; سنڌي شخصيتون: قاضي فضل الله - فضل سليمان قاضي

13 June, 2017

قاضي فضل الله - فضل سليمان قاضي

قاضي فضل الله
اعلي اوصاف وارو چيف منسٽر
فضل سليمان قاضي
جمهوري سياست عوام جي فلاح ۽ بهبود جو هڪ ذريعو آهي. جنهن ۾ با ضمير اصول پرست فرد جي ضرورت رهندي آهي. جن لاءِ ايمانداري، ديانتداري ۽ فرض شناسيءَ سان فرائض کي خوش اسلوبي طريقي سان سان عوام جي نمائندي جي حيثيت ۾ انجام ڪرڻ اولين فرضن ۾ شامل آهي. سنڌ جي سياست ۾ ۱۹۳۶ع ۾ صوبائي خودمختياري جي حصول کان پوءِ اليڪشن ٿينديون رهيون آهن. سنڌ جي سياستي نظام تي بلخصوص زميندار ڪلاس جو غلبو رهيو آهي.


سنڌ جي وچولي ڪلاس جا چند فرد صوبائي اسيمبلي جا ميمبر منتخب ٿيا آهن. ڪجهه پنهنجي علميت ۽ سياسي بصيرت ۽ اصول پرستي جي بنيادن تي سنڌ جي وزيراعلي جي عهدي تي پهتا آهن. انهن ۾ غلام حسين هدايت الله، قاضي فضل الله، پيرزادو عبدالستار، الله بخش سومرو، آفتاب شعبان ميراڻي، غوث علي شاهه، عبدالله شاهه ۽ قائم علي شاهه وزير اعلي ٿيا آهن. David L. Lloyd George سياست ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي باري ۾ لکيو آهي ته؛
If you want to success in politics, you must keep your conscious well under control
“جيڪڏهن اوهان کي سياست ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي ته پوءِ اوهان کي پنهنجي ضمير تي قابو رهڻو پوندو”
ان جو قابل فخر مثال سنڌ جو وزير اعلي قاضي فضل الله رهيو آهي. جنهن ڪڏهن به پنهنجي اختيارن کي غير قانوني طور ۽ ذاتي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪيو. هو لوڀ لالچ ۽ بي ايماني جي سياست کان پاڪ رهيو آهي. هاڻي ته لالچي سياست جي بازار گرم آهي. جنهن جو بنيادي مقصد سرڪاري عهدن جي Executive Powers انتظامي اختيارن کي ذاتي Self-Enrichment لاءِ مصرف ۾ استعمال ڪرڻ آهي.
Pay and get things done irrespective of any justification ڪنهن به قانوني جواز کان سواءِ، هر ناجائز ڪم، پئسي ڏيڻ سان ٿي سگهي ٿو. ان ڪري Many have risen from rags to riches ٻئي ماضي جي ڪري ڪيترائي ماڻهو غريت مان امير ٿي ويا آهن.
قاضي فضل الله هڪ بيباڪ، خوددار ۽ ايماندار سنڌ جو وزير اعلي رهيو آهي. قاضي صاحب اصل ساهتي جي شهر نوشهروفيروز جو رهواسي هئو. سندس والد اسڪول جو ماستر هئو جنهن دور ۾ استاد جو مان ۽ مرتبو هئو. جسٽس سيد ديدار حسين شاهه سندس يادگيرن جي ڪتاب “گوندر ويا گذري” ۾ قاضي فضل الله جي زندگي جا تفصيل سان حقيقتون بيان ڪيون آهن سندس مفهوم جو عنوان آهي “قاضي فضل الله سنڌ جي سياسيت جو وسريل اهم ڪردار” واقعي اسان سنڌي اعلي ظرف جي سنڌين جي قدرشناسي ۾ تمام ڪوتاهه آهيون. قاضي صاحب جهڙي انسانيت پرست ۽  اصول پرست سياستدانن جو فقدان آهي.Intelligent upright and honest politicians in the country are now a vanishing breed of man “عاقل ۽ دانشمند، سچار ۽ ايماندار سياستدان هاڻي هن ملڪ مان غائب ٿي ويا آهن” هاڻي ڪاروباري سياست جو دور دوران آهي سوچون، ويچار بدلجي ويا آهن. Politics of principles has been replaced by politics of self
”اصولن جي سياست جو خاتمو ٿي چڪو آهي“ هاڻي صرف ڌن ۽ دولت جي سياست مروج آهي.
