; سنڌي شخصيتون: اداڪار محمد علي

27 June, 2017

اداڪار محمد علي


اداڪار محمد علي
ننڍي کنڊ جو عظيم اداڪار
وزير فرهاد سولنگي
اداڪار محمد علي جو ايشيا کنڊ جي ۲۵ اهم اداڪارن ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو. پاڪستان فلم انڊسٽري کي اوج تائين پهچائيندڙ هن عظيم اداڪار جو جنم ۱۹ اپريل ۱۹۳۱ع ڌاري رام پور (برٽش انڊيا) ۾ ٿيو. هن جو تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان هو. سندس والد صاحب “سيد مرشد علي” پنهنجي وقت جو هڪ مشهور عالم دين هيو. جنهن کي ٻن پٽن ارشاد علي ۽ محمد علي سان گڏ ٻن نياڻين جو اولاد هيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيو ۽ ڪجھ عرصي لاءِ هي لڏي ملتان ۾ رهائش اختيار ڪيائون. جتان اداڪار محمدعلي ملت هاءِ اسڪول ملتان مان ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ گورنمنيٽ ايمرسن ڪاليج ملتان مان انٽر پاس ڪيائين. ان کانپوءِ  ۱۹۵۴ع ڌاري هي واپس اچي حيدرآباد ۾ رهڻ لڳا جتي هن سٽي ڪاليج حيدرآباد مان بي اي پاس ڪيائين سندن گهر فردوس سئنيما حيدرآباد جي سامهون عبرت پريس بلڊنگ جي ڀرسان هئو. انهن ڏينهن ۾ هي ڪسٽوڊين سيٽلمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ انورڊ ڪلارڪ ٿيو. جنهن بعد سندس وڏي ڀاءُ ارشاد علي جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪم ڪرڻ سبب هن کي به ريڊيو تي اچڻ جو شوق پيدا ٿيو.


اهڙي طرح ۱۹۵۶ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي هن بطور صداڪار، براڊڪاسٽر ۽ ڪمپيئر ڪم ڪيو. جنهن کان پوءِ هي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لاهور روانو ٿيو. سندس فني سفر جي شروعات هدايتڪار فضل ڪريم فضلي جي فلم چراغ جلتا رها ۾ ڪم ڪرڻ سان ٿي. هن فلم جو پريمئر ۹ مارچ ۱۹۶۲ع ۾ نشاط سئنيما ڪراچي ۾ ٿيو جنهن جو افتتاح محترمه فاطمه جناح ڪيو.
اداڪار محمد علي پاڪستان فلم انڊسٽري کي ۲۶۱ فلمون ڏنيون جنهن ۾ ۲۳۵ اردو ۱۵ پنجابي ۹ پشتو ۱ بنگالي ۽ هڪ انڊين فلم ڪلرڪ هئي.
اداڪار محمد علي هدايتڪار منور رشيد جي فلم بهادر ۾ ولين جو ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۶۳ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم مسٽر ايڪس هئي جنهن ۾ هن بطور هيرو ڪم ڪيو. هن فلم کي فارسي ۾ به ترجمو ڪيو ويو جيڪا ايران ۾ به نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي. اداڪار محمد علي جي مڱڻي اداڪاره شميم آرا سان ٿيل هئي پر جڏهن ايران ويو ته اتي ايراني اداڪارا شهپارا سان سندس اکيون اڙجي ويون پر شهپاره شادي شده هئڻ سبب کيس نه ملي سگهي. ان کان پوءِ هدايتڪار اقبال يوسف جي فلم تم ملي پيار ملا جنهن جي شوٽنگ ڪراچي ۾ ٿي رهي هئي جنهن جي ڪاسٽ ۾ اداڪار محمد علي، زيبا ۽ ٻيا اداڪار شامل هئا. انهيءَ فلم جي سيٽ تي ۲۹ سيپٽمبر ۱۹۶۶ع منجهند ۳ وڳي اداڪار آزاد جي ناظم آباد واري گهر ۾ سندس نڪاح اداڪاره زيبا سان قاضي سيد احتشام پڙهيو ۽ حق مهر ۳۵۰۰۰ روپيه مقرر ٿيو. هي تقريب انتهائي سادي نموني سان ڪئي وئي جنهن ۾ ڪجھه سندس ذاتي رشتيدارن ۽ دوستن شرڪت هئي. ان کانپوءِ علي زيب واپس ۵ وڳي اسٽوڊيو پهتا ۽ رهيل رڪارڊنگ کي مڪمل ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هڪ مختصر دعوت جو اهتمام انٽرڪانٽينيٽل هوٽل ۾ رات جو ۸ بجي ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي هي نئون شادي شده جوڙو لاهور روانو ٿي ويو جنهن بعد جلد هنن عمري جي سعادت حاصل ڪئي. اداڪار محمد علي کي اولاد نه ٿيو پر اداڪاره زيبا جي اڳين شاديءَ مان ٿيل نياڻي ثمينا علي جي پالنا ڪئي ۽ کيس اعلي تعليم ڏياري جيڪا اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي.
