; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر حميده کهڙو

27 June, 2017

ڊاڪٽر حميده کهڙو

ڊاڪٽر حميده کهڙو
تاريخ نويس، استاد ۽ سياستدان جو لاڏاڻو
رياض سهيل
سنڌ جي نامور تاريخ نويس استاد ۽ سياستدان حميده کهڙو ايڪاسي سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. هن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي آچر ڏهاڙي پساهه پورا ڪيا. سندس گهر ڀاتين جو چوڻ هو ته مانيءَ کانپوءِ هن جي طبعيت خراب ٿي وئي ۽ هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي.


حميده کهڙو 13 آگسٽ 1936ع ۾ لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ عاقل ۾ پيدا ٿي. هوءَ هن ڀينرن ۽ ڀائرن ۾ سڀني کان وڏي هئي.
حميده کهڙو پرائمري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم برطانيا مان حاصل ڪيائين. برطانيا ۾ هن ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڏيهه واپسيءَ کانپوءِ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي تاريخ واري شعبي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو پر اڳتي هلي هوءَ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو آئي، جتي پاڪستان اسٽڊيز سينٽر جي سربراهه رهي.
هن جيڪي ڪتاب لکيا تن ۾ سنڌ ٿرو سينچريز دي ميڪنگ آف ماڊرن سنڌ ۽ ڪراچي ميگا سٽي آف اوور ٽائيم شامل آهن. هن پنهنجي والد جي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”محمد ايوب کهڙو لائيف آف ڪريج اِنِ پاليٽڪس به لکيو. ويجهر ۾ ئي هن آڪسفورڊ لاءِ چئن صوبن جي مختصر تاريخ لکي هئي، جيڪا ٻارڙن لاءِ شايع ڪئي وئي.
حميده کهڙو جو والد ايوب کهڙو سنڌ جو تڪراري سياستدان رهيو، جڏهن پاڪستان ۾ ون يونٽ قائم ٿيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه کي پنجاب سان ملائي هڪ انتظامي يونٽ بڻايو ويو هو ته ان وقت هو سنڌ جو وڏو وزير هو.
سنڌ ۾ قومپرست جماعتن کان علاوه علمي، ادبي، تنظيمن به ون يونٽ خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي هئي، جنهن ۾ ايوب کهڙو تي سنڌ سان غداريءَ جا الزام هنيا ويا هئا. جنرل ايوب خان جي دور ۾ کيس گرفتار به ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڇهن سالن لاءِ چونڊن ۾ سندس حصو وٺڻ تي پابندي هنئي وئي.
حميده کهڙو سنڌ يونيورسٽي جي ملازمت ڇڏي، سياست ۾ حصو ورتو. هوءَ جيئي سنڌ محاذ ۽ ان جي ڌڙن ۽ ذيلي تنظيمن جي نظرياتي اداري سپريم ڪائونسل جي ميمبر هئي. بعد ۾ هوءَ قومپرست جماعتن جي اتحاد سنڌ نيشنل الائنس ۾ شامل ٿي وئي ۽ 1988ع ۾ الائنس طرفان بيگم نصرت ڀٽو سامهون چونڊن ۾ حصو ورتو، جن ۾ کيس شڪست ملي ۽ ان کانپوءِ هن ڪڏهن به چونڊن ۾ حصو نه ورتو.
سنڌ جي سياسي تاريخ جو مصنف خادم سومرو چئي ٿو ته حميده کهڙو تاريخ جي شاگردياڻي هئي، تنهن ڪري حقيقتن کان واقف هئي ۽ ان ڪري سندس والد تي جيڪي الزام لڳا، تن جي وضاحت نه ڪندي هئي.
جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (ايم آر ڊي) ۾ جيتوڻيڪ جيئي سنڌ هلچل نه هئي پر پيپلز پارٽي ۽ ٻيون جماعتون شامل هيون، پر حميده کهڙو فوجي ڪاررواين کان متاثر ڳوٺن ۾ ويندي ۽ ماڻهن سان ملندي هئي. ان کان علاوه عالمي نشرياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه به ڪندي هئي، تنهن ڪري ان حوالي سان سندس ڪردار رهيو.
جيئي سنڌ جي باني جي ايم سيد ۽ حميده کهڙو جي والد ايوب کهڙو جا نظرياتي اختلاف رهيا پاڻ ذاتي طور هو دوست به رهيا. جيئي سنڌ متحده محاذ کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ايوب کهڙو کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رسول بخش پليجي جي سربراهيءَ ۾ ان جي مخالفت ڪئي وئي.
حميده کهڙو جي ايم سيد کي نواز شريف جي ويجهو آڻڻ جي به ڪوشش ڪئي. 1989ع ۾ جي ايم سيد کي گرفتار ڪيو ويو.
پروفيسر تاج جويو جو چوڻ آهي ته حميده کهڙو جي پوري ڪوشش هئي ته جي ايم سيد پنجاب هلي ۽ نواز شريف سان ملاقات ڪري پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن جو قافلو روجهاڻ پهتو ته هن قافلي جو منهن بلوچستان طرف ڪري ڇڏيو هو، جتان کيس گرفتار ڪيو ويو.

