; سنڌي شخصيتون: غوث پيرزادو - تاج جويو

27 June, 2017

غوث پيرزادو - تاج جويو

غوث پيرزادو
رمجهول ۽ احتجاج جو استعارو
تاج جويو
غوث پيرزادو، منهنجي جونيئر دوستن مان هڪ گهڻ پڙهيو، پُختو شاعر ۽ نثر نويس آهي. هن نوجوان شاعر جو ڊِڪشن (اسلُوب) ۽ لهجو، سندس دِلي دوست اَياز جانيءَ وانگر پنهنجي مُنفرد انداز ۽ نِرالائپ وارو آهي. غوث پيرزادي جي پنهنجي دوست ۽ همعصر شاعرَ اياز جانيءَ لاءِ اها راءِ آهي ته هُو شاعريءَ تي سندَ هو؛ پر منهنجي راءِ آهي ته اياز جانيءَ جي سَنگُ ۽ ساٿُ ۾ رهي، غوث پيرزادو به پنهنجي همعمر ۽ همعصر نوجوان شاعرن ۾ شاعريءَ تي سندَ آهي. هو شعر جي رُوح ۽ مِزاج کي سمجهي ٿو، شعر جي گهراين ۽ معنوي مفهوم کي پرکي ٿو ته تنقيدي ادراڪ به مٿانهون رکي ٿو، تڏهن ئي ته هو ههڙا پُختا شعر لکي سگهي ٿو:


نيڻنَ ۾ نه ڀر دُونهون، دُونهاٽ نه جوڀنَ کي،
اِئن ٻوڙ نه، مس هاڻي ٻُڏندي ئي تريو آهيان.
تو پُڄاڻان ٿر اکين ۾ آ لٿو،
تو پُڄاڻان، مينهن ٿي برسات ته ڪيئن؟
اکين ۾ دونهون ڀرڻ‘، ’جوڀن کي دونهاٽڻَ‘ ۽ ’ٿر اکين ۾ لهڻ‘ جهڙا استعارا، اصطلاح ۽ ترڪيبون ٻُڌائين ٿيون ته هُو پنهنجو ڊڪشن، لهجو ۽ اسلُوب جوڙڻ وارِي واٽ تي گامزن آهي.
اَياز جاني، غوث پيرزادي جو دِلي دوست هو، ۽ اِهي دوستيءَ ۾ يڪ وجُود هُئا، بلڪه ائين چئجي ته هنن جي دوستي وحدت الوجُود جو استعارو هئي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. هن جو اُٿڻ ويهڻ، گُهمڻ ڦرڻ اياز جانيءَ سان گڏ هوندو هو. اياز جانيءَ جي دائمي وڇوڙي کان پوءِ غوث جون شامُون بي رنگ، اُونداهيون ۽ ٻُسيون بنجي ويون آهن. هيءَ حساس شاعر انهن احساسن کي هن ريت اظهاري ٿو:
هٿُ نه آ ڪنهن جو به هاڻي هٿَ ۾،
شام جي انداز کي گِرهڻ لڳِي.
اَياز جانيءَ جي وڇوڙي جو نوحو، ان کان وڌيڪ ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو سگهجي!
غوث پيرزادو ٻلهڙيجيءَ جهڙي فطرت پَرور ڳوٺ جو رهواسي آهي، اُن ڪري اُتان جي فطري ۽ ادبي ماحول جو ڪيڙيل آهي. هو ٻلهڙيجيءَ ويجهو سِنڌُوءَ درياهه مان ماريل مڇيءَ ۽ پَلي، جهنگ مان لاٿل تازي ماکيءَ ۽ ڪُنڍين مينهن جي مِٺي کيرَ، مکڻ ۽ پِسَ تي پليل آهي، اُن ڪري غوث پيرزادي جي ذهن جي چِيڪِي مِٽيءَ مان شاعريءَ جي رُوپ ۾ سوچَ جا جيڪي گُلَ ڦُٽا آهن، تن لاءِ آءُ کيس پنهنجي غزل جون ئي سِٽُون ارپيان ٿو:
سوچَ جا گُلَ ٽِڙيا، سُونهن جو سِجُ ڦُٽو،
روشني روشني، رات ٿيڻي نه آ!
غوث جو والد هڪ وقت پنهنجي دور جو وڏو ڪاٽڪُو ۽ ’دَرياهي هاڻو‘ هو ۽ پري پري کان درياهه ۾ مينهون هڻي ايندو هو؛ غوث وٽ پيءُ واري اُها ڏاڍ مُڙسي ۽ چوراڻي ڏات ته نه آهي، پر هيءَ لفظن جو ’هاڻو‘ ضرور آهي، ۽ لطيف سائينءَ وٽان هيءُ سبق سِکيو آهي ته:
جي ڀائين پِرينءَ مِڙان، سِکُ چوران ڪِي ڏات !‘
۽ هن لفظن جا ڌاڙا هڻي، پِرينءَ جي سينڌ ۾ سِندُور ۽ پيرنَ ۾ رمجهول ضرور وِڌا آهن. اُها پِريتما ڪا وينگس به ٿي سگهي، ۽ سنڌُ به ٿي سگهي ٿي؛ خُود چوي ٿو:
رقص ۾ رمجهول هئا، ۽ سِنڌُ هُئي.
مان سمجهان ٿو ته غوث پيرزادو، نِماڻي سِنڌِيءَ کان پوءِ  ٻيو شاعر آهي، جنهن ”رمجهول“ لفظ جو حسين استعمال ڪيو آهي.
ڇمڪڻي تُون چمڪ پنهنجي چاهتن جي چول ۾،
ڏي اَبرُ ڪُجهه مون کي اوتي مان به پايان جهول ۾.
مهجبين جي اڱڻ ۾ پَڙلاءُ آ پازيب جو،
اُڀ ڏِنا تارا لُٽائي هن جَڙيا رمجهول ۾.
هاڻي ڏسون ٿا ته غوث پيرزادي ’رمجهول‘ لفظ کي ڪيئن استعمال ڪيو آهي. عجيب اتفاق آهي ته ٻنهي شاعرن ساڳيو بحر وزن ڪم آندو آهي. نماڻي وٽ بحر رمل جا رُڪن ڪُجهه وڌيڪ آهن، ۽ غوث وٽ رُڪن گهٽ آهن، پر بحر ساڳيو آهي.
جنگ جو اعلان هو يا هُئي ڌمال،
رقص ۾ رمجهول هئا ۽ سنڌ هئي.
ٻنهي شاعرن ’رمجهول‘ لفظ جڏهن ڪم آندو آهي ته ٻنهي وٽ ماحول ۽ پسمنظر مختلف رهيو آهي. نِماڻي رومانوي پسمنظر ۾ ’رمجهول‘ کي ڪم آندو آهي، ۽ غوث پيرزادي قلندري ڌمال  ۽ ’رقص ۾ رمجهول‘ جا استعارا احتجاجي معنيٰ ۾ ڪتب آندا آهن. هو ’پازيب‘ ۽ ’ڇير‘ لفظ به ڪم آڻي سگهيا ٿي (نِماڻي پهرئين بند ۾ ’پازيب‘ لفظ ڪم آندو آهي.) پر ’رمجهول‘ جي حُسناڪي پنهنجي آهي ۽ احتجاج دوران ’رمجهول جو رقص‘ ڪيترو نه با معنيٰ بنجي وڃي ٿو، ان جو ادراڪ ڪو ڪو ئي رکي سگهي ٿو.