“قاضي فضل الله ۱۹۳۰ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ وڪالت شروع ڪئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ وڪالت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي منتقل ٿي ويو.
جسٽس ديدار حسين شاهه قاضي صاحب لاءِ لکن ٿا ته “هو پنهنجي نماڻي طبيعت ۽ وڪالت جي پيشي سان تمام گهري وابستي هجڻ سبب سياست کي عام ماڻهن جي خدمت ڪرڻ واري اصول کي عبادت سمجهي لاڙڪاڻي ضلع ۾ پنهنجو سياسي بنياد رکي اڳتي وڌيو ۽ ڪافي وڏا عهدا ماڻي چڱي نيڪ نامي ڪمائي، عام ۽ خاص افراد لاءِ هن جي رهائشگاهه جو دروازو هر وقت کليل هو جتي سواءِ ڪنهن روڪ  ٽوڪ جي ضرورتمند ايندا رهندا هئا. هن جي سياسي زندگي جو دور پوليس جي تحفظ کان آجو رهيو. جن کي عوامي سياست سان نفرت هوندي اهڙن سياستدانن کي Police Protection جي ضرورت محسوس ٿيندي هوندي. سنڌ ۾ اڃا تائين ڪنهن وزير تي قاتلانه حملو نه ٿيو آهي. باوجود ان جي وزير صاحبان پوليس جي محاصري ۾ زندگي جو سفر جاري رکن ٿا. هنن جي سياسي خوف ۽ خطري جي عالم جو سبب عوامي بي اعتمادي، غربت، افلاس Discontent بي اطميناني ۽ رشوت ستاني ٿي سگهي ٿي. فرسوده سياسي نظام ۾ قائدين جو شخصي وقار ۽ عزت نفس ختم ٿي چڪو آهي. ذاتي اعزاز ۽ مقاصد لاءِ سياست ذريعي انتظامي قوت حاصل ڪئي وڃي ٿي.
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ عجب اسرار آهي. صوبائي اسيمبلي جي ميمبر کي ۶ ڪروڙ روپيا ساليانو ترقياتي فنڊ مهيا ڪيو وڃي ٿو. جنهن جو ڪو به باضابطه حساب ڪتاب نه آهي، اهو، Audit جي طور طريقن کان مٿانهون آهي. سنڌ ۾ انگريزن جي دور حڪومت ۾ اهڙي قسم Privilege جي مراعات جو ڪو به رواج نه هو. هاڻي به ان جو ڪو جمهوري جواز نه آهي. هندستان سميت پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي اهو Patronage مالي سرپرستيءَ جو رجحان موجود آهي. ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙو نظام مروج نه آهي ان کي سياسي تعاون جي امداد سمجهيو وڃي ٿو. حڪومت جي رشوتي نظام جون عقوبتون هڪ تلخ حقيقت ٿي نمايان ٿيون آهن. ڊاڪٽر عاصم صاحب، پنهنجي عهدي جي ذريعي هر روز ۲ ارب رپيا رشوت حاصل ڪندو هئو (Awami Awaz 25 September 2015) باقي ڪل پيرا اندر آهن.
هڪڙي بيروني نامانگار پاڪستان جي صورتحال تي لکيو آهي ته “People in Pakistan are living in times of total administrative malaise where everything is for grab for one who can” پاڪستاني عوام مايوس ڪن دور ۾ رهي پيو. جتي بدانتظامي جي نتيجي ۾ ماڻهو آزار ۾ آهن ته جيڪو به چاهن اهو ڪن، جيڪڏهن هنن ۾ اهڙي قسم جي قوت آهي.
قاضي فضل الله کي وڪيل ۽ وزير هئڻ جي باوجود رهڻ لاءِ پنهنجو گهر نه هيو. جسٽس ديدار حسين شاهه پنهنجي آتم ڪٿا “گوندر ويا گذري” ۾ لکيو آهي ته عبدالحميد جتوئي ٻيٽي ضلعي دادو واري پنهنجو بنگلو گهنٽي ڦاٽڪ وٽ قاضي فضل الله مرحوم جي حوالي ڪيو ته توهان هت رهو اوهان دوست آهيو. جتوئي صاحب قاضي صاحب کان ڪا به مسواڙ نه وٺندو هئو“. ڪيتري نه حيران ڪن حقيقت آهي سنڌ جي سياست ۾ عالي مرتبي واري شخصيت کي سڄي ڄمار رهائش لاءِ پنهنجو ذاتي گهر نه هئو.
اڄ جا وزير ته ڇڏيو ٽڻي ٽامڻي به ڪراچي جي ڊيفيس جي علائقي ۾ ڪيترن ئي بنگلن جا مالڪ آهن. ان کان علاوه وزير صاحبان کي دبئي ۽ لنڊن ۾ فليٽ آهن. هن دور جي سياست جا اهڙا ڪرشما آهن.
پاڪستان جي اوائلي دور ۾ عوامي سياست جو آغاز ٽائون ڪميٽي، ميونسپل ڪميٽي ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن جي ميمبرن جي اليڪشن سان ٿيندو هئو. بتدريج اهڙي نظام سان شناسائي سان انتظامي معاملن جي واقفيت ۽ اهميت ۽ طريقيڪار جو تجربو حاصل ٿيندو هئو.
”قاضي فضل الله مرحوم پنهنجي سياسي زندگي جي ابتداءَ ۱۹۳۴ ۽ ۱۹۳۵ع ۾ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽي جي ميمبر جي اليڪشن وڙهي ڪئي“. قاضي فضل الله مرحوم جي رهائش گاهه کي وسيع اڱڻ به هو جتي شام جو وڪالت جي آفيس ٽائيم کانپوءِ عام ڪچهري لڳندي هئي. جتي عام ماڻهو به ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا“.
قاضي فضل الله ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ميمبر طور به اليڪشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. سنڌ جي سياستدانن تي مرڪزي حڪومت جي عناصر PRODA جو پابنديون عائد ڪيون ويون ته جيئن اهي مقبول ۽ قابل سياستدان انتظامي اعتبار کان مرڪزيتي نظام تي اثر انداز نه ٿين.
جسٽس ديدار حسين شاهه صاحب لکي ٿو ته ”قاضي صاحب پنهنجو اثر رسوخ پئدا ڪري ضلعي لاڙڪاڻي جي سياست تي اثر انداز ٿي، پاڻ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به ٿيو. قاضي فضل الله مرحوم سنڌ جو وزير رهيو ۱۹۵۱ ۾ هڪ سال لاءِ سنڌ جو چيف منسٽر رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ٻن تڪن مان ميمبر منتخب ٿيو“.
۱۹۵۴ ۽ ۱۹۵۵ع ۾ اولهه پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ان ۾ آبپاشي ۽ بجليءَ جو وزير رهيو. ان وقت واپڊا جهڙو ادارو به ايريگيشن، پاور منسٽر جي ماتحت هيو ۽ واپڊا جو پهريون چيئرمين غلام اسحاق خان وڏو بيورو ڪريٽ هيو جو بعد ۾ هلي صدر مملڪت به ٿيو“.
جسٽس ديدار حسين شاهه قاضي فضل الله جي شخصيت اصول، عقائد جي باري ۾ لکي ٿو ته
”قاضي فضل الله پنهنجي ايمانداري، جانفشاني، خلوص نيت ۽ خدمت ڪرڻ جي جذبي سان ڪم ڪيو. سندس مخالف به ان جي ايمانداري ۽ اهليت کي چئلنج ڪري ڪونه سگهندا. انتقام وارو ماڻهون به ڪونه هئو ۽ اهو به مشهور هئو ته قاضي فضل الله معاف ڪرڻ وارو ماڻهو آهي ۽ ڪنهن جي به ڪم اچڻ وارو ماڻهو آهي“.
مزيد شاهه صاحب قاضي صاحب جي ايمانداري جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته “قاضي فضل الله مونکي خود پاڻ ٻڌايو هيو ته اولهه پاڪستان جي ايريگيشن، پاور منسٽر هئڻ ڪري مرحوم نواب امير محمد ڪالاباغ، جيڪو ان وقت اولهه پاڪستان جي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر به هيو ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر به هيو.
هڪ دفعي ميمبر جي حيثيت ۾ قاضي فضل الله مرحوم وٽ آيو ته کيس پنهنجي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ننڍڙو واٽرڪورس (واهه) گهرجي، پر هن مهل تائين اهو ڪم ڪرائي ڪونه سگهيو آهي، ڇوته مرحوم ممتاز خان دولتانا ۽ سرگوڌا جا قريشي صاحبان ملڪ امير محمد نواب ڪالاباغ جا مخالف آهن. هيءَ گهُر جائز آهي ان ڪري زمين آباد ٿيندي، زرعي پيداوار وڌندي ۽ سرڪار کي لينڊ روينيو به گهڻو ملندو. اها منظوري ان وقت جي ڪئبنيٽ ڏيندي هئي.
قاضي فضل الله واسطيدار آفيسرن کان ڪاغذ پٽ تيار ڪرائي، ڪيس ڪيبنيٽ ميٽنگ ۾ وجهرايو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر خانصاحب چيف منسٽر ڪري رهيو هيو. قاضي ان کان واٽر ڪورس بحال ڪرايو ۽ نواب امير محمد خان ڪالاباغ کي واٽر ڪورس منظور ٿي مليو”. بقول قاضي صاحب جي، سيون (۷) ڪلب روڊ تي ملاقات جو ٽائيم وٺي نواب ڪالاباغ مرحوم، قاضي فضل الله صاحب سان ملڻ آيو. چانهه وغيره پي ٿورا ادا ڪندي قاضي صاحب جي آڏو بريف ڪيس کولي رکيائين، جنهن ۾ ست لک رپيا ان وقت جا هئا. پئسا ڏسي قاضي صاحب مرحوم نواب ڪالاباغ کي چيو ته اوهان منهنجي منهن تي ڪارنهن ٿڦي رهيا آهيو، مون زندگي ۾ ڪڏهن به رشوت ڪونه ورتي آهي، توهان ڪهڙي حساب سان هي پئسا کڻي آيا آهيو، ائين ته نه آهي جو منهنجي ڪنهن واسطيدار ماڻهو يا اسٽاف جي ڪنهن ميمبر اڻ سڌي طرح ڪا گهر ڪئي آهي. نواب صاحب چيو ته؛ اهي پئسا مان پاڻ کڻي آيو آهيان، مٺائي طور. ڇو ته پنجاب ۾ وزير صاحبان مٺائي وٺندا آهن. قاضي صاحب جي انڪار تي نواب صاحب خود شرمسار ٿيو ۽ پئسا کڻي شڪريو ادا ڪندي هليو ويو”. گوندر ويا گذري (پيج ۲۷۲).
افسوس صد افسوس، هاڻي سنڌ ۾ وزير هر نوڪري لاءِ “مٺائي” وٺن ٿا. حوس جا پوڄاري مسڪين جو آهن.
۱۹۵۸ع ۾ سڪندر مرزا ملڪ جو قانون معطل ڪري مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون Estand west Pakistan برخواست ڪيون. ڪجهه عرصي بعد جنرل ايوب سڪندر مرزا کي صدارت کان فارغ ڪري لنڊن روانو ڪيو. پاڻ ملڪ جو والي ٿي قابض ٿي ويو. هن پنهنجي دور حڪومت ۾ امير محمد خان نواب ڪالاباغ کي مغربي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو. قاضي صاحب واپس اچي وڪالت شروع ڪئي جيڪو هن جو معمول هئو.
جسٽس ديدار حسين شاهه صاحب قاضي جي قدوقامت ۽ شخصيت جو بيان ڪندي لکي ٿو ته ”مرحوم وڏي قد وارو، سهڻو، جسم جو پورو پنو ۽ هرپوشاڪ، جيڪا پائي سا ان تي ٺهي. بنيادي طور تي وچولي طبقي جو ماڻهو هو جنهن وڪالت مان سياست ۾ قدم رکي ايڏي ترقي ڪئي جنهن جو ويجهڙائي ۾ يا ان کان اڳ مثال ڪونه آهي“.
“سڄي زندگي سٺا ڪم ڪندي، دوستن جو لحاظ رکندي ڪاٽي ڇڏيائين. قاضي صاحب مرحوم جيئن ته غيرشادي شده هيو. کيس ڪو اولاد ڪونه هئو“.  مزيد قاضي صاحب جو خوبيون بيان ڪندي جسٽس ديدار حسين شاهه نواب ڪالاباغ جي گورنري دور جو واقعو بيان ڪندي لکي ٿو ته ”چڱي هلڻ جو نتيجو چڱو ئي ملندو آهي. قاضي صاحب مرحوم جيئن ته نواب ڪالاباغ مرحوم کي واٽر ڪورس ڏيارڻ ۾ وڏي مدد ڪئي هئي سوبه بغير ڪنهن لالچ، لوڀ يا حرص جي. ان ڪري نواب ڪالاباغ مرحوم قاضي صاحب جي وڏي عزت ڪندو هيو، سندس گورنر ٿيڻ بعد ڪمشنر، ڊي آءِ جي، آءِ جي، چيف سيڪريٽري کي چيل هوندو هيو ته قاضي فضل الله ايماندار ۽ سٺو ماڻهو آهي ۽ وڏي عزت وارو ماڻهو آهي. جڏهن به ڪنهن جائز ڪم سان توهان وٽ اچي ته ان کي شان مان سان ملو ته جيئن ان جي دل آزاري نه ٿئي ۽ هو نه ڏکوئجي. سرڪاري ڪامورن نواب ڪالاباغ جي حڪم جي باقائدي بجا آوري ڪئي”.
نواب ڪالاباغ هڪ وضع قطع ۽ شناس وارو انسان هئو. ”هڪ دفعي نواب ڪالاباغ گورنر جي حيثيت ۾ ڪراچيءَ کان بولان ميل ۾ ڪوئٽا روانو ٿيو. بولان ميل لاڙڪاڻي اسٽيشن تي اڌ ڪلاڪ بيهندي هئي، ڇو ته پاڻي وغيره ڀريو ويندو هو ۽ گاڏين جي ڪمپارٽمينٽس جي چڪاس به ٿيندي هئي. رٿيل پروگرام بابت نواب صاحب آفيسرن کي ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ گاڏي بيهندي ۽ اهو اڌ ڪلاڪ هو قاضي فضل الله جي بنگلي تي ويندو جيڪو ريلوي اسٽيشن سان بلڪل لاڳاپيل آهي. گورنر صاحب رٿيل پروگرام موجب قاضي فضل الله مرحوم جي بنگلي تي ويو، ان وٽ چانهه پيتائين“.
قاضي صاحب ان شخص کي اڪيلائي ۾ مليو، خبر پئي ته اهو شخص پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس منير هئو. جڏهن هي روانو ٿي ويو ته قاضي صاحب اسان کي ٻڌايو ته جسٽس منير مون وٽ گذارش کڻي آيو هئو ته توهان حيدربخش جتوئي کي گرفتار ڪري هن جي مٿان فوجداري ڪيس داخل ڪيو، جو جتوئي چيف جسٽس جي توهين ڪئي آهي، ڇاڪاڻ جو هن طرفان مولوي تميزالدين بمقابل گورنر جنرل چيف جسٽس جي فائدي ۾ فيصلو ڪندي ۱۹۵۴ع جي آئين کي رد ڪري ڇڏيو. حيدربخش جتوئي سندس ڪتابڙي “Democracy and Justice of Chief Justice” “جمهوريت ۽ چيف جسٽس جو انصاف” ۾ معقول دليلن سان ان فيصلي کي غلط قرار ڏنو هو. ۽ اهو ڪتابڙو پهريائين جسٽس منير کي موڪليائين ته جيڪڏهن ان تي هن کي ڪوبه اعتراض آهي ته ان جو تدارڪ ڪري”.
ان وقت جسٽس منير مون وٽ ان گذارش سان آيو ته اسان حيدربخش خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيون. مون (قاضي صاحب) جسٽس منير کي مشورو ڏنو ته اهو بهتر ٿيندو ته توهان جتوئي خلاف توهين عدالت جو ڪيس درج ڪيو. تنهن جو جسٽس منير وراڻيو ته جيڪڏهن هن اهڙي درخواست داخل ڪئي ته ان جي ٻڌڻي ٻيا جج ڪندا ۽ ڪيس ۾ کيس سندس ڪيل فيصلي جو قانوني جواز پيش ڪرڻو پوندو.
جسٽس منير کي مون ٻڌايو ته منهنجا ۽ منهنجي پارٽيءَ جا حيدربخش جتوئي سان گذريل ۱۰ سالن کان سخت سياسي اختلاف آهن. پر اسان کي ڪنهن به وقت اهو خيال نه آيو ته هن جي مٿان ڪوڙا فوجداري ڪيس داخل ڪيون. اهڙو قدم اسان هن وقت به نه ٿا کڻي سگهون جو جتوئي هڪ معزز، قابل سياست دان آهي جنھنجو سنڌ ۾ وڏو احترام ۽ عزت آهي”.
ان مان قاضي فضل الله جي همٿ، اصول پرستي ۽ ديانتداري عيان آهي. اڄڪلهه جا ٺڙڪو وزير ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جا ماهر آهن. ان مان جسٽس منير جي Mentality and Morality ذهنيت ۽ اخلاقي ڪردار جو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هو.
قاضي فضل الله صاحب کي ذاتي موٽرڪار ڪا نه هئي. هڪ دفعي ذوالفقار علي ڀٽي کيس ملڻ لاءِ ڪوٺ موڪلي، جنهن تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر خالد کرل جيڪو اڳتي هلي پ پ پ جو وزير بڻيو تنهن ڀٽي صاحب کي جيڪو ان وقت وزير اعظم هو، کي ان حقيقت کان واقف ڪيو. جسٽس ديدار حسين شاهه جي بيان مطابق مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو به قاضي صاحب جي گهڻي عزت ڪندو هو. ڇو ته هن کي خبر هئي ته مڊل ڪلاس جو ماڻهو هوندي به هن ماڻهو سياست ۾ وڏو مقام پيدا ڪيو آهي ۽ سڄي زندگي ايمانداريءَ سان گذاري اٿس.
قاضي صاحب وٽ پنهنجي ذاتي گاڏي به ڪو نه هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن حُجت ڪري ننڍو سمجهي اسان کان گاڏي گهرائيندو هو.
بقول قاضي فضل الله جي ته ڀٽي مرحوم مون کي لاڙڪاڻي المرتضي هائوس گهرايو ۽ ويهي ڪچهري ڪيائين. حال احوال وٺندي ۽ ڏيندي مونکي چيائين ته توهان زندگي تمام سٺي گذاري آهي جنهن جو مون کي دلي طور قدر آهي، هاڻي مون توهان جي لاءِ گاڏي گهرائي ٻاهر بيهاري آهي، چاٻي آڏو رکي چيائين ته اها توهان جي آهي، چڙهي گهر وڃو ته ان تي مون کي خوشي ٿيندي.
قاضي صاحب عرض ڪيس ته؛ سائين منهنجا! اها مهرباني توهان ڪهڙي حساب تي ڪري رهيا آهيو؟ جواب ۾ ڀٽي صاحب مرحوم چيس ته مان توهان کي پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهندو آهيان ان ڪري منهنجي اها گفٽ قبول ڪريو. قاضي صاحب کيس جواب ڏنو ته سائين منهنجا ! دستور آهي ته وڏو ننڍي کي ڏيندو آهي. پر جيئن ته الله پاڪ توهان کي نوازيو آهي ۽ اوهان اهڙي حيثيت ۾ آهيو جو مان توهان کي ڪجهه ڏئي ڪو نه ٿو سگهان. ٻانهون ٻڌي معافي ورتائين ۽ چاٻي وٺڻ کان انڪار ڪيائين. اڄڪلهه جي زماني ۾ جتي پئسي جي لوڀ، حرص، لالچ تمام وڌي ويئي آهي ۽ ماڻهو هڪ رپئي کي به ڇڏڻ جي لاءِ بلڪل تيار ڪو نه آهي اتي اهڙن ماڻهن جو هجڻ غنيمت آهي”. اهڙن اوصاف جي انسانن جو هاڻي وجود مشڪل آهي.
جسٽس ديدار حسين شاهه مولوي نظير حسين جتوئي، مرحوم جو قصو بيان ڪندي لکيو آهي ته
“مولوي نظير حسين جتوئي مرحوم هڪ سياسي ورڪر هئڻ سان گڏ ڏاڍو مزاح پسند ماڻهو به هيو. هو وڻندڙ ڀوڳ ۽ چرچا به ڪندو هيو ۽ قاضي فضل الله مرحوم جي ڪچهريءَ ۾ جڏهن ڪا کل ڀوڳ يا چرچي جي مهل ٿيندي هئي ته مزي ۾ اچي، کلي قاضي صاحب کي اڪثر ڪري پنهنجو ٺهيل شعر ٻڌائيندو هو ته
“محمود آهي تنھن جو ماضي
مظفر آهي تنهن جو مستقبل
رضا تي رهين راضي يا ابوءَ قاضي”

۽ پوءِ محفل زعفران بنجي ويندي هئي.

No comments:

راءِ ڏيندا