; سنڌي شخصيتون: مدد علي سنڌي - عيسيٰ ميمڻ

29 June, 2017

مدد علي سنڌي - عيسيٰ ميمڻ

مدد علي سنڌي
شعور جو روشن ستارو
عيسيٰ ميمڻ
شعور جو رشتو رت جي رشتي کان وڌيڪ افضل آهي، ڇاڪاڻ ته رت جا رشتا فطرت جي مھربانين سان جنم وٺندا آهن پر شعور جو رشتو انسان وسيع ترين تجربي ۽ وقت جي وڏي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ جوڙيندو آهي پر رت جي رشتي ۾ انسان جي شعور جو عمل دخل ناهي هوندو. ”سنڌ ۽ ان کان پوءِ عالم انسانيت“ اسان جي شعور جي رشتي جي سڀ کان وڏي ۽ پائيدار ڪڙي رهي آهي جيڪا اسان کي ڪوهين ڏور رهندي به پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. اهو ئي شعور جو رشتو سائين جي ايم سيد کان وٺي ڪارل مارڪس تائين، اسان کي هم آهنگ بڻائي ٿو. ان شعور جي رشتي جي ناتي سنڌ جي وڏي قلمڪار مدد علي سنڌيءَ سان منھنجو رشتو آهي، جنھن جي قلم ۽ علم جي مھڪار اسان جي شعور کي هميشه معطرڪندي رهي آهي.


۱۲-آڪٽوبر ۱۹۵۰ع ۾ جنم وٺندڙ مدد علي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ جڏهن قريشيءَ مان سنڌي بڻيو هو. ان وقت ئي محسوس ڪري سگهجي پيو ته هن جي شعور جي اڏام ذات کان ٻاهر نڪري اجتماعي شڪل وٺي رهي هئي. جڏهن حيدرآباد جا، غلام شاهه ڪلھوڙي بنياد پئي وڌا تڏهن مختلف علائقن مان رضاڪارانه طور تي ماڻهن کي حيدرآباد گهرايو ويو هو تڏهن هن جا وڏا به سيوهڻ کان حيدرآباد اچي آباد ٿيا هئا، ان وقت کان وٺي حيدرآباد سان هن جي وڏن جو نينھن جو ناتو جڙي ويو هو. اهو ئي سبب آهي جو مدد علي سنڌي جي جنم ڀومي حيدرآباد اڄ به هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي.
مدد علي سنڌي جيڪو هڪ ئي وقت پنھنجي ذات ۾ ڪيترا ئي تعارف رکي ٿو. هن جي شخصيت جو سڀ کان پھريون تعارف هڪ سياسي ڪارڪن وارو آهي. ايوب خان جي دؤر ۾ سنڌ جي اندر قومي هلچل هن جي تربيت ۽ ذهني لاڙن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪيو هو. ان تحريڪن جي اثر ڪري هي پاڻ به ان تحريڪ جو متحرڪ حصو بڻجي ويو هو. هن جي سياست جو سڀ کان وڏو ڳڻپ جوڳو ڪردار سائين جي ايم سيد جي ۱۹۷۰ع کان پوءِ سياست جي رخ ڏانھن وڃڻ جو آهي. جڏهن سيد، سنڌ جي الڳ شناخت ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي هئي تڏهن سيد سان چئن ماڻهن هيمون ڪالاڻي جي تصوير اڳيان رکي وچن ڪيو هو ته زندگي جي آخري پل تائين توسان نڀائبو. انھن ۾ عبدالواحد آريسر، عمر شورو، شاهه محمد شاهه ۽ مدد علي سنڌي هئا. ان دؤر ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي ڦھلاءَ لاءِ جن رسالن اهم ڪردار ادا ڪيو انھن ۾ هڪ هو ”اڳتي قدم“ جيڪو مدد علي سنڌيءَ جي نگرانيءَ ۾ نڪرندو هو ۽ ٻيو هو ”پيغام“ رسالو جنھن جي نگراني عبدالواحد آريسر ڪندو هو. جن سنڌ جي نئين نسل جي ذهني ۽ شعوري تربيت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۷۸ع تائين هن جو قومپرست تحريڪ ۾ نه وسارڻ جھڙو ڪردار رهيو آهي پر پوءِ سرڪار جي سختين ڪري سندس والد جي ۸۰- سالن جي عمر ۾ گرفتاريءَ سبب، سياست کي الودع ڪري صحافت جي دنيا ۾ داخل ٿيو، جتيوڻيڪ هن جي سياست مان مايوسي خاص ڪري پارٽين جي اندر ڌڙابندي ۽ اسھپ جي روين جي ڪري به ٿي هئي پر پوءِ به اڄ تائين انھن سڀني ڳالھين ۽ شڪايتن تي خاموشيءَ جي مھر سندس چپن تي لڳل آهي ان خاموشيءَ ۾ هزارين راز ۽ داستان لڪل آهن، جيڪي هن شعوري ڪوشش ڪندي پاڻ وٽ دفن ڪري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته هي ڄاڻي ٿو ته آزادي جو هي سفر درست سفر آهي.باقي ان ۾ عملي ڪردار ادا ڪندڙن تي تنقيد جي باوجود به هي انھن سان محبت ڪري ٿو.
هن جو ٻيو تعارف هڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ به آهي، هن جون ڪھاڻيون جيڪي ۱۹۸۰ع ۾ ”دل اندر دريا“ نالي ڪتاب سان شايع ٿيون هيون. هن جي ڪھاڻين جي ترتيب (Setting) ئي مختلف آهي، هر ڪھاڻي هڪ خاص گهاڙيٽي ۽ اڻت ۾ لکيل آهي. هن جي ڪردارن ۾ تسلسل آهي، ڪھاڻيءَ جي بيان م سموري وايومنڊل جو عڪس سمايل آهي ته ڪردار به جيئري جاڳندي نظر ايندا. ان ڪري هي سنڌ جي ماياناز ڪھاڻيڪارن ۾ صفِ اول ۾ شامل ٿئي ٿو.
هن جو ٽيون تعارف هڪ شاعر جي حيثيت ۾ آهي، هن پنھنجي شاعريءَ جي شروعات هڪ ڇوڪريءَ سان عشق ۾ اچي ڪئي هئي، هن جي اندر ۾ ويٺل هڪ عاشق، عشق جي آوي ۾ پچي شاعر جي روپ ۾ راس ٿيو هو. هن جي نثري نظمن جو پھريون ڪتاب ”پنر ملن“ آهي جنھن جي مھورتي تقريب ۾ تنوير عباسيءَ چيو هو ته ”سنڌ ۾ نثري نظمن جو هي پھريون ڪتاب آهي ۽ جڏهن ته هندستان ۾ ڪلا پرڪاش ’ممتا جون لھرون‘ ان کان اڳ ڇپيو هو.“ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ مدد علي جي تخيل جي اڀ تائين پرواز ڪندي نظر اچي ٿي.
هن جو ٽيون تعارف ”صحافت“ آهي، هي جڏهن ۱۹۷۸ع ۾ سياست کي الوداع ڪري صحافت جي دنيا ۾ داخل ٿيو هو تڏهن به هن روايتن کان هٽي ڪري پنھنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي هئي ۽ آهي. صحافت جي دنيا ۾ اچ به هن جا علائقائي ۽ عالمي سطح جا تجزيا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي اڄ به زينت بڻجن ٿا، اهي نئين نسل جي خصوصن ۽ عمومن خود سنڌ جي سياست ڪندڙن لاءِ رهنمائي جو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت ڪئي آهي، جيڪي صحافت ۽ ادب جي دنيا ۾ چمڪندڙ ستارا آهن، جن ۾ خاص ڪري حسن مجتبى، اعجاز منگي، ناز سھتو ۽ جامي چانڊيو وغيره قابل ذڪرآهن. هن جو چوٿون سڀ کان وڏو تعارف سندس ذات ۽ ذاتي زندگي آهي. بظاهر جو شيلو، ڪاوڙ ۾ ڀريل، تيز لھجي ۾ ڳالھائيندڙ، سخت طبيعت رکندڙ انسان هڪ انتھائي حساس مزاج جو مالڪ آهي. هو اڄ به سموري ڪٽنب جو ذميواريون سڀناليندي زندگيءَ جي ڪار وهنوار ۾ ياري دوستيءَ جو ڀرم رکندڙ مدد علي سنڌي هڪ بيچين شخص لڳندو آهي. هي جيڪو پنھنجي ذات جي تڪميل لاءِ مسلسل لکندو رهي ٿو ۽ لکڻ ئي هن جو جياپو آهي. نه ته زندگيءَ جي گهڻن شڪست کائڻ کانپوءِ اڪثر انسان ٽٽي پوندا آهن پر هن زندگيءَ کان ڪڏهن آڻ نه مڃي آهي.
هن کان جيڪي غلطيون ٿيون آهن، جنھن ڪري سندس ذات تي زبردست تنقيد به ٿي آهي. ان ۾ خاص ڪري ضياءُ الحق جي ڏينھن ۾ ريڊيو پاڪستان تان هلندڙ پروگرام ”ظلم ڪي داستان“ ۾ شريڪ ٿي ڀٽي جي دؤر ۾ پاڻ مٿان ٿيل ظلمن بابت تفصيل ٻڌائڻ آهي. هي پروگرام ضياءُ الحق جي مارشل لا کي درست ثابت ڪرڻ ۽ ڀٽي توڙي جمھوري حڪومتن کي بدنام ڪرڻ لاءِ هلايو ويندو هو. مدد علي سنڌي جو پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ ڪنھن حد تائين ضيائي مارشل لا کي صحيح ثابت ڪرڻ برابر هو. ٻيو سندس ذات تي الزام مشرف جي دؤر ۾ ارباب رحيم جو ميڊيا ايڊوائيزر بڻجڻ آهي. مدد علي سنڌي جيڪو خود هڪ تحريڪ آهي پر افسوس هي به آهي ته تحريڪون نظرين کان سواءِ بي معنى هونديون آهن ۽ مدد علي سنڌي اڄ به پنهنجي نظرياتي ۽ فڪري بيھڪ جو تعين نه ڪري سگهيو آهي، جنھن ڪري به سڄي سنڌ ۾ گهڻو پڙهيو ويندڙمدد علي سنڌي، گهڻن ماڻهن جو آئيڊيل بڻجي ناهي سگهيو.

انھن سڀني الزامن هوندي به هن جو ڪتاب ۽ ڌرتيءَ سان ازلي پيچ سدائين هن کان تڙپائيندو رهيو آهي ۽ ان تڙپ جي نتيجي ۾ هو مسلسل لکندو رهي ٿو ۽ اهو هن جو لکڻ ئي آهي جنھن ڪري مدد علي سنڌي سان شعور جو رشتو ٽٽڻ نه ٿو ڏئي. هن جو شعور اسن جي شعور کي روشن رکڻ لاءِ ڏياٽيءَ جو ڪم ڏئي رهيو آهي ۽ اها شعور جي ڏياٽي ئي آهي جيڪا مدد علي سنڌيءَ کي تاريخ بڻائي رهي آهي. هن جي ذات کان ڪنھن کي به اختلاف ٿي سگهي ٿو ۽ اختلاف ڪري به سگهجي ٿو پر مدد علي سنڌي جي ڏاهپ، علم ۽ شعور جي پرواز، سنڌ ۽ عالم انسانيت سان محبت کان انڪار، شايد ڪو عقل کان خالي ئي ڪري سگهي ٿو. 

No comments:

راءِ ڏيندا