڪيو
ويو، جيڪو هينئر ”نوان هالا“ نالي سان سڏجي ٿو [روزانه ”عبرت“ (حيدرآباد)، مورخه ۲–۸–۱۹۵۹ع، صفحو۲ ].
(۱) –
مخدوم نوح بن مخدوم نعمت الله بن مخدوم اسحاق بن مخدوم شيخ شهاب الدين سهروردي (۱۱۴۷ع – ۱۲۲۴ع) بن مخدوم سرور بن مخدوم
فخرالدين صغير بن شيخ عزالدين بن شيخ فخرالدين ڪبير بن شيخ ابوبڪر ڪتاني بن شيخ
اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصرالدين بن شيخ سراج الدين بن سيخ خيرالدين بن ابي
عاصم بن شيخ محمد بن شيخ وحيد الدين بن شيخ مسعود بن ابدي قاسم بن محمد بن
عبدالرحمان بن حضرت ابوبڪر صديق رضه [ماهوار ”الرحيم“ (سيپٽمبر – آڪٽوبر ۱۹۷۶)؛ صفحو ۱۵].
(۴) –
روايتن پٽاندڙ شيخ فخرالدين ڪبير، سيوهڻ شريف ۾ وفات ڪئي هئي. سندس مقبرو قلندر
لعل شهباز رحه سان لڳ چيو وڃي ٿو.
(۵) – مخدوم شاهڏنو عرف عربي ڌيانه رح، پنهنجي
وقت جو وڏو عالم ۽ صاحب - دل هو. هڪ جاءِ تي ويهي هڪ سؤ چاليهه قرآن پاڪ جا ختما
ڪڍيا هائائين. جڏهن قرآن پاڪ پڙهندو هو ته اڏامندڙ پکي ته قطارون ڪري بيهي ويندا
هئا، بلڪ وهندڙ پاڻي به خاموشي وٺندو هو. وڏو ڪرامتي مڙس هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رح (۱۶۸۹ع – ۱۷۵۲ع) جو نسبت ۾
نانو هو. سندس فرزند مخدوم بايزيد (وفات ۹۸۰هه = ۱۵۷۲ع) پڻ سندس
جيان صاحب- ڪشف ۽ ڪرامت هو ۽ پوٽو مخدوم محمد عالم، شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جو
معتقد هو. مخدوم عربي ڌيانه مڪليءَ تي دفن ٿيل آهي. پير آسات سندس سڳو ڀاءُ هو،
جيڪو ”مقام شاه ڌياڻي“ ۾ مدفون آهي.
(۲) –
اُنهن مان بيبي مريم نالي هڪ نياڻي، مٽياروي سادات سيد عبدالله شاه ولد سيد محمد
يعقوب شاه جي نڪاح ۾ ڏنائين؛ ۽ باقي ٽي، پنهنجن عزيزن ۾ آجيون ڪيائين [ماهوار
”الرحيم“ (سيپٽمبر – آڪٽوبر ۱۹۷۶ع)،
صفحو ۲۸].
(۱) –
مخدوم ابراهيم، جيڪو ”سلطان ادهم“ جي نالي سان مشهور هو. فقيري طبيعت ۾ وڏو غوث ٿي
گذريو آهي. سندس آخري آرام گاه خيرپور ميرس ۾ ٽڪرين تي واقع آهي.
(۲) –
”ڏهر“ عام طرح سان ”ڏاڍيءَ مٽيءَ وارا سڌا ميدان“ سڏبا آهن، جيڪي ٿر علائقي ۾
واريءَ جي ٻن ڀٽن (دڙن) جي وچ تي پيل ماٿري يا سخت مٽيءَ واري پٽ کي چئبو آهي. هت
”ڏهر“ مان مراد ”مرشد جي مداح“ آهي. خود سر تاج العشراءُ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح
به انهيءَ مراد سان ”سر ڏهر“ ڳايو آهي.
(۱) –
”سماع“، صوفين جو مخصوص رقص (ناچ) آهي؛ جنهن کي ذڪر ۽ شعل جو طريقو ڄاڻندا آهن.
خاص ڪري نقشبندي طريقي وارا ”سماع“ کي زياده ترجيح ڏيندا آهن. البته سهروردي سلسله
وارن وٽ به ”سماع“ کي خاصي اهميت حاصل رهي آهي. صوفين جي لغت موجب ”سماع“ انسان جي
من جي ميراڻ ميٽي، ڌوٻيءَ جي ڪپڙي جيان اڇو ۽ اُجرو ڪري ٿيو- ”سماع“ ۾ بيت (ڏوهيڙا)
پڙهيا ويندا آهن، جيڪي ”اوٺاڻي“ ۽ ”لاهڻي“ چئبا آهن، جن جو لازمي وراڻو ”لاالله
الاالله“ هوندو آهي [سنڌي انسائيڪلو پيڊيا – ميمڻ عبدالغفور سنڌي (قلمي ۱۹۸۰ع) صفحو ۴۲۲].
