; سنڌي شخصيتون: عارف الموليٰ - نور سنڌي

27 June, 2017

عارف الموليٰ - نور سنڌي

عارف الموليٰ
شاعر ۽ سماج سڌارڪ سيد شاهنواز شاهه
نور سنڌي
درگاهه حضرت حسن بخش شاهه هادي جو ٻيو نمبر سجاده نشين سيد شاهنواز شاهه المعروف عارف الموليٰ سنڌ جو مشهور اديب، شاعر، سماج سڌارڪ، سنڌ جي ادب ۽ فن ثقافت کي وڌائيندڙ ۽ سرپرستي ڪندڙ شخصيت هو. هڪ ئي وقت ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ هو، سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ 20 آڪٽوبر 1922ع ۾ شهدادپور سانگهڙ روڊ تي لانڍي اسٽاپ ويجهو ڳوٺ سبحان شاهه ۾ مشهور شاعر ۽ روحاني شخصيت درگاهه حضرت حسن بخش شاهه هادي جي سجاده نشين سيد ڏنل شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ سنڌي فائنل پاس ڪئي، پاڻ پنهنجي مرشد و هادي حضرت حسن بخش شاهه جي شاعري کان متاثر ٿي شاگردي واري زماني کان شاعري شروع ڪئي. شاعري ۾ پنهنجو تخلص پهرين عاجز پوءِ عارف الموليٰ استعمال ڪيو. سندس حسب نسب پيران پير دستگير سان ملي ٿو، سندس وڏا عراق کان ملتان، اتان ٻين هنڌن تي ۽ پوءِ ڊٺڙو شريف لڳ اچي رهائش اختيار ڪئي، ان کان اڳ قاضي احمد لڳ پکرين ۾ به رهيا، سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ کي ننڍي هوندي کان راڳ ويراڳ سان چاهه هو. ان دور جا مشهور ڪلاڪار گهرائي درگاهه تي راڳ ڪرائيندو هو. سندس ڪوششن سان حضرت حسن بخش شاهه جو ميلو عروج تي پهتو، ان زماني ۾ هي ميلو حضرت قلندر لال شهباز ۽ لطيف سائين جي ميلي کان پوءِ سنڌ ۾ 3 نمبر تي هوندو هو، جتي 3 راتيون راڳ رهاڻ جون محفلون، ادبي ڪانفرنسون، مشاعره، سگهڙن جون ڪچهريون، تاريخي ملاکڙو، اٺن، گهوڙن، ڍڳن جي ڊوڙ جا مقابلا ٿيندا هئا. 3 ڏينهن راتيون درگاهه تي لنگر عام هوندو هو. هن ميلي ۾ صوفياڻو راڳ ويراڳ مشهور هو، ملاکڙن ۾ لائوڊ اسپيڪر تي ڪامينٽري جو رواج پاڻ حضرت حسن بخش شاهه جي ميلي جي ملاکڙي کان شروع ڪيو. پاڻ اديبن، شاعرن، فنڪارن، سگهڙن، ملهن جي به سرپرستي ڪندا هئا. ادبي دنيا ۾ پنهنجو ايڏو وڏو نالو ڪڍرايو جو سنڌ اندر ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسون، مشاعره سندس شرڪت بنا اڌورا سمجهيا ويندا هئا، پاڻ اڪثر اهڙن پروگرامن ۾ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ شريڪ ٿيندو هو. پاڻ بهترين افسانه نگار پڻ هئا، ان وقت جي مشهور رسالن ۽ اخبارن جي ادبي صفحن ۾ سندس افسانه شايع ٿيا، ڪيترائي افسانه اڻ ڇپيل آهن، اهي سڀ افسانه گڏ ڪري حسن بخش شاهه جيلاني اڪيڊمي پاران سندس 35 هين ورسي تي ڇپايا ويا آهن، سندس شاعري ۾ هر رنگ شامل هو. حمد، ثناءَ، منقبت، مرثيه، مزاحيه، صوفيانه، عشقيه صنفون شامل آهن. ان دور ۾ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي وڏي اهميت هئي ۽ عارف الموليٰ جي اتي ٿيندڙ مشاعرن ۾ سندس شرڪت کي لازمي بنايو ويندو هو. پاڻ بهترين شاعر پڻ هو، ڪافي مشاعرن ۾ اڳواٽ شعر لکڻ بجاءِ عين وقت تي شعر لکندا هو.


1942ع ۾ انگريز سامراج خلاف حر تحريڪ عروج تي هئي، ان زماني ۾ انگريز سرڪار حرن خلاف رڻ ٻاري ڏنو، سيد شاهه نواز شاهه عارف الموليٰ وطن يا ڪفن واري ان ويڙهه ۾ وڙهندڙ حرن کي پناهه ڏيندو هو ۽ سندن هر طرح جي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. سندس هدايتن تي سندس حرن جي هر طرح جي مدد جاري رکي، صدر ايوب خان جي دور ۾ جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو ته پاڻ مزاحمتي شاعري شروع ڪئي ۽ اها شاعري مشاعرن کانسواءِ ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ پڙهي ويندي هئي، هڪ مزاحمتي شعر هڪ اخبار ۾ شايع ٿيو ته اها اخبار ضبط ڪئي وئي ۽ عارف الموليٰ جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا ۽ پاڻ ڪيترو ئي وقت انڊر گرائونڊ رهيو.
1965ع واري پاڪ ڀارت لڙائيءَ ۾ پنهنجي وطن جي فوجي جوانن کي همٿائڻ لاءِ قومي ترانا ۽ گيت جيڪي مشهور فنڪارن جي آواز ۾ ريڊيو پاڪستان تي هر وقت نشر ٿيندا هئا. جنگ واري زماني ۾ انهن جنگي ترانن جي ڌوم متل هئي، پاڻ سنڌ ڌرتي جا قومي شاعر به هو، سنڌي ماڻهن کي جاڳائڻ، پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ، پنهنجا حق وڙهي وٺڻ حقن جي حاصلات لاءِ مزاحمت ڪرڻ واري شاعري به ڪئي. پاڻ وڏا سخي مرد ۽ سماج سڌارڪ شخصيت پڻ هو. غريبن جي مدد ڪندي سڪون محسوس ڪندو هو، پاڻ غريبن جو ڀرجهلو هو. جيڪڏهن ڪو بااثر غريبن کي تنگ ڪندو هو، ظلم ڪندو هو ته پاڻ غريبن جا هر طرح سان مددگار بنجي ويندو هو. پاڻ زندگي ۾ مال دولت گڏ ڪرڻ بجاءِ وڏي عزت ٺاهي، پاڻ وڏا مهمان نواز هو، درگاهه واري اوطاق ڪراچي جي گذري واري بنگلي تي ايندڙ هر ماڻهو کي پنهنجي هٿن سان ماني کارائيندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس ويجها تعلقات رهيا، ڀٽو دور ۾ ڪراچي واري بنگلي تي ڪم ڪارين وارن ماڻهن جي وڏي رش هوندي هئي، پاڻ نه صرف انهن کي ماني کارائيندو هو، پر سندن ڪم ڪارين لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪندو هو. پاڻ قرآن شريف جو قاري ۽ بهترين عالم به هو، ڳوٺ ۾ درگاهه واري مسجد ۾ جمعي ۽ عيد جي نماز پاڻ پڙهائيندو هو ۽ پاڻ خطبو به ڏيندو هو، کيس وڏي اسلامي ڄاڻ هئي، پاڻ شاعري جي حوالي سان لطيف سائين، سچل، مولانا رومي ۽ حسن بخش شاهه کان متاثر هو. پاڻ انهن جي شان ۾ شاعري به چئي آهي ۽ لطيف سائين جي ڪلام جو پارکو هو، لطيف سرڪار جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ هو. مخدوم طالب الموليٰ جي ڪري پ پ سان پاڻ وابسته رهيو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ کيس معاشي طور تباهه ڪرڻ لاءِ زرعي زمين جا واٽر ڪورس بند ڪيا ويا، کيس سياسي ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو، پر پاڻ ثابت قدم رهيو. وفات کان ڪجهه وقت اڳ پاڻ پنهنجي وصال بابت ٻڌايو ۽ پنهنجي هڪ شعر ۾ به اشارو ڏنو ته:
اسين پنهنجا وارا وڄائي وڃون ٿا،
محبتن جا ميلا مچائي وڃون ٿا.

سندس وصال 23 جمادي الاول تي ڪراچي ويندي سپرهاءِ وي تي گاڏي جي ٽاءِ راڊ ٽٽڻ ڪري ٿيل حادثي ۾ ٿيو.

No comments:

راءِ ڏيندا