; سنڌي شخصيتون: پروفيسر عبدالحق ساريو - ساجد مسڻ

27 June, 2017

پروفيسر عبدالحق ساريو - ساجد مسڻ

پروفيسر عبدالحق ساريو
هو جيڪو سراپا حق هو
ساجد مسڻ
سنڌ امڙ ڌرتي جي ڪک مان هزارين روشن خيال، ترقي پسند، انسان دوست، سماج سڌارڪ، عوام دوست، رحمدل، سخي، مهمان نواز ۽ غريب نواز انسانن جنم ورتو آهي. جن پنهنجي سموري زندگي انسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، جيڪي ڏينهن رات،جُهڙُ ڦُڙُ،سردي گرمي ۾ انسان ذات جي ڀلائيءِ ۽ بهتريءِ لاءِ ڪم ڪندي نظر اچن ٿا، اهڙن ئي املهه ماڻڪ موتين ۾ (مرحوم) پروفيسر عبدالحق ساريو به هڪ هيو.


پروفيسر عبدالحق ساريو جو جنم پنهنجي اباڻي ڳوٺ گلڻ واهڻ ۾ پنهنجي والد راڻو خان جي گھر ۾ 09 07 1964ع ٿيو. جهڙو هن جو نالو عبدالحق هيو، تئين ئي پاڻ به حق جو حامي هيو، حق چوندو هيو، حق ڪندو هيو ۽ حق ٻڌندو هيو.هي اصول پرست،رحمدل، سخي ۽ فياض دل انسان هيو. هن پرائمري جا پنج درجه به پنهنجي اباڻي ڳوٺ گلڻ واهڻ ۾هڪ قابل استاد، استاد غلام قادر ساريو جي رهنمائي ۾پڙيا. هن ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري مان 1981ع ۾ پاس ڪري فرسٽ ۽ انٽر به گورمينٽ ڪاليج ڏوڪري مان 1983ع ۾ ڪئي.هن کي تعليم سان تمام گھڻو چاهه ۽ شوق هوندو هيو، هي ننڍي هوندي کان ئي محنتي، جفاڪش ۽ سلڇڻو شاگرد رهيو، ان محنت ڪرڻ جي ڪري کيس استاد به تمام گھڻو ڀانئيندا هئا. هن کي تعليم کاتي ۾ ڪافي دلچسپي هوندي هئي،هن جي خواهش هئي ته استاد ٿي پنهنجي ڳوٺ وارن کي تعليم جهڙي عظيم زيور سان سينگاريان ۽ تعليم جي اهميت و افاديت بابت هتان جي ڳوٺ وارن کي شعور سان مالا مال ڪيان، ان خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ هن 1985ع ۾ سي ٽيC.T جو امتحان به پاس ڪيو. سي ٽيC.T ڪرڻ کان هن  بعد بي اي ((B.A 1987ع ۾ ڪئي، جنهن کان پوءِ هن جو استاد ٿيڻ وارو خواب پورو ٿيڻ لڳو، ائين ئي هي 1989ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿي ويو، هن جي زندگي ۾ مسلسل محنت ڪرڻ وارو جذبو شامل هيو، جنهن به مقصد کي حاصل ڪرڻ چاهيندو هيو،ان لاءِ هو ڏينهن رات هڪ ڪري وڃي ان کي توڙ رسائيندو هيو،ائين هي محنتي انسان 1993ع ۾ جي-ايس-ٽي J.S.T)) استاد مقرر ٿيو.هن کان ننڍپڻ کان ئي محنت ڪرڻ جي سُتي پيل هئي، سو هي لاڳيتو محنت ڪندو ايندو هيو ۽ محنت جو ڦل به هن کي وقت سر ملندو پئي آيو.هن جي ايم-اي اردو ۾ هئي،لاڳيتي محنت جي نتيجي ۾ هن ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اردو شعبي ۾ 1993ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو.هي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري سان 1997ع کان سلهاڙيل رهيو ۽ مختلف وقتن تي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جي عهدن تي رهندو آيو  آهي. ان دوران هن پنهنجي لکڻ جي باقائدي شروعات 1997ع کان ئي ڪئي هئي،جنهن ۾ هن شاعري،ڪهاڻي،مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن.هن کي ادب سان به گھري دلچسپي هوندي هئي،ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ايشيا جو مهان ڏاهو سوڀو گيانچنداڻي ۽ لطيف جو پارکو،ناليوارو اديب،شاعر ۽ صحافي انور پيرزادو هن جا پاڙيسري هئا،انهن جو هن تي گھرو اثر ٿيندو رهيو.ليڪچرار هوندي هن سنڌ ادبي سنگت کي به ڪافي وقت ڏنو،پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ،انهن ۾ لکڻيون پيش ڪرڻ،انهن تي تنقيدي ۽ اصلاحي جائزو ڪرائڻ،سينئر دوستن کان بنا ڪنهن گھٻرائڻ ۽ شرم محسوس ڪرڻ جي انهن کان پُڇي وٺندو هيو،ڪڏهن ڪڏهن ته انهن وٽ هلي به ويندو هيو ته هي ٽاپڪ ڪيئن ٿيندي مون کي سمجهائجو! هن کي ڪنهن به قسم جي وڏائي تڪبر يا غرور نه هيو،هي سڌو سادو ۽ سچو ماڻهو هيو.