جنهن سَمي دهشتگردَ ماڻهن کي مسجدن، مندرن، امام بارگاهن ۽ درگاهن ۾ آزاديءَ سان عبادت ڪرڻ نه ڏين، جڏهن پنهنجي مَسلڪ جو آزاد اِظهار ڪرڻ جي به مُخالفت ڪئي وڃي، جڏهن قلندري ڌمال يا قونيه جي رقص ۾ عورتون ۽ مرد مدهوش ٿي محوِ رقص ٿين ۽ اُهو رُوح پَرور منظرُ ڪن ڪوتاهه ذهن ۽ ڪم ظرف مذهبي پاڳلن کي نه وڻي، تڏهن ڌمال ۽ رقص ۾ ’رمجهول‘ احتجاج جو اُهڃاڻ بنجي وڃي ٿو.
غوث پيرزادي هي شعر ”قلندر اَدبِي ڪانفرنس“ لاءِ لکيو هو، ۽ سيوهڻ ۾ سال اڳُ پڙهيو هو، پر جڏهن دهشتگردن سيوهاڻي سرڪار جو صحن ريٽي رت ۾ لال ڪري ڇڏيو هو، ته اُن کان پوءِ ساڃهه وندن ۽ عام ماڻهن جو مَروَندِي مير جي صحن ۾ ڌمال تي رمجهول پائي رقص ڪرڻ واقعي ’جنگ جو اعلان‘ بنجي وڃي ٿو. انتها پسنديءَ خلاف رقص ۽ ڌمال ذريعي احتجاج، امن جي بحاليءَ ۽ اِنسانيت جي دوام جو احتجاج آهي!
غوث، ’رمجهول‘ لفظ احتجاج ۽ جنگ جي اعلان واري پسمنظر ۾ به رچيو آهي ته نماڻي سنڌيءَ وانگر رومانوي انداز ۾ به تخليق ڪيو آهي، پر اُن ۾ وري سماج سان احتجاج موجُود آهي:
ڏُکي هن جي پيرن جا ’رمجهول‘ پيا هئا،
سِتم هن جي جذبن تي محفل ۾ ٿيو.
غوث پيرزادي جي شاعري سندس آپ بيتيءَ سان گڏ جڳ بيتي به آهي.
غوث پيرزادي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ جو تذڪرو ڪندي لکيو آهي ته هِن نثر ماءُ کان ۽ شعر پيءُ کان مستعار ورتو آهي. پر مون کي معاملو بلڪل اُبتو لڳي ٿو. آءُ سمجهان ٿو ته کيس ڪوتا جي ڪُوملتا ماءُ جي هِردي مان مِلي آهي ۽ نثر جي شوخي ۽ خارجيت پيءَ کان مِلي آهي. سندس پيءُ ۽ ماءُ جي مُحبت واري شادي، ٻهراڙيءَ جي بيباڪ عشق جي ڪهاڻي آهي، ڇو ته سندس ماءُ جي مُحبت جي پيءُ کي موٽ نه مِلي ها ته نه اها مُحبت جي شادي ٿئي ها، نه غوث جنم وٺي ها نه سندس رومانٽڪ شاعري سِرجي ها. غوث لکيو آهي ته سندس امڙ ذات جو درد اظهارڻ عيب سمجهندي هئي، بُک تي به ٽهڪ ڏيڻ ڄاڻندي هئي. ائين به غوث اندر ۾ پيڙائُون سانڍي، دوستن سان ٽهڪن ۽ شرارتن ۾ گُذاريندو آهي. درد کي برداشت ڪرڻ ته ڪو کانئُس سِکي!
مُون کي لڳي ٿو ته آگسٽ 1993ع جڏهن غوث جو والد گُذاري ويو ته هي سندس احساس اُن وقت جا آهن:
هر گِهٽي ۽ گام تُنهنجو ٿي پُڇي،
سُڏڪندڙ  سارو هي گهرمُون کي نه ڏي!
آءُ سمجهان ٿو ته غوث هيءَ پنهنجي جيجل امڙ جو نوحو لِکيو آهي.
ٽهڪ ڏنئين اُڇلي،
بس کوڙ اُجورو هو.
هٿ نه آ ڪنهن جو به هاڻي هٿ ۾،
شام جي انداز کي گِرهڻ لڳِي!
منهنجي نظر ۾ هنن ٻن شعرن مان پهريُون شعر غوث جي جاني، اياز جانيءَ جي زندگيءَ ۾ لکيل آهي ۽ ٻيو جانيءَ جي جُدائيءَ کان پوءِ جو لکيل آهي.
ڪهاڻي غوث هي آهي حياتيءَ جي،
اسان جو عشق اَڻپُورو ئي رهندو هو.
واقعي جانيءَ جي غير موجُودگيءَ ۾ غوث جو عشق اَڻپُورو ئي آهي.
غوث پيرزادي جي شاعري اُڏام وارِي منزل تي روان دوان آهي، اُن جو اُهڃاڻ سندس هيءُ شعر آهي:
چَنڊُ آ تنهنجي اَدا جو استعارو،

آدمي آهي خُدا جو استعارو.

No comments:

راءِ ڏيندا