; سنڌي شخصيتون: محبوب عالم - حيات علي شاهه بخاري

27 June, 2017

محبوب عالم - حيات علي شاهه بخاري

محبوب عالم

عالم جو محبوب
حيات علي شاهه بخاري
مارچ مهيني ۾ هڪ عظيم فنڪار ۽ بهترين دوست وڇڙي ويو، جيڪا ڳالهه ڪالهوڪي ٿي لڳي. مون کي به لاهور مان دوست رياض فون ڪري ٻڌايو ته محبوب عالم جي ورسي آهي. وري هڪ اخبار ۾ محبوب عالم جي جڏهن ورسي بابت پڙهيم ته پتو پيو ته 23هين ورسي آهي، يقين ئي نه آيو. مون کي هڪ ڳالهه سڄي حياتي تڙپائيندي رهندي ته مرڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ محبوب عالم جي ڀائٽي مون کي فون ڪري چيو هو ته چاچا محبوب توکي سڏايو آهي. مان ازلي سستيءَ جو شڪار ٿي محبوب ڏي ڪونه ويس ۽ محبوب جي موت جي خبر آئي.


محبوب سان دوستيءَ جو رشتو منهنجي دوست ظفر جهنڊير سان محبوب جي پهرين سنڌي فلم ”سورٺ“ کان ۽ مون سان سنڌي فلم ”پيار تان صدقي“ کان شروع ٿيو. اسان ٽيئي ڄڻا گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن فلم ۾ محبوب عالم سان گڏ هوندا هئاسين، نه ته به واندڪائي ۾ ته ساڻ هوندا ئي هئاسين. ڇا ته جوکائي جو زمانو هو، پئسو نه هئڻ ڪري ٻه ٻه ويلا نه کائيندا هئاسين. گهڻو ڪري انگريزي فلمن جا شوقين هوندا هئاسين. محبوب عالم ڪراچيءَ جي صدر ٿاڻي جي فليٽن ۾ پنهنجي وڏي ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي ايس ايڇ او چوڌري اقبال سان رهندو هو. منهنجو ۽ ظفر جو ٺڪاڻو جڏهن آسودا هوندا هئاسين ته مسواڙ جي ڪنهن جاءِ ۾ نه ته اسٽوڊيو ۾ پروڊڪشن آفيس ۾ هوندو هو.
مون کي ياد آهي ڪراچي ۾ سيڪنڊ ورلڊ وار تي هڪ انگريزي فلم رليز ٿي نالو هئس ”هاور“ ان فلم ۾ اداڪار انٿوني جي اداڪاري جي هاڪ هئي، باوجود ڪوشش جي فلمي مصروفيت سبب فلم ڏسڻ جو موقعو نه پئي مليو، جنهن ڏينهن يعني خميس ڏهاڙي فلم جو آخري شو هو ته ان ڏينهن ظفر جهنڊير، محبوب عالم ۽ مون وقت ڪڍي اها فلم ڏسڻ جو ارادو ڪيو. ٽيئي ڄڻا شام ڌاري اسٽوڊيو مان نڪري ڊبليو سيون بس ۾ چڙهي صدر ريگل چوڪ وٽ لٿاسين، فلم جو آخري شو ڏسڻو هو، ان ڪري پهرين ماني کائڻي هئي، جڏهن ٽنهي پنهنجي کيسن جي جهڙتي ورتي ته ايترا پئسا نڪتا، جن سان يا ته ماني کائون يا وري بکئي پيٽ فلم ڏسون. سوچ ويچار کانپوءِ اسان ان رات ماني ڪانه کاڌي ۽ فلم ڏسي بکئي پيٽ سمهي رهياسين. وري جڏهن مان لاهور ويس ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ محبوب عالم ۽ پوءِ ظفر جهنڊير به لاهور هليو آيو ته اتي به ساڳيون ڪچهريون. لاهور ۾ پي ٽي وي تي کوڙ سارا ڊراما ڪرڻ کانپوءِ محبوب عالم کي امجد اسلام امجد جي لکيل ڊراما سيريل ”وارث“ ۾ چوڌري حشمت جو مين ڪردار مليو، پوءِ ته محبوب عالم غريب غربي کان چڙهي ويو.

