خاڪي جويو
ڪين رهندا ڪڏهن ڪوٽ ڪارا ڪٺن
نسيم بخاري
ان ۾ ڪو
شڪ ناهي ته هن ڪائنات ۾ هر شيءِ فاني آهي. هر شيءِ جو هڪڙو وقت مقرر آهي. پوءِ جڏهن
پل پورا ٿين ٿا ته اها ڊهي ڀورا ڀورا ٿي وڃي ٿي ۽ ٿوري ئي عرصي کانپوءِ انساني
حافظي مان به هلي وڃي ٿي. وقت جي وير اڳتي هلي ان جو وجود ئي ڀلائي ڇڏي ٿي.
انسان
جو حال به اهڙو ئي آهي پر جيڪي ماڻهو پنهنجي وڇوڙي پڄاڻان ڪي تاريخي ڪارڪردگيون ڇڏي
وڃن ٿا سي هر دور لاءِ انساني حافظي ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا.
بلڪل
ائين جيئن سنڌ جي قومپرست سياست ۽ سنڌي ادب لاءِ پوري حياتي پاڻ ارپيندڙ خاڪي جويو
آهي، جيڪو سنڌ کان جسماني طور تي جدا ٿيو آهي پر وسرڻو هرگز ناهي. خاڪي جويو لاءِ
اعزاز ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران ”جي ايم سيد ايوارڊ“ ناهي نه ئي وري ان جي مهانتا ۾
ثقافت کاتي پاران مليل ”قلمڪار“ ايوارڊ ڪو واڌارو ڪري ٿو پر حقيقت ۾ هن جي لاءِ
اعزاز ۽ ايوارڊ سنڌ جي پڙهيل لکيل حساس ۽ باضمير انسانن پاران پنهنجين دلين ۾ سندس
لاءِ محسوس ڪئي ويندڙ عزت آهي.
خاڪي
جويو جو ڪريڊٽ اهو ناهي ته هن غريبيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندي پاڻ ۽ پنهنجي خاندان
لاءِ ڪهڙيون ۽ ڪيتريون پيڙائون ڏٺيون پر هن جي ڪريدٽ ۾ ڪنهن اسڪول، ڪاليج ۽
يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائڻ کانسواءِ قومي ادبي ۽ صحافتي سفر جون نت نيون مثبت
روايتن جو بنياد ضرور آڇي ٿو.
هاڻ ڀل
ته هو سن جي حيدر شاهه سنائي قبرستان ۾ آرامي هجي پر سچ پچ ته هو سنڌ جي ڌڙڪندڙ دل
آهي، جيڪا بهرحال هر دور ۾ ڌڙڪڻي ئي آهي. خميسو خان خاڪي جويو تائين واري تعارف جي
تناظر کي ڏسبو ته هڪ جاکوڙ جهلڪندي محسوس ٿئي ٿي. دادو ضلعي جي ڪچي واري علائقي ڪاٺين
جي ڳوٺ ۾ پورهيت حاجي خان جويو جي گهر جنم وٺندڙ هِن جيءَ، قاضي احمد ڀرسان ڪولاچين
جي ڳوٺ جا وڻ به ڏٺا، جتي ڪاٺين جي ڳوٺ کان وڏڙن هجرت ڪئي هئي ۽ اتان وري سائين
امداد ۽ محمد شاهه جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ هجرت ٿي. اهي هجرتن وارا حال احوال پنهنجي
پس منظر ۾ ڪهڙيون حقيقتون سانڍن ٿا، پاڻ تن جي تفصيل ۾ نه ٿا وڃون پر ننڍڙي ڄمار ۾
وڏڙن جي لڏپلاڻ کيس سيلاني طبيعت ضرور عطا ڪئي.
ڪنهن
خاندان ۽ مخصوص علائقي بدران سڄي ديس جو اونو ۽ الڪو به ارپيو. اهم ڳالهه اها ناهي
ته هن ڪڏهن پورهيو ڪيو يا ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ملازمت اختيار ڪئي. هن مانڊلي کولي يا سڪرنڊ
۾ پنهنجو ڪتاب گهر متعارف ڪرايو پر اهم ڳالهه اها آهي ته 1966ع کان 1970ع تائين
وارن چئن سالن ۾ ان شاعراڻي حوالي سان جيڪو مزاحمتي تعارف ماڻي ورتو سو سڀ ڪنهن جي
حصي ۾ ناهي ايندو.
هي سنڌ
جو اهو قومي ۽ عوامي شاعر هو، جنهن جا شعر نه رڳو اسٽيجن ۽ جلسن ۾ پڙهيا ويندا هئا
پر اهي بينرن ۽ اهم دعوت نامن ۾ به فخر سان لکيا ويندا هئا- نه رڳو ايترو پر مارشل
لائن خلاف جيڪا وڏي پئماني تي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر اهم مرڪزي هنڌن ۽ سرڪاري
دفترن جي ڀتين تي چاڪنگ ڪئي ويندي هئي، ان ۾ به خاڪيءَ جا خيال شعرن جي صورت ۾
نمايان طور نظر ايندا هئا.
اهم ڳالهه
اها به ناهي ته هن جا لکيل ڪتاب ڪهڙا ۽ ڪيترا آهن يا اڻ ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙي
حال ۾ آهن پر اهم ڳالهه اها آهي ته هن پنهنجي ايڊيٽري هيٺ ساڃاهه رسالي ذريعي سنڌ
۾ جيڪا فڪري سوچ پکيڙي ان ڪيترا ذهن ٺاهيا ۽ ڪردار متعارف ڪرايا. ساڃاهه جا پرچا اڄ
به کڻي ڏسو ته اهي سنڌ اندر سياسي ۽ قومي سوجهري جي سرواڻي محسوس ٿين ٿا. ڇا اها
خدمت ڪا ننڍڙي ڳالهه آهي. اهم ڳالهه اها ناهي ته خاڪي جويو واهيءَ جو ڪيترو منفرد
شاعر هو. اهم ڳالهه اها به ناهي ته هن ڪيڏا طويل ۽ شاندار نظم لکيا پر اهم ڳالهه
اها آهي ته هن جي شاعريءَ ۾ جيڪا بغاوت ڀڙڪندي هئي سا ڀونءِ کي قومي غيرت سان ڪيترو
نوازيندي آئي!؟
خاڪيءَ
جو شعوري سفر سنڌ مٿان مسلط آمريتي دور کان شروع ٿئي ٿو ۽ جسماني پڄاڻي به هڪ اهڙي
دور ۾ ٿئي ٿي جنهن ۾ اجتماعيت جي احساس کي وڌيڪ جاڳرتا بخشڻ لاءِ ماضيءَ کان به وڌيڪ
محنت جي ضرورت آهي پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته اڳ آمريتي ڏهاڙن ۾ جبر ۽ ظلم
واري دور ۾ ڏاڍ کي ڏهڪائڻ وارا شعر جيئن خاڪي چوندو هو اڄ جمهوريت ۽ آزاد ميڊيا
واري دور ۾ به اهڙي قومي للڪار ڪٿي گونجندي محسوس نه ٿي ٿئي.
هاڻ ته
جديد مواصلاتي نظام به ڏاڍو سهنجو سستو ۽ سولو ٿي پيو آهي. هاڻي ڪنهن فنڪار کان ڪلام،
گيت ۽ غزل ڳارائڻ جي به ضرورت نه آهي. هاڻي پاڻ ئي پنهنجو شعر يا ڪا به تخليق پڙهي
۽ جهڙي تهڙي سوشل ميڊيا معرفت هزارين ماڻهن تائين پنهنجي پيغام کي پهچائي سگهجي ٿو
پر اهڙين سهولتن ۽ سازگار فضا جي باوجود ڪٿان به ڪائي رڙ توڙي ڪا دانهن ڪوڪ ٻڌڻ ۾
نه ٿي اچي. جهڙا خيال خاڪيءَ جي من اندر مان اڀري عوامي احساسن جي ڀرپور عڪاس طور
آڏو ايندا هئا.
خاڪي
چوندو هو:
ڪيچ
وينديس ڪهي، لوڙهه ويندي لهي،
ظالمن
ساڻ ليڪن نه هلنديس ٺهي
ڊوهه ڪڏهن
نه ڪڏهن ته ويندا ڊهي
ڪين
رهندا ڪڏهن، ڪوٽ ڪارا ڪٺن.
خاڪي
جويو جي شاعري ۽ قومي ڪردار ۾ جيڪا ڳالهه وڏي پئماني تي نمايان نموني سان نظر اچي
رهي آهي سا اُميد پرستيءَ واري آهي. اتساهه واري آهي ۽ شاندار جدوجهدن تي ويساهه
واري آهي. خاڪي رڳو نالي جو خاڪي نه هو پر هن پنهنجي عمل سان اهو ثابت به ڪري ڏيکاريو
ته پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ماڻهن جي ذاتي انائن ذاتي مفادن ۽ ذاتي آسائشن توڙي خواهشن
کي ڪيئن خاڪ ۾ ملائبو آهي.
هن ڏکين
حالتن ۾ وڏن للڪارن سان مهاڏو اٽڪائي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته پيسو، جاگير ۽
طاقت وڏي شيءِ ناهي هوندي پر جذبو وڏي شيءِ هوندو آهي. اٽل ارادي ۾ اها قوت ۽ اهو
احساس هوندو آهي، جيڪو ناممڪن کي به ممڪن ڪري ڏيکاريندو آهي. خاڪي پنهنجي سماج ۾
جن صحتمند روايتن ۽ اعليٰ انساني قدرن جو پنهنجي ڪردار ذريعي پيغام پکيڙيو، اهو اڄ
جي زماني سازيءَ واري موقعي پرست ماحول ۾ ڀل ته ديوانگي محسوس ٿيندو هجي پر حقيقت
۾ سچي ڳالهه اها آهي ته اهڙي دل جي آٿت جهڙي ملڪيت جي ٻي ڪا ملڪيت مَٽُ ئي ناهي.
خاڪي پنهنجي پويان خوبصورت خيال ۽ وطن دوستيءَ جا اعليٰ مثال ڇڏيا آهن، جن کي وڏي
پئماني تي همٿائڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته اڄ جي بحراني دور ۾ انهن جي ٽيڪ جي سنڌي قوم
کي تمام گهڻي ضرورت آهي. ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته خاڪي جويو هڪ فرد جي حيثيت ۾
جيڪو پورهيو ڪيو آهي، سو ادارن جي ڪارڪردگي کان به ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ۽ مٿانهون آهي.
اهو
سوال اڄ به هڪ زبردست سنجيدگيءَ جو سنيهو سانڍي ٿو ته خاڪي جويو پنهنجي زندگيءَ جي
آدرشي وهنوار واري چونڊ ڇو ڪئي؟ هن کي قدرت جيڪي زبردست صلاحيتون ڏنيون هيون هو
انهن جي آڌار تي جيڪڏهن پاڻ، پيسي ۽ سماجي حيثيت جي حوالي سان ڪا گليمر واري
شاهراهه اختيار ڪري ها ته آسائشن ۽ عياشين واري زندگي نه پئي گهاري سگهيو ڇا؟ پر
هن ان جي ڀيٽ ۾ جنهن دڳ جي چونڊ ڪئي، اهو دردن ۽ محرومين وارو هو. هن اهو رستو ان ڪري
اختيار ڪيو ڇو ته هن جو خواب هو ته سنڌ جو هر باشعور ۽ باغيرت پٽ اها واٽ وٺي. ڇو
ته ان ۾ اندر جو اطمينان ۽ دل جي تسلي سمايل هئي.
اسان
جي اها وڏي بدقسمتي رهندي آئي آهي ته اسان پنهنجي دور جي باصلاحيت انسانن جي پٺي
نه ٺپي آهي. اسان اهڙن سلڇڻن انسانن کي سدائين نت نوان عذاب ۽ امتحان ئي آڇيا آهن.
اسان اهڙن عاليشان ماڻهن جو جيڪڏهن قدر ڪندا اچون ها ته اڄ سنڌ جو نقشو ئي تبديل
هجي ها. اڄ صورتحال ئي ڪا ٻي هجي ها ۽ اڄ هر ڪا شيءِ وڪري جو وکر محسوس نه ٿئي ها.
خاڪي جويو جو وڇوڙو پڪ سان پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ هڪ ڏک واري خبر آهي پر
مون کي خاڪي جي جسماني جدائي جو افسوس ناهي.
انساني
جسم ته فاني آهي نيٺ ان کي فنا ٿيڻو آهي پر جنهن کي بقا آهي، عظمت آهي ۽ اتساهه
آهي سا ماڻهو جي زندگيءَ جي مثبت ۽ مڻيادار جدوجهد آهي جيڪا خاڪي جويو جو مقدر بڻي
۽ نه رڳو تاريخ ۾ هن جو امر ڪردار ڇڏي وئي پر سندس ايندڙ نسل ۽ قوم جي ٻچن لاءِ به
اهو پيغام ڇڏي وئي آهي ته مهذب ماڻهو ڪيئن فضيلت ڀري زندگي گذاريندا آهن، ڪيئن نه
رڳو اهي پنهنجا الميا پنهنجي ڪلهن تي کڻي گهمندا آهن پر سڄي سماج جي محرومين ۽ درد
کي پنهنجو سور سمجهي جيئندا آهن. ڪيئن هو رڳو پنهنجي لاءِ نه، پنهنجي ٻچن ٻارن
لاءِ نه پر پوري قوم لاءِ جيئندا آهن. اهڙن عظيم انسانن کي جهڙو پنهنجي ماڻهن لاءِ
فڪر ۽ ڳڻتي هوندي آهي، موٽ ۾ جيڪڏهن قوم ۽ سماج جو رويو به اوترو ئي ذميواراڻو آڏو
ايندو رهي ها ته اڄ صورتحال گهڻي حد تائين تبديل ٿيل ڏسڻ ۾ نه اچي ها. اڄ به
طبقاتي تضاد، اسان جي دماغن تي ڇانيل آهي اسان وٽ اڄ به ڏيکاءَ ۽ فوشر جو پلڙو ڀاري
آهي، اسان هاڻ به داٻي ۽ دٻدٻي جا نه رڳو طرفدار پر ان جا شڪار به آهيون. اسان
حالتن جي وير ۾ ڪک پن بڻجي وکرڻ لاءِ ته تيار آهيون پر خاڪي جويو جيان پنهنجي وجود
ذريعي ڪا شاندار تاريخ رقم ڪرڻ کان قاصر آهيون.
اُهو خاڪي جويو هليو ويو!