اداڪار محمد علي پاڪستان فلم انڊسٽري جو هڪ اهڙو عظيم اداڪار هيو جنهن جي پروقار شخصيت سان گڏوگڏ هن ۾ بي پناھ فنڪاراڻيون صلاحيتون موجود هيون ان سان گڏ هي هڪ حساس ۽ انسان دوست ماڻهو هيو. هي پنهنجي فني سفر ۾ اداڪاري سان گڏ سماجي ڪمن ۾ پڻ اڳڀرو رهيو. هن  علي زيب فائونڊيشن جو قيام ۱۹۹۵ع ڌاري عمل ۾ آندو جنهن پليٽ فارم تان هن صحت، تعليم ۽ بي سهاره ٻارڙن جي پر گهور لاءِ ادارا قائم ڪيا. علي زيب فائونڊيشن طرفان ٿيليسميا ۾ مبتلا ٻارڙن جي علاج لاءِ مختلف شهرن ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا جنهن ۾ سرگودها، ساهيوال، جهنگ، گجرانواله اچي وڃن ٿا. جڏهن ته علي زيب فائونڊيشن جو مرڪزي دفتر فيصل آباد ۾ هيو ـ
اداڪار محمد علي جي پهرين رنگين فلم ”جان پهچان“ ۱۹۶۷ع ۾ رليز ٿي. ۱۹۶۳ ۾ رليز ٿيندڙ فلم باجي جنهن ۾ هن بطور مهمان اداڪار ڪم ڪيو . هن جي فلمي سفر ۾ پهرين فلم خاندان هئي جنهن ۾ هن ڊبل رول ادا ڪيو. اداڪار محمد علي جي فلم همسفر ۱۹۷۲ع ۾ رليز ٿي. جنهن جي ريڪارڊنگ لنڊن ۾ ٿي. اداڪار محمد علي جي پهرين پنجابي فلم شير دي بچي ۱۹۶۴ع ۾ رليز ٿي. ۱۹۶۵ ۾ رليز ٿيندڙ فلم غدار هئي جنهن ۾ هن پهريون ڀيرو ڪيريڪٽر رول ادا ڪيو. ۱۹۷۱ع ۾ سندس رليز ٿيندڙ فلم دل اور دنيا هئي جنهن پلاٽينيم جوبلي ڪيو. سندس ڪيرئر جي فلم چراغ جلتا رها جيڪا ۱۹۶۲ع ۾ رليز ٿي جنهن پهرين گولڊن جوبلي ڪئي.
پاڪستان فلم انڊسٽري جي پهرين سائنٽيفڪ فلم شاني هئي جيڪا اداڪار محمد علي جي آخري ڪامياب فلم ثابت ٿي جيڪا ۱۹۸۹ع ۾ رليز ٿي هئي. اداڪار محمد علي ۹۴ فلمن ۾ بطور هيرو ڪم ڪيو. سندس پهرين فلم بطور هيرو شرارت هئي سندس آخري فلم بطور هيرو آج کي رات جيڪا ۱۹۸۳ع ۾ رليز ٿي، سندس آخري ليڊنگ رول فلم محبت هو تو ايسي ۱۹۸۹ ۾ رليز ٿي. اداڪار محمد علي جي آخري فلم دم مست قلندر ۱۹۹۵ع ۾ رليز ٿي جنهن کان پوءِ اداڪار محمد علي فلمي دنيا مان رٽائرمينٽ اختيار ڪئي.
اداڪار محمد علي جا فلمي دنيا جي عروج جاڏينهن ۱۹۷۴ ـ۱۹۷۵ آهن جنهن ۾ هن جون لڳاتار ۱۳ فلمون رليز ٿيون. اداڪار محمد علي پنهنجي فني سفر ۾ ۱۱۱ هدايتڪارن سان گڏ ڪم ڪيو. هن جي پسند جون فلمون خاموش رهو، آگ کا دريا، انسان اور آدمي، وحشي ۽ حيدر علي هيون. علي زيب پروڊڪشن ۾ ٺاهيل فلمون آگ، جيسي جانتي نهين، عادل ۽ حاتم طائي آهن. اداڪار محمد علي جي ڪو پروڊڪشن ۾ ٺاهيل فلم ٽائيگر گينگ هئي جيڪا جرمني جي اشتراڪ سان ٺاهي وئي جنهن کي ۱۹۷۴ع ۾ رليز ڪيو ويو. اداڪار محمد علي جي جوڙي اداڪارا زيبا، شبنم شميم آرا، ديبا سان تمام گهڻي پسند ڪئي وئي. جڏهن ته اداڪار محمد علي جي شخصيت ۽ ڪردار تي ٺهڪندڙ آواز مهدي حسن، احمد رشدي، مسعود رانا، اخلاق احمد ۽ ٻيا ڪيترائي گلوڪار اچي وڃن ٿا. پر مهدي حسن،  احمد رشدي کي سڀني کان وڌيڪ مقبوليت ملي. ۸۸ فلمن ۾ گلوگار مهدي حسن جا ڳايل ۱۱۵ گانا محمد علي تي فلمايا ويا جڏهن ته احمد رشدي جا ڳايل ۱۰۰ گانا ۵۷ فلمن لاءِ محمد علي تي فلمبند ڪيا ويا. جڏهن ته مسعود رانا جا ۳۴ ڳايل گانا ۲۳ فلمن لاءِ اداڪار محمد علي تي فلمبند ڪيا ويا.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي ته اسلامي دنيا جا مملڪتي سربراھ لاهور ۾ اداڪار محمد علي وٽ مهمان ٿيا هئا ۽ اهو اعزاز هن اداڪار جي حصي ۾ آيو. جنهن ۾ حافظ الاسد، ڪرنل قذافي، شاھ فيصل، ياسر عرفات اداڪار محمد علي جي گهر مهمان ٿيا. اداڪار محمد علي ايشيا کنڊ جو اهو خوبصورت ۽ ورسٽائل اداڪار هيو. جنهن پنهنجي سڄي ڄمار فن، ثقافت جي خدمت ڪندي گذاري ـ
اداڪار محمد علي کي سندس فني خدمت جي مڃتا طور پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو اعزاز تمغه امتياز، صدارتي ايوارڊ لائيو اچيومينٽ ايوارڊ ۱۹۶۴ع کان ۱۹۸۴ع تائين ۱۰ نگار ايوارڊن سان گڏ ٻيا لاتعداد ايوارڊ مليا.
پاڪستان فلم انڊسٽري جو هي روشن ستارو ۲۰۰۰ع کان مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن ۾ شگر، بلڊ پريشر، ۽ دل جي بيماري جي ڪري اڪثر بستري تي گذارڻ لڳو. نيٺ هي عظيم فنڪار ۱۹ مارچ ۲۰۰۶ع تي دل جي دوري سبب پنهنجي لکين چاهيندڙن کان هميشه لاءِ جدا ٿي خالق حقيقي سان وڃي مليو، پر سندس ڪردار ۽ فن هميشه لاءِ اسان وٽ زنده و جاويد رهندو. ۱۹ مارچ  تي ٿيندڙ سندس  ۱۳ هين ورسيءَ جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا