; سنڌي شخصيتون: مولانا، محمد هاشم سومرو، موڪلاڻي، عبدالرئوف سومرو، عمرڪوٽ،
Showing posts with label مولانا، محمد هاشم سومرو، موڪلاڻي، عبدالرئوف سومرو، عمرڪوٽ،. Show all posts
Showing posts with label مولانا، محمد هاشم سومرو، موڪلاڻي، عبدالرئوف سومرو، عمرڪوٽ،. Show all posts

27 June, 2017

مولانا محمد هاشم سومرو - عبدالرئوف سومرو

مولانا محمد هاشم سومرو
سندس موڪلاڻي
عبدالرئوف سومرو /عمرڪوٽ
رڳو عمرڪوٽ جو تواريخي شهر ئي اداس ناهي پر سنڌ جا اهي علائقا ۽ ضلعا جن سان مولانا محمد هاشم سومرو جي مذهبي، علمي ۽ روحاني وابستگي رهي آهي، اهي سڀ هن دکدائڪ خبر ٻڌڻ سبب ڏک ۾ ورتل آهن. صوفي فقير شهر جي ويجهو ڳوٺ مرڪڻ ۾ غلام رسول سومرو جي گهر ۱۹۶۴ع ڌاري جنم وٺندڙ مولوي محمد هاشم سومرو پنهنجي شروعاتي تعليم وارن ڏينهن ۾ ئي ذهانت جي ڪري اول پوزيشن تي رهيو. پرائمري ۽ گڏوگڏ مذهبي تعليم طرف والدين جو وڌيڪ لاڙو هئڻ ڪري مولانا محمد هاشم کي سنڌ جي قديم مدرسي ولهيٽ ۾ ڇڏيو ويو، جتي مولانا عبدالسميع ساند جهڙي درويش صفت انسان جو آخوند طور ملي وڃڻ ئي سڀ کان وڏو اعزاز هو.