محمد خان دائود
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو. جيڪو جڏهن سيد جو نالو ٻڌندو هو ته اُن جي اکين مان پاڻ مرادو
عقيدت وارا لڙڪ لڙي پوندا هئا!
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو .جيڪو ڪڏهن به اسڪول ڪونه ويو
پر اُن اُٺ ڪتابن جا پڙهيا هُئا پر اُن صرف انهن ڪتابن کي پڙهيو نه هو پر
اُن انهن ڪتابن کي سمجهيو به هوُ!
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو،جيڪو جڏهن ترنم ۾ پنهنجا لکيل نظم ۽ شعر پڙهندو هو ته ائين
محسوس ٿيندو هو ته اُهو شاعري نٿو پڙهي پر عقيدت مان ڪوئي صحيفو پڙهي رهيو آهي!۽
خلق هما تن گوش ٿي اُن قلندر ملنگ جا اُهي صحيفن جهڙا نظم ڪن ڏئي ٻڌي رهي آهي.
اهو خاڪي
جويو هليو ويو جنهن صاف ۽ سوليءَ سنڌيءَ ۾ سڀني کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ”پاڻ کي هاڻ
آزاد گهرجي وطن“!
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو جيڪو ڪو محاذ تي بيٺل فوجي نه هو. پر هر محاظ اُن خاڪي جويي
کان سواءِ اڻ پورو هوندو هو!
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو جنهن تاج جويي جا ڪتاب پڙهي پڙهڻ سکيو. پر اُن جي مزدوري تاج
جويي کي پڙهڻ ۾ مدد ڏني خاڪي جويي تاج جويي کي تاج جويو بنايو، اُن ۾ خاڪي جويي پنهنجي
جسم جي سموري سگھه وڪڻي تاج جويي کي اڳتي ڪيو ۽ پاڻ اُن صف ۾ پوئتي رهجي ويو صفا
پوئتي. اها ڪهڙي نه سڃاڻپ جي ظالم حد آهي جڏهن اڄ اخبارون خاڪي جويي لاءِ ڪجھه لکي
رهيون آهي ته اُهي پنهنجي صفحن تي اهڙا الفاظ لکي رهيون آهن ته؛ ”تاج جويي جو ڀاءُ
خاڪي جويو!“
توڻي
جو اُهي اخبارون ائين به ته لکي سگهن ٿيون ته“ خاڪي جويو تاج جويي جو روحاني استاد
۽ وڏو ڀاءُ“پرسڃاڻپ جي اهڙي پيڙا مان به
گذريو هو، خاڪي جويو۽ هاڻي جڏهن اهو مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويو آهي تڏهن به ان پيڙا مان گذري رهيو آهي.
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو جنهن جواني۾ مزدوري ڪئي ۽ پنهنجي پهگر جي ڏوڪڙڻ مان تاج جويي
کي ڪنهن مڪتب ۾ ويهاريو ۽ اُتان تاج،تاج جويو ٿي نڪتو!
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو جنهن حيدر آباد مان ”سن“ جا پنڌ ڪيا.۽ ”سن“ پهچي سائين جي ايم
سيد جا قدم چميا!
اُهي
ياتري انسان هليو ويو.مزارون ته پوءِ به رهنديون پر اُهو ياتري نه رهيو جيڪو ”سن“
جي اسٽاپ تي سرشام وڃي وهندو هو ۽ پهرين گاڏي ۾ چڙهي ”سن“ هليو ويندو هو، جيڪو خاڪي
جويي جو سياسي توڙي مذهبي قبلو هو.
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو، جيڪو بظاهر ڪوئي ليڊر يا اڳواڻ نه هو. پر سمورا سياسي ڪاڄ ان
کان سواءِ اُڌورا هوندا هئا.اُهو انهن ڪاڄن ۾ پوچهي انهن ڪاڄ ۾ قومي رنگ ڀري ڇڏيندو
هو.اُهو خاڪي جويو هليو ويو.
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو، جيڪو ميدان جو ماڻهو هو .اُهو ڪڏهن به گهر ۾ ويهي مشورا نه ڏيندو
هو.اُهو ميدان تي لهي ملاکڙو ڪندو هو پوءِ جيڪو ڏاڍو هوندو اهوئي کٽندو جيڪو اٿي
پنهنجا سنڌرا ڇڪي وري ٻي ملھه لاءِ تيار ٿي ميدان تي لهي ايندو هو، اُهو خاڪي جويو
هليو ويو!
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو، جنهن وٽ ڪنهن به مڪتب جي ڊگري ڪونه هُئي !پر هو شاعر به هو.
اديب به هو. دانشور به هو.اُهو سنڌ جو آخري سگهڙ هو.اُهو سنڌ جي قومي مرض جو ماهر
طبيب به هو.پر سنڌ هن کي پنهنجي نبض نه ڏيکاري ۽ هو هليو ويو.
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو.جنهن صرف اُٺ ڪتابن جا نه پڙهيا.پر ان اُٺ ۽ ٻڪريون ڪنهن ڌراڙ
جيان جنهگ ۾ وڃي چاريون به ۽ پنهنجي سنڌ جي سينڌ کي ميرو ٿيڻ نه ڏنو.
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو جنهن پنهنجي هٿن ۾ ڪڏهن به ڪائي بندوق نه جهلي هُئي پر ان جي
نظمن ۾ ايڏو دم هو جو هن وقت جي تباھ ٿيل تنظيم پر ڪجھه سال پهرئين جي ”فاشسٽ
تنظيم“ به اُن جي گيتن ۽ اُن جي نظمن کان لهرائيندي هُئي.
۽ اُهي گيت
ائين هئا جئين اياز لکيو هو ته:
“مون ڏات
انوکي آندي آ،
ٿي تند
وڙهي تلوارن سان!“
واقعي خاڪي
جويي وٽ ڇا هو انهن گيتن کان سواءِ صرف ڏات... ... ... اُها به تند جهڙي، پر ان جي
ڏات تند جهڙي ضرور هُئي پر هيڻي نه هُئي ۽ نه ڪڏهن به هيڻي نه ٿي!
خاڪي
پنهنجي گيتن سان سنڌ جي بقا کي قائم رکيو.نه ته اُها ”فاشسٽ تنظيم“ پنهنجي خيالن ۾
روزسنڌ کي ورهائيندي هُئي ۽ ان جا حصا پتي ڪندي هُئي،پر اُن ”فاشسٽ تنظيم“ شايد
اهيو نه ڃاتو هو ته اُن سنڌ ۾ هڪ اهڙو قلندر به رهي ٿو جيڪو پنهنجي گيتن سان اُن
محاذ تان وڙهي رهيو آهي .جنهن محاذ تان اسان جا قومي اڳواڻ به پُڇ لڪائي ڀڄي وڃن ٿا.پر
خاڪي جويواُن محاذ تان وڙهندو رهيو، جڏهن اُن ڏٺو ته ڳالھه هاڻي اڳتي نڪرندي پئي وڃي
ته خاڪي جويي اهڙو شاندار نظم تخليق ڪيو جو، انهن ”فاشسٽن“ جو ته دم نڪتو ئي نڪتو
پر انهن جو به دم نڪري ويو جنهن طاقت اُن ”فاشسٽ تنظيم“ جي تنظيم ڪاري ڪئي هُئي. خاڪي
جويي پنهنجي نظم ۾ انهن سڀني کي ٻڌائي ڇڏيو ٿه هاڻي گهڻو ٿيو هاڻي اهو ڀوڳ چرچا نه
هلندا. هاڻي اسان کي پنهنجو آزاد وطن گهرجي، اُهو خاڪي جويي جو اهڙو ڪمال ترنم
وارو نظم آهي، جو اڄ ايترا سال گذري ويا آهن، تڏهن به جڏهن ان نظم کي ٻُڌجي ٿو ته
وار ڪانڊارجي وڃن ٿا،پر جڏهن اُهو لکيو ويو هوندو، تڏهن ڇا عالم هوندو؟! اُن نظم ڪنهن
ڪنهن جون ننڊون حرام ڪيو هونديون؟! خاڪي جويي مٿان ڪيترو پريشر هوندو؟ ڪهڙين ڪهڙين
قوتن سان ان کي مهاڏو اٽڪائڻو پيو هوندو، جڏهن ته ان زماني ۾ ته ڪيترا ئي وڏا شاعر
موجود هئا. اياز کان ويندي استاد بخاري تائين، انهن به سنڌ لاءِ لکيو بي شمار لکيو
شاندار لکيو، پر انهن ڪڏهن ائين نه لکيو ته“ هاڻي انهن کي پنهنجو وطن ئي آزاد
گهرجي“. انهن سنڌ لاءِ لکيو سنڌي ماڻهن لاءِ سنڌين جي بد نصيبي تي لکيو، سنڌ جي ڏک،
درد، تي لکيو.سنڌ جو مرثيو لکيو.سنڌ جو نوحو لکيو، انهن سنڌ لاءِ قومي ترانو به
لکيو، پر انهن ڪڏهن ائين نه لکيو ته؛ هاڻي گهڻو ٿيو، ”هاڻي انهن کي پنهنجو وطن ئي
آزاد گهرجي“ اها ته اهڙي ڌمڪي هئي جنهن تي ادرا حرڪت ۾ اچي ويا هوندا. ۽ خاڪي جويي
جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو هوندو پر جيئن ته خاڪي جويو سنڌ جو ۽ سيد جو عاشق هو،
تنهن لاءِ اهڙي سختي سهي ويو، پر پنهنجي ڳالھه
۽ پنهنجي فلسفي تان نه هٽيو ۽ جيڪي به ڳالھه ان جي دل وٽان هوندي هُئي اُن کي هوچٽو
چئي ويندو هو.اها ڳالھ ته؛ پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن“ به خاڪي جويي جي دل وٽان هُئي
ان لاءِ هن چئي ڏني ۽ اهو نه ڏٺائين ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا، ان سان هن کي ڪهڙيون
تڪليفون اينديون، اهي ادارا هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا، جيڪي پنهنجي اندر ۾ سپريم آهن،
۽ انهن ادارن کان ڪير به پڇڻ وارو نه هوندو آهي، خاڪي جويي ڪنهن به ڳالھه جي
پرواهه نه ڪئي پر وڏي واڪي سڀني جي سامهون ۽ سڀني کي چئي ڏنائين ته ”پاڻ کي هاڻي
گهرجي آزاد وطن!“
خاڪي
جويو پنهنجي محاذ تان آزادي ۽ ديس جي جنگ وڙهندو رهيو اها ٻي ڳالھه آهي ته اُهي
شروع کان وٺي زندگي جي آخري پهرن تائين ان جنگ
جو پهريون ۽ آخري سپاهي هو ۽ خاڪي جوئي کي اها به خبر هُئي ته اُهو اها جنگ
هارائي چڪو آهي. اُن لاءِ ته هن جنگ جا اڪثر سپاهي هن وڪامندي ڏٺيا خاڪي جويي اهيو
به ڏٺو ته اُهي سپاهي ڪئين هٿين خالي ۽
اگهاڙين پيرين ان جنگ جي ميدان ۾ لهن ٿا ۽
”جئي ديش “ جو نعرو هڻن ٿا ۽ جڏهن اهي دودا واپس ٿين ٿا ته ڪيئن نه انهن وٽ وڏا
گهر، وڏيون گاڏيون،هزارين ايڪڙ زمين،۽ ايترا ڏوڪڙ اچي وڃن ٿا جو اهي ڪيئن خرچ ڪن ۽
ڪٿي خرچ ڪن کين سمجهه ۾ نٿو اچي؟؟ خاڪي اها جنگ ته هارائي چڪو هو پر خاڪي جو ان
قول تي پڪو ويساھ هو ته“هڪڙو ماڻهو لک ٿئي ٿو،جو ڌرتيءَ کي!“ ڌونڌاڙي ٿو!!!
۽ خاڪي جويي
جو ان ڳالھه ۾ به ايمان هو ته:
جي تون
وڙهندي ماريو ويندين،
هَن
وستيءَ تان واريو ويندي،
“دودا تنهنجو
ساھه ته ويندو،
ماڻهوءَ جو ويساھه نه ويندو!“
۽ خاڪي جو ان
ڳالھ ۾ به ايمان هو ته:
”زندگي هڪ ڀيرو ملندي آهي،
سنڌ کي
نه ڏسان ته ڪنهن کي ڏسان!“
۽ اُن اها سنڌ
ڏٺي يا نه ان سوال جو جواب ته تاج جويو ڏئي سگهي ٿو.پر خاڪي جويي پنهنجي من سان ان
سنڌ کي ڳايو ۽ ايترو ڳايو آهي، جو اڄ جڏهن خاڪي ڪونهي ته ڪيٽي بندر کان ويندي ڪشمور
تائين، خاڪي کي سنڌ ۽ سنڌ جي خاڪ ڳائي رهيا آهن.پر سنڌ جي انِ آواز کي ڪير ٻڌي؟۽ ڇوٻُڌي؟!!ٰ
خاڪي
جويو پنهنجي ان هڪڙي زندگي ۾ سنڌ کي ئي ڏسندو رهيو.ان کي اها خبر ئي نه پئجي سگهي
ته ڪير ڪنهن سان ويسا گهاتي ڪري رهيو آهي، اهو ته پنهنجي زندگي جا باقي بچيل ڏينهن
سيد طرف منهن ڪري گذاري رهيو هو ۽ سنڌ جي ”ساڃاھ“ ۽ سنڌ جي قوم پرست سياست ان خاڪي
جويي کي ائين وساري ويٺي هُئي، ته ڄڻ خاڪي جويو آهي ئي ڪونه!
پر هاڻي
ڳولهڻ سان به اهو خاڪي جويو نه ملندو جنهن بهادري سان لکيو هو ته “پاڻ کي هاڻي
آزاد گهرجي، وطن“شاعر ته ڪيترائي ملي ويندا سنڌ شاعرن حد مان ڀري پئي آهي.پر اهڙا
شاعر ڪٿي آهن جيڪي ڪنهن مڪتب به نه ويا هجن ائين وڏي واڪي چون ته“پاڻ کي هاڻي آزاد
گهرجي وطن!“
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو جيڪو سنڌ جي آزاديءَ
جو هڪ گيت هوُ جنهن کي ڪنهن نه ڳاتو!
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو، جيڪو ڪنهن اُوپيرا جهڙو هو ۽ اُن اُوپيرا کي ڪنهن نه ڳاتو!