(۲) – انهن
ڏينهن ۾ ”سروري سلسله“ سان ۹ لک
ماڻهو وابسته هئا؛ جنهن ڪري مخدوم صاحب ”نو لکي گودڙيءَ“ وارو ڌڻي سڏبو هو.
(۱) –
برصغير ۾ قرآن پاڪ جو هي پهريون فارسي ترجمو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي نگراني ۾
شايع ٿي رهيو آهي.
(۲) – هي
ڳوٺ ۱۸۸۷ع ۾ درياه جي پائيندڙ ۾ نابود
ٿي ويو.
حضرت مخدوم نوح سرور هالائيؒ
زاهد قمر مِسڻائي
حضرت مخدوم نوح هالائيؒ
جا حالات لکندي مون راقم (زاهد قمر مِسڻائي) جي محترم استاد حضرت علامه عبدالڪريم
لغاري پنهنجي تصنيف “مرد قلندر” ۾ ڄاڻايو آهي ته؛
“ڏهين صدي
هجري جي هڪ نامور هستي، مهراڻ جي مردم خيز مٽي ۾ محوِخواب آهي، جنهن تي سنڌ سدائين
فخر ڪري سگهي ٿي. پنهنجي وقت جي وڏن عالمن ۾ شمار اٿس، اهو آهي مخدوم نوح عليه
رحمة، هي ساري متحده هندستان ۾ پهريون نمبر شخص آهي، جنهن قرآن پاڪ جو پارسي زبان
۾ ترجمو شايع ڪيو”.
ياد رهي ته سنڌ ۾
مخدوم نوح رحه نالي ٻه اولياءَ ٿي گذريا آهن، هڪ مخدوم نوح بکري رحه ۽ ٻيو مخدوم
نوح هالائي رحه، مخدوم نوح رحه جو زمانو ستين هجري هو ۽ مخدوم نوح هالائي رحه جو زمانو
ڏهين صدي هجري چيو وڃي ٿو. ٻنهيءَ جو طريقت ۽ سلوڪ ۾ تعلق سهروردي سلسلي سان هو. مخدوم
نوح بکري رحه کي سنڌ ۾ سلسليه سهرورديه جو باني پڻ چيو وڃي ٿو ۽ سلسله سهرورديه کي
سنڌ ۾ عروج تي پهچائيندڙ ن ۾ مخدون نوح هالائي رحه جو نالو سڀ کان نمايان اچي ٿو.
حضرت مخدوم نوح
سرور هالائي سهروردي رحه پنهنجي وقت جو اهل الله بزرگ ٿي گذريو آهي، وقت جا سڀ اولياءَ
سندس معتقد ۽ بزرگي جا قائل هئا. هي بزرگ امام الامت خليفه اول حضرت ابوبڪر صديق
رضه جي اولاد مان هو، پاڻ سمن جي صاحبي ۾ پيدا ٿيا ۽ ترخان گهراڻي جي حڪومت ۾ وفات
پاتي هئائون.
مخدوم نوح سرور رحه
جي زماني ۾ سندن مريدن جو تعداد نوَ لک هو، جنهنڪري مخدوم نوح رحه کي “نولکي گودڙي
جو صاحب” چئي ياد ڪيو ويندو آهي. هن صاحب ظاهري تعليم تمام ٿوري حاصل ڪئي، ٿوري تعليم
هوندي به ذاتي مطالعي ۽ روحاني طاقت سبب قرآن پاڪ جو جڏهين تفسير ڪندو هو ته عالم
دنگ رهجي ويندا هئا. سندس حافظو غضب جو هو، ستن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن شريف پڙهي
ورتائين.
“مُوتوا قَبل
تَمُوتوا “جي اعليٰ رتبي تي پهتل هن عظيم انسان کي حضرت ابو بڪر رضه جي وساطت سان علم
لدني عطا ٿيس، ۽ طريقت ۾ باب العلم حضرت علي رضه کان روحاني فيض حاصل ٿيس، پاڻ فرمايو
اٿس ته؛ “جڏهن آئون چوڏهين ورهين جي عمر جو ٿيس ته، تڏهن حضٰرت علي رضه کان اها ڏات
حاصل ٿيم، جا حاصل ٿيڻي هئي. ” انهي روحاني دنيا مان فيضياب ٿيڻ بعد سندس فيض ۽ برڪت
جي پالوٽ سان پوري سنڌ رڱجي وئي.
مخدوم نوح رحه سادو
کائيندو ۽ سادو هنڊائيندو هو، هميشه ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهندو هو. مخدوم نوح رحه وڏو
فياض هو، شاھ لطيف جو تڙ ڏاڏو شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو وٽائن فيض حاصل ڪيو ۽ سندن
خاص مريد هو، انهي ڪري شاھ صاحب جن مخدوم ۽ سندن اولاد جو هميشه معتقد رهيو.
هي تصّوف ۽ عرفان
جو امام سن ۹۹۸ هجري بمطابق ۲۷ ذوالقعد بروز خميس صبح جي وقت رحلت فرمائي ويو. پاڻ وفات کان ڪجھ وقت اڳ
سومهڻي جو هي بيت پڙهي رهيا هئا.
نه سي جوڳي جُوءِ ۾،
نه سي سامي واٽ،
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ
ويل پلاڻيا.
مخدوم نوح سرور رحه
جو احوال سنڌ جي هيٺين قديمي ۽ تاريخي ڪتابن حديقة الاولياءَ فارسي، تحفة الڪرام فارسي،
ارشاد الطالبين ۽ دليل الذاڪرين ۾ پڙهي ۽ ڏسي سگهجي ٿو.
مخدوم نوح سرور هالائي
رحه جي وفات بعد سندس وڏو فرزند مخدوم امين محمد اول سجاده نشين ٿيو. سندس خاندان
جو شجرو هن ريت آهي؛
۱- مخدوم نوح رحه وفات ۹۹۸ هجري. ۲- مخدوم امين محمدرحه اول وفات ۱۰۱۵ هجري. ۳- مخدوم عبدالحميد عرف ابوالخيررحه وفات ۱۰۵۰ هجري. ۴- مخدوم محمد الخالق وفات ۱۰۸۱ هجري. ۵- مخدوم محمد رحه زمان اول ۱۱۱۷ هجري. ۶- مخدوم مير محمدرحه اول ۱۱۴۹ هجري. ۷- مخدوم محمد زمان ثاني رحه وفات ۱۱۴۹ هجري. ۸- مخدوم مير محمد ثاني رحه وفات ۱۲۰۲ هجري. ۹- مخدوم محمد زمان ثالث رحه وفات ۱۲۲۲ هجري. ۱۰- مخدوم ميرل معصوم رحه وفات ۱۲۲۳ هجري. -۱۱ مخدوم محمدامين ثاني رحه ۱۲۵۲ هجري. ۱۲- مخدوم م محمد زمان چوٿون رحه وفات ۱۲۶۹ هجري. ۱۳- مخدوم امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي رحه)شاعر
(وفات ۱۳۰۳ هجري. ۱۴- مخدوم محمد زمان پنجون رحه وفات ۱۳۳۱ هجري. ۱۵ - مخدوم ظهير الدين عرف پريل ڄام رحه وفات ۱۳۴۵ هجري. ۱۶- مخدوم غلام محمد مغموم عرف گل سائين رحه وفات ۱۳۶۲ هجري. ۱۷- مخدوم محمد زمان ڇهون عرف طالب الموليٰ
رحه وفات ۱۳۳۸ هجري. ۱۸- مخدوم محمد امين محمد فهيم رحه چوٿون وفات ۲۰۱۵ ع.
هن اعليٰ خاندان وڏا
وڏا عالم، شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا، جن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي. سندن
خاندان مان مخدوم طالب المولى سنڌي ٻولي جو عظيم محسن ٿي گذريو آهي. “تو دلڙي يار ڌُتاري،
پوءِ ير ڪانه ڪيئي پوئواري “جي ڪافي ذريعي لافاني شهرت حاصل ڪندڙ مخدوم صاحب شاعر
هئڻ سان گڏوگڏ موسيقي جو وڏو سرجڻهار ۽ هڪ اهل دل انسان پڻ هو. پاڻ عالمن ۽ اديبن
جو وڏو قدرشناس هوندو هو، جنهن ڪري سندس محفل هروقت سنڌ جي شاعرن، اديبن، سگهڙن ۽ ڳائڻن
سان ڀريل رهندي هئي. موجوده اوڻيهون گادي نشين ۽ مخدوم امين فهيم جو لائق فرزند
ارجمند مخدوم جميل الزمان سنڌي ادب ۽ ثقافت جو وڏو رکوالو ۽ پنهنجن وڏڙن جي قائم ڪيل
عظيم ورثي جي پاسباني جا فرائض نهايت خوش اسلوبي سان نڀائي رهيا آهن.
(زاهد قمر مِسڻائي
جي لکيل تاريخي ڪتاب “مَقالاتِ زاهد“ تان ورتل)
No comments:
راءِ ڏيندا