استاد فيروز گل
آواز کي جادو ۾ جاڳائڻ وارو موسيقار
فقير محمد سنڌي
هن
دنيا ۾ جن خلق خدا جي خدمت ڪئي ۽ پنھنجي سڄي زندگي ۾ عاجزي اختيار ڪري ۽ زماني کان
ملندڙ ڏک، سور ۽ اذيتون برداشت ڪرڻ وارا ئي انسان روح جي غذا ليکبا آهن. اوائلي
دور کان وٺي اڄ تائين ڪافي مھان فنڪار پيدا ٿيا آهن، جن پنھنجي فن جي حسن جمال سان
دنيا جا سڀ رنگ حسين کان حسين تر بڻائي ڏيکاريا آهن. اهڙو ئي خوبصورت نانءُ موسيقار
استاد فيروز گل جو آهي، جنھن پنھنجي فن کي معاشري ۾ خوبصورت نموني امتزاج سان
پھچايو. فيروز گل جي پھرين فلم 1967ع ۾ سنڌي فلم ”رنگ محل“ جي موسيقي ڏنائين ان
کانپوءِ فيروز گل مسلسل فن طرف پنھنجا قدم رکندو پئي ويو.
1972ع ۾
فـيـروز گـل ريـڊيـو جي شھنشاهه براڊڪاسٽر، ايم بي انصاريءَ وٽ آڊيشن لاءِ پھتو تن
ڏينھن ۾ ”رنگ محل“ فلم به ڪاميابي ماڻي چڪي هئي. جڏهن آڊيشن ۾ محمد بخش انصاري هن
جو آواز ٻڌو ته: چيائين موسيقار فرسٽ ڪلاس ۽ گلوڪار ”اي ڪئٽيگري“، فن کي پنھنجو
داد ملي ويو، غزل گائڪ طور Approve ٿي، بعد ۾ استاد فيروز گل ريڊيو موسيقار طور به ڪم ڪرڻ لڳو.
شيڪسپيئر
چيو هو ته،”موسيقي روح جي غذا آهي“ فيروز گل ان جملي کي پنھنجي زندگيءَ جو ڄڻ مقصد
بڻائي ڇڏيو هو. ان مقصد تحت فيروز گل ريڊيو ۾ ڪم ڪيو ۽ تمام گهڻا ائٽم ان جي ڪري
مشھور ٿيا جن ۾ ”تو لئه تڪيندي ڏيئا اُجهاڻا“ (شيخ اياز)، ”بھارن ۾ نه ملياسين“
(سوز هالائي)، ”محبت، سڄڻ توکي خبر ڪھڙي“
(مخدوم صاحب)، ”رتڙو روئان پئي زارو زار“
(سرويچ سجاولي)، ”بي وفا سان وفا“ (مخدوم محمد امين فھيم) ۽ تمام ٻيا به گهڻا ائٽم
هئا جيڪي فيروز گل جي موسيقيءَ سبب مشھور ٿيا.
استاد فيروز گل 10- جون 1943ع، واڍن جو پڙ، کاهي روڊ
حيدرآباد ۾ رحيم بخش عرف راڻو خان جي گهر ۾ جنم ورتو. فيروز علي شيخ مڊل تعليم
قاضي عبدالقيوم ۽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. 1965ع ۾ شادي ڪيائين،
پھرين پٽ جي اولاد ۾ نوجوان مشھور موسيقار امانت گل 1966ع ۾ پيد اٿيو. ٻيو اولاد،
سلامت علي (اي ايس آءِ)، شوڪت علي نوجوان (گلوڪار)، ٻه نياڻيون.