اُن
اُوپيرا کي ڪنهن سمجهيو؟۽ ڪيترو سمجهيو؟
اُهو
سيد جي ولر جو آخري پکي هو ان کي به اُتي ئي وڃڻو هو جتي جو اهو پکي هو ۽ هوُ هليو ويو.ان پنهنجي پوري حياتي
اهو ترانو ڳاتو قوميي ڪئي ڀيرا ڳاتو ته ”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سِيسُ
نوايان.
مٿي مٽي
لايان مان!“
پر ان
رات خاڪي جويي پنهنجي جسم تي اُها مٽي ھميشه ھميشه لاءِ لاهي سمهي پيو.
اهو
چوندي ته:
تنهنجيءَ
مٽيءَ مَنجهه مِلان جي،
آءُ
اَمرتا پايان،
اُهو
خاڪي جويو هليو ويو!
جيڪوايڏي
قومي ولر هوندي به اڪيلو هو، بس اڪيلو هو.!
نه ھوُ
ڪنهنجو هو نه هُن جو ڪوئي هو!
هاڻي
اُن کي پنهنجو آزاد وطن ملي ويو آهي، ٻُڌو اي ڪانئرو!
سنڌ جي خاڪ ۾ آرامي ٿيل خاڪي
ماڪن شاھ رضوي
سنڌ ڌرتي
جي خاڪ مان جنم وٺندڙ ”خاڪي“ به نيٺ انهيءَ خاڪ جو حصو بڻجي ويو، جنهن خاڪ سان هن
ساري ڄمار محبت جا مقدس سنڱ نه رڳو ڳنڍيا هئا، پر نڀايا به هئا. ڪڪڙ لڳ ڳوٺ ڪاٺين
۾ پورهيت حاجي خان جويو جي گهر ۾ 8 مارچ 1948ع تي جنم وٺندڙ خاڪي جويو جو نالو ته
مائٽن خميسو خان رکيو هو، پر هن کي هن جند جهڙي سنڌ جي مهان مٽي هن دلربا ڌرتي جي خاڪ
خاڪي جويو بڻائي ڇڏيو.
پورهيت
هاري جي هن پٽ جيتوڻيڪ غربت سبب پاڻ ته ڪنهن اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ داخل ٿي
تعليم ڪو نه پرائي پر سنڌ جي ٻن هاڪارين شخصيتن سائين علي محمد راشدي ۽ پير حسام
الدين راشدي جيئان، اندر جي اُساٽ اُجهائڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ تاج جويو کي پڙهائڻ جو
عزم ڪندي، سندس ڪتابن کي پاڻ به پڙهڻ لڳو.
ڪي اڻ
پڙهيا ئي پير ٿيا، جنين پڙهيائين پاڻ،
نه ته ڪوڙئين
ڪتابن ساڻ، هونئين وطن هلندا. (لطيف)
خاڪي
مختلف پورهيا ڪيا، هر هلايا، مانڊڻي کولي، ڪتابن جو دڪان کوليو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي
هيءُ مانجهي مرد نه رڳو پنهنجي ڀاءُ تاج جويو کي پڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر پاڻ به
اهڙو پڙهيو، جو سنڌي ادب کي چاليهه ڇپيل ۽ پنجن اڻ ڇپيل ڪتاب جي سوکڙي به ڏئي ويو.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ اي خاڪي جو خيال، تنظيم ڪاري جا اصول، ترقي پسند ادب جا معيار،
ادب جو قومي ڪردار، ڦريا ڏسي ڦيڻ، سونهان ڀانئن سُڌ مَ ڏين، بين الاقوامي نظام،
سورهيه بادشاهه، وطن يا ڪفن، تاريخ ۾ فرد جو ڪردار ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل حالت ۾ موجود
آهن. خاڪي جويو رڳو ليکڪ به نه هو، هو هڪ سياسي سماجي ڪارڪن، قومي ورڪر به هو. هڪ
تجزيه نگار، هڪ ڪامياب تنقيدڪار ۽ شاعر به هو. ”پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن“ جهڙا
شعر سرجيندڙ خاڪي جويو طويل آزاد نظم جي صنف جي باني شاعرن مان به هڪ آهي. 1980ع
کان جابر ضياءَ جي مارشل لا واري قهري زماني ۾ هو قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. خاڪي
جويو هڪ ڊگهي وقت کان رسالو ”ساڃاهه“ به جاري رکيو آيو. جنهن ادب ۾ خوبصورت جاءِ
والارڻ سان گڏ، نوجوان نسل کي نت نوان فڪري لاڙا به ڏنا. هو ساري ڄمار جاکوڙي ڪردار
رهيو، بقول مرشد لطيف ته: ”جان، جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي.“
زندگيءَ
جي آخري ورهين ۾ هو جسماني طور ڪمزور ٿي ويو هو، ان ڪري تمام گهٽ ادبي توڙي قومي
ميڙاڪن ۾ نظر ايندو هو، پر ذهني طور هن جو عزم ۽ حوصلو بلند رهيو. سندس قلم ڪم ڪندو
رهيو، ذهني سوچن جا سلسلا هلندا رهيا. هن پنهنجي ٽن پٽن سچل جويو، دولهه درياءَ
خان عرف عرفان جويو ۽ منير جويو سان گڏ ٽن نياڻين جي به تربيت قومي ڪاز کي آڏو رکي
ڪئي، جنهن ڪري سندس سوچ کي عملي جامو پهرائيندي سندس فرزند سچل سچل جويو حيدرآباد
جي وسندي ۾ پنهنجي رهائش گاهه ويجهو غريب ٻارن لاءِ هڪ اسڪول به کوليو. جنهن ۾ ٻين
اسڪولن جيئن ڪا به ايڊوانس داخلا في نٿي ورتي وڃي ۽ هن مهانگي دور ۾ جتي ٻيا
پرائيويٽ اسڪول هڪ هڪ ٻار جي پنجن، ڏهن هزارن کان وٺي پنجاهه سٺ هزار رپيا في وٺن ٿا،
اتي خاڪي جي پٽ جو اسڪول ٻارن کان صرف ٻه سئو رپيا ماهوار في وٺي ٿو. جيئن استادن
جا پگهار پورا ڪري سگهجن.
خاڪي
جويو سچ ته هڪ عملي ڪم ڪندڙ ڪردار رهيو، جنهن سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ جيڪا به جدوجهد
ڪئي، اها حقيقي ۽ عملي طور نظر ايندي رهي. اڃا تازو ئي سندس ننڍو ڀاءُ سعودي عرب ۾
عمري جي ادائيگي لاءِ ويو ته اُتي وفات ڪري ويو. گذريل ڏيڍ مهيني کان خاڪي جي
طبيعت به ويتر خراب ٿي ته کيس پهرين حيدرآباد جي مقامي اسپتال ۽ پوءِ ڪراچي جي هڪ
مشهور اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، پر ”جڏهن پورا ٿيا پريان، تڏهن تانگهو ئي تار ٿيو“
جيئن نيٺ سنڌ جو هي اڻ ورچ ارڏو ۽ جاکوڙي انسان ٻي مئي 2017ع صبح يارهين وڳين ڪراچي
۾ گذاري جيون ڏينهڙا پورا ڪري ويو.
اهو
بيشڪ سچ آهي ته زندگي فنا لاءِ ئي پيدا ٿي آهي، نيٺ ته اهو ساهه جو سڳو ڇڄڻو ئي
آهي، پر اهڙن املهه ماڻڪ ۽ اڻ لڀ انسانن جو وڇوڙو سچ ته ڌرتي، ادب ۽ ڌرتي واسين
لاءِ وڏي دُک ۽ نقصان جو ڪارڻ ضرور آهي.
خاموش ”خاڪي“ ڇاڪاڻ آهين
ڊاڪٽر
فهميده حسين
خاڪي
جويو تاج جويي جو ڀاءُ هو، سندس ڪتاب پڙهي علم جي اڃ اجهايائين، سائين جي ايم سيد
جو پوئلڳ هو، قومي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو، غريب هو، خوددار هو“... بيشڪ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ايئن ئي هو پر ڇا
صرف اها ئي سندس سڃاڻپ هئي؟ هن جي سڃاڻپ جو سڀ کان سگهارو حوالو ته سندس شاعري
هئي، ان تي ڪنهن ڇو نه لکيو! سندس مرتيي جو ڏک ته ٿيو، پر ان کان وڌيڪ ڏک مون کي
ان ڳالهه جو ٿيو. انسان ته هن دنيا ۾ آيو آهي وڃڻ لاءِ، پر سندس فن، سندس تخليق کي
هتي رهڻو آهي. سندس ڪلا کانئس پوءِ به پئي جيئندي، جيسين سنڌي ٻولي پڙهڻ وارا آهن،
جيسين سنڌي شاعريءَ جي اتهاس ۾ خاڪيءَ جهڙا شاعر پنهنجي پتي وجهندا رهندا تيسين
اهي مرڻا ناهن.
پنهنجي
وطن جي ڌرتيءَ سان ته سندس سڱ هو ئي، سنڌ جي طبقاتي سماج ۾ پيڙهيل طبقن سان به هن
جي ياري هئي، قومي تحريڪ ۾ به بيشڪ هو بي داغ ڪردار سان پنهنجو ڪردار نڀائي ويو،
پر هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هن وٽ ڏات جي اها لاٽ هئي، جنهن سندس وجود کي ڇرڪائي ڇڏيو
هو. هن وٽ رومانويت به هئي، حقيقت پسندي به هئي، نئين زماني جو شعور به هو ته ڪنئرن
نفيس جذبن جي به فراواني هئي. ٻوليءَ جو فطري شعور ته شايد هن جو خانداني ورثو هو،
جيڪو سندس ڀاءُ تاج جويي وٽ به ملندو. هو هڪ سچو اديب ۽ مخلص شاعر هو ان ڪري سندس
شاعري محض بي روح ۽ بي جان لفظن جو مجموعو نه پر جاندار ۽ زندگيءَ سان ڀرپور آهي،
جنهن ۾ مايوسي ڪٿي به ڪانهي، جيڪڏهن هن وٽ رومانس آهي ته به ڪنهن خود فريبيءَ جو شڪار
ٿي حقيقت پسنديءَ جو دامن ڪونه ڇڏيو اٿس:
هر ڏينهن
ڏنڀي، رات رنڀي، نيڻ ننڊاکن،
تون ڀيڄ
ڀنيءَ، هيج منجهان سيج سمهارين،
جيئن
نينهن لڳو، ڏينهن ٿيا، مينهن پوڻ ۾،
پالوٽ ڪري
پيار سندو پيڄ پيارين.
خاڪي
جويي جي شاعريءَ ۾ پنهنجي دور پنهنجي عهد جي ساڃاهه سان گڏ فلسفي جي هلڪي آميزش
آهي، اخلاقي جرئت به آهي، لطيف جي فڪر، فلسفي، ٻوليءَ جو اثر به آهي ته شيخ اياز
وانگر انقلاب جي آسَ به آهي.
خاڪي
جيئن ته پورهيت طبقي جو فرد هو، هن پنهنجي زندگيءَ ۾ جن محرومين کي سَٺو هو، جن
تجربن مان گذريو هو، انهن جي ڪري مصلحتون ۽ سمجهوتا ڪرڻ ڏاڍو سولو هجي ها، هو ته هڪ
شاعر هو، حساس شاعر! جي هو صرف هڪ عام ماڻهو، محض هڪ سياسي ڪارڪن يا ڪو پورهيت ليڊر
هجي ها ته شايد ڪو سمجهوتو يا ڪا مصلحت ڪرڻ ڏکيو نه هجي ها، پر هو هڪ حساس ۽
خوددار ڏات ڌڻي هو، ان لاءِ دنيا جي هر ٻي شئي کان وڌيڪ سندس ذهن ۽ ضمير هئا، جن
سان هڪ سچي فنڪار لاءِ وڙهڻ ممڪن ڪونه هو، اهو ڪرب ۽ اها بي وسي جيڪا هن سماج ۾ هيٺين
طبقي جو فرد محسوس ڪري ٿو، اهو محسوس ڪندي به هو پنهنجي ضمير سان سچو رهيو. ۽
پنهنجي زندگي ڪنڌ مٿي کڻي گذاري ويو.
سنڌ جي
ادبي دنيا ۾ اختلاف راءِ کي دشمنيءَ جو درجو ڏنو ويندو آهي. هتي ترقي پسندي، رجعت
پسندي، کاٻي ڌر، ساڄي ڌر، جدت، قدامت، سياسي ۽ نظرياتي وابستگيون يا تخليق ۾ فڪر ۽
جمال جهڙا اختلاف ڪنهن صحتمند بحث مباحثي يا ڊبيٽ جي بدران گارگند ۽ ڪردارڪشيءَ کي
جنم ڏيندا رهيا آهن. ڪنهن به تخليق کي ان جي پنهنجي خوبين خامين موجب پرکڻ بدران
ان جي ليکڪ يا تخليقڪار جي نظريي مطابق رد يا قبول ڪيو ويندو آهي. بنا اهو سوچڻ جي
ته نظريا ڪي آسماني صحيفا ڪونه هوندا آهن، جن ۾ ردوبدل ممڪن ناهي، جديد دور ۾ اهو
شعور پيدا ٿي چڪو آهي ته دنيا ۾ ڪوبه نظريو دائمي ڪونهي، ان ۾ تبديلي اچڻي آهي.
ترقي پسند تحريڪ اڄ اها ڪانهي، جيڪا ويهين صديءَ جي ٽئين ۽ چوٿين ڏهاڪي ۾ هئي، ان
جو انقلاب وارو رومانس هجي، قومپرستيءَ ۾ آجپي جو آدرش هجي يا انسان دوستيءَ جا ماڻ
۽ ماپا هجن، انهن جو اڄ جي گلوبلائيزيشن جي دور ۾ مفهوم ئي تبديل ٿي ويو آهي ۽ ڪو
به فن يا ادب انهن جو ذريعو، انهن جو آواز ته ٿي سگهي ٿو، پر خود فن جو پنهنجو به ڪو
ڪارج هوندو آهي، اهو محض ڪنهن هڪ نظريي جي پرچار ۽ پروپيگنڊا جي لاءِ نه پر انسان
جي مجموعي زندگيءَ جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ جو ساکي هوندو آهي، جنهن جي آفاقي حسن کي
به ڇيهو نه رسڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو فنڪار شيخ اياز وانگر نظرياتي يا فڪري ارتقا جي
عمل مان گذري ٿو ته ان سان هن جي هڪ عظيم فنڪار واري حيثيت متاثر نه ٿيڻ گهرجي، پر
اسان وٽ ايئن ئي ٿيو آهي ۽ اسان اهڙي صورتحال ۾ هميشه فتوائون ئي ٻڌيون ۽ پڙهيون
آهن.