نيفڊيڪ وارن نسم حجازي جي ناول تي ”خاڪ اور خون“ نالي فلم ٺاهي، ان ۾ محبوب عالم سک جو ڪردار ادا ڪيو. اهو ڪردار ايترو ته مقبول ٿيو جو هندستان ۾ محبوب عالم جي هاڪ ٿي. اڳتي هلي هندستان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد تي فلم ٺهي ته ان ۾ ابوالڪلام آزاد جي ڪردار لاءِ محبوب عالم جي چونڊ ڪئي وئي. محبوب عالم ڪافي شوٽنگ به ڪري آيو، پر پوءِ بيماريءَ سبب اهو پروجيڪٽ مڪمل نه ڪري سگهيو. آخري ڏهاڙن ۾ جڏهن محبوب عالم بيمار ٿي پيو ته ان جي ڪمزوري ۽ هيڻائيءَ کي ماڻهن اهو سمجهيو ته شايد محبوب عالم نشي جو عادي ٿي ويو آهي، جيئن ته اسين گڏ رهندا هئاسين ته مون کي چڱي طرح خبر آهي ته محبوب ڪو به نشو ايتري تائين جو سگريٽ به ڪو نه پيئندو هو. محبوب جي بيماريءَ جي تشخيص آخري ڏهاڙن ۾ ٿي سگهي ته سندس معدي ۾ خرابي هئي، معدو سُسي ويو هو. ها، اها ڳالهه ته محبوب عالم کي ڪنهن سبب جي ڪري ننڊ ڪا نه ايندي هئي، سو پاڻ سان گڏ مون کي به راتين جون راتيون جاڳائيندو هو ۽ سڄو ڏينهن سُتو پيو هوندو هو. پهرين ڪف سيرپ ننڊ لاءِ پيئندو هو پوءِ پاور ننڊ جون گوريون کائيندو هو. جهڙو هن جو نالو محبوب هو، اهڙو ئي محبوب هو. اڄ به مون کي جڏهن محبوب ياد ايندو آهي ته سندس موجود نه هئڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي.





محبوب عالم
حيات علي شاهه بخاري
محبوب عالم ٻه دفعا گذاري ويو- جي ها، سخت بيماري جي حالت ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ وڏي ڀيڻ وٽ ترسيل هو ته پي ٽي وي ۽ هڪ اردو اخبار ۾ سندس وفات جي خبر آئي، جڏهن محبوب عالم پاڻ پي ٽي وي تي فون ڪري پنهنجي زنده هئڻ جو ثبوت ڏنو ته سندس دوستن (مون سميت) سُک جو ساهه کنيو. اڃا سال به نه گذريو ته محبوب عالم سچي پچي گذاري ويو. محبوب عالم جي وفات سان فلم ۽ ٽي وي تان ڄڻ هڪ تمام سٺو آرٽسٽ رُسي ويو.
سڀاڻي محبوب عالم جي ورسي آهي، پر مون کي خبر آهي ته ٻين ته ٺهيو، پر سندس عزيزن کي به سندس ورسي ياد نه هوندي. مون کي به دوست رياض احمد لاهور مان فون ڪري چيو ته ”۱۸ مارچ ڪو ڀائي محبوب ڪي برسي هي“
ڏسو ته سهي انسان ڪيڏو نه بي بقا آهي، ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته اڄ محبوب عالم سان ملاقات ٿي، اڄ محبوب عالم پي ٽي وي جي فلاڻي ڊرامي جي رڪارڊنگ ڪئي، محبوب عالم مولانا ابوالڪلام آزاد جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ انڊيا ويو، محبوب عالم سنڌي فلم ”پوتي ۽ پڳ“ جي شوٽنگ ڪئي، محبوب عالم پي ٽي وي جي ڊرامي سيريل ”وارث“ ۾ چوڌري حشمت جو يادگار ڪردار ڪيو، وري سلائيڊ هلي ٿي ته محبوب عالم اسان ۾ ڪونهي. مٽ مائٽ دوست يار ڏکارا ٿين ٿا، وقت گذري ٿو.
محبوب عالم ڪنهن کي ياد ناهي. سڀاڻي محبوب عالم جي ورسي آهي ”ڪهڙو محبوب عالم، هاها، جنهن سنڌي فلم ”سورٺ“ ۾ ٻيجل جو ڪردار ادا ڪيو، پي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين، قسمت آزمائڻ لاءِ لاهور ويو ته ”ڀاڳ ڀيڙو ڏئي دال مان سيرو ڪري ڇڏيو“ ڊرامه سيريل وارث ۾ ظالم وڏيري جو ڪردار ادا ڪري مقبوليت جا سمورا ڏاڪا اورانگهي ويو. نيفڊيڪ جي فلم ”خاڪ اور خون“ ۾ سک جو ڪردار ادا ڪري سمورن سکن کي پنهنجو فين بڻائي ڇڏيائين، لاهور جي سٽي هوٽل جي سنگل روم ۾ رهندڙ محبوب عالم کي سک هٿن تي چميون ڏئي ملندا هئا، ٽنڊي غلام علي ۾ چوڌري محمد عليءَ جي گهر پيدا ٿيندڙ محبوب عالم انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي، سندس وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته هو شوبز ۾ سڀني کي ملهون ماريندو.
”سورٺ“ جي رليز کانپوءِ جڏهن آئون ”پيار تان صدقي“ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هئس ته فلم جي هدايتڪار، محبوب عالم کي هڪ اهم ڪردار لاءِ گهرايو، مون کيس پهريون ڀيرو ”پيار تان صدقي“ جي آفيس آڏو بيٺل ڏٺو، پهرين نظر ۾ مون کي ٺپ نه وڻيو، الائجي ڇو، جيڪي ماڻهو مون کي شروعات ۾ ناهن وڻندا، اُهي اڳتي هلي دل تي نقش ٿي ويندا آهن. محبوب به انهن مان هڪ هو، اسان جي دوستي ايتري ته مضبوط هئي جو ان جو ڪو مثال نٿو ڏئي سگهجي، جڏهن محبوب عالم پنهنجي زمين جو مقاطعو ڏيڻ لاءِ مون کي ٽنڊي غلام علي وٺي ويو ته اُتي تعارف ڪرائيندي چيائين ”هي بخاري صاحب آهي، منهنجو بهترين دوست، اسين سڀ ڪم گڏجي ڪندا آهيون“ مون هڪدم کيس ٽوڪيو ته ”ان جملي ۾ فني خرابي آهي“ پاڻ کلي ڏٺائين، محبوب کلندو تمام گهٽ هو، باقي شرمائيندو تمام گهڻو هو، لاهور جي هوٽل ۾ رهندي، هوٽل جي مختلف ڪمرن ۾ جوڙا ”رليون رنگين“ ڪندا هئا ته اسين سڀ دوست جهاتي پائي ڏسندا هئاسين، پر محبوب کي اهڙي ڪابه دلچسپي ڪانه هئي، پيو مرڪندو هو، جڏهن ”وارث“ ڊرامي جا مختلف شهرن ۾ شوز ڪيائين ته انهن ۾ شرڪت ڪندڙ گلوڪاره شازيه، محبوب تي اڪن ڇڪن ٿي پئي ۽ شاديءَ لاءِ تيار هئي، پر محبوب صفا تيار نه ٿيو (ذهني طور تي) ٻيو ته ٺهيو پنجابي فلمن جي اداڪاره سيما به کيس گهڻئي پاسا ڏنا، هڪ ڀيري محبوب کي گهر اچڻ جي دعوت ڏنائين ته ”وي اڙيا تينون گهر دي روٽي چنگي نهين لگدي“ پر محبوب جهڙو بت شريف ماڻهو اِن ڪري انهن خفن کان پري هو. لاهور جي اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪيائين، سندس مقبوليت مان سڀ فائدو وٺي ويا. اِهو به سٺو جو پي ٽي وي جو پهريون بهترين اداڪار جو ايوارڊ کيس مليو. ضياءُ الحق جي زماني ۾ جنرل مجيب کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو، محبوب پهريون اداڪار هو جنهن کي بئنڪ جي اعزازي نوڪري ملي، نه ته رڳو ڪرڪيٽر موجون ڪندا آهن. سندس بيماري جو آغاز تڏهن کان ٿيو، جڏهن کيس رات جو ننڊ نه ايندي هئي ۽ پوءِ سڄو ڏينهن ستو رهڻ جي ڪري سندس طبيعت خراب ٿيندي وئي ۽ اداڪاري ڪرڻ کان به لاچار ٿي ويو، رات جو ننڊ لاءِ پهرين ڪف سيرپ پيئندو هو، اڳتي هلي ننڊ آڻڻ واريون هاءِ پاور گوريون کائڻ لڳو، جن سان کيس ننڊ ته ڪانه آئي، پر ۲۴ ڪلاڪ غنودگي جو شڪار ٿي ويو، جنهن ڪري مٿس الزام لڳا ته نشو ٿو ڪري، ائين ڪونه هو، محبوب شروعات ۾ سگريٽ پيئندو هو، پوءِ ته اهي به ڇڏي ڏنائين، مون به ساڻس لاهور جي سٽي هوٽل جي سنگل روم ۾ ڪافي وقت گذاريو، سندس راتين جي اوجاڳي جو آئون به شڪار ٿيس، سڄي رات پيا ڪچهري ڪندا هئاسين، صبح ٿي ويندو، سج نڪري ايندو هو. اِهو سلسلو ڪافي عرصو هلندو رهيو، آخر مون چالاڪي ڪري اوجاڳي مان جان ڇڏائي، رات ۲ وڳي محبوب واش روم ۾ ويندو هو، اِن دوران آئون دت هڻي سمهي پوندو هئس، محبوب مون کي ٻه ٽي ڀيرا سڏ ڪندو هو، جواب نه ملڻ تي سمجهندو هو ته مون کي ننڊ اچي وئي پوءِ اڪيلو پيو جاڳندو هو.
جڏهن بيماري جي حالت ۾ ڪراچيءَ ۾ وڏي ڀيڻ وٽ رهندو هو ته ٻه ٽي ڀيرا سندس طبيعت پڇڻ ويس، هڪ ڀيري سندس ڀاڻيجي جو فون آيو: ”مامو محبوب لاهور ويو هو، ڪراچي موٽي آيو آهي، اوهان کي گهرايو اٿس“ مون ازلي سستي کان ڪم ورتو، ترت نه وڃي سگهيس ۽ محبوب هليو ويو! خبر ناهي ته مون سان ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪرڻ چاهيائين، ڪو راز سلڻ ٿي چاهيائين، آخري ڪچهري ٿي ڪرڻ چاهيائين، ان سستي ۽ ڪاهلي جو سڄي حياتي بار دل تي رهندو- يار محبوب معاف ڪجان.





محبوب جي ياد وري آئي
حيات علي شاهه بخاري
ڪافي هفتن کان دبئي جي سير و تفريح جو احوال لکندو پيو اچان، جيڪو اڃا ٻه- چار قسطون هلندو پر اڄ دبئي جو احوال نه پيو لکان، ڇو جو اڄ منهنجي پياري دوست ۽ نامياري فنڪار محبوب عالم جي ورسي آهي. مون کي هر سال محبوب عالم جي ورسي وسري ويندي آهي، پر هِن ڀيري ظفر جهنڊير ۽ رياض احمد ياد ڏياريو ته مون ته صرف پنهنجو فرض سمجهيو ته محبوب عالم تي ڪجهه لکان يا ائين کڻي سمجهو ته پراڻيون يادگيريون هڪ ڀيرو وري ساريان.
محبوب عالم تي لکڻ يعني ان جي ورسي جو سوچي قلم کڻڻ مون لاءِ تمام ڏکيو آهي، هڪ ته ان جو وڇوڙو ئي نهوڙي ويو، ٻيو ساڻس گذاريل گهڙيون، گڏ ڪيل ڪم وري ياد ڪرڻ ۽ اهو خيال ڪرڻ ته محبوب عالم هن جهان ۾ ناهي. اهو سڀ ڪجهه مون لاءِ تمام ڏکيو سهڻ آهي پر ڇا ڪجي ”اڳي پوءِ هلڻ منهنجو هوت ڏي“ جي مصداق اهو زماني جو دستور آهي، ڪو اڄ ويندو ته ڪو سڀاڻي، ڪوبه هتي رهڻو ناهي، سچ پڇو ته محبوب عالم ۽ آئون هڪ ٻئي جا ايترا ته عادي ٿي ويا هئاسين جو هڪ ٻئي کان ڌار رهڻ يا ڌار ڪم ڪرڻ جو تصور به نه پئي ڪري سگهياسين.
محبوب عالم چمبڙ ڀرسان سندس والد جي نالي ”ڳوٺ چوڌري محمد علي“ جو رهواسي هو، شروعاتي تعليم چمبڙ ۽ پوءِ مسلم ڪاليج مان انٽر ڪري سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ڪيائين، تن ڏينهن ۾ سندس ڀيڻيويو چوڌري اقبال ڪراچيءَ ۾ ايس ايڇ او هو. محبوب ڪراچي هليو ويو، انهن ئي ڏينهن ۾ حاڪم علي زرداري سنڌي فلم ”سورٺ“ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کي ٺاهڻ جو سڄو انتظام سندس مئنيجر سيد مظفر حسين (ٽپيءَ جو والد) جي حوالي هو، مظفر حسين محبوب عالم جي ڀيڻيوئي چوڌري اقبال جو دوست هو ۽ ان جي سفارش تي محبوب عالم کي فلم ”سورٺ“ ۾ ٻيجل جو ڪردار ڏنو ويو. سورٺ ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ سندس پرفارمنس جي تعريف ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ کيس هدايتڪار بابو ڀائي پنهنجي فلم ”پيار تان صدقي“ ۾ ڪاسٽ ڪيو، ان فلم ۾ آئون چيف اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هئس، اتان ئي محبوب عالم ۽ منهنجي دوست جو آغاز ٿيو، محبوب مون سان قربان جيلاني جي فلم ”رت جا رشتا“ ڪئي ۽ ٻه ٽي ٻيون به فلمون ڪيون، تن ڏينهن ۾ اسان ٽي گهاٽا دوست هوندا هئاسين، آئون، محبوب عالم ۽ ظفر جهنڊير، فلمن جي ڪم ڪار کان جيترو وقت بچندو هو سو اسين گڏ هوندا هئاسين. محبوب صدر ٿاڻي جي فليٽن ۾ پنهنجي ڀيڻوئي چوڌري اقبال سان گڏ رهندو هو، جڏهن هو پاڪ ڪالوني ۾ ايس ايڇ او مقرر هو ته ڌاڙيل سان مقابلي ۾ ڌاڙيل جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويو.
مون کي هڪ واقعو ياد اچي ٿو ته ڪراچيءَ جي ريڪس سئنيما ۾ ورلڊ وار جي موضوع تي هڪ انگريزي فلم رليز ٿي هئي ”ٽونٽي ففٿ هاور“ ان فلم ۾ مرڪزي ڪردار انٿوني ڪوئين ادا ڪيو هو، فلم جي تمام گهڻي تعريف ٿي، اسان انگريزي فلمن جا شوقين اها فلم ڏسڻ چاهيون پيا، پر ڏسي نه پيا سگهون، ڇو جو ڪابه فلم اسان مان ڪو اڪيلو نه ڏسندو هو، اسين ٽئي گڏجي ڏسندا هئاسين، هاڻي مسئلو اهو پيو ٿئي ته ڪڏهن محبوب ڪنهن فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف، ڪڏهن آئون واندو ته ڪڏهن ظفر جهنڊير ڪنهن نه ڪنهن فلم جي شوٽنگ يا ايڊيٽنگ ۾ مصروف. اسان ٽئي هڪ ئي وقت واندا نه پيا ٿيون جو فلم ڏسون، هڪ ڏينهن پتو پيو ته اها فلم آخري هفتي ۾ آهي ۽ ايندڙ جمعي کان اها فلم لهي ويندي ۽ ڪاپي فلم رليز ٿيندي، اسان ٽنهي ڄڻن مصروفيت مان وقت ڪڍيو ۽ خميس ڏينهن فلم ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو، شام جي وقت اسان ٽئي ڄڻا يعني محبوب عالم، ظفر جهنڊير ۽ آئون ايسٽرن فلم اسٽوڊيو مان ”سيون ڊي“ بس ۾ چڙهي اچي صدر جي ريگل چوڪ تي لٿاسين، فلم ۾ اڃا ڪافي وقت هو، سو رات جي ماني کائڻ جو پروگرام ٺاهي اڳتي وڌياسين، ماني کائڻ لاءِ هوٽل ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٽنهي ڄڻن پنهنجا کيسا ڦلهوڙيا، پتو پيو ته اسان ٽنهي وٽ تمام گهٽ پئسا آهن، يعني ايترا پئسا ناهن جو رات جي ماني به کائون ۽ فلم به ڏسون، فلم جو اهو آخري شو هو، اسان فلم وڃائڻ نه ٿي چاهي، سو ڇا ڪيوسين ته رات جي ماني ڪانه کاڌي سين ۽ فلم ڏٺيسين ۽ رات ۱۲ وڳي فلم ڏسي پنڌ ئي پنڌ صدر ٿاڻي جي ڀرسان پوليس جي فليٽن تي پهتاسين، محبوب جي ڀيڻوئي وٽ ٻه فليٽ آمهون سامهون هئا، هڪ ۾ هو فيملي يعني ٻارن ٻچن سان رهندو هو ۽ سامهون واري فليٽ ۾ محبوب سمهندو هو يا اتفاقي ڪو مهمان مڙو ايندو هو ته ان فليٽ ۾ رهايو ويندو هو، اڌ رات جو اسان فليٽ ۾ وڃي بکيا سمهي رهياسين، آئون بک جو ڪچو سو مون کي خالي پيٽ ننڊ نه پئي اچي، خيرن سان صبح ٿيو ته محبوب گهران اڦراٽا، آمليٽ ۽ لسيءَ جو جڳ کڻي آيو، نيرن ڪري آئون ۽ ظفر جهنڊير اسٽوڊيو هليا وياسين.
مون کي پنجابي فلمن جي گلوڪار، اداڪار ۽ فلمساز عنايت حسين ڀٽي لاهور گهرايو، ڪجهه وقت کانپوءِ محبوب عالم به اچي لاهور وسايو، پهرين هو وڪٽوريا هوٽل ۾ رهيو، پوءِ اسين ٻئي ڄڻا ساڳئي علائقي يعني ”سٽي هوٽل“ رهڻ لڳاسين، تن ڏينهن ۾ محبوب عالم کي ”وارث“ ڊرامي ۾ چوڌري هشمت جو ڪردار مليو ۽ هو ڪاميابيءَ جي افق تي پهچي ويو، انهن ڏينهن سرڪاري اداري ”اينفڊيڪ“ وارن تبسم حجازي جي هڪ ناول ”خاڪ اور خون“ تي فلم ٺاهي ۽ محبوب عالم کي ان فلم ۾ سک جو ڪردار ڏنو ويو، جيڪو هن اهڙي ته انداز سان ڪيو جو واهه واهه ٿي وئي، اها فلم هندستان ۾ به رليز ٿي، جڏهن ڪو سک پاڪستان ايندو هو ته پڇاڻو ڪري اچي محبوب سان ملندو هو ۽ ان جا هٿ چمندو هو.
اسان واندڪائي واري زماني ۾ سڄي سڄي رات هوٽل جي ڪمري ۾ ڪچهري ڪندا هئاسين، ڪهاڻيون سکندا هئاسين، مستقبل جا خوبصورت خواب ڏسندا هئاسين پر خواب حقيقت ناهن ٿيندا. حقيقت زهر جهڙي ڪوڙي ٿيندي آهي، ايتري جو اڄ آئون آهيان پر محبوب ناهي ۽ سچ پڇو ته اسان شروعات کان وٺي گڏ ڪم ڪيو، محبوب کانسواءِ بلڪل اڌورو آهيان. هڪ ٻي حقيقت ته محبوب وفات ڪئي ته مون کي خبر نه پئي ۽ آئون سندس جنازي کي ڪلهو نه ڏئي سگهيس ۽ ٻيو اعتراف اِهو ته اڄ تائين ٽنڊي غلام علي جي قبرستان ۾ مدفن محبوب عالم جي قبر تي وڃڻ جي همت نه ڪري سگهيو آهيان، الله پاڪ محبوب عالم جي مغفرت ڪري.

No comments:

راءِ ڏيندا