; سنڌي شخصيتون: غوث، پيرزادو، رمجهول، استعارو، تاج جويو،
Showing posts with label غوث، پيرزادو، رمجهول، استعارو، تاج جويو،. Show all posts
Showing posts with label غوث، پيرزادو، رمجهول، استعارو، تاج جويو،. Show all posts

27 June, 2017

غوث پيرزادو - تاج جويو

غوث پيرزادو
رمجهول ۽ احتجاج جو استعارو
تاج جويو
غوث پيرزادو، منهنجي جونيئر دوستن مان هڪ گهڻ پڙهيو، پُختو شاعر ۽ نثر نويس آهي. هن نوجوان شاعر جو ڊِڪشن (اسلُوب) ۽ لهجو، سندس دِلي دوست اَياز جانيءَ وانگر پنهنجي مُنفرد انداز ۽ نِرالائپ وارو آهي. غوث پيرزادي جي پنهنجي دوست ۽ همعصر شاعرَ اياز جانيءَ لاءِ اها راءِ آهي ته هُو شاعريءَ تي سندَ هو؛ پر منهنجي راءِ آهي ته اياز جانيءَ جي سَنگُ ۽ ساٿُ ۾ رهي، غوث پيرزادو به پنهنجي همعمر ۽ همعصر نوجوان شاعرن ۾ شاعريءَ تي سندَ آهي. هو شعر جي رُوح ۽ مِزاج کي سمجهي ٿو، شعر جي گهراين ۽ معنوي مفهوم کي پرکي ٿو ته تنقيدي ادراڪ به مٿانهون رکي ٿو، تڏهن ئي ته هو ههڙا پُختا شعر لکي سگهي ٿو: