مولانا محمد هاشم سومرو
سندس موڪلاڻي
عبدالرئوف سومرو /عمرڪوٽ
رڳو
عمرڪوٽ جو تواريخي شهر ئي اداس ناهي پر سنڌ جا اهي علائقا ۽ ضلعا جن سان مولانا
محمد هاشم سومرو جي مذهبي، علمي ۽ روحاني وابستگي رهي آهي، اهي سڀ هن دکدائڪ خبر
ٻڌڻ سبب ڏک ۾ ورتل آهن. صوفي فقير شهر جي ويجهو ڳوٺ مرڪڻ ۾ غلام رسول سومرو جي گهر
۱۹۶۴ع ڌاري جنم وٺندڙ مولوي محمد
هاشم سومرو پنهنجي شروعاتي تعليم وارن ڏينهن ۾ ئي ذهانت جي ڪري اول پوزيشن تي
رهيو. پرائمري ۽ گڏوگڏ مذهبي تعليم طرف والدين جو وڌيڪ لاڙو هئڻ ڪري مولانا محمد
هاشم کي سنڌ جي قديم مدرسي ولهيٽ ۾ ڇڏيو ويو، جتي مولانا عبدالسميع ساند جهڙي
درويش صفت انسان جو آخوند طور ملي وڃڻ ئي سڀ کان وڏو اعزاز هو.
مولانا صاحب مختلف
مدرسن جي مشهور استادن کان عربيءَ ۽ فارسي جا سبق ورتا. مولانا صاحب سجاول جي
مدرسي کان وٺي پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف مدرسن ۾ علم جي اڃ اجھائي. هو شريعت ڪورٽ
جي اڳوڻي جسٽس مولانا تقي عثماني جهڙي شهرت يافته عالم کان به دارالعلوم ڪراچي ۾
پڙهيو. شروع ۾ مولانا صاحب ٺٽي ويجھو گيل موري ۾ عربي ۽ فارسي پڙهائي پر ولهيٽ هن
کان اتي به وسري نه سگهي. ستت ئي واپس اچي عمرڪوٽ جي قديم مدرسي ولهيٽ ۾ پنهنجي
تمام تر توانائي سان پڙهائڻ واري عمل سان جنبي ويا. آخري ايامن ۾ عمرڪوٽ شهر جي
انوارالعلوم مدرسي ۾ علم جا واهڙ وهايائون. جتي ڪيترا ئي شاگرد سندن علمي ۽ تصوف
جي ريج سان رچي ريٽا ٿيا. هو سياسي طور پڻ سرگرم رهيا ۽ خاص طور جمعيت علماءِ اسلام
سان سندن الفت هئي. هو عمرڪوٽ جو امير پڻ رهيو. سنڌ جي مک مسئلن تي پوءِ اهو
ڪالاباغ ڊيم جو اشو هجي يا ڌارين جي آبادڪاري، سنڌ جي ورهاڱي جي سازش هجي. هندو
مسلم-فساد هو انهن خلاف پنهنجو آواز اٿاريندو رهيو. اقليتن جو خيال رکڻ واري
مولانا جي طبعيت جي ڪري غير مسلم به اچي سندن صحبت ۾ ويهندا هئا.
مون ڏٺا سي ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪا، ڪري نه سگھان ڳالھڙي.
SINDHI ULMAS HAS PLAYED VITAL ROLL IN REVIVING SINDHI CULTURAL AND PROTECTING SINDHI PEOPLE FROM ALL KINDS OF EVILS THAT WERE PREVALENT IN SINDH AT THAT TIME NOT ONLY THIS but they strengthen deen islam amid hindu dominated society
ReplyDeleteSir! you are quiet right.
Delete