; سنڌي شخصيتون: الطاف جوکيو - وفا رضا

12 June, 2017

الطاف جوکيو - وفا رضا

الطاف جوکيو
محرابپور وارو استاد
وفا رضا
ڪنهن زماني ۾، ماڻهوءَ ڪنهن سان ملاقات اٿئي؟ وارو سوال ڪبو هو. جواب ملندو هو؛ هائو مليا آهيون يا وري چئبو هو ته روبرو نه باقي، اڌ ملاقات آهي، فلاڻي يا فلاڻي سان.“ ۽ اهو اڌ ملاقت جو ذڪر ان شخص جي حوالي سان هوندو هيو، جنهن سان روبرو ملڻ کان پهرين، هڪ ٻئي کي خط لکي حال احوال ڏبو ۽ وٺبو هو. سو اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ منهنجي جن دوستن سان خط وسيلي دوستي ٿي هئي، تن ۾ هڪڙو اهو پاڻ وارو دوست الطاف جوکيو به شامل آهي. جيڪو اڄڪلهه فيس بوڪ جي جهان ۾ سنڌ جي مشهور فنڪارن جا ڳايل ڪلام جن ۾ ڪيترا ناياب ڪلام به شامل آهن، ورڇ ڪري سنڌ جي راڳ جي دنيا جي تاريخ کي نئين انداز ۽ سهولتن آڌار سهيڙي ڀلو ڪم ڪري رهيو آهي. مولا ڀلو ڪري منهنجي ان دلبر دوست جو، جنهن سان ان زماني کان وٺي اڄ تائين نيازمندي رهي آهي.


سنڌ جي انتهائي قابل احترام شخصيت، تعليمي ماهر ۽ ليکڪ، سائين محبوب علي جوکيو جي گهر ۾ اک کوليندڙ الطاف حسين جوکيو سان شروعاتي طور منهنجي به اها اڌ ملاقات ”خط“ واري هوندي هئي. پوءِ هلندي هلندي اهو ڏينهن به آيو جو هڪ ٻئي جي روبرو ٿياسين. اهو ڏينهن هي ڏينهن، دوستي جي سڳي ۾ سڪ لڳا پيا آهيون. مون کي اهو به ياد ٿو پئي ته اسان انهن ڏهاڙن ۾ ٽنڊي آدم مان گوندر پبليڪيشن ۽ سانگيئڙا پبليڪيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو هو، تنهن ۾ الطاف جوکيو جون لکڻيون به شامل هونديون هيون ۽ آئون کانئس ان حوالي سان رهنمائي وٺندي پنهنجي گهٽتائي محسوس نه ڪندو هوس. سو انڪري اسان جون ڪچهريون ڪلاڪن ۽ پهرن کان ٿيندي، ڏينهن ۽ هفتن تائين به وڃي پڳيون ۽ پوءِ اهي ڏينهن به آيا جو ڄامشوري جي هوائن منجهه وڃي گڏياسين. جتي اسان جي سنگت جو وڏو ولر هوندو هيو، جتي اسلم پيرزادو به گڏ هوندو هو. سو جتي الطاف ۽ اسلم گڏ هجن، اها محفل ۽ چوياري کل ڀوڳ کان وانجهيل هجي، سو ته ناممڪن هو.
مرتضيٰ سيال، غضنفر سومرو توڙي منهنجو دوست الطاف جوکيو، جيڪو اڄڪلهه بيگ ۾ ليپ ٽاپ گڏ کنيو پيو سنڌ جا سير ڪري؛ سو تنهن زماني ۾ يونيورسٽي جي ڏينهن ۾ خرچ جا پئسا ختم ٿي وڃڻ تي ”مٺي ماني جا لولا“ وڏي شوق سان کائي وقت پيو گذاريندو هيو، تنهن جي سادگي جي انداز جو رنگ به پنهنجو آهي. کائڻ، پيئڻ توڙي پائڻ ۾ هن جون چلولايون به کلڻ تي مجبور ڪنديون آهن. الائجي ڇو مون کي ان وقت لڳندو آهي ته هو پنهنجي غمن کي گهٽائڻ لاءِ اهڙي ئي انداز کي اهميت ڏئي ٿو.
هڪڙي ڀيري محراب پور ۾ الطاف جي ڪتاب گهر تي ويٺا هياسين. هڪ دوست اچي سلام ورايو. سندس هٿ ۾ اخبار جي ٽڪري ۾ ڪا شيءِ ويڙهيل هئي. الطاف پڇيس؛ ڇا آندو اٿئي؟ جنهن تي همراه چيو؛ پڪوڙا آهن، گهر وڃي چانورن سان کائيندس. جيسين هو گهر پهچي، تنهن کان اڳ الطاف چيو؛ ڀلا چانهه جو چڪڙو چئي اچان ته گڏ پيئون. تنهن تي ان دوست چيس؛ اوهان ويهو آئون ئي ٿو هوٽل واري کي چانهه جو چوان. ان لمحي الطاف چيس؛ او هو جيڪو ٿورڙو پرڀرو هوٽل آهي، اتان کير پتي چانهه آڻج. همراهه جو روانو ٿيڻ ۽ پويان الطاف جو پڪوڙن جي پڙي ۾ هٿ وجهي جهٽ ڪري سمورو صفايو ڪري، روڊ تي بيٺل فروٽ واري جي ڀر مان نارنگيءَ جا ڇلڪا کڻي پڪوڙن جي جاءِ تي پڙي ۾ ويڙهي رکي ڇڏڻ! هوڏانهن همراهه چانهه واري کي ساڻ ڪري اچي پهتو ۽ چيائين؛ جي پڪوڙا به کائو ته اهي پيا اٿوَ؟ جنهن تي مُنهَن جي پڪائي سان الطاف چيو؛ نه اهي اسان اڳاڙو تنهنجي اچڻ کان اڳ کاڌا آهن، تو کي وڌيڪ تڪليف نٿا ڏيون. سو همراهه چانهه پي موڪلايو. اسان اڃا اتي ئي ويٺا هياسين تي هو ڪجهه دير ۾ وري آيو. جيسين هو ڪجهه ڪڇي، الطاف چيس؛ ابا تو سان خير، ڪا ويسر ٿي وئي آهي ڇا؟ جنهن تي هن کلندي چيس؛ نيٺ پنهنجي استادي ڏيکاريئي الطاف! بس پوءِ ته هڙئي دوست کل ۾ وٺجي وياسين.
ائين ئي وري هڪ ڀيري آئون ۽ محمد علي سومرو ويٺل هياسين. اوچتو هاسٽل جا ڪجهه دوست ڊوڙندا آيا. چيائون؛ الطاف جوکيي جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي. اسان ڪمري مان ٻاهر مس نڪتاسين ته ڇا ڏسون ڪجهه شاگرد کٽ کنيو پئي آيا، جنهن تي ڪو سڌو ستو پيو هجي. مٿان کيس اجرڪ پيل هجي. هڪ لمحي ته جهڙوڪر بدن مان ساهه نڪرندي محسوس ڪيم پر اوچتو الطاف جا ڀوڳ چرچا ياد پيا ته محمد علي سومري کي چيم؛ ڀري اچ پاڻي جي ٻاٽلي. سياري جي ڏهاڙن ۾ پاڻي جي ٻاٽلي جو ٻڌندي کٽ تي مکر ڪري پيل الطاف جهٽ ڏئي اٿيو ۽ چيائين؛ يار مون ته سوير کان عطا لاشاري کي چانهه جو پئي چيو، هي اوهان وري پاڻي جي ٻاٽلين جو پيا چئو، مون کي چانهه ٿي گهرجي، چانهه بس. سو منهنجو اهو چانهه ۽ سگريٽ شوق سان پيئندڙ دوست جيڪو جڏهن موبائل فون نوان نوان آيا ته مونکي چوندو هيو؛ ماڻهن جي حالت ته ڏسو سارو ڏينهن رڳو اٿن ان موبائل جي ڳڻتي، هنن کي سمجهائين نٿو. چيومانس؛ اها چسڪي تو کي جڏهن لڳندي ته پوءِ ڳالهائج. سو منهنجو يار اڄڪلهه سارو ڏينهن ويٺو موبائل تي تصويرون ڇڪي ۽ فيس بوڪ تي ڪلام شيئر ڪري. پر هو جيڪا ورڇ ڪري ٿو سا بيشڪ جس لهڻي.
اڄ جڏهن لکڻ جي ارادي سان ڪمپيوٽر کولي ويٺس تي ڊيسڪ ٽاپ تي الطاف جي فيس بوڪ واري ورڇ ڪيل ڪلامن مان ڪجهه جيڪي مون سانڍي رکيا هيا، تن تي نظر پئي ته دل چيو ڪجهه ٻڌجي به کڻي. سو ٻڌندي ٻڌندي جڏهن استاد محمد يوسف جي آواز ۾ هڪ گيت، ’وڃ ته قاصد ڪهي پوءِ يار اچي يا نه اچي‘ ٻڌم ته واهه واهه چوڻ کان رهي نه سگهيس. جهڙو شاعري جو رنگ تهڙو وري محمد يوسف جو مٺو آواز.
اوهان مان به جيڪر ڪنهن کي اهو گيت ملي پئي ته ٻڌجئو. مون کي پڪ آهي ته اوهان به وهه واهه چوڻ کان رهي نه سگهندئو.




1 comment:

  1. واه سائين واه... کٽا مٺا احوال پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي

    ReplyDelete