شروعاتي
دور ۾ روايتي شاعريءَ جي استعارن شمع پرواني، گل ۽ بلبل، ساقي ۽ ميخاني کي شيخ
اياز به ورتايو، تنوير عباسيءَ به ڪتب آندو، پر پوءِ انهن مان جند ڇڏائڻ جي ڪئي ته
به نوان استعارا ۽ نيون علامتون انهن کان ٻوليءَ ۾ ضرور مختلف هئا، پر تصور ۾ ساڳيا
هئا، ڄڻ ته نون جامن ۾ پراڻو شراب اوتيو ويو هو. ساقيءَ بدران موکي ۽ مئه بدران
سِرو اچي ويو، پرواني جي جاءِ پتنگ ورتي ته گل لاله جي بدران رابيل مهڪيا، محبوب ۽
معشوق ڦري پرين سپرين ٿي ويو... . عشق، محبت، پيار، پريم ساڳيو رهيو. وصل فراق ڦري
ميڙو ۽ وڇوڙو ٿيو پر دلي ڪيفيتون ته ساڳيون رهيون، جذبا ۽ احساس ته اهي ئي رهيا،
پوءِ ايئن ڇو چئجي ته اهي روايت شڪن هئا. فن ۾ روايت شڪني ڪانه ٿيندي آهي، پراڻي
روايت تي ئي نئين روايت جي اوساري ٿيندي آهي. نون سانچن ۾، نين صنفن ۾ نون گهاڙيٽن
سان سڀ ڪجهه ساڳيو رهيو آهي... ها جيڪو
نئون شعور ۽ نئين حسيت ڏسڻ ۾ آئي اها هئي زماني جي تقاضا، طبقاتي شعور، وطن ۽ هم
وطنن جو احساس، انهيءَ تبديليءَ سنڌ ۾ ادب ۾ نه صرف زماني جو شعور آندو پر پنهنجي ڪلاسيڪي
ورثي ڏانهن به موٽايو، شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ سچل وٽان اهي استعارا اڌارا ورتا
ويا، بيت، وائي، ڪافيءَ ڏانهن موٽ کاڌي ۽ اسين ڏسون ٿا ته شيخ اياز سميت انهيءَ
دور جي سمورن جديد شاعرن ڪلاسيڪي صنفن ۾ لکيو.
خاڪي
جويو انهن ۾ اڳڀرو آهي، جنهن بيت ۽ وائيءَ جي صنفن ۾ گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ گهڻي
قدر علامتون، استعارا ۽ ڪردار به ڀٽائيءَ جو اثر ڏيکارين ٿا. (تاج جويي جي بقول
انهن ۾ ڀٽائيءَ جو پرتوو آهي) مارئي، سسئي، سهڻي، راڻو سڀ نئين دنيا ۾ هلي آيا
آهن، بيت جي گهاڙيٽي ۾ سٽن جو ورجاءُ تجنيس حرفيءَ جو خوبصورت استعمال هن ڀٽائيءَ
کان سکيو آهي، ڇند وديا جي ڄاڻ، گيت ۽ دوهي جا گهاڙيٽا هن ورتا آهن. ان کانپوءِ
غزل ۽ نظم به لکيا اٿس. غزل جي گهرج موجب حسن ۽ عشق جو موضوع به نباهيو اٿس پر
مجموعي طرح ڏٺو وڃي ته هن جي شاعريءَ ۾ جديد حسيت به آهي، جنهن جو شعري مزاج، لهجو
۽ ڊڪشن پنهنجي عهد پنهنجي زماني جو شعور رکي ٿو. عشق محبوب سان هجي يا محبوب وطن
سان، ان ۾ شدت شعري، فڪري ۽ نظرياتي آهي ۽ هو پنهنجي انهيءَ سفر ۾ مستقل مزاج رهيو
آهي، ڪا فرار جي راهه ڪانه ڳولي اٿس. شاعري ڪرڻ جو هن وٽ واضح مقصد آهي، پنهنجي ڏات
کي پنهنجن ديس ۽ ديس واسين لاءِ ارپڻ وارو، هڪ هنڌ هن لکيو آهي ته ”پنهنجي هن جنت
جهڙي ڌرتيءَ تي خوشي ۽ خوش حاليءَ جا انگور اڀاري سگهجن، جتي ڪوبه هيڻو نه هجي، ڪوبه
ڏاڍو نه هجي، ڪوبه ڪنهن ٻئي جي پورهئي تي نه پلجي ۽ نه وري ڪوبه ڪنهن کان اوچو ۽
نيچو هجي، سڀ برابر هجن ۽ برابريءَ واري ڪهن نڪور سماج ۾ اڀري ۽ اسري، وڌي ۽
ويجهي.“
ڪهڙو
به ٿئي پر صبح ٿئي،
گهنگهور
گهٽا جي گهيري ۾،
ڪا کنوڻ
کنوي تڏهن چڱو،
هن گهاٽي
گُهگهه انڌيري ۾.
هي شعر
لکندي منهنجو ڌيان خاڪي جويي جي طرفان استعمال ٿيل تجنيس حرفيءَ ڏانهن ڇڪجي ٿو وڃي
ته ڏسان ٿي ته سندس سموري شاعري ان خوبيءَ سان مالا مال آهي.
جاڳي جڏهن
جاڳ جوڳيئڙن جي جوڳ جي،
موٽي
مليا موٽ ۾، ماروئڙن کي ماڳ،
وطن جي
ويراڳ، ورتي واڳ وجود جي.
آخري سٽ
۾ ڪيڏو نه گهرو اونهو خيال آهي، جيڪو خاڪيءَ جي زندگيءَ جي ۽ سندس وجود جي وطن سان
واڳجڻ جو استعارو آهي. وطن جي ويراڳ ڪيئن وجود جي واڳ وٺي ڇڏي هئس. هن شعر ۾ ته هن
ڀٽائيءَ کان به وڌيڪ تجنيس جو استعمال ڪيو آهي، سٽ جو هر لفظ ساڳئي اکر سان ٿو
شروع ٿئي، جنهن سان هڪ قسم جو ترنم پيدا ٿي پيو آهي.
هن وٽ
رڳو پنهنجي ڌرتيءَ جو دک ڪونهي، هو سموري انسان ذات لاءِ فڪرمند آهي ۽ چوي ٿو:
ڪڏهن
ملندو سک، آدم جي اولاد کي،
ماروئڙن
جو مرڪندو، مرجهايل هر مک،
ڏور ڪري
هر ڏکُ، جيئون هوندو جهان ۾.
يا
جي
ماءُ منهنجي آ سنڌ خاڪي،
هر ڀاءُ
آهي، انسان منهنجو.
انسانذات
جي هڪ پيڙهيل حصي عورت لاءِ به هن نظم لکيو آهي ۽ ان سماجي حالت تي ساڻس شامل حال
آهي، جيڪا چوي ٿي:
هر
ظلم، ستم، ڏاڍ سهي چپ رهان ٿي،
بيداد
نگر منجهه جيان، روز مران ٿي
خاڪيءَ
جي شاعريءَ ۾ نظر ايندڙ ذهني سجاڳي، انسان دوستي، وطن دوستي، طبقاتي شعور کيس هڪ
حساس شاعر ثابت ڪن ٿا. هو باشعور ترقي پسند به آهي، روشن خيال به آهي، پر سنڌ جي ٻين
وڏن ترقي پسند ۽ روشن خيال شاعرن جي ڀيٽ ۾ هن جي ترقي پسندي يا طبقاتي ننڍ وڏائيءَ
خلاف سوچ صرف مشاهدي تي ٻڌل ڪانهي، صرف نظرياتي اثر تحت ڪانهي، بلڪ ذاتي تجربي جو
نتيجو آهي، پنهنجي اندر جي ڀوڳنا جو ردعمل آهي ڇو ته هو هڪ هاريءَ جو پٽ هو، پاڻ
به هارپو ڪيو هئائين، تغاري کڻي مزدوري ڪئي هئائين، هوٽل تي بيرو ٿي ڪم ڪيائين ته
بورچي به رهيو، اهي ئي ته اهي پيڙهيل طبقا آهن، جن جي لاءِ ترقي پسندن پئي لکيو
آهي پر انهن جي برعڪس هن پاڻ انهيءَ پيڙا جو تجربو ڪري ان بابت لکيو آهي، ان ڪري
ان ۾ اثر آهي.
اڌ
اگهاڙي پيٽ بکيي سان، سنڌن ساڻا سانگيئڙا
ڪيڏي
سيل صبر ۾ آهن سورن هاڻا سانگيئڙا.
ايئن ٿو
لڳي ته سندس صبر ۽ ماٺ جي اندر به ڪو وڏو مانڌاڻ متل آهي، جنهن کيس پنهنجي ماڻهن
سان سلهاڙي انهن لاءِ لکڻ تي اتساهيو ٿي، ان ڪري خاڪي جويي جي شاعريءَ ۾ سندس
احساس جا عڪس سموري ان انسانذات جي نمائندگي ڪن ٿا، جيڪا محرومين ۽ مجبورين جو شڪار
آهي.
خاڪي جويو
سنڌ جي خاڪ ۾ آرامي ٿيل
خاڪي
ماڪن شاھ رضوي
سنڌ ڌرتي
جي خاڪ مان جنم وٺندڙ ”خاڪي“ به نيٺ انهيءَ خاڪ جو حصو بڻجي ويو، جنهن خاڪ سان هن
ساري ڄمار محبت جا مقدس سنڱ نه رڳو ڳنڍيا هئا، پر نڀايا به هئا. ڪڪڙ لڳ ڳوٺ ڪاٺين
۾ پورهيت حاجي خان جويو جي گهر ۾ ۸ مارچ ۱۹۴۸ع تي جنم وٺندڙ خاڪي جويو جو نالو ته مائٽن خميسو خان رکيو هو، پر هن کي هن
جند جهڙي سنڌ جي مهان مٽي هن دلربا ڌرتي جي خاڪ خاڪي جويو بڻائي ڇڏيو.
پورهيت
هاري جي هن پٽ جيتوڻيڪ غربت سبب پاڻ ته ڪنهن اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ داخل ٿي
تعليم ڪو نه پرائي پر سنڌ جي ٻن هاڪارين شخصيتن سائين علي محمد راشدي ۽ پير حسام
الدين راشدي جيئان، اندر جي اُساٽ اُجهائڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ تاج جويو کي پڙهائڻ جو
عزم ڪندي، سندس ڪتابن کي پاڻ به پڙهڻ لڳو.
ڪي اڻ
پڙهيا ئي پير ٿيا، جنين پڙهيائين پاڻ،
نه ته ڪوڙئين
ڪتابن ساڻ، هونئين وطن هلندا. (لطيف)
خاڪي
مختلف پورهيا ڪيا، هر هلايا، مانڊڻي کولي، ڪتابن جو دڪان کوليو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي
هيءُ مانجهي مرد نه رڳو پنهنجي ڀاءُ تاج جويو کي پڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر پاڻ به
اهڙو پڙهيو، جو سنڌي ادب کي چاليهه ڇپيل ۽ پنجن اڻ ڇپيل ڪتاب جي سوکڙي به ڏئي ويو.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ اي خاڪي جو خيال، تنظيم ڪاري جا اصول، ترقي پسند ادب جا معيار،
ادب جو قومي ڪردار، ڦريا ڏسي ڦيڻ، سونهان ڀانئن سُڌ مَ ڏين، بين الاقوامي نظام،
سورهيه بادشاهه، وطن يا ڪفن، تاريخ ۾ فرد جو ڪردار ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل حالت ۾ موجود
آهن. خاڪي جويو رڳو ليکڪ به نه هو، هو هڪ سياسي سماجي ڪارڪن، قومي ورڪر به هو. هڪ
تجزيه نگار، هڪ ڪامياب تنقيدڪار ۽ شاعر به هو. ”پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن“ جهڙا
شعر سرجيندڙ خاڪي جويو طويل آزاد نظم جي صنف جي باني شاعرن مان به هڪ آهي. ۱۹۸۰ع کان جابر ضياءَ جي مارشل لا واري قهري زماني ۾ هو قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو.
خاڪي جويو هڪ ڊگهي وقت کان رسالو ”ساڃاهه“ به جاري رکيو آيو. جنهن ادب ۾ خوبصورت
جاءِ والارڻ سان گڏ، نوجوان نسل کي نت نوان فڪري لاڙا به ڏنا. هو ساري ڄمار جاکوڙي
ڪردار رهيو، بقول مرشد لطيف ته: ”جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي.“
زندگيءَ
جي آخري ورهين ۾ هو جسماني طور ڪمزور ٿي ويو هو، ان ڪري تمام گهٽ ادبي توڙي قومي
ميڙاڪن ۾ نظر ايندو هو، پر ذهني طور هن جو عزم ۽ حوصلو بلند رهيو. سندس قلم ڪم ڪندو
رهيو، ذهني سوچن جا سلسلا هلندا رهيا. هن پنهنجي ٽن پٽن سچل جويو، دولهه درياءَ
خان عرف عرفان جويو ۽ منير جويو سان گڏ ٽن نياڻين جي به تربيت قومي ڪاز کي آڏو رکي
ڪئي، جنهن ڪري سندس سوچ کي عملي جامو پهرائيندي سندس فرزند سچل سچل جويو حيدرآباد
جي وسندي ۾ پنهنجي رهائش گاهه ويجهو غريب ٻارن لاءِ هڪ اسڪول به کوليو. جنهن ۾ ٻين
اسڪولن جيئن ڪا به ايڊوانس داخلا في نٿي ورتي وڃي ۽ هن مهانگي دور ۾ جتي ٻيا
پرائيويٽ اسڪول هڪ هڪ ٻار جي پنجن، ڏهن هزارن کان وٺي پنجاهه سٺ هزار رپيا في وٺن ٿا،
اتي خاڪي جي پٽ جو اسڪول ٻارن کان صرف ٻه سئو رپيا ماهوار في وٺي ٿو. جيئن استادن
جا پگهار پورا ڪري سگهجن.
خاڪي
جويو سچ ته هڪ عملي ڪم ڪندڙ ڪردار رهيو، جنهن سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ جيڪا به جدوجهد
ڪئي، اها حقيقي ۽ عملي طور نظر ايندي رهي. اڃا تازو ئي سندس ننڍو ڀاءُ سعودي عرب ۾
عمري جي ادائيگي لاءِ ويو ته اُتي وفات ڪري ويو. گذريل ڏيڍ مهيني کان خاڪي جي
طبيعت به ويتر خراب ٿي ته کيس پهرين حيدرآباد جي مقامي اسپتال ۽ پوءِ ڪراچي جي هڪ
مشهور اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، پر ”جڏهن پورا ٿيا پريان، تڏهن تانگهو ئي تار ٿيو“
جيئن نيٺ سنڌ جو هي اڻ ورچ ارڏو ۽ جاکوڙي انسان ٻي مئي ۲۰۱۷ع صبح يارهين وڳين ڪراچي ۾ گذاري جيون ڏينهڙا پورا ڪري ويو.
