اداڪار محمد علي
ننڍي کنڊ جو عظيم اداڪار
وزير فرهاد سولنگي
اداڪار محمد علي جو
ايشيا کنڊ جي ۲۵ اهم اداڪارن ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو. پاڪستان فلم انڊسٽري کي
اوج تائين پهچائيندڙ هن عظيم اداڪار جو جنم ۱۹ اپريل ۱۹۳۱ع ڌاري رام پور (برٽش انڊيا) ۾ ٿيو. هن جو تعلق
هڪ مذهبي گهراڻي سان هو. سندس والد صاحب “سيد مرشد علي” پنهنجي وقت جو هڪ مشهور
عالم دين هيو. جنهن کي ٻن پٽن ارشاد علي ۽ محمد علي سان گڏ ٻن نياڻين جو اولاد
هيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيو ۽ ڪجھ عرصي لاءِ هي لڏي ملتان
۾ رهائش اختيار ڪيائون. جتان اداڪار محمدعلي ملت هاءِ اسڪول ملتان مان ميٽرڪ پاس ڪئي
۽ گورنمنيٽ ايمرسن ڪاليج ملتان مان انٽر پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ۱۹۵۴ع ڌاري هي واپس اچي حيدرآباد ۾ رهڻ لڳا جتي هن سٽي ڪاليج
حيدرآباد مان بي اي پاس ڪيائين سندن گهر فردوس سئنيما حيدرآباد جي سامهون عبرت
پريس بلڊنگ جي ڀرسان هئو. انهن ڏينهن ۾ هي ڪسٽوڊين سيٽلمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ انورڊ ڪلارڪ
ٿيو. جنهن بعد سندس وڏي ڀاءُ ارشاد علي جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪم ڪرڻ سبب هن
کي به ريڊيو تي اچڻ جو شوق پيدا ٿيو.