هن پنهنجي ڳوٺ ۾ سوڀو گيانچنداڻي جي نالي سان لائبرري جو بنياد به وڌو ۽ لائبرري کي  باقائدگيءِ سان وقت ڏيڻ،ڪتاب وٺي لائبرري ۾ رکڻ،وقت تي لائبرري کولڻ ۽ بند ڪرڻ واريون ذميواريون هن پنهنجي مٿان کنيون.
هن  جي اها خواهش هوندي هئي ته مان پنهنجي ڳوٺ کي ٻلهڙيجي جهڙو مثالي ڳوٺ بڻايان ۽ تعليم کي پنهنجي ڳوٺ ۾ عام ڪيان،هر هڪ کي تعليم جهڙي عظيم زيور سان سينگاريان ۽ نوازيان،بلڪل هن ائين ئي ڪري ڏيکاريو،هن پنهنجي اڻٿڪ محنتن ۽ ڪوششن سان پنهنجي ڳوٺ ۾ ٽيوشن سينٽر جو آغاز ڪري ڏيکاريو،جنهن ۾ ڳوٺ جا بارڙا تعليم پرائيندا رهيا.
هي ڳوٺ سڌار سنگت ڳوٺ ٻنڊي جو بنيادي ميمبرن مان هڪ اهم ۽ سرگرم ميمبر رهيو آهي.هي سنڌ جو روشن خيال ۽ ترقي پسند اديب ۽ شاعر هو، هي هر ادبي پروگرام ۾ دلچسپي سان شرڪت ڪندو هيو.هي نه صرف پاڻ شرڪت ڪندو هيو، پر پنهنجي ننڊڙن ڀائرن ۽ پٽن کي به ان ادبي محفل ۾ شامل ڪندو هيو.
هن ڪافي سال ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان پنهنجيون خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ مرڻ گھڙي تائين سپلا جو ڦڙت ميمبر پڻ رهيو.هن سنڌ جي ناليواري اديب ۽ شاعر محمد علي پٽاڻ سان به گڏجي سنڌ جي مختلف موضوعن تي ادبي دنيا ۾ ڪم ڪيو.جتي به هن کي دعوت ملندي هئي،هي اتي سڀني کان پهريان پهچندو هيو.هن سنڌ جي عاشق پٽ پنهنجيون آخري خدمتون ڊگري ڪاليج ڏوڪري کي به ارپيون،لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج کان بدلي ڪرائي ڊگري ڪاليج ڏوڪري آيو ۽ هتي پنهنجيون بي مثال خدمتون ڏوڪري جي شاگردن جا نانءُ ڪيون.
هي آخري دم تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو ميمبر رهيو. هن نثري نظم ”لڙڪن جي زبان“ نالي هڪ ڪتاب به لکيو آهي،جيڪو هن اهو ڪتاب شهيد پروفيسر علي ڏنو شر جي نانءِ ڪيو هيو.هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري اديب ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ لکيو آهي، پر افسوس جو سندس لکيل ڪتاب پاڻ پنهنجي حياتي ۾ نه ڏسي سگھيو.سندس لائق فرزند عوام دوست ڊاڪٽر،ڊاڪٽر امتياز علي ساريو اهو ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

ائين هي  عظيم انسان ۽ عاشقِ سنڌ اسان کان 15 فيبروري 2014ع کان جسماني طور تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي. هن جي ٻئين ورسي به پنهنجي ئي اباڻي ڳوٺ گلڻ واهڻ ۾ تاريخ 12 فيبروري ۾ وقت ۽ حالتن کي ذهن ۾ رکندي ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي ڏوڪري طرفان ملهائي وئي، جنهن ۾ پروفيسر محمد علي پٺاڻ، پروفيسر ڄام جمالي، حاڪم منگي، انور ڏينگڙائي، عبدالغفور زهراڻي، علي محمد پٺاڻ، سيد گدا حسين شاهه، مظفر منگي، فلڪ ٻٽ، عبدالجبار ساريو ۽ ٻين سندس زندگي تي ڳالهايو.هن جي ڀاءُ عبدالرزاق ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر امتياز ساريو چيو ته انشاءَ الله بابا سائين جي ٽئين ورسي تي بابا سائين جو ٻيو ڪتاب به آڻينداسين.

No comments:

راءِ ڏيندا