حميده کهڙو ڄام صادق جي حڪومتي دور ۾ ڪجهه مهينن لاءِ تعليم جي وزير رهي. بعد ۾ 2002ع جي چونڊن ۾ هوءَ مسلم ليگ ق جي ٽڪيٽ تي عورتن لاءِ مخصوص سيٽ تي سنڌ اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊي وئي ۽ کيس تعليم جو کاتو ڏنو ويو.





۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو به وڇڙي وئي
مير نادر علي ابڙو
ڊاڪٽر حميده کهڙو ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي سندن جو لاڏاڻو سنڌ جي حوالي سان تمام وڏو خال پيدا ڪري ويو آهي پاڻ تمام وڏي سياستدان، تاريخدان، تعليمدان ۽ سماجي شخصيت جي مالڪ هئي ۽ سندن جو لاڳاپو لاڙڪاڻي شهر سان هيو ۽ لاڙڪاڻي سان سندن جون انيڪ يادون وابسته رهيون سندن جي عمر ۸۱ سال هئي ۽ سندن جو شمار پاڪستان جي تمام وڏي شخصيتن ۾ ڪيو ويندو هو پاڻ  ۱۹۳۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي آباد عاقل ڳوٺ ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير خان بهادر ايوب کهڙو جي گهر جنم ورتو پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، سيڪنڊري تعليم سينٽ جوزف ڪنوينٽ اسڪول ڪراچي مان، انٽر ميڊيٽ سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي، گريجوئيٽ ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪرڻ بعد ڪئمبريج يونيورسٽي انگلينڊ مان ۱۹۶۱ع ڌاري تاريخ جو مضمون ۾ گريجوئيٽس ڪئي هن سان گڏ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ايم اي ۽ اسڪول آف اورينٽئل اينڊ آفريڪن اسٽيڊيز، لنڊن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪئي هي دنيا جي پهرين مسلم عورت هئي جنهن ڊاڪٽريٽ حاصل ڪئي ۽ ملڪ موٽڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ۱۹۶۵ع کان ۱۹۶۹ تائين پڙهائيندي رهي ۽ هتان کان بعد ۾ پاڻ سياسي شوق ۽ سببن ڪري ملازمت ڇڏي ڏني ۽ اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت ڪئي جتي پاڻ ذاتي دلچسپي وٺندي پاڪستان اسٽيڊي سينٽر قائم ڪيائين ۱۹۸۳ع ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي ميمبر به بڻي پر پاڻ ٻن مهينن کان پوءِ اتان استعفيٰ ڏيئي ڇڏي ۽ مڪمل طور تي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو سندن والد خان بهادر ايوب کهڙو جو شمار پاڪستان جي تمام وڏن سياستدان ۾ ڪيو ويندو هو حميده کهڙو مرحوم جو شمار عورتن جي حوالي سان وڏي پئماني تي ڪيو ويندو هو ۽ سندن ڳاڻيٽو جي ايم سيد جي ويجھن ساٿين ۾ به ڪيو ٿي ويو ۽ قوم پرست سياست جي حوالي سان به سندن جو نالو هو ۽ پاڻ جيئي سنڌ تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن رهي پاڻ تعليم جي حوالي سان تمام وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون سندن جو خاندان پيپلز پارٽي جو  سڀ کان وڏو ۽ سگهارو مخالف خاندان سمجھيو ويندو هو   سندن جو سياست کان علاوه علم ۽ ادب کان تمام گهڻو چاهه هوندو هو. سندن ڪيترا ئي سنڌي انگريزي ۽ اردو ۾ لکيل ڪالم شايع ٿيا ته ان سان گڏ تحقيقي مضمون دنيا جي مختلف اخبارن ۾ ڇپيا ۽ ڪيترائي ڪتاب هن ايڊٽ پڻ ڪيا پاڻ ٻه ڀيرا سنڌ جي وزير تعليم رهي ۽ پاڻ هن دوران سنڌ جي ڪيترن ئي تعليم ادارن کي اپ گريڊ ڪرايو ۽ ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي تعليم کاتي ۾ روزگار ڏياريو  ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکيو پاڻ تعليم جي واڌاري لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو پاڻ جڏهن پرويز دؤر ۾ وزير تعليم ۽ سنڌ جو وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم هيو ته هن وقت ۾ چيو ٿو وڃي ته سندن مٿي زور ڏنو ويو ته ميرٽ کان هٽي نوڪريون ڏنيون وڃن جيڪا ڳالهه هن نه مڃي تنهن تان سندن کي وزارت کان هٽايو ويو هيو پاڻ ڪيترن ئي يونيورسٽين ۾ ليڪچر پڻ ڏنا ۽ سندن کي ليڪچر ڏيڻ لاءِخصوصي طور تي مدو ڪيو ويندو هو سندن لاڏاڻي سبب تمام وڏو خال پيدا ٿيو آهي سندن جون ڪيل  خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن  پاڻ ۲۰۱۶ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل سنڌ لٽريچر فيسٽيويل ۾ پڻ سانڊڻ جهڙو خطاب ڪيو هو  پاڻ تمام وڏي تعليمدان هجڻ سان گڏ تاريخ تي ناليج رکندڙ شخصيت جي مالڪ هئي سندن جي لاڏاڻي ڪري خاص طور تي تعليم جي شعبي ۾ سنڌ جو تمام وڏو نقصان ٿيو آهي منهنجو به سندن سان رشتو لاڙڪاڻي هجڻ جي ناتي سان ڪنهن حد تائين ضرور رهيو خاص طور تي بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندن  سان گڏ  تعليمي ۽ ادبي سوجھري وارن ڪمن ۾ گڏ رهيو ۽ پاڻ اڪثر طور تي سندن جي خدمتن جي ڳالهه ڪندا هئا ڊاڪٽر حميده کهڙو مرحوم سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان به تمام وڏو ڪم ڪيو سنڌ جي تاريخ کي هر رنگ ۾ پروئي عوامي حلقن تائين پهچايو پاڻ هر دؤر ۾ جدوجهد ڪندي نظر آئي نه ڪڏهن ڪنهن آڏو جھڪي  ۽ نه وري مُڙئي پنهنجي اصولن تي قائم رهندي جدوجهد ڪندي اڳ ڀري نظر آئي جيڪر مرحوم ڊاڪٽر حميده کهڙو زماني جي خوشيون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اصولن کي راهه ۾ نڇاور نه ٿيڻ ڏي ها ته هو اڄ تمام وڏن عهدن تي پهچي ها پر هن عوام جي خوشين خاطر ۽ پنهنجي اصولن جي پيروي ڪندي هر انهي عمل جي ڀرپور طور تي مخالفت ڪئي جيڪو عمل عوامي ڀلي واري مهم ۾ رنڊڪ بڻيل هو اڄ لاڙڪاڻي جون هوائون اداس آهن ڇو جو لاڙڪاڻي جي هڪ تمام وڏي شخصيت اهڙي پار هلي وئي آهي جتان  ڪنهن کي موٽڻو ناهي پر موت هڪ حقيقت آهي جيڪا هر ڪنهن جي کاتي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن اچڻي آهي ۽ هي دنيا هڪ اسٽيج آهي جتي ماڻهو  پنهنجو ڪردار ادار ڪري  هليو وڃي ٿو حميده کهڙو به پنهنجي حصي جو ڪم ۽ ڪردار ادا ڪري وئي مون کي هتي انهي ڳالهه جو افسوس آهي ته کين زندگي ۾ جيڪو مان مرتبو اسان پاران ملڻ کپي ها سو نه ملي سگهيو ايڏي وڏي شخصيت جي مالڪ  سنڌ جي هي هُنار حميده کهڙو اسان جي هٿان واري جي ذرڙن وانگي سرڪي هلي وئي پر اسان سواءِ لڙڪ ۽ افسوس ڪرڻ جي ٻيو ڪجھه نه ڪري سگهياسين هاڻ جڏهن هو ناهي رهي ته اهو احساس هر هر تڙپائي رهيو آهي ته سنڌ هڪ تمام وڏي شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي هتي آئون سنڌ جي گهڻ گهرن، ڏاهن، دانشورن، اديبن، استادن ۽ تعليمي ماهرن جي خدمت ۾  اهو عرض ڪندو ٿو هلان ته حميده کهڙو جي خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي انهي جي نالي تي ڪو وڏو تاريخي، تحقيقي ادارو، لائبريريون ۽ هن جي نانءُ سان ڪو تعليمي ادارو يا يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ۽ سندن شخصيت کي ڀرپور ڀيٽا ڏني وڃي ۽ اهو سنديشو سموري عالم کي ڏنو وڃي ته اسان پنهنجي عظيم ڪردارن جي خدمتن ۽ انهن جي قد ڪاٺ کان چڱي طرح واقف آهيون ۽ انهن کي مان مرتبو ڏيڻ ڄاڻون ٿا، ڌڻي در دعا آهي ته مرحوم حميده کهڙو جي پوئيرن کي الله پاڪ صبر عطا فرمائي ۽ سندن کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.



ڊاڪٽر حميده کهڙو

سندس سياسي ۽ تعليمي خدمتون

فقير محمد سنڌي

سنڌ جي مايه ناز شخصيت ڊاڪٽر حميده کھڙو مشھور سياستدان ۽ اڳوڻي وزيراعلى خانبھادر محمد ايوب کھڙي جي نياڻي ۱۳-آگسٽ ۱۹۳۶ع تي ڳوٺ عاقل ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم سينٽ جوزف ڪنوينٽ اسڪول ڪراچيءَ مان ۽ انٽرميڊئيٽ سينٽر جوزف ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ ڪئمبرج يونيورسٽي انگلينڊ مان ۱۹۶۱ع ڌاري تاريخ جي مضمون ۾ گريجوئيشن ڪئي. اڃا تعليم جي سفر کي جاري رکندي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ايم اي به ڪئي پر گڏوگڏ اسڪول آف اورينٽئل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، لنڊن يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر حميده کھڙو کي اهو اعزاز حاصل ٿيو جو هيءَ پھرين مسلم عورت هئي جنھن اتان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم پوري ڪري پنھنجي وطن واپس وري، انهيءَ اميد سان ته پنھنجي پٺتي پيل سماج کي تعليم جو شعور ڏيڻ تمام ضروري آهي.

اچڻ سان ئي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ۱۹۶۵ع کان ۱۹۶۹ع تائين تعليم جو ئي درس ڏنائين، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪري اُتي ڪوششون وٺندي پاڪستان اسٽڊي سينٽر قائم ڪرايائين. ۱۹۸۳ع ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي ميمبر به ٿي پر ٻن مھينن کانپوءِ تعليمي شعبي کي خيرآباد چئي سياست ۾ حصو ورتائين.