خانداني
حوالي سان فيروز گل کي گلوڪاري ۽ موسيقي خانداني ورثي ۾ مليل هئي. فيروز گل جا ڀائر،
ضامن علي (مرحوم) جيڪو موسيقار ببر عليءَ جي نالي سان مشھور هو ۽ فلم پرو چانڊيو،
پلاند ۽ پڪار ۾ سندس ڪمپوز ٿيل گيت مشھور ٿيا. ٻيو ڀاءُ لياقت علي شيخ جيڪو نيشنل
بينڪ جو مئنيجر ٿيو. استاد فيروز گل صبح
جو رياض، مجهند جو ريڊيو پاڪستان يا ڪئسٽ ڪمپنيءَ وارن جي خدمت ۾ رهندو هو.
استاد
فيروز گل سنڌ لاءِ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو، پنھنجي محنت سان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سُرن کي ڪمپوز
شڪل ڏئي عابده پروين جي آواز ۾ ريڪارڊ ڪرايو، اها سي ڊي سنڌ ثقافت کاتي حوالي ڪئي.
منھنجي خيال ۾ اها سي ڊي اڃا تائين رليز ڪونه ٿي آهي. سنڌ ۾ ٿورا فن جا ماڻهو آهن
جن کي جيئري مڃتا ايوارڊ مليا جنھن ۾
شھباز ايوارڊ، شاهه لطيف، سچل سرمست، مخدوم طالب المولى ايوارڊ شامل آهن. ان کان
علاوه استاد فيروز گل ٻاهرين ملڪن ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو تن ۾، هالينڊ، آمريڪا،
انگلينڊ، انڊيا، سوئيزرلينڊ، ملائيشيا، جاپان، فرانس، عرب امارات ۽ اٽلي شامل آهن.
فن جي شوق استاد فيروز گل کي راولپنڊي جي سيون برادرز هوٽل ۾ ٽڪيا جتي عابده پروين
به ساڻ هئس، اچانڪ استاد فيروز گل کي پھريون دفعو دل ۾ تڪليف ٿي، چوندا آهن ته فن
۽ عشق لاپرواهه ٿيندا آهن، آهستي آهستي اها بيماري وڌي وڻ ٿي. پر پوءِ به استاد
فيروز گل ايتري توجھ ڪونه ڏني.
استاد
فيروز سادو انسان، يارن جو يار فن جي دنيا سان لاڳاپيل هو، تنھن ڪري هر ماڻهوهن جو
سلامي هو. فيروز گل وري فن سان مست مگن هو، استاد فيروز گل کي موسيقيءَ جي ڏهن ٺاٺن
مان کين ”ڪافي ٺاٺ“ ۽ ”ڪلياڻ ٺاٺ“ تمام گهڻا پسند هئا. ڪافي ٺاٺ جي راڳن مان، خاص
طرح سان سنڌڙو، باگيشري، ڀيم پلاس، ملھار ۽ ڪلاوتي پسند هئس ۽ ڪلياڻ ٺاٺ جي راڳن
مان ايمن ڪلياڻ، جيت ڪلياڻ، گهڻا پسند ڪندو
هو.
تمام
گهڻين فلمن ۽ ڪئسٽن جي دنيا ۾ موسيقي کي سٺي نموني سان ترتيب ڏنو، جنھن ۾ ”رت جي
راند“، ”اچ ته ڀاڪر پايون“، ”غيرت جو سوال“، ”جلال چانديو“، ”رنگ محل“، ”نادر
گوهر“، ”پڪار“، ”پرو چانديو“، ”حيدر خان“ ۽ ”جهومر ۽ بندوق“ شامل آهن.
14- آڪٽوبر
1996ع فن جي موت جو ڄڻ ڏينھن هو. انهيءَ تاريخ تي سنڌ جو مھان موسيقار استاد فيروز
گل آمريڪي شھر نيويارڪ ۾ هڪ ڪنسرٽ جي سلسلي ۾ عابده پروين سان گڏ ويل هو جو کين ٻيو
ڀيرو دل جو دورو پيو ۽ اُتي ئي رات جو وفات ڪيائين. آخري آرام گاهه ٽنڊي يوسف جي
اباڻي قبرستان ۾ اٿس.
No comments:
راءِ ڏيندا