محبوب عالم
عالم جو محبوب
حيات علي شاهه بخاري
مارچ
مهيني ۾ هڪ عظيم فنڪار ۽ بهترين دوست وڇڙي ويو، جيڪا ڳالهه ڪالهوڪي ٿي لڳي. مون کي
به لاهور مان دوست رياض فون ڪري ٻڌايو ته محبوب عالم جي ورسي آهي. وري هڪ اخبار ۾
محبوب عالم جي جڏهن ورسي بابت پڙهيم ته پتو پيو ته 23هين ورسي آهي، يقين ئي نه
آيو. مون کي هڪ ڳالهه سڄي حياتي تڙپائيندي رهندي ته مرڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ محبوب
عالم جي ڀائٽي مون کي فون ڪري چيو هو ته چاچا محبوب توکي سڏايو آهي. مان ازلي
سستيءَ جو شڪار ٿي محبوب ڏي ڪونه ويس ۽ محبوب جي موت جي خبر آئي.
