پروفيسر عبدالحق ساريو
هو جيڪو سراپا حق هو
ساجد مسڻ
سنڌ امڙ
ڌرتي جي ڪک مان هزارين روشن خيال، ترقي پسند، انسان دوست، سماج سڌارڪ، عوام دوست،
رحمدل، سخي، مهمان نواز ۽ غريب نواز انسانن جنم ورتو آهي. جن پنهنجي سموري زندگي
انسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، جيڪي ڏينهن رات،جُهڙُ ڦُڙُ،سردي گرمي ۾
انسان ذات جي ڀلائيءِ ۽ بهتريءِ لاءِ ڪم ڪندي نظر اچن ٿا، اهڙن ئي املهه ماڻڪ
موتين ۾ (مرحوم) پروفيسر عبدالحق ساريو به هڪ هيو.