اهو
بيشڪ سچ آهي ته زندگي فنا لاءِ ئي پيدا ٿي آهي، نيٺ ته اهو ساهه جو سڳو ڇڄڻو ئي
آهي، پر اهڙن املهه ماڻڪ ۽ اڻ لڀ انسانن جو وڇوڙو سچ ته ڌرتي، ادب ۽ ڌرتي واسين
لاءِ وڏي دُک ۽ نقصان جو ڪارڻ ضرور آهي.
قومي دانشور خاڪي جويو
کي ڀيٽا
سارنگ جويو
ڪالهه
مُنھنجي سياسي اُستاد، سنڌ جي قومي دانشور ۽ مزاحمتي شاعر چاچا سائين خاڪي جويي جي
وڇوڙي جو ڏينھن هو، جنھن ڏينھن ھو اسان کان جسماني طور ھميشه لاءِ موڪلائي ويو، پر
ھو اڄ بلڪه زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين ۽ سنڌ جي آزاديءَ واري خواب جي حقيقي ساڀيان
تائين ھُو اسان جي دلين ۾ پنھنجي قلمي پورھيي ذريعي ھميشه زندھ رھندو.
سائين
خاڪي جويو سنڌ جو اھو بيباڪ قومي دانشور ھو، جنھن فڪر سيد جي تشريح نه صرف جديد
سائنسي بنيادن تي ڪئي، پر ان سان گڏوگڏ فڪر تي زندگيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين قائم
۽ دائم رھيو ۽ عملي طور تي قومي ڪارڪنن ۽ قومي قيادتن جي پنھنجي ادبي ۽ سياسي
رسالي ’ساڃاھ‘ ۽ ڪيترن ئي تربيتي ڪتابن ذريعي ڪئي. سائين خاڪي جويي جو ٻيو اھم ۽ وڏو ڪارنامو اھو
ھو، جو ھُن مارڪسزم جھڙي سائنسي فلسفي کي حقيقي فلسفي طور متعارف ڪيو ۽ نام نھاد
قومي تضاد جي مخالفت ڪندڙ ڪٽر ۽ عقيدي پرست ڪميونسٽن کي لينن جي جڳ مشھور ڪتاب ”قومي
حق خود اراديت“ جھڙو ڪتاب ترجمو ڪري انھن جا مُنھن بند ڪرائي ڇڏيا، جنھن ڪتاب ۾
لينن کليل لفظن ۾ قومي تضاد تي لکيو آھي ۽ قومي آزادي جي حمايت ڪئي آھي اڃان اھو
چيو آھي ته، ”آئون سچو ڪميونسٽ ان کي چوندس جيڪو سماج جو تاريخي ۽ جدلياتي تجزيو ڪري
بُنيادي تضاد معلوم ڪري ۽ جيڪڏھن بُنيادي تضاد قومي تضاد آھي ته سڀ کان پھرين اھو
تضاد حل ڪرڻ گھرجي، ۽ قومي آزادي جي تحريڪ ۾ جيڪو وڌ مان وڌ حصو وٺي اھو حقيقي ڪميونسٽ
آھي“. نه صرف پر سائين خاڪي ”سوشل شائونزم ۽ مظلوم قومون“ ۽ ” پنجابي دانشور ۽
مظلوم قومون“ جھڙا اھم ڪتاب لکي انھن کي لاجواب ڪري ڇڏيو، جنھن جي رد ۾ اڄ تائين ڪو
به جواڀ نه ڏئي سگھيو آھي. سائين خاڪيءَ جو ٽيون ۽ اھم ڪارنامو جديد دنيا جي ڏاھي
ايلوِن ٽافلر جي فڪر ۽ فلسفي کي تخليقي ڪتاب جي صورت ۾ متعارف ڪرايو، سندس ان
ناياب ڪتاب جو نالو ” جديد قومي ۽ بين الاقوامي نظام“ آھي، جنھن ۾ سائين خاڪيءَ
سائنس جي ڪائناتي اصولن آڌار ٻُڌايو آھي ته، ” ھي ڪائنات پنھنجي جوھر ۾ تبديل ٿيندي
رھي ٿي ۽ مُتحرڪ آھي، جيڪا سڄي جو سڄي مادي جي ٺھيل آھي، جيڪا فنا نه ٿي ٿئي پر
اھا پنھنجي شڪل بدلائي ٿي. ھن ڪتاب ۾ ٻُڌايو ويو آھي ته سماج جي ترقيءَ جو
دارومدار پيداواري اوزارن تي ٻڌل آھي، پر اھي پيداواري اوزار پھرين صرف ھٿ جي
پورھئي جا محتاج ھُئا، پر سائنس جي ميدان ۾ ٿيندڙ ترقي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو اچڻ
۽ آٽومائيزيشن جي انقلاب اچڻ کان پوءِ پيداواري اوزار تيزيءَ سان تبديل ٿيا آھن ۽
اھي ھاڻي ھٿ جي پورھئي تائين محدود ناھن پر اھي ھاڻي مارڪسي فلسفي جي بنيادي اصول
نفيءَ جي نفيءَ واري قانون موجب ھٿ ۽ ذھن جي گڏيل پورھئي کان به اڳتي نڪري صرف
ذھني پورھئي تائين پھچي چُڪا آھن. مطلب ته جڏھن ھٿ جو پورھيو ھو ته ان وقت انھن جو
وڏو مسئلو جھجھي تعداد ۾ پيداوار ڪرڻ ھو، جنھن ڪري مزدورن جو استحصال ڪري وڌ ۾ وڌ
پيداوار پيدا ڪئي ويندي ھُئي، پر ھاڻي ٽيڪنالاجي جي انقلاب جي اچڻ کان پوءِ
پيداوار. پيدا ڪرڻ جو ڪو به مسئلو ناھي، ھاڻي پيداوار ايتري ته ججھي تعداد ۾ پيدا ٿئي
ٿي جو ھاڻي اُنھن جو مسئلو ان ججھي پيداوار جي کپت جو آھي، ان ڪري انھن کي مارڪيٽ
يعني منڊي کپي جيڪا انھن جي پيداوار خريد ڪري سگھي، ان لاء ھاڻي سرمائيدار جي
مجبوري آھي ته ھو منڊيءَ جي قوت خريد کي وڌائي ته جيئن سندس پيدوار وڪجي سگھي. ھن ڪتاب
۾ ھڪ اھم مثال ڏنل آھي ٻن امير ترين ماڻھن جو ھڪ امير ماڻھو پنھنجي دولت غريب ماڻھن
۾ ورھائي ڇڏيندو آھي ته جيئن اھي پنڻ ڇڏي ڏين پر اھي ماڻھو ڪجھه ڏينھن کان پوءِ
وري ساڳي ڪرت سان لڳل ھوندا آھن مطلب ته انھن جي زندگي خيرات جي ڏنل پئسن مان يعني
سخي جي سخاوت سان تبديل نه ٿي پر ٻيو ماڻھو ليئو ٽالسٽاءِ ھو جنھن انھن غريب ماڻھن
کي پئيسا نه ڏنا پر انھن پئسن مان فيڪٽريون ۽ انڊسٽريون ھنيون ۽ انھن غريب ماڻھن
کي انھن فيڪٽرين ۾ ٽريننگ ڏياري نوڪريون ڏنيون، جنھن عمل سان نه صرف انھن غريب ماڻھن
جي زندگي تبديل ٿي وئي پر ان سان اھو ملڪ به ۽ ٽالسٽاءِ به ترقي ڪرڻ لڳو.
سائين
خاڪي جويو ھڪ خوبصورت ۽ مزاحمتي شاعر جي حيثيت ۾ پڻ نمايان حيثيت جو حامل آھي،
سائين خاڪي ضياءَ جي دور ۾ ٻہ وڏا مزاحمتي نظم لکيا ھئا، ھڪ ”آزاد گھرجي وطن“ ۽ ٻيو
”پاڪستان جو مطلب ڇا ڦاھيون، ڦٽڪا، مارشلا“ جيڪي تمام مشھور ٿيا، جيڪي ڪتابي صورت
۾ ڪيترا ئي ڀيرا ڇپيا، ان کان علاوہ سائين خاڪي سنڌي وائيءَ جو وڏو شاعر ھو، سندس
وايون سندس شاعري مجموعي ”ايءُ خاڪيءَ جو خيال“ ۾ پڙھي سگھجن ٿيون، جيڪي پنھنجي
ھيئت، جدت ۽ انفراديت جي حوالي سان اھميت جون حامل آھن.
خاڪي جويو
ڏاڍ جي ڏونگرن سان مهاڏو
اٽڪائيندڙ هڪ ڪردار
گل مورو
مزاحمتي ادب جي حوالي
سان جتي شيخ اياز، نياز همايوني، راشد مورائي، حليم باغي جو نانءُ ڳڻيو وڃي ٿو اتي
سنڌ جي نامياري اديب، دانشور ۽ مزاحمتي شاعر خاڪي جويي جو نالو به نمايان طور
تاريخ جي ورقن ۾ ياد رکيو ويندو جنهن سڄي زندگي سن جي سيد سائين جي ايم سيد جي فڪر
۽ نظرئي جي پوئيواري ڪندي هميشهه اهڙن ته قومي گيتن کي جنم ڏنو جيڪي ان وقت
نوجوانن لاءِ ڄڻ ته نئون جذبو پيدا ڪندڙ اهي گيت ئي هيا پوءِ ڀلي جنرل ضياءَ واري
مارشل لا وارو دور هجي يا وري نيم جمهوري دور هجي يا وري ان کان اڳي ون يونٽ ۾ جڏهن
سنڌ جي وحدت کي غلام بڻايو پئي ويو ته انهيءَ زماني ۾ هي خاڪي جويو جنهن جو اصل
نالو خميسو خان هيو. ان پنهنجي گيتن وسيلي سڄي سنڌ ۾ قومي تحرڪ مچائي ڇڏيو ۽ سندس
اهو طويل نظم تاريخ ۾ هميشهه ياد رکيو ويندو جنهن ۾ اهو لکيو هئائين ته “پاڪستان
جو مطلب ڇا، کايون ڦٽڪا مارشلا” ۽ ان وقت انهي نظم وڏي مڃتا ماڻي هئي جو سنڌ جي ڳڀرو
نوجوانن کي ڳولي ڳولي پڪڙي ڪري يا ته ڦاهيون ڏنيون وينديون هيون يا وري ڦٽڪن جو وسڪارو
ڪيو ويندو هو. هي سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي هجڻ سان گڏ قومي دانشور به ليکيو
وڃي ٿو جنهن پنهنجي زندگي ۾ ۴۰ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا هن ڪيترائي ڀيرا جيل ڀوڳيو ۽ سنڌ ۾
علمي، ادبي ۽ قومي شعور جي حوالي سان هڪ بهترين رسالو “ساڃاهه” جاري ڪيو جنهن پڻ وڏي
مڃتا ماڻي. سنڌ جو هي قومي ۽ مزاحمتي شاعر هميشهه قومي تحريڪ سان واڳيل رهيو ڪڏهن
به پوئتي نه هٽيو ڪيترن ئي سنڌ جي سپوتن کي نروار ڪرڻ ۾ اڳڀرو رهيو. سنڌ جي خوشحالي
آجپي جا خواب اکين ۾ سانڍيندڙ خاڪي جويو غربت هوندي به پنهنجي علمي، ادبي پورهئي سان
واڳيل رهيو هن خاڪي جوئي هميشهه علمي پورهئي کي اهميت ڏني. اها به حقيقت آهي ته ڪنهن
ڏاهي جو قول آهي ته“ ڪنهن به ماڻهو جو پورهيو ضايع ناهي ٿيندو”. ۸ مارچ ۱۹۴۸ع ۾ مسڪين پورهيت حاجي خان جويي جي گهر ۾
جنم وٺندڙ خميسي خان عرف خاڪي جويي ننڍپڻ ۾ هارپو به ڪيو پنهنجي پيٽ گذر لاءِ
هميشهه هن پورهئي کي اهميت ڏني پوءِ اها ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي واري پورهيت تحريڪ
هجي يا وري ڪامريڊ سوڀي جي پورهيت نظرئي جي آبياري هجي انهي سموري عمل ۾ خاڪي وقت جي
خاڪين سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو ۽ ڪيتري وقت تائين سڪرنڊ ۾ هڪ ننڍڙي ڪئبن تي ڪتابن
۽ اخبارن جو ڪم ڪندو رهيو ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس علمي ادبي مضمون به ڇپجندا
رهيا. سنڌ جو ناميارو دانشور سائين محمد ابراهيم جويي جي چوڻي مطابق ته خاڪي جويو
هميشهه وقت جي خاڪين کان باغي هو ۽ هن ڪڏهن به موقعي پرستي وارو ڪردار ادا نه ڪيو
۽ ڪنهن جي به اڳيان هٿ نه ٽنگيو اهڙا ئي ماڻهو تاريخ جا وڏا ماڻهو هوندا آهن. اها
حقيقت آهي ته خاڪي سيد ۽ سنڌ جو حقيقي عاشق هو جو سندس لکڻين ۾ عشق جو اظهار
نمايان نظر اچي ٿو. هن سائين جي ايم سيد جي اديب ۽ سياست واري روايت کي برقرار رکيو
سنڌي ٻولي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. سنڌ جو پاڻي هجي يا سنڌ جو ناڻو
هجي، سنڌ جي تهذيب هجي يا وري سنڌ جو تاريخي پس منظر ان کي سينگارڻ سنوارڻ ۽ محفوظ
بنائڻ ۾ هن عملي ڪردار ادا ڪيو. علم ادب جي حوالي سان جتي سنڌي ادب جي باني دادا
گوبند مالهي جو ذڪر ٿئي ٿو اتي خاڪي جي قلمي جهاد جو ذڪر به نمايان نظر اچي ٿو. هن
سنڌ جي ناليواري دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي لکڻين ۾ به آجپي جي
آرسي ڏٺي هئي ان ذريعي هميشه اها ڪوشش ڪندو رهيو ته وطن جي خوشحالي لاءِ ڪو نئون
جهان جوڙجي. جڏهن سنڌ جي خوشحالي ۽ آسودگي جا خواب سندس نيڻن ۾ نروار ٿيا ته هن نينڍ
ڏني ته؛
چنگ چارڻ جيان مان
وڄايان پيو،
هر گلي ڳوٺ ۾ گيت ڳايان
پيو
سنڌ ڌرتي لاءِ ڪرنگها
کپن “خاڪي”.