ڊاڪٽر حميده کھڙو سياسي سفر ۾ سنڌ جي حقن ۽ خودمختياريءَ واري موقف سان سياست جي وايومنڊل ۾ پنھنجو آغاز ڪيو، سياست ۾ پيغامِ سنڌ جي خالق جي.ايم.سيد جي رهنمائي ۾ سٺي نموني سان جدوجھد جو آغاز ڪيو. ٿوري عرصي ۾قومپرست سياست کي به خيرآباد ڪئي. ۱۹۷۱ع ۾ ڀٽو حڪومت ۽ انهن حالتن تي تنقيد ۽ شيخ مجيب الرحمان جي هلچل جي حمايت ڪئي. اهڙي طرح ڊاڪٽر حميده کھڙو ۱۹۷۳ع واري آئين تي به تنقيد ڪندي ان کي صوبن جو مخالف قرار ڏنو. ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ نيشنل الائنس جي چيئرپرسن چونڊجي آئي ۽ انهيءَ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ۱۹۸۸ع وارين چونڊن ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو پر ڪامياب نه ٿي سگهي. وقت پنھنجون منزلون طئي ڪندو هليو، نيٺ ٻن ورهين جي وٿيءَ کانپوءِ ۱۹۹۰ع ۾ ڄام صادق علي جي قيادت ۾ نگراني حڪومت جُڙي ته ڊاڪٽر صاحبه کي ڪجهه مھينن لاءِ تعليم کاتي جو قلمدان ڏنو ويو. ڊاڪٽر حميده کھڙو پنھنجي طبيعت ۾ هڪ مثالي عورت هئي، جنھن ڪڏهن به خاموشي اختيار نه ڪئي، ۱۹۹۳ع ۾ سياست جي ميدان ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر سرگرم ٿي ڪري پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت ڪئي. پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر ۽ پاليسي پلاننگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن به ٿي. پر وقت چوي آءٌ بادشاه ”نيٺ پنھنجي ملڪ ۾ ۱۹۹۹ع تي مارشل لا جو راڄ قائم ٿيو، مسلم ليگ (ن) لاءِ ملڪ جي سرزمين بلڪل تنگ ڪئي وئي جنھن جي ڪري ڊاڪٽر صاحبه کي ڪجهه عرصو ملڪ کان ٻاهر رهڻو پيو.

جيئن ته ۲۰۰۲ع تي ڊاڪٽر صاحبه نئين نموني سان سياست ۾ پير رکيو ۽ ڏيهه واپسي ڪيائين، ق ليگ جي ٽڪيٽ تي عورتن واري مخصوص سيٽ تي فارم ڀريو ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر منتخب ٿي. زندگيءَ جي پل پل ۾ ساهه وجهندڙ ڊاڪٽر صاحبه ”ق ليگ جي حڪومت ۾ ۲۰۰۴ع ڌاري کيس سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير بڻايو ويو“ جيڪو قلمندان وٽس ٽي سال رهيو. انهيءَ دوران ڊاڪٽر صاحبه سنڌي قوم جي سٺي نموني سان خدمت ڪئي ۽ پاڻ ملهايو.

ڊاڪٽر حميده کھڙو جو اندر جو انسان هر وقت متحرڪ رهيو پئي، ڪيترن ئي ادارن ۽ تنظيمن جي ميمبر، سينڊيڪيٽ ميمبر ۽ عھديدا رهي. ”آڊيو جنھن ۾ يونيورسٽيون، تحقيقي ۽ ادبي ادارا به شامل آهن“. ۱۹۹۹ع کان ٽرسٽ فار والنٽيئر آرگنائزيشن (TVO) جي ميمبر ۽ پوءِ وائيس چيئرپرسن به رهي ۽ ان وچ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا. سياسي سرگرمين کانسواءِ علم ادب ۽ لکڻ سان به چاهه رکيائين، سندس ڪيترائي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ لکيل مضمون شايع ٿيس، سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون دنيا جي مشھور مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا.

ڊاڪٽر حميده کھڙو شخصي سڀاءُ رکندڙ عورت هئي، جنھن پنھنجي ۽ پرائي کي هر وقت پئي مانُ ڏنو. تعليم ۽ سياست ۾ ڪڏهن به پنھنجو وڏيرڪو ذهن نه رکيو، توڻي جو هوءَ وڏيرڪي سماج ۾ پيدا ٿي هئي پر پنھنجي علمي شعور سان زندگي گذاريندي رهي. ڊاڪٽر حميده کھڙو زندگيءَ جا سڀ پَلَ پاڻ سان گڏ سھيڙي اڄ ۱۲-فيبروري ۲۰۱۷ع تي سنڌي قوم کان موڪلائي وئي جنھن سان سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ پڙهيل لکيل سياسي خاتون جو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو خال صدين پڄاڻان ڀرجڻ مشڪل پيو ڀاسجي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۱۲ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا