; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر روشن گولاڻي- مشتاق گبول

27 June, 2017

ڊاڪٽر روشن گولاڻي- مشتاق گبول

ڊاڪٽر روشن گولاڻي
سندس ادبي پورهئي تي هڪ نظر
مشتاق گبول
منهنجي هٿن ۾ ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز: ”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه، ڪٽنب، سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جو تنقيدي جائزو“ آهي. هن پي ايڇ ڊي ٿيسز جي اِها خوبي آهي ته هن ۾ جنهن شخصيت (ڊاڪٽر جيٺو لالواڻيءَ) تي تحقيقي ۽ تنقيدي نوعيت جو ڪم اهڙي مفصل ۽ جامع انداز ۾ ڪيو ويو آهي جو ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي زندگيءَ ۽ ادب جو ڪو به اهڙو پاسو نه آهي، جيڪو رهجي ويو هجي.


يونيورسٽين ۾ گهڻي ڀاڱي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به شخصيت ۽ ليکڪ جي ڪنهن هڪڙي رُخ ۽ پاسي کي کڻڻ ۽ ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي، جيڪو قدرِ آسان هوندو آهي. بنسبت انهيءَ ڪم جي، جنهن ۾ ڪنهن شخصيت جي سموري ڪم جو احاطو ڪيو وڃي. ڊاڪٽر روشن گولاڻي به اهڙي نوعيت جو ڏکيو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي.
ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي سنڌ ۽ هند ۾ سڃاڻپ جو اهم حوالو ”لوڪ ادب“ آهي، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي ڪم جي سڃاڻپ ’لوڪ ادب‘ آهي. اهڙي نموني هند ۾ ”ٻنيءَ“ جهڙي علائقي جي ’لوڪ ادب‘ تي ڊاڪٽر ڄيٺ لالواڻيءَ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. لوڪ ادب تي ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ڪتابن جا نالا هي آهن: 1. ٻنيءَ جو سنڌي لوڪ ادب (هن ڪتاب ۾ ٻنيءَ ۾ مُروج لوڪ چوڻين، اڳڪٿين، پرولين، ڳجهارتن، ڏور جي بيتن جو مختصر جائزو ورتو ويو آهي). 2. سنڌي پروليون، 3. سنڌي لوڪ ناٽڪ، 4. سنڌي فوڪ- لور، 5. اسان جو ورثو. 6. ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت، 7. سنڌي لوڪ رنگ، اهم ڪتاب آهن.
ڊاڪٽر روشن گولاڻي، سنڌي لوڪ ادب تي وڏي پيماني تي اهم ڪم ڪندڙ شخصيت تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. اها ٿيسز، هڪڙي قسم جي ڀيٽا آهي ۽ اهو پڻ احساس ڏياري ٿو ته ڪنهن جو به ڪم، تاريخ جي لٽ ۾ لٽجي نٿو. نئين پيڙهي سُجاڳ ۽ سُرت ڀري آهي، جيڪا پنهنجي وڏن جي نه رڳو ڪم تي نظر رکندي پئي اچي پر وقت اچڻ تي، اهڙي قسم جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ڪري مانُ ۽ سنمان ڏيڻ به ڄاڻي ٿي.
ڊاڪٽر روشن گولاڻي، تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. هڪڙي تحقيقي مقالي لکڻ ۾ ”لاهه نڪري“ ويندا آهن، ان جو احساس مون کي آهي. ڊاڪٽر روشن گولاڻي پنهنجي هن پي ايڇ ڊي ٿيسز ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي پنجاهه کان مٿي ڇپيل ڪتابن تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. اهڙي عرق ريزي واري ڪم ڪرڻ تي کيس مبارڪباد ڏجي ٿي.
ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز، ست بابن تي مشتمل آهي، انهن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
1. باب پهريون: جيون ۽ شخصيت:
هن باب ۾ ڊاڪٽر روشن گولاڻي، ڄيٺو لالواڻيءَ جي جيون جو چِٽ اهڙي ته خوبصورتيءَ سان چِٽيو آهي، جنهن کي پڙهندي جيٺ لالواڻيءَ جي مهانتا وڌندي وڃي ٿي. ڊاڪٽر روشن پاران هن باب ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي شخصيت ۽ ذاتي زندگي جي ڪيترن ئي اهڙن گوشن کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪي يا ته اسان کان اوجهل هئا، يا اسين انهن کان واقف نه هئاسين. پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته شخصيت يا ڪنهن ڪم کي نئين نظر ۽ نون رُخن کان ڏسڻ.
2. باب ٻيو: ڊاڪٽر جيٺي لالواڻيءَ جي لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جو تنقيدي جائزو هي هڪ اهم باب آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر روشن گولاڻي سڀ کان اڳ ”لوڪ ادب ڇا آهي؟“ بابت ڄاڻائيندي لکي ٿو، لوڪ ادب، ان ساهتيه کي سڏيو ٿو وڃي، جيڪو ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي نه، پر سڄي عوام جي تخليق هجي ۽ هر ماڻهو ان کي پنهنجي دل جو آواز محسوس ڪندو هجي. لوڪ ادب ڪنهن به جاتيءَ، گروهه، قوم جي گڏيل تخليق ۽ ورثو آهي. اڪثر ائين چيو ويندو آهي ته لوڪ ادب معنيٰ گهٽ پڙهيل، اڻ پڙهيل، ڳوٺاڻن جو گهڙيل ادب، پر حقيقت اها آهي ته لوڪ ادب ۾ مهراڻ جا بيشمار قيمتي، املهه موتي، هيرا مڙهيل جڙيل هوندا آهن. انهن کي ٻُڌڻ، پڙهڻ سان ڪپاٽ کُلي وڃن ٿا ۽ هر انسان دنگ رهجي ٿو وڃي. اهو ڀونءَ مان سلي جيان ڦٽي نڪرندو آهي ۽ مٽيءَ جي خوشبوءِ سان هر ذهن کي معطر ڪري ڇڏيندو آهي.“
لوڪ ادب تي روشني وجهڻ کانپوءِ ڊاڪٽر روشن گولاڻي ترتيبوار ڊاڪٽر جيٺو لالواڻيءَ جي لوڪ ساهتيه تي لکيل ڪتابن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي. ڪتاب: ”ٻنيءَ جو سنڌي لوڪ ادب جي جائزي ۾ ”اڳڪٿين وارو باب“ اهم آهي. اسان وٽ (سنڌ ۾) ماموئي فقيرن جا اڳڪٿين وارا بيت ملن ٿا پر ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي هن ڪتاب تي ٿيل ڪم ۾ اسان کي هڪڙي نئين شيءِ کان واقف ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳڪٿين وارن سترهن بيتن جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان ڊاڪٽر روشن گولاڻي، هيري ٺڪر جو حوالو ڏنو آهي: ”اڳ ۾ اسان وٽ ماموئي فقيرن جا ست بيت ۽ ست اڳڪٿيون هيون. ٻنيءَ جي سنڌي لوڪ ادب ۾ ڄيٺي ماموئي فقيرن جي اڳڪٿين جا سترهن (17) بيت اڳڪٿيون ڏيئي ان جهوني روايت کي توسيع ڏني آهي.“
ڊاڪٽر روشن گولاڻي هن باب ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جي ڪتابن: ”ٻنيءَ جو سنڌي لوڪ ادب“، ”سنڌي ۽ پروليون“، ”سنڌي لوڪ ناٽڪ“، ”سنڌي فوڪ- لور“، ”اسان جو ورثو“، ”سنڌي لوڪ رنگ“ ۽ ٻين ڪتابن کان کانسواءِ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي پي ايڇ ڊي ٿيسز: ”ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت“ تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي.
باب ٻيو هڪ اهم ۽ تفصيلي باب آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر روشن گولاڻي، هر هڪ ڪتاب جو اهڙي نموني جائزو پيش ڪيو آهي، جنهن سان نه رڳو ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت اُجاگر ٿئي ٿي پر ڪتابن ۾ شامل، نون نُڪتن کي نروار ڪيو ويو آهي. هن باب کي پڙهندي، ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي محنت کي داد ڏيڻ تي دل چاهيندي آهي.
(3) باب ٽيون: ڪهاڻين ۾ ڪُٽنب ۽ سماج جو چِٽ
ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جا به اهم نُڪتا آهن، انهن ۾ هڪ ”لوڪ ادب“ آهي ۽ ٻيو: ”ڪُٽنب ۽ سماج جو چِٽ“ آهي. ڪُٽنب ۽ سماج واري نُڪتي تحت، ڪهاڻين، مضمونن، ترجمن ۽ ٻاراڻين ڪهاڻين تي تنقيدي انداز ۾ اوک ڊوک ڪئي وئي آهي.
هن باب ۾ ڊاڪٽر روشن گولاڻي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جي ڪهاڻين جي ٽن مجموعن: ”ماضيءَ جا ڌُنڌلا عڪس“، ”پوسٽ مارٽم“ ۽ ”ردي“ جي هر هڪ ڪهاڻي جو جائزو ورتو آهي. هن باب ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي سڃاڻپ هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار طور پيش ڪئي وئي آهي.
(4) باب چوٿون: مضمونن، ڪٽنب ۽ سماجڪ مسئلن جي ڇنڊڇاڻ.
هن باب ۾ ”مضمون نويسيءَ جو فن“، ”سنڌي مضمون نويسي“ جو دستار بهترين نمونو ڪيو ويو آهي. ان کانپوءِ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي مضمونن جي ڪتابن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن باب ۾ ”سفرنامي“ جي ڪتاب: ”مور نه وسران سنڌ“ کي به شامل ڪيو ويو آهي! تنقيدي نقطئه نظر ۽ فني هيئت ۽ گهاڙيٽي جي لحاظ کان ”مضمون“ ۽ ”سفرنامي“ ۾ فرق آهي. ڇا ”سفرنامي“ کي مضمون نويسي ۾ ڳڻي سگهجي ٿو؟ اِهو هڪ اهم سوال آهي.
(5) باب پنجون ناٽڪن ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽ
هن باب جي مُهڙ ۾ ”آڳاٽي زماني ۾ ناٽڪ“ ۽ ”سنڌي ناٽڪ“ جي تاريخي پس منظر کي بيان ڪيو ويو آهي. تِهان پوءِ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ايڪاني ناٽڪن جي ڇپيل مجموعن 1. ”تنهنجا غم، منهنجا آهن.“ 2. اوڀاريون لهواريون“، ”3. حادثو“، 4. ”ڀينڪم پنجو“، 5. آخرين سنڌي“، 6. پيار جا رنگ“ (اسڪرين پلي) تي تنقيدي روشني وڌي وئي آهي.

ڇهون باب، ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. هن باب ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ٻاراڻي ادب ۾ ڪيل ڪم جي اوک پوک ڪئي وئي آهي. ٻاراڻي ادب ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ نو (9) ڪتاب لکيا آهن.

مجموعي طور ڊاڪٽر روشن گولاڻي تمام وڏي محنت ۽ عرق ريزي ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز مڪمل ڪئي آهي، جنهن ۾ سماج، ڪٽنب، انهن سان وابسته مسئلن تي لکڻ کان وٺي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ڪيل سموري ڪم تي جامع انداز ۾ لکيو ويو آهي. اهڙو معياري ڪم ورلي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ان حوالي سان خوشنصيب آهي، جنهن کي ڊاڪٽر روشن گولاڻي جهڙو نوجوان محقق مليو، جنهن پنهنجي بصيرت سان سندس پورهيي تي اهڙي نموني لکيو آهي، جو ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جي پورهيي کي تاريخ جو اڻ مِٽ حصو بڻائي ڇڏيائين. ايندڙ ڪيئي پيڙهيون (سنڌ توڙي هند ۾) ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي ٿيسز ذريعي ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جي ادبي پورهيي کان فيضياب ٿينديون رهنديون.

No comments:

راءِ ڏيندا