هن قومي مسئلن تي
کليل نموني مزاحمت ڪئي قومي مسئلن جي نجات لاءِ جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ جو درس ڏنو جڏهن
به ڪي مشڪلون آڏو اينديون هيون ته منزلن کي رسڻ لاءِ قافلن کي رسڻ ۽ انهن سان ساٿ نڀائڻ واري جذبي جو
هينئن اظهار ڪندو هو ته؛
سنڌ ڌرتي کي بانڪا
بهادر کپن،
ڏاڍ ڏاري رکن سي ڏهيسر
کپن
۽ درياخان
دودا دلاور کپن،
ڪين غدار هاڻي چنيسر
کپن.
سنڌ کي اڄ به جيڪي
سنگين خطرا آهن انهن جو اڀياس ڪيو وڃي ته سنڌ جنهن مشڪل مان گذري پئي اڄ وري به اهڙن
ئي مزاحمتي اديبن، شاعرن جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته ڪو هجي جيڪو جوءِ کي جاڳائي
وجهي ۽ اهڙا ته مزاحمتي گيت ارپي جو سنڌ جهومي پوي. اڄ وري لال لهو تي رقص ڪندڙ اهي
گيت ارپڻ جي ضرورت آهي جن جي وسيلي ون يونٽ واري زنجير سنڌ جي ڳچي مان نڪتي هئي پر
اڄ وري وقت سنڌ مٿان اهڙو ته ڪهري ڪڙڪي پيو آهي جو ڪئين ڳڀرو نوجوان پنهنجي جيون ڪٿا
جون سموريون خواهشون وري هڪ ڀيرو ٻيهر ارپڻ پيا چاهين ڇو ته هن وقت تائين وطن جي
خوشحالي ۽ آجپي لاءِ ڪيترو نه لال لهو وهيو آهي جو اڄ وري سڄي سنڌ ڪنهن اهڙي صبح
جي تلاش ۾ آهي ته سنڌ وري هڪ سکيو ساهه کڻي. اها ئي تمنا سنڌ جي خاڪي جي هئي جنهن
چيو هو ته؛
سنڌ ڌرتي جا سڏ سڻندا
هلو
گوڙ گمسان سان گهوٽ
گجندا هلو
سنڌ جي ويرن سان وڙهندا
هلو
سنڌ جي ساٿ جي واڳ
واري اچو
ڏاڍ جي ڏونگرن کي
به ڏاري اچو
ويرن لاءِ ٻارڻ به ٻاري
اچو
ظلم جي زور جا پاپ
پرزا ٿين.
سنڌ جي ارڏي شاعر ۽
اديب سائين خاڪي جويي هميشهه مزاحمتي ادب کي ئي اهميت ڏني ڪڏهن به چاپلوسي ۽ مسلط
پسندي واري تخليق، تخليق نه ڪيائين. هونئن به تخليقڪار ظلم استحصال پنهنجي وطن سان
ٿيندڙ ويساهه گهاتين تي ڪڏهن به خاموش ناهن رهي سگهندا پر اڄ جي دور ۾ ڏٺو وڃي ته
ادبي ۽ سياسي ليڊر مصلحت واري مام ۾ منجهي پيا آهن جو کين اهڙو ته خوف کائي ويو
آهي جو سنڌ سان ٿيندڙ هر انياءَ تي خاموش تماشائي بڻيل آهن جنهن جو نظارو اڄ سڄي سنڌ
ڏسي پئي پر خاڪي ڪڏهن به وطن جي مسئلي تي نه خاموش رهيو نه وري خاڪي وقت جي ڪنهن خاڪي
کان ڊنو ۽ هن جا طويل نظم ۽ هن جون مزاحمتي تخليقون اڄ به سنڌ جي هر نوجوان لاءِ
اهم حيثيت رکن ٿيون ۽ جڏهن سنڌڙي تنهنجو نانءَ ورتو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو جهڙي
حالت هئي ۽ چڱا ڀلا وطن جا دعويدار ٻرن ۾ وڃي لڪي ويهي رهيا تڏهن خاڪي جي قلم مان
لفظ خنجر بڻجي نڪتا، گوليون بڻجي گونجيا، دشمن جي سيني تي وڃي ڦهڪيا ۽ هي سنڌي قوم
کي هر دور ۾ اها نينڍ ڏيندو رهيو ته؛
ڏاڍ جي ڏونگرن کي
اچون ڏاريون،
ظالمن جابرن کي به
للڪاريون.
اها حقيقت آهي ته هن
سڄي زندگي ڏاڍ جي ڏونگرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ديس جي دردوندن کي آخري گهڙي تائين
درس ڏيندو رهيو ته ظالمن ۽ جابرن کي اچو ته للڪاريون.
خاڪي جويو
قومي فڪر جي سائنسي بنيادن
تي تشريح ڪندڙ
سارنگ جويو
اڄ مُنھنجي سياسي
اُستاد، سنڌ جي قومي دانشور ۽ مزاحمتي شاعر چاچا سائين خاڪي جويي جي وڇوڙي جو ڏينھن
آھي، جنھن ڏينھن ھُو اسان کان جسماني طور ھميشه لاءِ موڪلائي ويو، پر ھُو اڄ بلڪه
زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين ۽ سنڌ جي آزاديءَ واري خواب جي حقيقي ساڀيان تائين اسان
جي دلين ۾ پنھنجي قلمي پورھيي ذريعي ھميشه زندھ رھندو.
سائين خاڪي جويو،
سنڌ جو اھو بيباڪ قومي دانشور ھو، جنھن قوي فڪر جي تشريح نه صرف جديد سائنسي
بنيادن تي ڪئي، پر ان سان گڏوگڏ فڪر تي زندگيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين قائم ۽ دائم
رھيو ۽ عملي طور تي قومي ڪارڪنن ۽ قومي قيادتن جي پنھنجي ادبي ۽ سياسي رسالي ’ساڃاھ‘
۽ ڪيترن ئي تربيتي ڪتابن ذريعي ڪئي. خاڪي جويي جو ٻيو اھم ۽ وڏو ڪارنامو اھو ھو،
جو ھُن مارڪسزم جھڙي سائنسي فلسفي کي حقيقي فلسفي طور متعارف ڪرايو نه صرف اھو پر
سائين خاڪي تضادن جي سائنس تي ڪمال جي دسترس رکندو ھو ۽ ھُن قومي تضاد جي مخالفت ڪندڙ
ڪٽر ۽ عقيدي پرست ڪميونسٽن کي لينن جي جڳ مشھور ڪتاب ”قومي حق خود اراديت“ جھڙو ڪتاب
ترجمو ڪري انھن جا مُنھن بند ڪرائي ڇڏيا. قومي حق خوداراديت ڪتاب ۾ لينن کليل لفظن
۾ قومي تضاد تي لکيو آھي ۽ قومي آزاديءَ جي حمايت ڪئي آھي بلڪه اھو چيو آھي ته، ”آئون
سچو ڪميونسٽ ان کي چوندس جيڪو سماج جو تاريخي ۽ جدلياتي تجزيو ڪري بُنيادي تضاد
معلوم ڪري ۽ جيڪڏھن بُنيادي تضاد قومي تضاد آھي ته سڀ کان پھرين اھو تضاد حل ڪرڻ
گھرجي، ۽ قومي آزادي جي تحريڪ ۾ جيڪو وڌ مان وڌ حصو وٺي اھو حقيقي ڪميونسٽ آھي“.
نه صرف اھو پر سائين خاڪي ”سوشل شائونزم ۽ مظلوم قومون“ ۽ ”پنجابي دانشور ۽ مظلوم
قومون“ جھڙا اھم ڪتاب لکي انھن کي لاجواب ڪري ڇڏيو، جنھن جي رد ۾ اڄ تائين ڪو به
جواب نه ڏئي سگھيو آھي. خاڪيءَ جو ٽيون ۽ اھم ڪارنامو جديد دنيا جي ڏاھي ايلوِن ٽافلر
جي فڪر ۽ فلسفي کي تخليقي ڪتاب جي صورت ۾ متعارف ڪرايو، سندس ان ناياب ڪتاب جو
نالو ”جديد قومي ۽ بين الاقوامي نظام“ آھي، جنھن ۾ خاڪيءَ سائنس جي ڪائناتي اصولن
آڌار ٻُڌايو آھي ته، ”ھي ڪائنات پنھنجي جوھر ۾ تبديل ٿيندي رھي ٿي ۽ مُتحرڪ آھي،
جيڪا سڄي جو سڄي مادي جي ٺھيل آھي، جيڪا فنا نه ٿي ٿئي پر اھا پنھنجي شڪل بدلائي ٿي.
ھن ڪتاب ۾ ٻُڌايو ويو آھي ته سماج جي ترقيءَ جو دارومدار پيداواري اوزارن تي مبني
آھي، پر اھي پيداواري اوزار پھرين صرف ھٿ جي پورھئي جا محتاج ھُئا، پر سائنس جي
ميدان ۾ ٿيندڙ ترقي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو اچڻ ۽ آٽومائيزيشن جي انقلاب اچڻ کان
پوءِ پيداواري اوزار تيزيءَ سان تبديل ٿيا آھن ۽ اھي ھاڻي ھٿ جي پورھئي تائين
محدود ناھن پر اھي ھاڻي مارڪسي فلسفي جي بنيادي اصول نفيءَ جي نفيءَ واري قانون
موجب ھٿ ۽ ذھن جي گڏيل پورھئي کان به اڳتي نڪري صرف ذھني پورھئي تائين پھچي چُڪا
آھن. مطلب ته جڏھن ھٿ جو پورھيو ھو ته ان وقت انھن جو وڏو مسئلو ججھي تعداد ۾
پيداوار ڪرڻ ھو، جنھن ڪري مزدورن جو استحصال ڪري وڌ ۾ وڌ پيداوار پيدا ڪئي ويندي
ھُئي، پر ھاڻي ٽيڪنالاجي جي انقلاب جي اچڻ کان پوءِ پيداوار. پيدا ڪرڻ جو ڪو به
مسئلو ناھي، ھاڻي پيداوار ايتري ته ججھي تعداد ۾ پيدا ٿئي ٿي جو ھاڻي اُنھن جو
مسئلو ان ججھي پيداوار جي کپت جو آھي، ان ڪري انھن کي مارڪيٽ يعني منڊي کپي جيڪا
انھن جي پيداوار خريد ڪري سگھي، ان لاء ھاڻي سرمائيدار جي مجبوري آھي ته ھو منڊيءَ
جي قوت خريد کي وڌائي ته جيئن سندس پيدوار وڪجي سگھي. ھن ڪتاب ۾ ھڪ اھم مثال ڏنل
آھي ٻن امير ترين ماڻھن جو ھڪ امير ماڻھو پنھنجي دولت غريب ماڻھن ۾ ورھائي ڇڏيندو
آھي ته جيئن اھي پنڻ ڇڏي ڏين پر اھي ماڻھو ڪجهھ ڏينھن کان پوءِ وري ساڳي ڪرت سان لڳل
ھوندا آھن مطلب ته انھن جي زندگي خيرات جي ڏنل پئسن مان يعني سخي جي سخاوت سان
تبديل نه ٿي پر ٻيو ماڻھو ليئو ٽالسٽاءِ ھو جنھن انھن غريب ماڻھن کي پئسا نه ڏنا
پر انھن پئسن مان فيڪٽريون ۽ انڊسٽريون ھنيون ۽ انھن غريب ماڻھن کي انھن فيڪٽرين ۾
ٽريننگ ڏياري نوڪريون ڏنيون، جنھن عمل سان نه صرف انھن غريب ماڻھن جي زندگي تبديل ٿي
وئي پر ان سان اھو ملڪ به ۽ ٽالسٽاءِ به ترقي ڪرڻ لڳو.
خاڪي جويو ھڪ
خوبصورت ۽ مزاحمتي شاعر جي حيثيت ۾ پڻ نمايان حيثيت جو حامل آھي، خاڪي ضياءَ جي
دور ۾ ٻه وڏا مزاحمتي نظم لکيا ھئا، ھڪ ”آزاد گھرجي وطن“ ۽ ٻيو ”پاڪستان جو مطلب ڇا
ڦاھيون، ڦٽڪا، مارشلا“ جيڪي تمام مشھور ٿيا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ڪيترائي ڀيرا ڇپيا،
ان کان علاوه خاڪي سنڌي وائيءَ جو وڏو شاعر ھو، سندس وايون سندس شاعري مجموعي ”ايءُ
خاڪيءَ جو خيال“ ۾ پڙھي سگھجن ٿيون، جيڪي پنھنجي ھيئت، جدت ۽ انفراديت جي حوالي
سان اھميت جون حامل آھن.
خاڪي جويو
منھنجو ڳوٺائي.
ھمسفر گاڏھي
خاڪي جويو سنڌ ۾ ۶۰ع ۽ ۷۰ع واري سياسي پود مان نھايت ئي اتساھيندڙ ڪردار ھو. ھن ۸ مارچ ۱۹۴۲ع تي خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ڪاٺيا ڳوٺ ۾
جنم ورتو. ڪاٺين جو ڳوٺ اسان جي ڳوٺ بيد کان ٿورو پرڀرو ڇنڊڻ ۽ ڪرڪٽ جي مٿان آهي. ڪنھن
وقت قومي سياست ۾ سرگرم رھندڙ ٻه ڪردار
حبيب ڪاٺيو ۽ لطيف ڪاٺيو به انھي ڳوٺ جا آھن. ھڪ ھاري حاجي خان جويي جي گھر۾ اک
کوليندڙ خميسو خان اڳتي ھلي خاڪ جي نسبت سان خاڪي بڻيو، سندن خاندان غربت سبب لاڏائو
رھيو، ان ڪارڻ لڪي شاهه صدر، سن ۽ سڪرنڊ به سندس حصي ۾ آيا. خاڪي سنڌ ۽ سائين جي
ايم سيد سان بي پناه محبت ڪندڙ شخص ھو، ھو انھن تي ڪک به نه سھي سگھندو ھو. سڪرنڊ
۾ بوڪ اسٽال ھوندي سرخا توڙي قومپرست ڪامريڊ وٽس اچي ساھي پٽيندا ھئا،ھو ھميشه
سندن دل سان آجيان ڪندو هو پر سياسي بحثن جي پڄاڻي ھميشه تلخ ئي ٿيندي ھئي باوجود
ان جي سھپ ۽ رواداريءَ جو دور ھو، ان ڪري سياسي ڪارڪن ان کي ڪنهن ذاتي اختلاف جي
پيرائي ۾ ڏسڻ بدران مثبت سياسي سوچ سان اڳتي وڌندا ھئا. خاڪي جويو صاحب ۹۰ع جي ڏھاڪي ۾ عوامي آواز ۾ مون سان ملڻ
ايندو هو، ھڪ اڌ ڀيرو اختلاف راءِ سبب اٿي ھليو به ويو پر ھن آخر تائين نينھن ناتو
نه ڇنو، اھا سندس وڏ ماڻھائپ ھئي. رک رکاءُ ڪندڙ بلڪل نه ھو، ڪانفرنسن ۾ به جيڪڏهن
ڪو سنڌ ۽ سيد جي حوالي سان غلط بياني ڪندو هو ته ھو اٿي بيهي پنهنجي راءِ ڏيندو
هو، ان ڪري سندس ماڻھن سان سماجي لاڳاپا به متاثر ٿيا پر ھن شخص آڏو سنڌ ھميشه
اتاھين رھي. خاڪي ۳۰ کان وڌيڪَ ڪتابن جو خالق، تنقيد نگار، ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن، ترجمي نگار ۽
ساڃاه رسالي جو ايڊيٽر ھو. سچ ته اڄ مون کي سنڌ ۾ خاڪي جي دور واري سياسي پختگي، سھپ
۽ برداشت ته سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ نظر نه ٿي اچي پر حق سچ چوڻ، سنڌ جي پاسي بيھڻ
جو به ڪال ٿو نظر اچي، شايد مصلحت ۽ انفرادي مفاد پرستي فڪر کي اڏوھي وانگر کائي
وئي آهي... منھنجو پنھنجي ڳوٺائي، سنڌ پرست ليکڪ ۽ ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن خاڪي جويو
کي سلام.
خاڪي جويو
دلشاد ڀٽو سينيئر
جڏانهن ڪر ٿيام ساڃاھ سپرين سين
تڏانهن ڪر تر جيترو، ويل نه وسريام
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري
لطيف
خاڪي جويو انهن ماڻهن
مان هو جن تي لطيف جو مٿيون بيت ٺهڪي اچي ٿو۔ جڏهن کان مليو اندر ۾ اوطاقون ڪري
رهي پيو۔
خاڪي سان منهنجي
ملاقات ان وقت ٿي هئي جڏهن هو سڪرنڊ ۾ رهندو هو۔ سڪرنڊ ۾ خاڪي جي جاء مٿي هئي۔ ڏاڪڻ
تي چڙھبو هو ته ٻه ڪمرا ايندا هيا۔ هڪ ڪمرو ڏاڪڻ جي هِن طرف ۽ ٻيو ڪمرو ڏاڪڻ جي
هُن طرف۔ هن طرف واري ڪمري ۾ خاڪيءَ جي بيٺڪ به هئي ته رهائش به هئي جڏهن ته ڏاڪڻ
جي هُن طرف واري ڪمري ۾ ٻچڙا رهندا هئا۔ خاڪيءَ جي بيٺڪ واري ڪمري ۾ سڄي رات ان
سان منهنجي رهاڻ ٿي هئي۔ ان کان پوءِ اسان سياست ۽ ادب جي دنيا اڪثر گڏ رهياسي۔ خاڪيءَ
جڏهن ساڃاھ رسالو ڪڍڻ شروع ڪيو ته ان رسالي کي عملي شڪل ڏيڻ وقت اسان ٻئي گڏ
هياسي۔ ساڃاھ جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ خاڪي اڪثر ڪراچي ايندو هو ۽ جڏهن به ڪراچيءَ
ايندو هو، مان وٽ اچي رهندو هو۔ پوءِ سڄي رات اسان تاريخ، فلسفي، مارڪسزم، قومپرستيءَ
۽ عالمي صورتحال تي ڪچهري ڪندا هياسي۔
ساڃاھ رسالو شروع ۾
ترقي پسند پارٽيءَ جو ترجمان هو پر پوءِ سنڌ جي آزاديءَ جو ترجمان بڻجي ويو۔ خاڪيءَ
تي ڪافي مشڪل وقت آيا پر هن ساڃاھ رسالو ڪڏهن به بند نه ڪيو۔ سنڌ ۾ اهڙا ٻه رسالا
هيا جن پنهنجي نالي جي ڌوم مچائي. انهن مان هڪڙو سهڻي هو ۽ ٻيو ساڃاھ هيو۔
ساڃاھ سنڌ جي شڪنتلا
هئي۔ جئين هر ناريءَ جي اها آس هوندي آهي ته شڪنتلا جهڙي هجي۔ ساڳي ريت سنڌ جي هر
ليکڪ جي اها خواهش هئي ته اهو ساڃاھ ۾ڇپجي۔
مان جڏهن خاڪي وٽ
ويندو هيس ته مون سان ننڍڙي سنڌو ملندي هئي سٻاجهڙي، پياري۔ ننڍڙي سنڌو جيڪا ڪڏهن
مونکي ڏسي ڀڄي ويندي هئي، ڪڏهن منهنجي هنج ۾ اچي ويهندي هئي۔ پوءِ سنڌو وڏي ٿي وئي
ان جي شادي به ٿي وئي۔ پوءِ سنڌو جهڙي پتڪڙي سنڌوء کي ڌيءَ ڄائي جيڪا به سنڌوء
وانگر ڪڏهن مونکي ڏسي ڀڄي ويندي هئي ڪڏهن هنج ۾ اچي ويهندي هئي۔
خاڪيءَ سان منهنجي
ياري آخري وقت تائين هلي ۽ ان ياري هلڻ جو سڀ کان وڏو سبب سنڌ سان بي لوث عشق هو۔
خاڪيءَ سنڌ جي آزاديءَ تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو نه ڪڏهن سنڌ جي آزاديءَ واري
موقف تان تر جيترو هٽيو۔ خاڪي جيترو سچو سوشلسٽ هو ۽ ايترو ئي سچو قوم پرست به هيو
۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين سنڌ جي آزاديءَ واري موقف تي اٽل رهيو.
خاڪي جويو
مَظلوم قوم جو ترجمان
شاعر!
حفيظ چانڊيو
سائين خاڪي جويو
صاحب سنڌ جو ناميارو شاعر، نقاد، ليکڪ، اديب، عالم ۽ قومي دانشور هو. هُو ۰۸ مارچ ۱۹۴۲ع تي ڪاٺيا ڳوٺ خيرپور ناٿن شاھ ضلعي دادوءَ
۾ حاجي خان جويي جي گهر ڄائو. ادبي دنيا ۾ ته خاڪي جويي جي نالي سان مشهور ٿيو، پر
سندس اصل نالو خميسو خان جويو هو. اُهو سندس شروعاتي ادبي سفر هو، جڏهن هُن خيام
جي نالي سان لکڻ پسند ڪيو، پر ڪُجھ وقت کانپوءِ خاڪي جويي جي نالي سان لکڻ جي چونڊ
ڪئي. سندس سَموري ڄمار سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ پتوڙيندي گذري. ادبي مورچي يا سياسي
مورچن تان سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ پرچار ڪندو رهيو. هُو هوبهو پنهنجي والد حاجي خان
جيان بيباڪ ۽ ارڏو هو. سندس والد پڻ زميندارن سان اَٽڪي سدائين لڏپلاڻ ڪندو رهيو.
اهڙو ڪوئي زميندار نه هوندو، جنهن حاجي خان جويي کي هارايو هجي. خاڪي جويو جو
هونئن ته لڪي شاھ صدر ڀرسان ڳوٺ آهي. درياءَ جي ڪپ تي سندس ڳوٺ جا نشان اڃا باقي
آهن، هُو اهڙي خاندان مان آهي، جنهن ۾ اديبن جي ٽمورتي مشهور آهي. برک اديب ۽ مها ڏاهي
سائين محمد ابراهيم جويو صاحب، سائين تاج جويو ۽ خاڪي صاحب جو تعلق ساڳئي خاندان
سان هجڻ سبب سنڌ ۾ هنن کي شاھ، سچل ۽ سامي جي ٽمورتي طور ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس
زندگيءَ جي ڏکن سُکن تي ڪنهن ڀيري لکبو، هُو هڪ خوددار قسم جو ننڍر ۽ مڻيادار ماڻهو
هو، جنهن جي زندگيءَ جو ڳچ حصو سن ۾ گذريو. سن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو
ته سندن ڳوٺ کي درياءَ جو پائي وڃڻ هجي يا وري سندس والد صاحب جي زميندارن سان
طبيعت نه لڳڻ به ٿي سگهي ٿو. هُو پورهيت هو، پورهيتن جي حمايت ۾ زندگي گذاريائين.
جيتوڻيڪ سندس والد هُن کي چوپائي مال سان لڳايو، پر پٽ جي پڙهڻ واري شوق کي ترجيح ڏيندي،
مال چارڻ سان گڏ اسڪول وڃڻ جي اجازت پڻ ڏني. هُن سنڌي پرائمري اسڪول قاضي احمد ۾
پرائي. خاڪي جويو ڪوئي سرمائيدار يا زميندار ڪونه هو، هُو پورهيت پيءُ جو هڪ محنت ڪش
پٽ هو، جنهن کي ٻني ٻارو ڪرڻ عيب بدران فخر ٿيندو هو. فطرت کيس خداداد صلاحيت سان
نوازيو هو، هُن هَرَ به ڪاهيا، ڳاھ به ڳاهيا، ٻنين ۾ بيٺل فصل تان جهار به هڪلي. مٿي
تي تغاريون کڻي رزقِ حلال روزي ڪمائي گهروارن جو پيٽ پاليندو رهيو. سندس زندگيءَ
تي لکجي ٿو ته اُهو وقت به اکين آڏو اچي ٿو وڃي، جڏهن هُن سن شهر ۾ ديوان نينو اوڏ
جي دڪان تي مزدوري ڪندي دڪان جي صفائي کان به نه ڪيٻايو. هُو زندگيءَ جي جُستجو ۽
جدوجهد جو نرالو نانءُ هو. هُن جو اُتساھ ۽ فخر سندس ننڍو ڀاءُ تاج جويو ئي هُو،
کيس پڙهندي ڏسي خوش پيو ٿيندو هو. ديني تعليم پڻ حاصل ڪئي، ناظره قرآن شريف پڙهيائين،
اُن دوران خلق جي خدمتگار ٽلو مل ڌيرواڻي جي اسپتال ۾ رضاڪار طور خدمتون سرانجام ڏنائين،
جيڪا سن ۾ ئي اسپتال هئي.
سنڌوءَ جي پويتر پاڻيءَ
جهڙي رنگت رکندڙ بهترين شاعر، نثر نويس ۽ قومي دانشور توڙي اديب خاڪي جويو فڪرِ جي
ايم سيد سان سلهاڙيل رهيو. هُو قومپرست هو، عالم انسانيت جي وقار کي بحال ڏسڻ جو
عملي خواهشمند رهيو. سنڌ ۽ سنڌين جو اصل عاشق هو. هُو روشن خيال اديب هو، ترقي
پسند سوچ جو مالڪ نهايت پيارو انسان هو. سندس ناسي نيڻن ۾ سنڌ جو آجپو هو. هُو سنڌ
۽ سنڌين کان وڇڙيو آهي، سندس وڇوڙو سنڌ جي ساھ کي سٽ جهڙو محسوس ٿيو، ڇو جو هُو
عام ماڻهو نه هو، کيس سنڌ جي آجپي جي سُتي پياريل هئي. هُن وٽ نه صرف سنڌ جي سرهي
سينڌ جو سپنو هو، پر پهاڙن جيڏو حوصلو ۽ سمنڊ جيڏو صبر به هو، تنهن کي سنڌ صدين
تائين ساريندي رهندي. هُو تيستائين رهندو، جيستائين ڪيلاش پربت تان سنڌو ديوتا سنڌ
ايندو رهندو، جيستائين سنڌ رهندي، تاريخ رهندي، هُو به رهندو. سنڌ اُها ڌرتي آهي،
جنهن پنهنجي جوهر ۾ دشمنن کي به ناهي وساريو، هي ته سڄڻ هو، ساٿي هو، ڀرجهلو هو،
ميڙيندڙ ڳنڍيندڙ، هڻندڙ، هڪليندڙ ۽ ٻيلي ساريندڙ هو، سنڌ کيس ڪيئن وساري سگهندي.
سنڌ سان سندس عشق فقط جنون تائين صرف محدود ڪو نه هو، پر اُهو جذبو سندس بنيادي
ايمان به هو. جيتوڻيڪ سندس وار چاندي ٿيا، پر جذبا جهڪا ڪو نه ٿيا، موت بي ميار
آهي، باقي سَموري ڄمار سندس جذبا جهور نه ٿيا، نه ئي ڪو ماٺار جو شڪار ٿيا. سندس
عشق ايمان هو، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ هر گذرندڙ گهڙيءَ سان پختو ٿيندو ويندو ويو. هُو
شاعر جي هنن سٽن جو اکين ۾ نظر ايندڙ روپ هو. سنڌ سان پنهنجي عشق کي ايمان سمجهندڙ
هِن قومي اڳواڻ جو وڇوڙو سنڌ جي قومي سياست لاءِ يقينن هڪ وڏو خال هو، جيڪو ڀرجي
نه سگهندو. خاڪي جويي صاحب پنهونءَ جهڙي سنڌ سان سسئي ٿي عشق ڪيو، جنهن ۾ سندس پير
به پٿون به ٿيا، اُن باوجود هُن اکين ۾ سنڌ جي آجپي واري خوبصورت خواب کي ڌنڌلو ٿيڻ
نه ڏنو. هُن نه صرف دليري ۽ سرهائي سان سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙيو، پر
سن جي سيد واري صبر جي واٽ تي به ثابت قدم رهيو. ڪيترا ئي ڀيرا سندس راهون روڪي
کيس انهيءَ پنڌ تان هٽائڻ جون به ڀرپور ڪوششون ٿيون، پر لطيف جي لفظن جيان:
ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي،
موهيا ڪنهن نه مال،
جي ڇورين ڏنا ڇال،
ته به لاهوتي لنگهي
ويا!
۴۰ کان وڌيڪ سندس ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ سياست، ادب، تنقيد، تاريخ، فلسفي،
تنظيم ڪاريءَ جي موضوعن تي مشتمل آهن ۽ هُو شاعريءَ ۾ طويل آزاد نظم جو بُنياد
وجھندڙ شاعر هو. سندس طويل نظم ضياءُ الحق جي آمريت واري دور ۾ ”پاڻ کي ھاڻ آزاد
گھرجي“، ”وطن ۽ پاڪستان جو مطلب ڇا ڦاھيون ڦٽڪا مارشلا”جي نالي سان ننڍڙا ڪتابچا پڻ
ڇپيل آھن، جن جا ڪيترا ئي ڇاپا پڻ ڇپيا. سندس شاعريءَ جو ھڪ ٻيو ڪتاب ايءُ خاڪيءَ
جو خيال پڻ ڇپيل آھي، جنھن ۾ سندس وايون سنڌي ڪلاسيڪل شاعري آهي. سندس ٻين اھم ڪتابن
۾ تنظيم ڪاريءَ جا اصول، پنجابي شائونزم ۽ مظلوم قومون، ترقي پسند ادب جا معيار،
ادب جو قومي ڪردار، ڦريا پسي ڦيڻ، سونھان ڀانئين سُڌ مَ ڏين، جديد قومي ۽ بين
الاقوامي نظام، اردو آبادي سائين جي ايم سيد جي نظر ۾، سورھيه بادشاھ وطن يا ڪفن،
حب الوطني ۽ انسانيت، سوشل شائونزم آهن. خاڪي جويو سن جي سيد واري فڪر جو ٻيجل هو.
سندس سئن سنڌ مٿان سر گهورڻ واري هئي، اهڙي عشق الستي کيس سُمهڻ نه ڏنو. نٽهڻ اُس
۾ رهي به قوم جي بقا جي جنگ وڙهندو رهيو. هُو اسان ۾ ناهي، پر سندس سياسي توڙي
ادبي پورهيو اسان لاءِ اُتساهڪ آهي. سندس زندگيءَ جو اهڙو بي مثال طرز حيات امر رهڻو
آهي!
(ڏھاڙي ڪوشش
حيدرآباد ۾ ۹ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
خاڪي جويو
خيالَ ”خاڪيءَ“ سندا خام
ناهن پرين!
انيلا ’نيل‘ ميراڻي
سنڌ جي نامياري ڏاهي،
سنڌي ساهت ۾ ”ساڃاهه“ ورڇيندڙ سنڌ جي نمائنده سياسي دانشور، شاعر، صحافيءَ ۽ عملي
طرح قوم پرست سياست ۾ پاڻ ملهائيندڙ، سائين جي ايم سيّد جي سچي ساٿيءَ، خاڪي جويي
کي سنڌ کان وڇڙئي ۶ ورهه مڪمّل ٿي رهيا آهن، جيڪو ۲ مئي ۲۰۱۷ع تي ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ پنهنجا آخري پساهه کڻي
سنڌ کان موڪلائي عدم ڏانهن روانو ٿيو.
خاڪي جويو ۸ مارچ ۱۹۴۲ع تي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ
جي ”ڪاٺيا“ نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس اصل نالو خميسو خان ولد حاجي جويو هو، پر هُو
ادبي ۽ سياسي دنيا ۾ ’خاڪي جويي‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. شروع ۾ ڪجهه عرصو هن
’خيام‘ جي تخلص سان به شاعري ڪيائين. هاريءَ جي گهر جنم وٺندڙ هي يگانو انسان جيتوڻيڪ
غربت سبب پاڻ ته ڪنهن تعليمي اداري ۾ داخل ٿي تعليم نه پرائي سگهيو هو، پر پنهنجي ڀاءُ
تاج جويي کي پڙهائڻ جو ارادو ڪيو. ڪير ان ڳالھه تي ويساهه ڪري سگهندو! ته پنهنجي ڀاءُ
کي پڙهائيندي پڙهائيندي خاڪي پاڻ به اهڙو پڙهيو، جو سندس نانءُ هڪ نامياري شاعر ۽
قومي دانشور طور ياد پيو رکيو وڃي. ’خاڪي‘ ادب جي خدمت ڪندي سنڌ کي هيٺين ڪتابن جي
سوکڙي ڏئي ويو، جن مان شاعريءَ سميت جملي ۳۰ ڪتاب شامل آهن: (۱) آزاد گهرجي وطن (طويل نظم: مارچ ۱۹۷۳ع، ٽي ڇاپا ڇپيل ــ ٽيون ڇاپو: ۲۰۰۸ع)، (۲) ايءُ خاڪيءَ جو خيال (شاعري: جولاءِ ۱۹۸۲ع)، (۳) ڪيڏارو (مزاحمتي بيتَ: ۱۹۸۴ع)، (۴) آسڻ جن اريج (ايم آر ڊي متعلق طويل نظم:
مارچ ۱۹۸۵ع ــ ٻيو ڇاپو ۲۰۰۸ع)، (۵) قومي سوال جو نظرياتي جائزو (مارچ ۱۹۸۶ع)، (۶) ترقي پسند ادب جا معيار (پهريون ڇاپو:
اپريل ۱۹۸۶ع، ٻيو ڇاپو: ۲۰۰۸ع)، (۷) کاٻي ڌر جي موقعي پرستي (۱۹۸۶ع)، (۸) پنجابي دانشور ۽ مظلوم قومون (جنوري ۱۹۸۸ع)، (۹) قومي عليحدگيءَ جو سوشلسٽ جمهوري حق
(جنوري ۱۹۸۷ع)، (۱۰) قومي سوال جو تنقيدي جــائـــزو (لـيـنـن: تـرجمـو ۱۹۸۸ع)، (۱۱) بـيٺـڪيـت ڇـا آهـي؟ (۱۹۸۸ع)، (۱۲) قـومـي ڪـارڪنـن لاءِ تـدريـسي ڪورس (۱۹۸۸ع)، (۱۳) انقلاب جي واٽ (۱۹۸۸ع)، (۱۴) ڦريا پسي ٿيڻ (سياسي تنقيد)، (۱۵) عشق، حب الوطني ۽ انسانيت (جنوري ۲۰۰۱ع)، (۱۶) سنڌ ۾ اردو آباديءَ جو مستقبل (آڪٽوبر ۲۰۰۱ع)، (۱۷) آزاديءَ جــو حــق؛ ڀـاڱـو پهريـون (سائين
جي ايم سيد جا انٽرويو-ترتيب: جنوري ۲۰۰۳ع)، (۱۸) سورهيه بادشاهه جو سنڌ جي آزاديءَ جو خواب (۲۰۰۳ع)، (۱۹) تاريخ ۾ فرد جو ڪردار (گارگي پليخانوف-
ترجمو: فيبروري ۲۰۰۶ع)، (۲۰) سونهان ڀائين، سُڌ نه ڏين (سياسي تنقيد: جنوري ۲۰۰۷ع)، (۲۱)، جديد قومي ۽ بين الاقوامي نظام (مارچ ۲۰۰۷ع)، (۲۲) سـنڌي ۽ اردو آباديءَ جي تاريخي ضرورت
(اپريل ۲۰۰۷ع)، (۲۳) ادب جو قومي ڪردار (اپريل ۲۰۰۸ع)، (۲۴) تنظيم ڪاريءَ جا اصول (اپريل ۲۰۰۸ع)، (۲۵) اردو آبـادي، سائين جي ايم سيد جي نظر ۾،
(۲۶) سوشل شاونزم ۽ مظلوم قومون (آگسٽ ۲۰۰۸ع)، (۲۷) وطن ۽ قوم جي سياست، (۲۸) تاريخي عمل جي روحاني زندگي (ترجمو: اپريل
۲۰۰۹ع)، (۲۹) آزاديءَ جو حق، ڀاڱو ٻيو (سائين جي ايم سيد جا انٽرويو-ترتيب: جنوري ۲۰۱۰ع)، (۳۰) جن پڙهايو پاڻ (آتم ڪٿا: ۲۰۱۰ع) جيڪو سندن حياتيءَ جو آخري ڪتاب ثابت ٿيو.
۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ خاڪي جويي ڪن اديب دوستن سان گڏجي پندرهن وار ”ساڃاهه“
رسالو جاري ڪيو، جيڪو ستت ئي وطن دوست انقلابي ۽ مزاحمتي ادب جو ترجمان پرچو بڻجي
ويو. سنڌ ۾ سياسي سجاڳي، نظرياتي ادب ۽ سائنسي فڪر جي پرچار ۾ ”ساڃاهه“ جو ڪردار
نهايت جاندار رهيو. خاڪيءَ قومي فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ ۲۵ سال لڳاتار ماهوار ”ساڃاهه“ رسالي جي اشاعت
جاري رکي، جيڪو سلسلو مٿس اڌرنگي جي ٿيل حملي سبب رڪجي ويو. ضعيفيءَ ۽ بيماريءَ
دؤران پنهنجي آتم ڪٿا ’جن پڙهايو پاڻ‘ لکي، پاڻ ڪمپوز ڪري، ڇپايائين، جنهن مان
سندس زندگيءَ، ادب ۽ نظريي سان لڳاءَ جي ڀرپور ڄاڻ ملي ٿي.
خاڪي جويي سموري
زندگي ترقي پسند ادب جي خدمت ڪرڻ ۾ گذاري. سندس تحريرون نئين نسل جي رهنمائيءَ جو
اهم ڪم انجام ڏئي رهيون آهن. هو ترقي پسند لکڻ وارن مان هو. سندس شاعريءَ ۾ جيڪي
موضوع وڏي پيماني تي نمايان رهيا، اهي آهن اتساهه، اُميد ۽ جدوجهد تي ويساهه. پاڻ
سنڌ جو اهو قومي ۽ عوامي شاعر هو، جنهن جا شعر نه رڳو جلسن ۾ پڙهيا ويندا آهن، پر
اهي بينرن ۽ اهم دعوت نامن تي به فخر سان لکيا ويندا آهن. ”ساڃاهه“ رسالي ذريعي خاڪيءَ
سنڌ ۾ جيڪو فڪري شعور پکيڙيو، ان ڪيترن ذهنن کي اسرڻ جا موقعا فراهم ڪيا ۽ جدوجهد
جا ڪيترا نوان ڪردار متعارف ڪرايا. ”ساڃاهه“ رسالي جا پرچا اڄ به کڻي ڏسجن ٿا، ته
اهي سنڌ اندر سياسي ۽ قومي سوجهري جي ترجماني محسوس ٿين ٿا. دردن ۽ محرومين وارو
رستو اختيار ڪرڻ باوجود، قدرت پاران عطا ڪيل زبردست صلاحيتن جي آڌار تي هن هڪ خواب
جي تڪميل ڪرڻ چاهي، ته سنڌ جو هر باشعور ماڻهو اُن فڪري سوچ واري واٽ وٺي. ڇو ته
ان ۾ اندر جو اطمينان ۽ دل جي تسلي سمايل هئي. خاڪيءَ جي شاعريءَ ۾ شامل سندس ذهني
سجاڳيءَ، انسان دوستيءَ، وطن دوستيءَ ۽ طبقاتي شعور کي نندڻ واري پيغام کيس هڪ
حساس قومي شاعر ثابت ڪيو. انهيءَ حساس انسان ۽ شاعر جي حيثيت سان عورتن جي ابتر
حالت تي به لکيائين. ’عورت جي سماجي حالت‘ جي سري سان لکيل سندس نظم جون هي سِٽون
حقيقت نگاريءَ جو ڪيڏو نه مضبوط دليل آهن:
هر ظلم، ستم، ڏاڍ سَهي چپ رهان ٿي،
بيداد نگر منجهه جيئان، روز مَران ٿي.
يا
خاموش رهي، ڏاڍَ مٿي، ڏاڍ سهان ٿي،
بيمارَ ٻُڍا، سلھه ورتلَ، وَر وٺان ٿي
سڀ ڪجھه ڏسي، ۽ پاڻ پَسي، ڪجھه نه ڪڇان ٿي.
هي سٽون سچ پچ ته اڄ
به اسان جي سماج ۾ هڪ پيڙهيل وجود جي ڀرپورعڪاسي ڪن ٿيون. خاڪي جويي جي بظاهر
متحمّل ۽ سانتيڪي طبيعت جي اندر ڪا عميق اُونهائي هئي، جنهن کيس پنهنجن ماڻهن سان
سلهاڙي انهن لاءِ لکڻ تي اُتساهيو ٿي، انڪري سندس شاعريءَ ۾ سندس احساسن جا عڪس ان
انسان ذات جي ترجماني ڪن ٿا، جيڪا محرومين ۽ مجبورين جو شڪار آهي. ’خاڪي جويو‘ چوڻ
۾ ته سَن شهر جي حيدر شاهه سنائي قبرستان ۾ آرامي آهي، پر سندس دل هميشه ’سنڌ‘
لاءِ ڌڙڪي هئي ۽ ڌڙڪندي رهندي. خاڪي پنهنجي پويان رڳو هڪ بيوهه، ٽي نياڻيون ۽ ٽي
پُٽ ڇڏيا، بلڪه انيڪ خوبصورت خيال ۽ وطن دوستيءَ جا اعليٰ مثال پڻ ڇڏيا. مهينو ڏيڍ
اڳ سندس بيوهه ڪوثر پڻ ساڻ وڃي ملي. احساسن جي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ خاڪيءَ جا خيال اڄ
به سنڌ جي ساهت ــ ديس ۾ گُونجن پيا ۽ سدائين گونجندا رهندا:
ڪيچ وينديس ڪهي، لوڙهه ويندي لهِي،
ظالمن ساڻ ليڪن، نه هلنديس ٺهِي،
ڊوهه ڪڏهين نه ڪڏهين، ته ويندا ڊهِي،
ڪين رهندا ڪڏهن، ڪوٽ ڪارا ڪٺن.
سچ آهي ته ڪائنات
جي هر شئي فنا ٿيڻ لاءِ ئي پيدا ٿي آهي، ساھ جي سڳي ڇڄڻ جو هڪڙو وقت مقرر ٿيل آهي،
پر اڻ لڀ انسان پنهنجي وڇوڙي پڄاڻان هڪ اثرائتي تاريخ ڇڏي، امر ٿي وڃن ٿا. ”خميسي
خان“ کان ”خاڪي جويي“ تائين جاکوڙ واري سفر ۾ هي ڪردار به سدائين امر رهندو، ڇاڪاڻ
ته ”ايءُ خاڪيءَ جو خيال“ خام ناهي:
خيالَ ”خاڪيءَ“ سندا خام ناهن پرين!
تو جِها جڳّ ۾ جامَ ناهن پرينَ!
سُونهن تُنهنجيءَ جو سُنهن، مان سڄڻَ! ٿو کڻان.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا