; سنڌي شخصيتون: حسن درس - ۳

16 June, 2017

حسن درس - ۳

حسن درس
ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي حسن جي ياد ۾...
مٺل جسڪاڻي


ڪم ۾ رُڌل، ٿڪل ۽ طبيعت ۾ ناچاڪ هجڻ باوجود، چاليهارو سالن ۾ پهريون ڀيرو، سج لٿي کانپوءِ ٽنڊوڄام کان جهمپير ان ڪري وڃڻو پيو، ڇاڪاڻ ته آئون رسول بخش درس جو چوڻ نه ٽاري سگهيس. هن ۽ سندس دوستن به حسن درس کي ساريندي، ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي، جهم ۽ پير جي مندر ۽ مزار جي ڀر ۾، ذوالحج جي ۱۶ بمطابق ۱۲ ۽ ۱۳ نومبر جي وچ واري رات اهڙو ميڙاڪو ڪوٺايو، جيڪو به يادگار رهندو، حسن جي حُسناڪين وانگر، پر ان ۾...


ڪوٽڙي کان جهمپير روڊ تائين اڃا ايتري روشني هئي، جو گاڏي بنا بتيءَ جي پنهنجي منزل ڏانهن ڊوڙندي رهي، منهنجيون اکيون، گذريل برساتي ٻوڏ ۾ ٽي وي نيوز چينل تان ٻُڌل، روڊ لڙهڻ سبب ڪجهه گاڏيون ۽ ماڻهو لڙهڻ واري خبر جي ياد ۾، اهو هنڌ ڏسڻ لاءِ ڳوليندي ٿڪي پيون، ڪجهه نظر نه اچڻ تي پاڻ سان گڏ ويٺل ڀاءُ علي (هيءَ مون کان وڌيڪ ايندو ويندو رهي ٿو) ۽ اسد بهراڻيءَ (جيڪو آهي ئي جهمپير جو، پر ٽنڊوڄام ۽ جهمپير جي وچ ۾ ايترا پنڌ ڪيا اٿس، جو هو پاڻ به ساري تعداد نه ٻُڌائي سگهندو) کان پُڇي ورتم ته برسات ۾ روڊ ڪٿان لڙهيو هو، جنهن دوران ڪجهه گاڏيون ۽ انهن ۾ سوار ماڻهو به لڙهيا هئا؟ هنن کلي وراڻيو هو ته اها خبر ڪوڙي هئي!
مون رسول بخش کان پنڊال ۾ پهچڻ جو وقت معلوم ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري آئون، علي ۽ اسد رات جو ۹.۳۰ وڳي اتي پهتاسين. اسان جو به ۽ ڀر ۾ ويٺل ڪجهه ٻين اڻ واقف همراهن جو به اندازو صحيح نڪتو، ته جيڪا شام حسن جي نانءَ ڪئي وئي هئي، اها آڌيءَ کان پوءِ شروع ٿي.
اسان کان اڳ ۾ به ڪجهه نالي وارا ليکڪ، اديب، شاعر، جسماني طور اڪيلا اڪيلا پر اٿڪ ويهڪ ۽ ڪارڪردگين يا ڪارگذارين سبب گهڻيون سڃاڻپون رکندڙ ڪجهه شخصيتون ۽ ميڊيا جا ڪجهه تڪڙا رپورٽر اڳ پهتل ۽ سرگرم هئا. منهنجون اکيون هرو ڀرو، پري پري کان ٽهڪن مان سوڳواري جو تاثر برپا ڪري پنهنجا رايا رڪارڊ ڪرائيندڙ ۽ نڪ کي موڙو ڏئي انڪار ڪندڙن کي چٽائيءَ سان ڏسي رهيون هيون. گهڻائي پوءِ پهتي. هرڪو ٽولن ۾ آيو، ٽولن ۾ ئي ويٺا ۽ نيٺ ته پروگرام به شروع ٿيو.
هلندي پروگرام ۾ جيڪو منهنجي من ۾ آيو، سو مون هڪ ٻه اتي ويٺلن ۽ هڪ ٻن ٻين ڏانهن هيئن ايس ايم ايس ڪيو: ”جيڪڏهن رسول بخش درس جو چوڻ سچ ٿو ثابت ٿئي ته ڄڻ حسن پهتو ۽ چوندو ته منهنجي روحل ۽ چيزل اوهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، انهن کي اوجاڳا ڇو پيا ڪرايو، کين ڪهڙي ڏوهه جي سزا پيا ڏيو!؟“.
هن پروگرام ۾ سڀني کان ٿورو ۽ تمام گهڻو، معنى ۽ مقصد ڀريو وصعت الله خان ڳالهايو. جامي چانڊيو به تمام سُٺو، مهلائتو، ملهائتو ڳالهايو. ڪاش! اهي ويچار جيڪڏهن رڪارڊ تي موجود آهن، ته رسول بخش درس ۽ سندس سنگت کي عرض آهي ته قلمبند ڪري ڇپرائين، ته جيئن جيڪي دوست دعوت باوجود نه پهتا، انهن سميت ٻين تائين به اهي ويچار پهچي سگهن. ڏاڍيون ڀليون ۽ ڪم واريون ڳالهيون ٿيون هيون.
ڳالهائڻ وارن ڳالهائي دنگ ڪيو ته آئون هليو ويو هئس، پر جيستائين اتي ويٺو هئس، مون هڪ ٻيو به ايس ايم ايس لکيو ۽ اتي ويٺل، مونکي وڻندڙ، ٻن مستقل ڪالم لکندڙن کي موڪليو، جيڪو هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. ان ۾ هيءَ لکيو هئم: ”مري وياسين مُئي کان اڳي... اڄوڪي رات جي احوال سان اوهان جي ڪالم جو شدت سان انتظار رهندو“.
رات پنهنجي پُڄاڻيءَ کي پهتي. نئون سج نڪتو ته حسن درس جو هيءَ شعر ايس ايم ايس ڪيو:
اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنهن سار وانگي هو.
لڙيو پئي لاڙ تان سورج، مهاڻي ٻار وانگي هو.

جڏهن جهمپير ۾ منهنجي جواني موٽ کائيندي،
کلي چونديئن کجي کي تون، تکو تلوار وانگي هو.

وڻن تي ڪانگ ها ويٺل، ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون،
پرائو ڳوٺ هو ليڪن، پرين جي پار وانگي هو.

مڇي جي اک ۾ اٽڪيل، ڏٺو مون هر ڏهاڙي کي،
لڙاٽيل وقت ۾ لمحو، لڳل ڪنهن ڄار وانگي هو.
مون کيس جواب ۾ لکيو: ”سائين، رات ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي حسن جي ياد ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ مون جيڪو ڪجهه ڏٺو، ٻُڌو، محسوس ڪيو... پنهنجي پاڻ سان جهيڙيان ويٺو، دعا ڪريو ته برداشت ڪري وڃان... ڳالهه سهپ کان سوائي آهي، مٺل ٿي پيو توائي آهي!“.
منهنجو اندر سڙي پيو. پچان ۽ پڄران پيو. لکڻ جيترو ست آهي، پر پهرين ته ڇپبو ڪونه، جيڪڏهن ڇپجي پيو، ته ردعمل سهڻ جيتري سهپ نه آهي. ڏاڍي ڪاوڙ اٿم، پر ڪنهن تي لاهيان؟


گهوڙو
عمر قاضي
منهنجي ڪالم جي مٿئين عنوان کي پڙهي، ڪو ئي دوست ائين نه سمجهي ته مان هي ڪالم ان سنڌي ۽ اردو پهاڪي جي حوالي سان لکي رهيو آهيان، جنهن حوالي سان چيو ويندو آهي ته “گهوڙا ۽ مرد پوڙها نه ٿيندا آهن” ڇو ته منهنجي خيال ۾ عشق کان سواءِ باقي هر شيءِ پوڙهي ٿي ويندي آهي.
پر جيئن ته ڪجهه ڏينهن کان وٺي مون کي حسن درس جي انهن نظمن جي ياد اچي رهي هئي، جن ۾ هن گهوڙي کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هن جو اهو نظم ته سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ڪافي مقبول به ٿيو هو ته:
“هر ماڻهوءَ جي من ۾
هڪڙي گهوڙي جي ٽاپولي آهي”
پر ان نظم کان سواءِ به هن جي شاعريءَ ۾ گهوڙي جو تمام گهڻو ذڪر آيل آهي. هن پنهنجي ڏاڏيءَ جي حوالي سان جيڪو نظم لکيو هو، ان ۾ هن جي ڏاڏي جي گهوڙيءَ جو ذڪر به آهي ۽ هو مون سان گهوڙي جي موضوع تي تمام گهڻو ڳالهائيندو هو. هو چوندو هو؛ هن جي نظر ۾ گهوڙو فراق جي علامت آهي. جڏهن ته پوري دنيا ۾ گهوڙو ٻين علامتن ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي. دنيا جو هر ديس الڳ الڳ ثقافت رکي ٿو. پر دنيا ۾ گهڻو ڪري گهوڙي کي طاقت ۽ توانائيءَ جي علامت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. “هارس پاور” ته هڪ مشهور لفظ آهي. پر ان کان سواءِ به گهوڙي کي طاقت جي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي. اسان خود پنهنجي ٻوليءَ ۾ هٿيار جي “ٽريگر” کي به گهوڙو ڪوٺيندا آهيون. پر ڇا گهوڙو صرف پاور جي علامت آهي؟ مون ڪيترن ئي ڪتابن ۾ گهوڙي کي سفر ۽ هلچل ۽ بيقراريءَ جي صورت ۾ به ڏٺو آهي. ڇو ته گهوڙو سدائين حرڪت ۾ رهندڙ جانور آهي. گهوڙي کي ڏسڻ شرط انسان جي ذهن ۾ بيچينيءَ جا تصور ايندا آهن. گهوڙي ۽ انسان جو ساٿ پراڻو آهي. ان حوالي سان گهوڙو وفا جي علامت ۾ به ڏٺو ۽ ٻڌو وڃي ٿو. جڏهن ته انتهائي مشڪل حالتن ۾ جياپي جي جستجو قائم رکڻ جي علامت به اهوئي گهوڙو آهي. اهو گهوڙو جنهن کي قديم ادب ۾ محبت جو سمبل ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ڇالاءِ ته دور رهندڙ محبوبن سان ملڻ جي لاءِ گهوڙو ئي ڪتب ايندو هو. ان ڪري شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي “انتوني ڪلوپيٽرا” ۾ جڏهن اهي لفظ لکي ٿو ته:
O happy horse bears the weight of Antony
تڏهن اسان کي اردوءَ جي حسين شاعره پروين شاڪر جو خيال اچي وڃي ٿو، جنهن شيڪسپيئر جي مٿين خيال کي اردوءَ ۾ ايتري ته نفيس انداز سان پيش ڪيو آهي جو ماڻهوءَ جو من اهي لفظ پڙهندي جهومي اٿي ٿو ته:
“ميري دعا تيري رخش صبا خرام ڪي نام
هوا ڪي هاٿ اسي يه پيام بهي پهنچي
ڪه مين ني اپني محبت سپرد ڪي هي تجهي”
هاڻي ممڪن آهي ته ڇوڪريون خوبصورت ۽ قيمتي ڪارن جا خواب ڏسنديون هجن. ڇو ته حسن مجتبيٰ به پنهنجي هڪ اردو نظم ۾ اهو لکيو آهي ته:
“رات ڪي گهور اندهيري گوري
تيري نينون نديا ڇلڪي
سندر سندر سيج په سج دهج
جب تو سوئي
ڪتني سندر سپني ديکهي
راج دلاري سپني ديکهي
نئي ماڊل ڪي ڪار ڪي سپني
اور بوري بازار ڪي سپني”
۽ اياز به ڪراچيءَ جي جديد ڪلچر کي چٽيندي لکيو هو ته:
“اڄ ڪار پنهونءَ وٽ آ
ٿي روڊ ٽپي سسئي
ٻي يار پنهونءَ وٽ آ”
سو هن دور جون ڇوڪريون ڀلي نين ڪارين جا خواب ڏسن، اڳئين دور جون دوشيزائون پنهنجي محبوب کي اڇي رنگ واري خوبصورت گهوڙي تي ايندي تصور ڪنديون هيون. روس جي سموري ڪلاسيڪل ادب ۾ گهوڙو محبت ۽ جنگ جي ماحول ۾ ڏيکاريل آهي. گهوڙي جي موضوع تي جيڪي فلمون ٺهيل آهن، ان ۾ گهوڙو پنهنجي مالڪ سان وفا ۽ ماحول ۾ سختيون برداشت ڪرڻ سواءِ ذهانت جي علامت طور به پيش ڪيو ويو آهي. هاڻي ته گهوڙا ريس ڪورس ۾ داءُ هڻندڙ جوارين جي ميراث بڻجي ويا آهن پر ڪو دور هو جو ڀلو گهوڙو ماڻهوءَ جي شهرت کي چنڊ وانگر چلڪائيندو هو. جنهن وٽ ڀلو گهوڙو هوندو هو، ان جي پري پري تائين هاڪ هوندي هئي. خوابن جي علامتن کي پروڙڻ وارن لاءِ به گهوڙو هڪ بهتر نشاني سمجهيو ويندو آهي.
سو گهوڙي جي سلسلي ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن ۽ جيڪڏهن وقت هجي ته گهوڙي جي حوالي سان هڪ بهترين ڪتاب لکي سگهجي ٿو. پر مون کي معلوم ناهي ته منهنجو دوست حسن درس گهوڙي کي سدائين وڇوڙي جي علامت ڪري ڇو پيش ڪندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ گهوڙو جنگ تي ويندڙ مردن لاءِ روئيندڙ نارين جي پس منظر ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي. جيئن ڀٽائيءَ لکيو آهي ته:
“گهوڙن هنيون گهڻيون، اٺن هنئين آنءُ
جا  نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جيئن پوندي مامري.”
۽ جنگ تي ويندڙ محبوب جي حوالي سان اياز جو اهو بيت ته لاجواب آهي ته:
“هي جي کڙيون کوهه تي، ٻانهن پائي کنج،
ڏسي روئڻ هارڪيون، سنجيل گهوڙا سنج،
هر هر ڇڪي هنج، چمن پنهنجا ٻارڙا”
۽ اياز اهڙي تصور کي پنهنجي ان خوبصورت اردو نظم ۾ به چٽيندي لکيو آهي ته:
“بانهه ٽهني سي ٿي
هاٿ ٿا ڦول سا
ميري محبوب ڪا
چاندني جم گئي
رات پالا پڙا
ڦر ڀي نکرا رها
اس ڪا رنگ حنا
ميري گهوڙي ڪي باگون په
آ ڪي رڪا
هاٿ وه ڦول سا
ڪوئي ڪهني لگا
تم ڪهان جا رهي هو
سلوني پيا
مين تو سنني لگا ٿا سمون ڪي صدا
لو لگتي رهي
مين چلا هي گيا
اب تو لڙتي هوئي شام هوني لگي
اور لهو ڪي مهڪ رنگ کهوني لگي
لاشين بکهري پڙين هين ڪئي ريت پر
ايڪ سوکهي هوئي کيت پر
مين کڙا سوچتا هون ڪه ڪيون جهڙ گيا
هاٿ وه ڦول سا
ميري محبوب ڪا”
ان نظم کي نظر ۾ رکي مان جڏهن حسن جي حوالي سان سوچيان ٿو ته منهنجيون اکيون ڌنڌلائجي وڃن ٿيون ۽ منهنجي چپن تي ڀٽائيءَ جو اهو بيت تري اچي ٿو ته:
“نه ڪنهن ماريا جنگ ۾، نه ڪنهن سور ٻري،
روئان ڪيئن ڪري، مادر ملاحن کي.”
هونءَ ته حسن اهو به چوندو هو ته “گهوڙو جدائيءَ سان گڏ ميلاپ جي نشاني به آهي” پر منهنجي خيال ۾ هو ميلاپ واري ڳالهه ائين ئي ڪندو هو. هن جي من ۾ گهوڙي جي ٽاپوليءَ جو مفهوم صرف ۽ صرف جدائيءَ وارو هو. هو جيڪو پاڻ ڪاري ڪميت جهڙو جوان هو، سو موت جي گهوڙي تي لانگ ورائي نه ڄاڻ ڪهڙي ديس هليو ويو. هن جي گهوڙن سان گهڻي الفت ان ڪري به هئي جو هن جو پنهنجو مزاج به گهوڙن وارو هو. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ گهوڙي جي ٽاپوليءَ جهڙو رڌم هو. هو اسان کان ڪنهن عمدي نسل جي گهوڙي وانگر دور ڊوڙي هليو ويو ۽ اسان هن تائين پهچي نه ٿا سگهون. هن کي گهوڙي جي حوالي سان ياد ڪندي هن وقت ذهن ۾ هڪ سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته هن آخر ۾ سنڌي گهوڙن جي حوالي سان جيڪو فارم کوليو هو ان جو نالو “ياسر ڪاڇيلو فارم” رکيو هئائين. ياسر به اسان کان جوانيءَ ۾ وڇڙي ويو. اڄ ٻنهي دوستن کي ياد ڪندي ڀٽائيءَ جو اهو شعر چپن تي تري اچي ٿو ته:
“گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.”


لٿي ڪين لٿي، سڪ تنهنجي سانورا.....
امتياز چانڊيو
تم سي ناراض نهين زندگي حيران هون مين،
تيري معصوم سوالون سي پريشان هون مين...
ورهين کانپوءِ اها چنڊ گهرڻ جي “روشن ۽ ڪاري” رات الئه ڇو گلزار جي ان گيت سان گڏ بيچين دل کي سمنڊ ڪناري کڻي وئي هئي، ٿڌين ٿڌين هوائن ۽ سمنڊ جي ڇولين جي شور ۾ جسم هڪ جاءِ تي هو پر سوچن جو سفر جاري هو، هڪ لمحي لاءِ ڪئي خيال دل کي واسينگن جيان ورائي پئي ويا ۽ ڪڏهن ڪڏهن دو آبا جي ڪناري سمونڊ اندر هلڪي هلڪي روشني ۾ وچ سمنڊ ۾ ويندڙ هوڙن جا آواز پريشان ڪري رهيا هئا ته وري ڪي ڇيڳرين ڇولين جا ڇنڊا مدهوشي کان گهڙي کن لاءِ جاڳائي رهيا هيا، نه ڄاڻ اها رات ڪيترن زندگين تي پنهنجا گهرڻ لڳائي وئي هوندي، خبر ناهي اهو چنڊ ڪيترن ديسن کان انهن جا دلبر کسي ويو هوندو؟ اهو ڪيترن جوانن کان جوانيون، ونين کان ور ۽ محبوبن کان محبوبائون ڌار ڪري ويو ويندو؟ پر سنڌ کان هو هڪ  حسن ضرور کسي ويو، جنهن جي اکين سنڌ کانسواءِ شايد ڪو ٻيو خواب ڏٺوهجي، هن جو من ملڪن جا ملڪ لتاڙي به سنڌ جي لاءِ تشبيهن جا نوان ذخيرا کڻي ايندو هو، اهو ئي سبب هو ته حسن سنڌو کي هڪ فرينچ ڇوڪري سان تشبيه ڏني هئي، جيڪو دنيا جهان جي حسن کي هڪ سنڌ جي حسن سان ڀيٽ ڪري به نه پئي ڍاپي سگهيو، اهو حسن، جيڪو هاڻي ڀلي ٽنڊي الهيار جي مشائخ جي مٽي ۾ سڪون جي ننڊ ڪندو هجي پر ان جو روح ۽ ان جي ڏات سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ پئي گهمند هوندي. جنهن حسن کي حيدرآباد ۾ رولاڪين دوران ٽن ڏهاڙن واري ٽريننگ ۾ پاڻ سان گڏ ڀر ۾ ويٺل ڏٺو هو، اهو ئي هڪ اهڙو موقعو هو جنهن ۾ حسن سان گڏ ٻين ڪيئي دوستن سان ان ٽريننگ جي بهاني ملاقاتون ٿينديون هيون. لڳاتار ٽن ڏهاڙن تائين حسن هڪ پل لاءِ به ڪنهن وڏي گڙنگ اديب يا شخص هجڻ جو احساس نه ڏنو، سندس ڳالهيون، ٽهڪ ۽ سمجهاڻيون اڃان به چڱي ريت ياد آهن، حسن کي ڪيئن ياد ڪجي ۽ ڪٿان ان جي شروعات ڪجي؟ حسن درس سان تن ڏهاڙن ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون، جڏهن  اسان هڪ باءِ لائين جا بکيا صحافي سنگل ڪالم جي خبر لڳڻ کانپوءِ پنهنجي قد بت ۾ نه پئي ماپندا هياسين، ائين لڳندو هو ڄڻ شهر اسان جو هجي، هي گهٽيون ۽ روڊ رستا اسان جا هجن، هي سوزڪي ۾ لڙڪي حيدرآباد پريس ڪلب ڏانهن وڃڻ ڄڻ ته ڪو وقتي هجي، يا وري هر ماڻهو اسان کي سڃاڻي ٿو، انهن سوچن ۾ ڪنڌ ڪڏهن هيٺ ٿيندو ئي نه هو، يا انهن اديبن جيان جيڪي تعريفن جا محتاج هجن ٿا، جيڪي ڪنهن کي ماني کارائڻ بهاني هر آچر تي حيدرآباد ۾ پنهنجي تعريف ڪرائڻ لاءِ پروگرام ڪري سنڌ جي ادب جي خدمت ڪرڻ جو احسان ڪندا رهندا هيا، يا وري اهي دانشور جيڪي سڻڀن عهدن لاءِ سنڌ جو نالو استعمال ڪري پنهنجا ڪتاب ڇپرائي دوکا ڪندا هيا، تڏهن حسن کي اسان غرور ۽ (وقتي) تڪبر کان بلڪل خالي ڏٺو هو، ڀلي ڪير اتفاق ڪري يا نه ڪري پر جيئن صحافت ۾ چاچي اسحاق مڱرئي جي جفاڪشي، سادگي ۽ ان جو لکڻ متاثر ڪندو هو، جئين نثار کوکر جون رولاڪيون ۽ لکڻ جو انداز، جپسي امداد جا ڪالم ۽ رپورٽون ۽ رشيد راڄڙ جا استادي وارا دڙڪا ۽ مرحوم صادق ابڙي جا دلاسا ۽ ڇرڪائيندڙ خبرون ڏيڻ اتساهه ڏيندا هيا، تئين حسن جي شاعري اسان کي به جز وقتي شاعر بڻائڻ لاءِ اتساهيو، توڙي جو شاعر بڻجي ته نه سگهياسين،پر حسن ۽ ان جي لڏي جي دوستن کان متاثر ضرور رهياسين. جن موضوعن تي انهن ڪيئي ورهيه اڳ شاعريون ڪيون، مسئلا اٿاريا، سنڌ جي واهڻ واهڻ وستي کي نروار ڪيو، گيتن ۾ ڪارونجهر جي حسناڪين کان ويندي ڪيٽي بندر جهڙي ننڍڙي ڳوٺ، سمنڊ جي ڇولين، ڪراچي جي اوپرائپ ان تي ڌارين قبضاگيرن، کان ويندي ڪشمور ۽ ڪمون شهيد جي ڪاريون ڪري ماريلن کي جيڪا لفظن جي ڀيٽا ڏني انهن موضوعن تي ان وقت لکڻ جو تمام گهٽ تصور هو. هن کي هٿونگي کان ويندي اڇڙي ٿر جي خوبصورت ڍنڍن ڍورن، کوهه گپڻي تڙ کان ويندي مارئي جي ديس ڀالوا تائين،  شاهه بندر، علي بندر، روپا ماڙي، حجامڙو کان حرامي ڍوري تائين سنڌ جي چپي چپي جي ڄاڻ هئي، هن کي سنڌو جي کاٻي پاسي شاهه سائين ۽ ساڄي پاسي لال شهباز جي صوفي رنگن سان رڱيل سنڌو جي ٻن ڪنارن ۾ ورهايل ديس جي ماڻهن، انهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن ۽ روايتن جي به خبر هئي، هن ڀلي لاڙ جي خوبصورت لهجي کي پنهنجي شاعري ۾ پويو هجي، پر هو اتر، وچولي جي لهجن جو به يقينن واقف هو. شايد هيڏي وڏي سنڌ ۾ هڪ حسن ئي هو جنهن سنڌ کي پرين جي پاڇي جي ڀيٽ ڏني، ان پرين کان ڪير جدا ٿيڻ چاهيندو هجي جنهن ۾ حسن کي “ٽڪ جي رلي” جهڙي خوبصورتي به ياد ٿي اچي، ائين ٿو لڳي ته حسن وٽ سندس تخليق لاءِ سهڻا لفظ پاڻ اچي بيهندا هيا ۽ هو انهن کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي رکندو ويندو هو.
ڪن ماڻهن وٽ ڏات هوندي آهي پر هو ڪجهه خوبين کان خالي هوندا آهن، هڪڙا سٺو لکندا آهن ته سٺو ڳالهائي ناهن سگهندا، ڪي رعبدار هوندا آهن ته سندن آواز جو اهو داٻو ناهي هوندو، ڪي نالا وڏا هونداآهن پر حقيقت ۾ تمام ننڍڙا ماڻهو هوندا آهن، انهن جي پري جي محبت ئي سٺي لڳندي آهي. پر حسن لاءِ هي لفظ ۽ تعريفون سندس جدائي کانپوءِ جون ناهن، ان جي  ڏات، آواز ۽ ان جي شخصيت (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ) وڏيون اهم آهن. هو جيترو سٺو لکي سگهندو هو اوترو ئي سٺو مقرر به هو، ان جي شخصيت به اهڙي ئي هئي جهڙي ان جي شاعري. جنهن رات هو سنڌ کي الوداع ڪري رهيو هو تڏهن به موت ان جو رستو ڪنهن عام جاءِ تي نه روڪيو هو پر حسن جي ساهه جي تنند ان هوشو شيدي پل تي ٽٽي هئي، جيڪو پاڻ سنڌ جي لاءِ سر گهور ڪري ويو هو، توڙي جو هميشه جيان پنهنجن جي وڇڙڻ تي  يقين ناهي ايندو، تيئن ئي حسن جي وڇڙڻ تي به دل کي يقين نه ٿو اچي ته ڪو هو  واقعي سدائين حيدرآباد کي ڇڏي چڪو آهي، ڪجهه گهڙين لاءِ ان تي يقين نه ٿو اچي، پر وڏي عرصي کان رت، لاش، بي جان جسم، بي وفائون، پيارن کي پري ٿيندي ڏسي وري يقين ٿو ٿئي ته حسن اسان کان واقعي جدا ٿي چڪو آهي.
اسان ماڻهو جيڪڏهن جدائي جي معنيٰ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ته گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا، جيڪڏهن ان اڀاڳي رات جو جنهن وقت حسن حادثي جو شڪار ٿيو، ان وقت اسان جي بي رحم پوليس حدن جي معاملي تي اٽڪڻ بدران هن کي اسپتال تائين رڳو پهچائي ها ته شايد هو بچي وڃي ها. اها اميد جنهن ۾ حسن جي حياتي بچي وڃڻ جو احساس ٿئي ٿو اهو ئي وحشت، دردناڪي ۽ ظلمن جي داستانن سان ڀريل پوليس مٿان وڌيڪ ڪاوڙ به ڏياري ٿي، جيڪڏهن پوليس پنهنجو فرض پورو ڪري ها ته ان جي ڪاري ريڪارڊ ۾ هڪ چڱائي جو اضافو ٿي پئي ها، پر شايد هو ڪو “ڪرمنل” ڪو نه هو جنهن کي هڪ ٽڪي جو سپاهي ۽ حد جو ايس ايڇ او تڪڙو سڃاڻي ان جي جان بچائي ها، جتان کين ڀتو ملڻ جو آسرو هوندو آهي. هو ته هڪ تخليقار هو، جنهن جو قدر وردي وارن کي ان وقت ٿيندو آهي جڏهن سڄي قوم رڙي پوندي آهي، جڏهن ان جي قد بت جو احساس ان جدائي کانپوءِ ٿيندو آهي. حسن جا وارث رڳو ادي ارم وارا ناهن، سڄي سنڌ هن جي وارث آهي ۽ ان جو تڏو رڳو مشائخ هوٿي يا قاسم آباد ۾ وڇايل ناهي، جيڪي ماڻهو سوشل ويب سائيٽس جواستعمال ڪن ٿا اتي آمريڪا مان حسن مجتبيٰ کان ويندي هڪ ڳوٺ جي ننڍڙي عام نوجوان به حسن جي لاءِ رنو آهي، ان کي ياد ڪيو آهي ۽ ان کي لفظن ۽ سندس ئي شاعري سان ڀيٽا پيش ڪئي آهي. سنڌي ميڊيا کي ته هن جي شخصيت جو احساس هو پر ٻي ميڊيا به حسن جي شاعري کي انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڇاپيو آهي. اسان تعزيت ڪنهن سان ڪيون پنهنجي پاڻ سان به تعزيت ٿيندي آهي ڇا؟ اڄ هو سڀاڻي اسين... پر هي ديس جئين حسن ڇڏي ويو آهي ۽ ان جي آئيندي لاءِ هن جيڪي خواب ڏٺاها، اصل ڳالهه انهن جي ساڀيان جي آهي، ڇو ته هن جو خواب پڪ سان ايترو ئي خوبصورت هوندو، جيتري هن جي تخليق. چوندا آهن ته چڱا ماڻهو جلدي کلندي ڪڏندي موڪلائي ويندا آهن، شايد اهو ئي سبب هو جو حسن جلدي موڪلائي ويو. هن پنهنجي زندگي جي لاءِ نه ڪنهن ثقافت کاتي کي اپيل ڪئي، نه ئي طارق جيان موت سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو، جڏهن اهڙا ليکڪ، اديب ۽ فنڪار حياتي هوندي صرف درد جي دوا نه ٿيڻ ڪري جدا ٿيندا آهن تڏهن  تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي ته هڪڙا ماڻهو دنيا دولت هوندي حياتي جي خيرات گهرندا آهن پر ٻيا حياتي هوندي به دوا درمل جي لاءِ اپيلون ڪندا آهن. جيڪا سرڪار طارق عالم جهڙي وڏي ليکڪ تي ۶۰ لک سيڙائي نه سگهي، جيڪا هڪ ڪروڙ ٻوڏ متاثر سنڌين جي دردن جو درمان نه ڪري سگهي، اها سرڪار طارق جي وفات کانپوءِ اشتهارن تي لکين رپيا اڏائي ڇڏيا، پر حسن ان سرڪار کي اهڙو موقعو نه ڏنو، ان حساب سان هو خوشنصيب هو، ان جو درد سنڌ ان ڪري وڌيڪ محسوس ڪيو جو هو رات وچ ۾ اسان کي الوداع ڪري ويو، شايد موت به ان تي موهت هو، جنهن ڪري ان کي ڪنهن باز وانگر جهٽي ويو، ان جو وجود سنڌ ۾ دفن آهي، ان جو روح هن ئي سرزمين تي موجود آهي، پر ان جي سڪ شايد ڪڏهن به نه لهي سگهي، ابراهيم منشي چواڻي ته،
لٿي ڪين لٿي، سڪ تنهنجي سانورا...


لفنگو من.....!
عمر قاضي
غلامن جي بازار کان وٺي حسن جي بازار تائين هر بازار برائيءَ جي علامت هوندي آهي. حسن کي ته سِرَ جي سٽ ڏئي ڳنهبو آهي. حُسن جو حُسن اهو ته هوندو آهي جو ان کي دولت سان خريد ڪبو ته اهو حرام ٿي ويندو. حُسن کي جڏهن انسان محبت جو ملهه ڏئي حاصل ڪري ٿو ته پوءِ ئي اهو حلال ٿي پوندو آهي. مان ان سلسلي ۾ نوجوانن جي محبوب ناول “راجا گده” کي زير بحث آڻڻ نه ٿو چاهيان، حالانڪه مون کي اشفاق احمد جي گهرواري بانو قدسيه جي فن لاءِ وڏو احترام آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن بانو قدسيه اشفاق احمد جي زال نه پر صرف هڪ پرستار ۽ پريميڪا هجي ها ته جيڪر قرت العين حيدر جي ليول جي اديبا هجي ها. پر جيئن ته اهو بحث ٻي طرف نڪري رهيو آهي، ان ڪري پاڻ موٽي ٿا اچون ان موضوع طرف جيڪو حُسن کان شروع ٿيو ۽ هن وقت به ان گهٽيءَ طرف وڃڻ ٿو چاهي، جنهن جو ذڪر ڪندي اسان جي شاعر دوست لکيو هو ته:
“محبت جي گيتن جي
سوڙهين گهٽين ۾
ويو هو جي هيڪر ته واپس نه موٽيو”.
جي ها! مان ان حَسن درس جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جنهن جو ذڪر هاڻي ميڊيا ۾ ائين اجهامي ويو آهي، ڄڻ ته هو هن ڌرتيءَ تي آيو ئي نه هو. هتي ڄايو ئي نه هو. هن سان ڪوئي حادثو پيش ئي نه آيو ۽ جيڪڏهن آيو به ته صرف ان لاءِ ته جيئن هن جو ذڪر ڪجهه ڏينهن لاءِ هلي. پر پنهنجو قلم ته پپل جي پاڙ آهي. اهو ڪٿان نه ڪٿان نڪري ايندو. ڪنهن ڀت مان، ڪنهن ڇت مان، ڪنهن در مان، ڪنهن دريءَ مان ۽ ڪنهن چاهه ڀري چريءَ مان، ڪڏهن ڀاڪر مان ته ڪڏهن ڀريءَ مان!
اهو قلم هن وقت به هن عجيب مئخوار يار جو ساٿ نڀائي رهيو آهي، جيڪو اداسيءَ جي اس ۾ هلندو هو ۽ چانڊوڪيءَ جي پاڇن ۾ هن کي گهري ننڊ اچي ويندي هئي.
هن جي ياد ڪنهن به وقت ڪنهن باز وانگر ڀڙڪو ڏئي، من کي پنهنجن چنبن ۾ چائي ٿي وٺي. اوهان اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويندا ته هڪ فلمي گانو ٻڌي مون کي هن جي ياد ائين آئي، جيئن ڪنهن ڇٽندڙ ڦٽ تان ڪڙو لهي وڃي ۽ ان مان خون جي ڌار وهڻ لڳي. واقعي ان ڏينهن گاڏيءَ ۾ ويندي جڏهن گلزار جي ان فلمي گيت جا ٻول منهنجن ڪنن ۾ ٻريا ته منهنجا احساس اچانڪ ڪريا ۽ مون کي حَسن درس شدت سان ياد آيو.
مون ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ جي لاءِ ايتري ساري پٽاڙ ڪندي چيو پئي ته “مارڪيٽ ڪڏهن به مثبت ٿي نه ٿو سگهي. مارڪيٽ معنيٰ بازار! بازار کي سٺو ڪيئن ٿو سڏي سگهجي؟ جتي هر شيءَ جو هڪ ملهه هجي. جتي هر شيءَ ويڪائو هجي. جتي هر وکر صرف وڪري لاءِ ئي رکيو وڃي. اهڙي گليءَ ۾ انسان جو جيءُ ڪيئن نه گهٽبو!؟ 
ان ڪري غلامن جي بازار کان وٺي حسن جي بازار تائين هر بازار برائيءَ جي علامت هوندي آهي. حسن کي ته سر جي سٽ ڏئي ڳنهبو آهي. حسن جو حسن اهو ته هوندو آهي جو ان کي دولت سان خريد ڪبو ته اهو حرام ٿي ويندو. حسن کي جڏهن انسان محبت جو ملهه ڏئي حاصل ڪري ٿو ته پوءِ ئي اهو حلال ٿي پوندو آهي” پر گلزار جو اهو گيت مون کي ڪنهن ٻي سمت ۾ وٺي ويو. اهو گيت جنهن جا ٻول آهن ته:
“من لفنگا بڙا
اپني من ڪي ڪري
يون تو ميرا هي هي
پر مجهه سي بهي نا ڊري
عشق مهنگا پڙي
پهر بهي سودا ڪري”
هي گيت انڊيا جي فلمي مارڪيٽ لاءِ لکيو ويو پر جيئن ته ان گيت مون کي منهنجي يار جي ياد ڏياري ڇڏي آهي، ان ڪري مان ان جي بازاريت تي ڪوئي به اعتراض نه ٿو ڪريان. هونءَ ته اسان جي اندر ۾ ساحر لڌيانويءَ کان وڏو انقلابي ويٺو آهي پر ڪنهن ڪنهن بازار جي حسينا تي به دل موهت ٿي پوندي آهي. تيئن ان گيت تي دل اچي وئي آهي. ڇو ته اهو گيت منهنجي دل جهڙو آهي. منهنجي دل جيڪا لفنگي آهي.
حسن به هڪ لفنگي دل جهڙو انسان هو. ان ڪري ئي هو ايترو منفرد ۽ پيارو شاعر هو. هن جي انفراديت جا ڪيترا ئي پهلو هئا. پر پنهنجي شخصيت ۾ هو مجموعي طور تي هڪ آواره مزاج ۽ لفنگي من جهڙو ماڻهو هو. هن جي پيار سان وفا هئي ۽ هو وفا سان پيار نه ڪندو هو. حسين عورت کي ڏسي هن کان سمورا واعدا وسري ويندا هئا.
سو مٿيون گيت ٻڌي حسن ياد آيو ۽ هن سان گڏ گذاريل زندگيءَ جا اهي املهه پل ياد آيا، جن جي جهلڪ هن دل کي اداس ڪري ڇڏڻ جي لاءِ ڪافي آهي.
ڪافي وقت اڳ مون جڏهن علامه اقبال جو اهو شعر پڙهيو هو ته:
“لازم هي دل ڪي پاس رهي پاسبان عقل
ليڪن ڪڀي ڪڀي اسي تنها ڀي ڇوڙ دي”
تڏهن مون کي اهو شعر ان انداز سان سمجهه ۾ نه آيو هو، جهڙي انداز سان هن وقت سمجهه ۾ اچي رهيو آهي. اقبال جو چوڻ اهوئي هو ته دل جي مٿان دماغ جو پهرو هجڻ گهرجي. پر مون کي اها ڳالهه پيرائتي انداز سان هن وقت سمجهه ۾ آئي آهي. مان هاڻي سمجهي سگهان ٿو ته پهرو هميشه ان شيءَ جي مٿان ڏبو آهي، جيڪا بدمعاش هوندي آهي. لچي هوندي آهي. لفنگي هوندي آهي. مان هاڻي ان حقيقت کي دل سان تسليم ڪريان ٿو ته ماڻهوءَ جو دماغ انتهائي اشراف هجڻ گهرجي پر هن جي دل صفا بدمعاش بلڪه لفنگي هجڻ گهرجي. جيڪا ڪڏهن به ڪو چڱو چيو نه مڃي.
اوهان ڏسو ته اقبال جهڙو ذميوار شاعر به اهڙي لفنگي دل جي ڪنهن وقت جي آزاديءَ جي حمايت ڪندي چوي ٿو ته ان کي ڪڏهن ڪڏهن اڪيلو به ڇڏي ڏنو وڃي.
اڪيلو ڇڏي ڏنو وڃي ان لاءِ ته جيئن اها دل کولي لفنگيون ڪري. اصل ۾ دل جي لفنگائپ ۾ ئي ته زندگيءَ جو اصل حسن هجي ٿو. جن جون دليون اشراف آهن، اهي انهيءَ گهٽيءَ ۾ نه اچن ته چڱو، جنهن ۾ لفنگي من جو مائيڪل  دارون پي روز رات جو دنگو ڪندو آهي.
مان حسن کي اهو گيت پنهنجي دل جي مڪمل گهرائيءَ سان ارپيان ٿو. اهو گيت جنهن جا ٻه پهلو آهن. هڪ اسڪيٽنگ ڪندڙ خوبصورت ڇوڪريءَ جو ۽ ٻيو حسن جهڙي آواره بادل جهڙي شاعر جو! ۽ ان جا اهي ٻئي پهلو خوبصورت آهن. اهو گيت جيڪڏهن مارڪيٽ جو آهي ته ڇا ٿي پيو؟ مارڪيٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڪيزه حسن به ته وڪرو ٿيڻ جي لاءِ اچي ويندو آهي. اهڙو حسن جنهن کي ڏسي ڪنهن به ناريءَ جو هٿ “دست زليخا” ٿيڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو آهي.


مشائخ جي مٽيءَ ڏانهن موٽي ويل مهڪ
شمس آريسر
هن لاءِ ساري سنڌ پرين جي پاڇي جيان هئي ۽ هن پرين جي پاڇي ۾ ئي پنهنجي زندگي پنهنجي پرين جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ موت جي پُٺي تي سوار ٿي ويندو رهيو. هو تمام جلدي هليو ويو. شايد هن کي پنهنجي جواني ۾ ئي مري وڃڻ جي پڪ هئي، تڏهن ئي ته هن لکيو هو:
موت هڪ ڏينهن ڀيڙ ڏئي ڪِرندو مون تي،
تنهنجي محبوب مٽي منجهه مُئل هوندس مان.
سموري شهر جي گمنامي سودي ايندس،
تنهنجو ڪين ڏٺل ڪين سُئل هوندس مان.
مشائخ جي مٽي مان اٿيل مهڪ سموري سنڌ کي واسي وري مشائخ جي مٽي ۾ دفن ٿي ويئي ۽ سنڌ جي هوائن ۾ يسوع جي صليب جو درد لهي آيو آهي. چنڊ گرهڻ جي اها اڀاڳي رات حسن جي سنڌ لاءِ ”سنڌ گرهڻ“ جي رات بڻجي ان جي اکين ۾ هميشه لاءِ ٽڪي پئي آهي. ان رات چنڊ کي گرهڻ تي لڳو پر سنڌ کي اهڙو گرهڻ لڳو، جنهن جو درد سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن کي سنڌ سان بي انتها عشق هو، سنڌ هن جي رڳن ۾ رت جيان گردش ڪندي هئي. هن لکيو هو ته،
ساري سنڌ پرين جو پاڇو،
جيڪو جرتي جاڳي ٿو.
ٿڌ وسي ٿي واري تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو،
هڪڙو خواب سهانو جيڪو،
روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو،
مون کي هڪڙو خيال اچي ٿو.
دل جي ڪيٽي بندر تي ڪا،
تنهنجي ٻيڙي لنگم ٿيندي.
مون نه ائين ڪو چاتو هو
سڀ سجاول جون بازارون
تنهنجي خوشبوءِ ۾ کلنديون.
ڏور مهاڻو پنهنجي پُٽ کي،
اوڇي ڪم تي گاريون ڏئي ٿو،
پاڻي ۾ ڪو شپڪو ٿئي ٿو
آڙي نيٺ اڏامي ٿي پئي. (حسن درس)
ها! سنڌ پرين جي پاڇي جيان جَر تي جاڳندي، واري تي ٿڌ به وسندي، نه ڄاڻ دل جي ڪيٽي بندر تي ڪيتريون ئي ٻيڙيون لنگر ٿينديون ۽ سجاول جون بازارون به ڪنهن جي خوشبو سان کُلنديون، پر اهڙا خواب ڏسندڙ شاعر جون اکيون هميشه لاءِ بند ٿي چڪيون آهن. هن جي ساهه جي آڙي نيٺ اڏامي چُڪي آهي.
هُن سنڌ لاءِ محبوبا جي مُرڪ جهڙا خوبصورت ۽ لازوال گيت لکيا ۽ هن پنهنجي ڏات سان جنهن سنڌ کي واسيو، ان ئي سنڌ جي هنج سنڌ جو اهو عاشق پورا ۲ ڪلاڪ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندو رهيو،  ان جنگ ۾ زندگي هن سان بيوفائي ڪري وئي ۽ موت جو راڪاس سنڌ جي هُن فقير منش عاشق کي پنهنجي منحوس چنبن ۾ کڻي ويندو رهيو.
ائين به ناهي ته ڪو ان حادثي مهل ڪوبه ماڻهو اتي ڪونه هو، حسن جي پرين سنڌ جي پوليس وقت تي پهتي هئي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جنهن جاءِ تي حسن پنهنجي زندگي جي جنگ وڙهي رهيو هو، اها جاءِ، اهو زمين جو ٽڪرو اسان جي قاسم آباد ۽ جي او آر ڪالوني، ٻنهي ٿاڻن جي حد ۾ نٿي آيو. ها! شايد اها جاءِ سنڌ جي ڪنهن به ٿاڻي جي حد ۾ نه هئي. ٻه ٿاڻا ۽ چار اسپتالون سڏ پنڌ تي هجڻ جي باوجود به هن جي زندگي بچي نه سگهي.
اسان جي پوليس سنڌ جي هِن سهڻي ۽ البيلي شاعر کي نسيم کرل جي ڪهاڻي چوٽيهون در جو اهو لاش بڻائي ڇڏيو، جيڪو ڪنهن به ٿاڻي جي حد بندي ۾ نٿي آيو ۽ ان کي لوڙهيو ويو. سنڌ پوليس جي روايتي بي حسي اسان کان حسن درس هميشه لاءِ ڌار ڪري ڇڏيو.
حسن درس جيڏو وڏو شاعر هو، ان کان تمام گهڻو وڏو ماڻهو هو، هو هڪ آزاد پکي وانگر رولاڪ شاعر هو. لفظ هن جي قلم جو سينگار ٿيڻ لاءِ بيقرار هوندا هُئا، هن جي زندگي ۽ سوچ هر قيد، گهٽ ۽ ٻوسٽ کان آزاد هئي. هن غير روايتي زندگي گذاري ۽ غير روايتي شاعري ڪئي. هن جي زندگي ندين ۽ آبشرن جيان هئي، جن کي ڪنهن به سرحد ۾ قيد ڪري ناهي سگهبو ۽ هن جي شاعري به هن وانگر خوبصورت ۽ هر سرحد کان آزاد هئي. هُن روايتي پابندين کي ٿُڏي پکين جي اُڏارن ٻارن جي ٽهڪن، آواره گردين، عاشقين ۽ فطرت جي خوبصورت نظارن جي شاعري ڪئي. هن جي شاعري سمنڊ جيان گهري آهي، جنهن کي ماپڻ ناممڪن آهي. هن وٽ پنهنجو نرالو انداز هو، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي لکيل هي نظم حسن جي منفرد ڊڪشن جو چٽو ثبوت آهي.
صليب مقتل کي نئون نياپو،
قديم دنيا جديد ٿي وئي.
اسان جي راڻي ته هٿ لوڏي،
وڏي وقارين شهيد ٿي وئي.
اها ئي پِڙ جي پڪار آهي.
ته سير ڏيڻ جي رسم ادا ٿئي.
اهو ئي سرمد جو فلسفو آ،
ته فڪر پنهنجي تان ڪو فدا ٿئي.
هي سر کي گهورڻ ڏياچ وانگي،
صدين جي خواهش شهيد ٿي ويئي.
اهي ئي ڦاسي جا جهولا جهليا،
انهن ئي بُت تي سجايون گوليون
اُها قلندر ڪا مست ملنگي،
نئين صُبح جي نويد ٿي وئي.
هي بي بي زينب جي پاڪ پوتي،
هي رات اجرڪ ۾ سنڌ راڻي،
يزيد تو سان آ جنگ جاري.
۽ ويڙهه ويتر شديد ٿي وئي،
اسان جي راڻي ته هٿ لوڏي
وڏي وقارين شهيد ٿي وئي. (حسن درس)
توهان پنهنجا هوش و حواس حاضر رکي ٻڌايو ته ڇا اهڙي شاعري حسن کانسواءِ ڪو ٻيو لکي سگهي ٿو. آئون پنهنجي پوري هوش ۽ حواس ۾ بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگهان ٿو ته هو اياز کانپوءِ سنڌ جو وڏو شاعر هو ۽ تاريخ ان ڳالهه کي ثابت ڪندي. هو اياز کانپوءِ سنڌ جو اهو واحد شاعر هو، جنهن سنڌي شاعري کي عظمتن جي آسمان جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو. هن جيڪو به لفظ لکيو، ڄڻ هُن ان لفظ کي زندگي بخشي ڇڏي، هو لفظن ۾ روح ڦوڪيندڙ شاعر هو. حسن سنڌ جو قلندر شاعر هو، هن جي دل قلندري ڌمالن جيان مست الست هوندي هئي، هو محبتن مان ۽ محبتون هُن مان پيدا ٿيون هيون، حسن جو هي نظم جيڪو ماڻهو کي زندگي جي هر فڪر ۽ هرپابندي کان آزاد ڪري ٿو ڇڏي، هن نظم ۾ حسن ماڻهو کي ڪيف جي ان وادي ۾ پهچائي ٿو ڇڏي، جتي چوڏسا سڪون ئي سڪون آهي بس...!
ڪُو نيا ۾ ڪيف وارو رومي جو رقص آهي،
هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي.
هن پَٽ کي وڇائي ويڙهي سگهان ٿو آئون،
هر خيال جي خدائي کيڙي سگهان ٿو آئون،
مِٽي مان هر ڪو ماڻهو ميڙي سگهان ٿو آئون،
آواز جي اُٿڻ جي ڪيفيت ڪمال آهي.
هن دل قلندري ۾.....
مون مان ئي آڳ جرڪي، مون مان ئي گل بڻيو آ،
مون مان ئي جز ڦٽو آ، مون مان ئي ڪُل ڇڻيو آ،
مون کي ڄڻيو محبت، محبت کي مون ڄڻيو آ،
جڳ مڳ جلال آهي، جهرمِر جمال آهي،
هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي.
هي رقص بيخودي آ، ديوانگي صدين جي،
هِن ۾ روانگي آ ساري رکيل ندين جي،
دنيا نه اسان سامهون بيهي سگهي بَدين جي،
ڇيڙئين جي ڇَم ڇَما ڇَم، سمجهيم سوال آهي،
هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي. (حسن درس)
حسن! موت اٽل آهي. موت کان انڪار ناهي، پر هي تنهنجي وڃڻ جي ويل ته نه هئي. اڃا توکي گهڻي شاعري لکڻي هئي، تنهنجي ايڏو جلدي وڃڻ سان سجاول جون بازارون، مڪلي، ٺٽو، ڪيٽي بندر ۽ جهمپير جون کجيون ڪيڏو نه اداس ۽ وياڪل ٿي پيون آهن.
حسن! جيئن توسان هڪ ڀيرو ملندڙ هر ماڻهو پاڻ کي تنهنجو دوست چوندو آهي، آئون ائين بلڪل نٿو چوان پاڻ ڪڏهن به هڪٻئي جا دوست نه رهيا آهيون، پاڻ ته ڪڏهن به هڪٻئي سان مليا به نه هئاسين. پر مون تنهنجي شاعري ۾ توسان کوڙ ڳالهيون ڪيون آهن. آئون تنهنجي شاعري ۾ توسان ملندو رهيو آهيان. اها تنهنجي شاعري ئي ته آهي، جيڪا سڄي سنڌ جي جذبن جي ترجمان آهي.
حسن! تنهنجي موت وارو هنڌ ڀلي سنڌ جي ڪنهن ٿاڻي جي حد ۾ نه ايندو هجي، پر اهو هنڌ سنڌ جي هر ان ماڻهو جي دل جي حد ۾ ضرور اچي ٿو، جنهن توسان پيار ڪيو، جنهن تنهنجي شاعري سان پيار ڪيو. توڻي جو تون اسان کان گهڻو ڏور وڃي چڪو آهين، پر تنهنجي لازوال شاعري هميشه توکي تنهنجي سنڌ جي  دل ۾ زنده رکندي.
تو صحيح لکيو هو ته،
اُڏامن کان اڳتي اُڪرندي حسن،
پکين کان پڇاڻو ڪجي دل ڏجي.
اڄ تون زندگي جي اُڏامن کان اڳتي اُڪري چڪو آهين، اڄ تون اوڏانهن هليو ويو آهين، جتان کان آيو هئين. اڄ مشائخ اسان کان پنهنجي امانت واپس وٺي پنهنجي سيني ۾ هميشه لاءِ سمائي ڇڏي آهي. اڄ تنهنجي هر چاهيندڙ وانگي مون کي ائين لڳي رهيو آهي، ڄڻ منهنجي دل مشائخ جو قبرستان ٿي پئي آهي ۽ آئون پنهنجو پاڻ کي ان ۾ دفن ڪري آيو آهيان ۽ ماڻهن کان پنهنجي ئي مرڻ جون تعزيتون وصول ڪري رهيو آهيان....!!!


مينهن جي مند ۾ ملبو آهي، وڇڙبو ناهي
امر لغاري
ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ مشائخ هوتيءَ جي قبرستان ۾ ٽئين ڏينهن حسن جي قبر جا گل مرجھائجي چڪا هئا. گھاٽن وڻن واري ان ڳوٺ جي قبرستان ۾ هجڻ لاءِ حجرا ته جام هئا، پر انهن ۾ ماڻهن جي پيهه هوندي به هڪ قسم جي عجيب اداسي هئي. الاءِ ڇو حسن کان اهو قبرستان به لاپرواهه پئي لڳو. سن ست سئو هجريءَ کان موجود ان وائلي قبن واري قبرستان جي گھاٽين نمن ۽ جهونن کٻڙن مان ڪوئل جي “ڪُوڪُو” جو آواز ڪنهن لوڏ جي جھوٽي جيئن جھولندو حسن جي رومانوي توڙي انقلابي شاعريءَ سان ٻکجي پئي ويو. هن جو ڀاڻيجو اسان کي مشائخ هوتي ڳوٺ ۽ ان جي قبرستان جي پراڻي تاريخ ٻڌائيندو پئي هليو، پر منهنجي ذهن تي حسن سان گھاريل ٻه ٽي مختصر گھڙين جون يادون ڪٿان ڪنهن ڪنڊ پاسي کان جھاتيون پائي وري گم ٿي پئي ويون.منهنجو خيال ذر ذر پٿر تي ويٺل هڪ ٻن ماڻهن جي انهن ڳالهين ڏانهن پڻ ڇڪبو پئي ويو ته، “يار، اسان هن کي جيئري نه سڃاتو، پر هٿن مان اڏامي وڃڻ کانپوءِ هيءُ جيڪا سنڌ پلٽي آهي، تنهن اسان جون اکيون ئي کولي ڇڏيون آهن!” اهي، ۽ ان جهڙيون ڪئين ٻيون ڳالهيون منهنجي ذهن ۾ خوف کان ڀڄي ويل ڪنهن معصوم ٻار جيئن بي منزل ڊوڙنديون رهيون. پر پريان کٻڙن جي گھاٽي جھڳٽي مان ڪوئل به حسن کي پئي ڳايو:
سمنڊ ٿو مونکي سڏي
مان هليو ويندس هتان
روز ٿو سوچي چوان
روز ٿو ڦاسي پوان.
سائين نواز ڪنڀر کي ڀٽائيءَ جي مشائخ هوتي اچڻ واري روايت ۾ دلچسپي هئي، ۽  مونکي اتي جي وڻن سان ڀرپور ڳوٺ جي اداسيءَ ۾ به هوا ڏڪندي محسوس پئي ٿي. آخر ان ڳوٺ حسن کي ڇو نه ڇڏيو؟ آخر اديبن جو هيڏو وڏو قبرستان ڇڏي حسن هت ڇو موٽي آيو؟ هڪڙو ئي سوال معنيٰ مٽائي مٽائي منهنجي اندر مان اڀريو پئي. ڳوٺ ۾ هن جي ڀيد ڀائي چيو؛ ”هن هاڻ ئي ته پنهنجين شين کي سنڀالڻ شروع ڪيو هو...” ڪهڙين پنهنجين شين کي؟ مان منجھي پيو هوس. درگاهه جي مرمت، وڏڙن جي قبرن ۽ پراڻن وڻن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هو. هن کي پنهنجي جين ۾ وڏڙن پاران منتقل ڪيل اهو ڳوٺاڻو منظر ياد ايندو هو، جنهن لاءِ هن ڪڏهن چيو هو ته:
پرڀرو هڪ ڳوٺڙو
اورتي واري دڙا
۽ وچ ۾ هڪ واهه آهي
تون ڪٿي آهين؟
ڪيٽسEndymion  ۾ چيو هو ته:
There stood a marble altar, with a tress
Off flowers budded newly.  (L-90-91)
ڇا حسن لاءِ به ات ڪو سنگمرمري قربانگاهه هو؟ جنهن جي ڀر ۾ ڪَليَن پنهنجا نوخيز زُلف وڇايا ها؟ جن تي حسن ڀنئورن جيئن ڀنڀوليو پيو ڦرندو هو؟ هو ته هر ڪنهن جي سڏڻ تي هليو ايندو هو. پر ان رات حيدرآباد جون هوائون، روڊ ۽ رستا هن لاءِblurred  ٿي چڪا هئا. انهن پٺيان کيس ڪجھ ٻيو ڪميونيڪيٽ پئي ٿيو. ته ڇا پوءِ حسن کي به حيدرآباد شهرجي هوائن ماريو؟ ڇا ان ظالم شهر جي هر رات انفراديت جو راڳ آلاپيندڙ اندر ۾ مڊيول دور جي سنڌڙي کڻي هلندڙ ۽ ٻاهر ۾ آزاديءَ جا راڳ ڳائيندڙ آمريڪي شاعر واٽ وٽمين ٿي هلندڙ اسان جهڙن ڳوڀن کي شڪار ڪندي رهي آهي. ڇا هن شهر اسان کان عزيز جان نه کسيو؟ آفتاب نظاماڻي نه کسيو؟ اسان عزيز پلي نه وڃايو؟ اي جي چانڊيو نه وڃايو؟  هونءَ ته حيدرآباد جي ادبي هوائن جي پر لطف ٽڪسال ۾ ڪيئي اديب باقي سنڌ کان منهن موڙي اهڙي ته کيپ واري چادر چاڙهي سمهي پيا آهن، جو  فقط اخبارن ۾ يا ڪٿي پنهنجي محدود چئوياريءَ ۾ ساهه کڻندي نظر اچن  ٿا. هنن پنهنجي لاءِ باقي سنڌ جو پاڻي لڙو ڪري پاڻ کي بس ان تلاءُ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. پر سمنڊ جيئن سنڌ سان پيار ڪندڙ ماڻهن کي حيدرآباد پاڻ وٽ نه رکيو آهي. سنڌ جي ڪنهن به شاعر کي حيدرآباد وڏو نه ڪيو آهي.
“ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو” جهڙو حسن جو نظم سائين جي ايم سيد جهڙي آدرشي انسان ۽ سنڌ سان حقيقي پيار ڪندڙ ماڻهو کي ته روئاري سگھي ٿو، پر مون جهڙي چوويهه ڪلاڪ مدهوش ماڻهوءَ کي ڇا ڪندو؟ مونکي ڪهڙي خبر ته پرينءَ جو پاڇو ڇا ٿيندو آهي؟ مون جهڙن ڏينهن جو سمهندڙ ۽ رات جو جاڳندڙ چمڙن کي پاڇن جي ڪهڙي سڃاڻپ؟ حسن، جنهن انبن، ڦارون ۽ ڪيلن جي باغن ۾ جنم ورتو، تنهن لاءِ سنڌ جو هر منظر پرينءَ جو پاڇو هو. پر ان منظر کي حسن ڪيئن چٽيو، ان لاءِ اسان کي هن جي شاعريءَ ڏانهن رجوع ٿيڻو پوندو.
نوجوانيءَ ٻور ڇاڻيو،
پاڻ هڪ ٻئي کي نه ماڻيو،
انب هڪڙي جا ڀڳل،
ڏار ڄڻ ٻئي اسين.
(کل جهڙا پيار پنهنجا)
حادثن، طوفانن، المين جي باوجود هڪٻئي سان نه ملڻ، ۽ ٽٽي مري وڃڻ ڪيڏو اذيتناڪ آهي، ۽ ان اذيت سان جي بدقسمتي به گڏجي وڃي ته ڇا چئجي! ان لاءِ گري (Gray) پنهنجي هڪ ڳوٺاڻي قبرستان ۾ دفن پيل وساريل ماڻهن جي ياد ۾ لکيل هڪ مرثئي ۾ چيو هو ته:
Full many a gem of purest ray serene
The dark unfathomed caves of ocean bear:
 Full many a flower is born to blush unseen,
And waste its sweetness on the desert air.
هيرو تيستائين ڪهڙو هيرو، جيستائين سمنڊ جي اونهين غارن مان ٻاهر نٿو اچي، گل تيستائين ڪهڙو گل، جيستائين ان کي ڪو ٽڙندو نه پسي. هڪ جي روشني ۽ ٻئي جي خوشبوءِ ڪهڙي ڪم جي جيڪا ماڻهن تائين پهتي ئي نه هجي!
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته حسن هڪ رومانٽڪ شاعر هو. هن جو موت “ٽرئجڊي آف فلا” جيئن اسان سڀنيءَ کي ڊيڄاري ويو آهي. اسان سڀنيءَ جي آتم ڪهاڻين جي مک ڪردارن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪو نقص ضرور آهي، جن مان گھڻن جو انجام، پٺيان الميا ڇڏي وڃي ٿو. پر اسان مان گھڻا انهن المين کي “گريڪ ٽرئجڊي” بنائي سڀ ڪجھه ديوتائن مٿان مڙهي، پنهنجو ڪتاب صاف ڪري ڇڏين ٿا. يعني مرڻ واري جي نصيب ۾ ئي ايئن هو- جو هن جو لائف اسٽائل ئي ايئن هو! يا اهو ته هن کي موت سان پيار هو. جي ايئن هو ته پوءِ حسن جا هي خواب ڇا جا ها؟
ٻه ٽي ٻوٽا کڻي پوکيان
گلن جا گنج ٿي پوندا،
ڪريان ڪجھه ڍنڍ سان ڳالهيون
بتيلا هنج ٿي پوندا،
وڻن کي ڪوٺ ڏيئي ڪا
ملايان آبشارن سان،
نمن جي ڳوٺ ۾ نئين سر
ڪريان مان راند ٻارن سان،
اڳتي آهي ته:
سمورو هيءُ تصور آ
سمورا خواب  هي آهن
رڳوآ رش روڊن تي
گھٽين ۾ بي دليءَ آهي
ڪريان ٿو پيار مان تنها
محبت هيڪلي آهي.
حسن شهر ۾ وڃي ڪري به “ڳوٺ” کي پنهنجو پاڻ سان گڏ کنيو پئي هليو. هن جي شاعريءَ جا تصور نج ڳوٺاڻا آهن. هو ڳوٺن سان بي انتها محبت ڪندو هو. ڳوٺ جا ٻار، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، نمون، رستا، ڍنڍون، بتيلا، آبشار، هي سڀ ڇا آهن؟ هُن جي شاعريءَ ۾ انهن جو ڪهڙو ڪم آهي؟ هو چئي ٿو ته اهو سمورو تصور perception آ. جنهن جي معنيٰ آهي insight “اندر جي نظر – ڇهين حس” ۽ awareness “جاڳرتا”! ڇهين حس هن کي ڇا ٿي ٻڌايو، ۽ هن کي ڇا جي جاڳرتا هئي؟ اها ئي ته شهر ۾ رهي ڪري هن جو پيار تنها آهي، هن جي پيار کي ڪير به نٿو سمجھي. رش وارن روڊن تي هن جي “محبت هيڪلي آهي!” شهرن ۾ ڳوٺ رهي نٿا سگھن. شهر ۾ رهي ڪري انهن جي هيڪلي ٿي ويل محبت جي اڪيلائي ڪيئن ختم ڪجي!
انڪري هو دل جي انتهائي سچائيءَ سان ڪانڊيري نالي هڪ هاريءَ جي ايپڪ- ڪٿا  بيان ڪري ٿو:
ڪانڊيري نالي هوُ هاري،
ڪالهه مري ويو سيءَ تپ ۾،
***
هن جي زال ته رليون ٺاهيون،
ڪيڏيون پياريون ڀليون ٺاهيون،
جنهن ۾ هن هئي ننڊ به ٽانڪي،
پنهنجو سارو نُور به ٽوپيو،
اُڊڙيل هر هڪ سور به ٽوپيو،
ڄڻ هن سارو ديس سبيو هو،
پنهنجو هر آسيس سبيو هو،
سي به وڏيرين کي ته وڻي ويون،
جيڪي آخر مفت کڻي ويون.
جڏهن مان حسن کي رومانٽڪ شاعر چوان ٿو، ته ان مان منهنجو مطلب اهو آهي ته هن وٽ وليم ورڊس ورٿ جي Solitary Reaper واري سادي ٻولي ۽ ٻهراڙيءَ جو حُسن آهي، ۽  ڪيٽس وارو درد پڻ! ڪيٽس “سونهن” کي درد جي دوا ٿو سمجھي، پر ورڊس ورٿ وانگر “رهبر، محبوب، استاد “ وغيره وغيره نه. حسن ۾ شيلي واري رولاڪي ۽ سونهن جي قتل تي تڙپ هڪجهڙي هئي. شيلي، ڪيٽس جي ٽي بي هٿان قتل تي Adonais جهڙو نظم لکيو، حسن وري خانم گگوش تي نوحا ڪنه ٿيو.
خانم گگوش جي تصوير جي
فريم ۾
هڪ ملڪ بند آهي
جتي جي سرحدن ۾
جواني منع آهي ...
حسن جو رومانٽزمByron  وارو نه هو، جو خود منظر کان اڳتي وڌيو ئي نٿي. بائرن جي مقبوليت جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته هن ٽپيڪل انگريز پاٺڪ جي خوشيءَ لاءِ لکيو.  شاعريءَ ۾ “نيچر” کي هنsource of comfort  طور پيش ڪيو. ڪيٽس بائرن لاءِ چيو هو ته:He describes what he sees – I describe what I imagine. Mine is the hardest task. – ايئن مان به سمجھان ٿو ته حسن جو ٽاسڪ هارڊيسٽ هو. هن جو “رقاصه” نظم وجدانEcstasy  جو بهترين مثال آهي. هو فطرت جا روائتي عڪس کڻي نوان تصور اُڻي ٿو: (ميان مروندي توکي ڇا ڇا چوان/ سندءِ گس ناهن سڌا ۽ سوان.) يا اهو ته: (جڏهن آهي اوندهه وڪوڙي وئي/ بدن جي بتيءَ تي اچان ٿو پيو). جسم ٻاري اندر جي روشنيءَ تي رڙهڻ عام تخيل ناهي. يا (صفا اڀ ڪپيءَ تان اچان ٿو پيو) عام رواجي تصور ناهي، ڪا طاقت آهي جا شاعر کي قلندڙ جي سامهون آڻي بيهاري ٿي. حسن intuition تخيل جو گھر) کي شاعريءَ ۾ خوب استعمال ڪرڻ ڄاتو ٿي.
بائرن هڪ ڀيري پنهجي شهر آفاق نظم Don Juan ۾ Norman abbey جي منظرڪشي ڪجهھ هن ريت ڪئي هئي، جتي هن پنهنجي ٻالڪپڻ جا ڏهاڙا گذاريا هئا. 
Before the mansion lay a lucid lake,
Broad as transparent, deep, and freshly fed,
By a river, which its softened way did take,
In currents through the calmer water spread, (Canto XIII, lvii)
پر حسن نيچر کيemotion  سان گڏائي بيان ڪري ٿو، ان کي ئي تخيل چئبو آهي، جنهن لاءِ ڪيٽس چيو ته “منهنجو ڪم ڏکيو آهي!”
منهنجي من مان پيار جا
گرم   چشما   ٿا    ڦٽن
هيل   ڪيڏي  ٿڌ آهي
۽  اڳي   کان   وڌ   آهي
پاري   پوڻ  کانپوءِ  به
منهنجي من مان  پيار جا
گرم  چشما  ٿا   ڦٽن .....
حسن سچ پچ ته ڏکيا ٽاسڪ کنيا ها شاعريءَ ۾. هو راڳ جو نهايت شوقين هو. گوين اڳيان ايئن پلٿي هڻي ويهندو هو جو مجال هئي ڪنهن ٻئي کي جو حسن ۽ گويي وچ ۾ مداخلت ڪري. جتي ويندو هو شاعري ٻڌائڻ لاءِ فرمائشون ٿينديون هيس. ڪٿي ڪٿي راڳي پريشان ٿي ويندا هئا، ته نوجوان، حسن کي ٻڌڻ آيا آهن يا هنن کي؟ آخري ڀيري پنج جون تي اسان جي ملاقات جڏهن ڪينجھر تي ٿي هئي ته مون چوٽياري ڊئم اندر هڪ خوبصورت ڀٽ تي ڪچهريءَ لاءِ وقت گھريومانس. چيائين، “ٺيڪ آ. جلدي رک. مان، قادر ۽ مسعود اينداسين.” مون چيومانس،” هڪڙي ڇنڊ پوي، پوءِ رکي وٺنداسين!” چيائين، “ٺيڪ آ.” پر هن کي خبر نه هئي ته هو ايئن ئي ايترو جلدي حيدرآباد جي روڊ تي بيواهو ٿي مارجي ويندو، ۽ دير رات تائين هن سان گڏ ٽهڪ ڏيندڙ هن جي شاعريءَ تي آسمانن جو سير ڪندڙ هن جا “پيالي ڀائي” هن کان سئو گزن تي هوندي به هن جي دانهن ورنائي نه سگھندا. ڳالهيون گھڻيون آهن، پر اسپيس گھٽ آهي. حسن کي سچ پچ به جي شاعر ڪري پيش ڪبو ته حسن چنڊ جيئن چمڪندو ۽ تارن جيئن جڳمڳائيندو، ۽ جي کيس ذاتي ملڪيت ٺاهي مٿس جھيڙا ڪبا ته هرڪو پوئتي هٽي ويندو. منهنجو ته خيال آ حسن کي حسن رهڻ ڏجي. ڪير هن جو دوست هو ڪير نه هو، اهو اجايو بحث آهي. هو سڀنيءَ کي پيار ڏيڻ وارو هو. هو شاعر هو، ۽punning  ۾ ڳالهائيندو هو. هو عاشق شاعر هو. هن جي زندگيءَ ۾ ڪا ترتيب هئي نه هئي، هن جي مجازي رنگ ۾ ڪو ضابطو هو نه هو، پر شاعريءَ ۾ هو هڪ نظم وانگر هو. حسن کان پوءِ به اسان وٽ سٺا شاعر موجود آهن، حسن تي ته جيئري ايترو ڪنهن ڪونه لکيو، پر جيڪي جيئرا آهن، اچو ته انهن کي به مان ڏيڻ سکون.


وقت جي چيچ مان ڇلو نيٺ نڪري ويو
مراد علي شاهه بڪيرائي
مشائخ هوٿي جي  مٽيءَ تي جنم وٺندڙ اهو  حسن به حيدرآباد جي هوائن ۾اڏامندي وري واپس پنهنجي ان ئي مٽيءِ ڏانهن موٽيو آهي، ان مٽيءَ کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو آهي، هو جيڪو ٻارن سان ملڻ جو  منتظر هو، اڄ ئي خبر پئي آهي ته هو پنهنجي ٻارن سان ملڻ لاءِ آخر ايترو آتو ڇو ٿيو هو ۽ ڇو چيو  هيائين ته وقت جي چيچ  ۾ زندگي جو ڇلو گهرگهلو ٿي چڪو آهي. ها اها اڄ ئي خبر پئي آهي ته جيترو  آتو هو يارن سان ملڻ لاءِ ايترو ئي سندس ڳوٺ جي مٽي به ساڻس ملڻ لاءِ آتي هئي. ڪالهه 16 جون جو ڏينهن هو پر گهڙي کن لاءِ ائين لڳو ته ڄڻ پهرين اپريل جو ڏينهن هو ۽ سمجهيوسين پئي ته حسن جو موت به اپريل فول واري ڪا خبر آهي، پر حقيقتن کان ته منهن موڙي نٿو سگهجي، ان تي نيٺ ته اعتبار ڪرڻو ئي پوي ٿو.
اهو ۱۹۹۶ع جو ئي ڪو ڏينهن هو جڏهن روزاني ”سرواڻ“ کي ڇڏيندي مون کي ڪجهه مهينا ٿيا هئا. آئون تن ڏينهن ۾ واپس بڪيرا شريف ۾ ئي رهيس پئي، پر هر پندرهين ڏينهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٻارن جي پروگرام ۾ مون تي هڪ معلوماتي سلسلو پيش ڪرڻ لاءِ اچڻو پوندو هو. ائين هڪ ڏينهن ريڊيو تان پروگرام ڪري آئون پنهنجي ڪنهن دوست سان ملڻ لاءِ روزاني سوال جي آفيس ۾ پهتو هوس، اتي مون کي منهنجو گهربل دوست ته نه مليو هو پر اتي منهنجي ملاقات جنهن شخص سان ٿي اهو حسن درس ئي هو. هي سوال جو ايڊيٽر هو، اها منهنجي ساڻس پهرين ملاقات هئي، جڏهن کيس خبر پئي ته آئون روزاني سرواڻ ۾ سب ايڊيٽر ۽ ايڊيٽوريل سيڪشن جي سنڀاليندڙ طور ڪم ڪري چڪو آهيان ته هو مون کي انصاري جي آفيس ۾ وٺي ويو، ڄڻ ته اسين ڪي ورهين جا واقفڪار ۽ دوست هجون. در اصل ان وقت روزاني سوال ۾ ايڊيٽوريل سيڪشن سنڀاليندڙ دوست جنهن سان آئون ملڻ ويو هئس سو ڊيوٽي ڇڏي چڪو هو، جنهن ڪري اهو سڄو بار حسن درس تي ئي پئجي ويو هو ۽ هن پاڻ تان اهو بار گهٽائڻ لاءِ مون کي مقرر ڪرڻ چاهيو ٿي، ان ڪري ئي هن منهنجي ملاقات ڊاڪٽر آڪاش انصاري سان ڪرائي جيڪو اخبار جو چيف ايڊيٽر هو. آڪاش انصاري سان پڻ منهنجي اها پهرين ملاقات هئي، هن مون کان مختصر انٽرويو ڪيو، ان دوران جڏهن ڊاڪٽر آڪاش تي اهو  پڌرو ٿيو ته آئون ڪارٽونسٽ پڻ آهيان ته پوءِ منهنجي بطور ايڊيٽوريل سيڪشن جي سنڀاليندڙ ۽ ڏينهن واري شفٽ ۾ نيوز ايڊيٽر جي مقرري ۾ دير نه ٿي. سوال ۾ نوڪري دوران حسن درس سان گهڻي ويجهڙائپ ٿي، حسن درس ۽ آڪاش انصاري سان گڏ ڪم ڪندي ڪڏهن مالڪ ۽ ملازم جو احساس ئي نه ٿيو هو،  اهي ٻئي سنڌ جا جهڙا اڀلا شاعر ثابت ٿيا ته اهڙائي ڀلا دوست پڻ ثابت ٿيا. حسن درس جيتوڻيڪ عهدي جي لحاظ کان ايڊيٽر هو پر هن جو رويو نهايت کي دوستي ۽ پنهنجائپ وارو رهيو، هو آفيس آفيس جون ذميواريون به بهتر نموني نڀائيندو رهيو ته گڏو گڏ پنهنجي دوستن لاءِ به وٽس پورو پورو وقت هوندو هو. هن سان ڪيترائي سٺا دوست گهڻو ڪري آفيس ۾ ملڻ ايندا هئا، حسن ۽ آڪاش انصاري جي ذريعي ئي منهنجي سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪن جامي چانڊيو، آغا سليم ۽ اهڙن ئي ٻين شخصيتن سان واقفيت ٿي.
حسن سنڌ جو هڪ ڀلوڙ شاعر هوندي ڪڏهن وڏائي نه ڪندو هو،  کل ڀوڳ سندس زندگي جو هڪ حصو هو، هڪ جيڏي سان توڙي پاڻ کان ننڍي سان به هُج  منجهان ڳالهائيندو هو. سوال ۾ ساڻس ٻن کان اڍائي ورهين تائين جو وقت گڏ گذريو، پوءِ جڏهن هو سوال ڇڏي ويو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن رستي تي ملاقات ٿي پوندي هئي ۽ پوءِ ساڻس ٻيهر ملاقاتن جو سلسلو تڏهن  شروع ٿيو جڏهن هو عبرت گروپ آف پبليڪشن سان لاڳاپجي ويو. جيتوڻيڪ تنهن وقت آئون عبرت سان لاڳاپيل نه هئس پر ڪڏهن ڪڏهن ساڻس ملڻ لاءِ وٽس ويندو رهندو هئس، جتي جامي چانڊيي سان پڻ ان بهاني ملاقات ٿي پوندي هئي. انهن ٻنهي سان اهي ملاقاتون ئي  عبرت ۾ ڪم ڪرڻ جو منهنجو سبب ٿي پيون. حسن سان عبرت ۾ ٿيل  اهي ملاقاتون ئي آخري ملاقاتون ثابت ٿيون، ان کانپوءِ رڳو هڪ ٻه ڀيرا ساڻس اظهار سومري ذريعي ئي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي هئي، بس پوءِ ان جي خبر نه پيم ته هو ڪٿي آهي، پر جڏهن خبر پئي به ته اها ڏکوئيندڙ خبر ثابت ٿي.
مون کي اها خبر نه آهي ته هو جن يارن جو منتظر هو سي کيس مليا به يا نه، پر هاڻ اها خبر پئي آهي ته وقت جي چيچ مان زندگيءَ جو گهرگهلو ٿيل ڇلو نيٺ نڪري ئي ويو.


هڪ خوبصورت شاعر جو وڇوڙو
مرتضيٰ سيال
لڳي ٿو هي وڇوڙي جي موسم آهي، خوبصورت شاعر حسن درس به روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو. خميس ڏينهن صبح سان هڪ دوست ايس ايم ايس ڪري اها ڇرڪائيندڙ خبر ڏني. حسن سان هونئن ته لاتعداد ملاقاتون ٿيون پر آخري ڀيرو کيس طارق عالم جي تڏي تي ڏٺو هيم. حسن درس پنهنجي آخري تحرير ۾ بلڪل سچ لکيو آهي ته “آهي مان هو ٿيڻ ۾ وقت ئي ڪيترو ٿو لڳي....”
۵ سيپٽمبر ۱۹۶۸ ۾ ٽنڊو آدم ويجهو ڳوٺ مشائخ هوتي ۾ اکيون کوليندڙ حسن درس هڪ بي باڪ، آزاد سوچ وارو، حسن پرست ۽ روشن خيال شاعر هئو. سندس ڪو ڪتاب ته شايع ٿي ناهي سگهيو پر رسالن، اخبارن ۾ ڇپيل ۽ محفلن ۾ ٻُڌايل شاعري تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس شاعري موتئي جي گلن جهڙي خوبصورت ۽ سڳنڌ ڀري آهي:
“ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
جيڪو جر تي جاڳي ٿو
ٿَڌ وسي ٿي واريءَ تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو
هڪڙو خواب سهانو  جيڪو
روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو
ڪارو نانگ مٿان چانڊوڪي
ڪارونجهر تي مور نچي ٿو
مون کي هڪڙو خيال اچي ٿو
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو”
حَسن جي شاعري ۾ جتي رومانيت آهي اتي انقلاب توڙي زندگيءَ سان لاڳاپيل ٻيا سڀئي رنگ به موجود آهن، اظهار جي بي باڪي ۽ خيالن جي خوبصورتي کيس پنهنجي ٽهي جي ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ نمايان بڻائي ٿي.
حَسن درس جو روڊ حادثي ۾ ائين وڇڙي وڃڻ سڄي سنڌ کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آهي. بي حسي جي انتها آهي جو هڪ ماڻهو حادثي کانپوءِ ڪافي دير تائين تڙپندو رهي ٿو ۽ پوليس کي ڄاڻ به ملي ٿي پر هو پنهنجي فرض جي پورائي بجاءِ حدبندي  واري تڪرار ۾ ڦاٿل رهي ٿي. قاسم آباد پوليس زخمي کي فوري طور اسپتال پهچائي ها ته ممڪن آهي سندس زندگي بچي وڃي ها. افسوس جو اسين اهڙي ملڪ جا شهري آهيون جتي انساني زندگين جي ڪابه اهميت ناهي، ڪيئي خوبصورت جوانيون حادثن ۽ روايتي بي حسي جي نظر ٿي وڃن ٿيون.
حسن درس جو وجود ته مٽي ماءُ حوالي ٿي ويو پر هو پنهنجي شاعريءَ ذريعي سدائين زنده رهندو، سندس لفظ ۽ فن جي حُسناڪي سندس ياد کي هميشه تازو رکندا. شيخ اياز ۽ استاد بخاري به حَسن درس کي نئين ٽهي جو پختو ۽ وڏو شاعر قرار ڏنو هئو. سندس شاعري ۾ اهي سڀئي رنگ ۽ صلاحيتون موجود آهن جيڪي ڪنهن وڏي شاعر جي فن ۾ هجن ٿيون.
“هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙي
گهوڙي جي ٽاپولي آهي
هر ماڻهوءَ کي سمنڊ ذور آ
هر عاشق کي ساحل آهي
هر ساحل کي اوسيئڙو
۽ اوسيئڙي جي لئيڙي ۾
ڪائي ڇلندڙ ڇولي آهي
هر ماڻهوءَ کي خيال اچن ٿا
سهڪي صديون سال اچن ٿا
حالن ۽ احوالن پويان
ڪائي ٻرندڙ ٻولي آهي
هر ماڻهوءَ ۾ مور نچي ٿو
هر ماڻهوءَ ۾ چور نچي ٿو
تارونءَ ۾ تلوارون ترندڙ
هڪڙو پورو دؤر نچي ٿو
هرڪو دؤر پرولي آهي.”
حسن درس ننڍپڻ کان شاعري شروع ڪئي ۽ حياتيءَ جي آخري پل تائين شاعر رهيو، سندس پهرين ۽ آخري سڃاڻپ شاعري آهي. سندس فن جون پاڙون پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ ۾ کتل آهن، اهوئي سبب آهي جو ساري سنڌ کي هن پرينءَ جو پاڇو قرار ڏنو.
ماڻهن جو دنيا ۾ اچڻ ۽ هليو وڃڻ اهڙو معمول آهي جيڪو صدين کان وٺي ساڳيءَ طرح هلندو اچي پر ڪي ڪي موت لڙڪن جو نه کٽندڙ سلسلو ڇڏي وڃن ٿا. يقينن حسن درس جي وڃڻ جو وقت نه هُئو، هُن کي اڃا ڪيئي بهارون ڏسڻيون هيون، ڪيئي خوبصورت ڪوتائون ڏيڻيون هُيون پر موت شايد سندس پيڇو ڪري رهيو هئو ۽ جئين ئي وجهه مليس اهڙو وار ڪيائين جو زندگيءَ سان ڀرپور وجود پل ۾ خاڪ بڻجي ويو.
حسن اهو البيلو شاعر ۽ مست ماڻهو هئو جنهن رڳو دوست ٺاهيا، پنهنجي زندگيءَ ۾ هو ڪيترو ڪامياب ماڻهو هئو سا ته مونکي خبر ناهي پر دوستن جي حوالي سان هو ڪافي خود ڪفيل رهيو گهر ڀاتين کانسواءِ شاعري ۽ دوست ئي سندس ميراث آهن.
“هڪ شاعر جو وطن
هُنجون اکيون
هو سڪيءَ تي
سمنڊ جهڙي سار ٿي هن کي اچي”
حسن درس شاعريءَ جي حوالي سان روايتن کان هٽي پنهنجو الڳ لهجو اختيار ڪيو، هُن جون تشبيهون، هُن جو انداز ۽ خيالن جي نواڻ کيس شاعرن جي ڊگهي قطار ۾ ڪافي نمايان ڪيو. هو جتي به ويو اُتي پنهنجو حلقو ٺاهي ورتائين. جتي به شاعري ٻُڌايائين محفل لٽي ورتائين. هو پنهنجي ذات ۾ مڪمل فنڪار هئو جنهن ۾ اهي سڀئي فني توڙي فڪري صلاحيتون موجود هيون جيڪي ڪنهن پختي فنڪار لاءِ ضروري هُجن ٿيون.
ڏاڍو عجيب ۽ ڏکوئيندڙ ٿو لڳي هن لاءِ “آهي” بجائي “هو” لکڻ ٿو پر اها اهڙي حقيقت آهي جنهن کان منهن نه ٿو موڙي سگهجي. دعا آهي ته مالڪ حقيقي مٿس پنهنجو ڪرم ڪري ۽ سندس گهرڀاتين توڙي دوستن کي صبر ۽ همٿ عطا ڪري. آمين.


هن دل قلندريءَ ۾ دم دم ڌمال آهي!
اسحاق مڱريو
جڏهن سنڌ جي نئين ٽهي جي انتهائي پاپولر شاعر حسن درس جي شاعري بابت مذهبي ۽ مولودي هئڻ واريون فتوائون جاري ٿيڻ شروع ٿيون آهن، ته ان لمحي مونکي مصر جي نوبل انعام يافتا محمود درويش بابت ڪيون ويندڙ ڳالهيون پڻ ياد اچي ويون. جڏهن عربي جي انهيءَ شاعر کي نوبل انعام مليو هو ته يورپ ۽ آمريڪا جي ميڊيا هن کي مذهبي شاعر قرار ڏيڻ واري ڊوڙ ۾ لڳي وئي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ وچ اوڀر جي معاملن تي وڏي مهارت رکندڙ نامياري تجزيه نگار پروفيسر ايڊورڊ سعيد کان پڻ محمود درويش بابت ساڳيو سوال ڪيو ويو هو، جنهن جي جواب ۾ هن چيو هو ته اهو رڳو محمود درويش جي شاعريءَ جو مسئلو نه آهي پر سڄي عربي شاعريءَ جو مذهبي پس منظر رهيو آهي، جنهن کان هن کي الڳ نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ ساڳئي پس منظر ۾ شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي شاعري کي به ڏسي سگهجي ٿو. جنهن جي شاعري پڻ شاهه جي رسالي واري ترتيب ۾ سر ڪلياڻ جو پهريون بيت هيئن ڏنل آهي.
اول الله عليم، اعليٰ، عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم،
والي واحد وحدهُ، رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي.
شاهه لطيف سنڌ جو ڪيڏو نه مقبول شاعر آهي، جيڪو هڪ ئي وقت سنڌي معاشري جي هر طبقي ۾ ايڏي وڏي مقبوليت رکندڙ شاعر آهي، جنهن جي هڪ ئي وقت مسجد جي منبر تي بيٺل مولوي به شاعري پڙهي پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو ته وري ڪو انقلابي اڳواڻ جلسن ۾ لطيف جي شاعري سان شروعات ڪري ٿو. اهڙي ريت ڪو عاشق پنهنجي رومانوي ڳالهه جي شروعات لاءِ لطيف جي شاعري جو گس وٺي ٿو ۽ جڏهن ته ڪو خيرات پنندڙ فقير به لطيف جو بيت ڳائي خيرات گهري رهيو هوندو آهي. ان کان وڌيڪ ڪنهن شاعر کي ڪا مقبوليت حاصل ٿي سگهي ٿي ڇا؟
انهيءَ ساڳئي وصف سان حسن درس جي شاعري کي ڏسڻ جي ضرورت آهي. حسن درس هر وقت ڪنهن هڪ گروپ يا طبقي جو شاعر بنجي وڃڻ واري ڳالهه جي معاملي ۾ گهڻو حساس به هو. هن کان جڏهن مختلف هنڌن تي ڪي ڪامريڊ “ڪانڊيرو نالي هو هاري هو” واري نظم جي فرمائش ڪندا هئا ته هو ردعمل ۾ ڪامريڊي واري ڇاپ جي بدران “ گل بدن عورتن جا” وارو نظم پڙهڻ لڳندو هو. حسن جي مقبوليت جو اهوئي ڪمال آهي ته هن کي هر طبقي جو ماڻهو پنهنجو شاعر سمجهي ٿو.
شاعر ته پري جي ڳالهه پر حسن کي اهڙن سڀني طبقن جا ماڻهو ائين چون ٿا ته هو، هوئي منهنجو دوست. دوستي ۾ هن جي اهڙي چونڊ ڪا ڪمال جي ڳالهه نه آهي؟ ڪرنگهي جي هڏيءَ واري بيماري سبب بستري تي ستل عطا دلُ نه رڳو اهڙي حالت ۾ هن جي تدفين ۾ پهچي ٿو. پر اهو به چئي ٿو ته حسن منهنجو دوست آهي ۽ عاشق انصاري هن جي دوستي جي دعوا ۾ ايترو ته گم آهي جو هن جي سڄي شاعري جو حافظ بڻيل آهي. حسن جي شاعري جا ڪئين اهڙا ياد حافظ هر هنڌ موجود آهن. هن جو هڪڙو به ڪتاب ڇپيل نه هئڻ جي باوجود به، هو سڄي سنڌ ۾ پاپولر شاعر طور مشهور هو. ان ڪري ڪنهن تي، تنقيد ڪري حسن جهڙي سٺي شاعر کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي ته بهتر ٿيندو. جڏهن ته ان جي بدران هر مڪتب فڪر وارو پنهنجي پنهنجي پسند واري حسن جي شاعريءَ مان لطف حاصل ڪرڻ جو حق رکي ٿو، جنهن کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.
 حسن بابت هنن ٿورن ڏينهن ۾ جيڪي پروگرام ٿيا آهن ۽ هن جي شاعري ۽ شخصيت بابت نوان رخ سامهون آيا آهن انهن گهڻن کي پريشان ڪري وڌو آهي. ان جو مثال ان مان ملي سگهي ٿو ته هڪ اخبار جي مالڪ پنهنجي رپورٽر کان پڇيو ته آخر حسن درس ڪهڙي فنا منا آهي.” رڳو ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي جهمپير ۾ شو مندر جي آڳر ۾ هن جي ياد وارو ڪو اڪيلو ميڙاڪو نه ٿيو آهي. پر انهيءَ عرصي دوران سڄي سنڌ ۾ حسن بابت ڪئين پروگرام ٿيا آهن. هن موقعي تي رڳو هڪ ڳوٺاڻي پروگرام بابت ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو.
حسن جي ياد ۾ هڪ وڏو پروگرام سانگهڙ جي ڏوراهين علائقي جي هڪ ڳوٺ ۾ وسند فقير عيد جي ٻئي ڏينهن تي ڪرايو هو. حسن جي شاعريءَ جي پاپولر هئڻ وارو اهوئي ته پاسو آهي جو هن کي ماڻهو هنڌين ماڳين ياد ڪن ٿا. جنهن ڏينهن جهمپير ۾ وڏا درزي ماپن واري ڦيٿ کڻي حسن جي شاعريءَ بابت پنهنجي پنهنجي ڪور ڪري رهيا هئا ۽ حسن سان پنهنجي پنهنجي گهري دوستيءَ تي زور ڏئي رهيا هئا ، ته انهيءَ لمحي مندر جي مين گيٽ ويجهو هڪ ڪار ۾ منرل واٽر واري بوتل حقي وانگر دوستن ۾ ڦري رهي هئي، جنهن ۾ هڪ ويٺل چيو ته انهن تقريرن ڪرڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته حسن سان گارين ڏيڻ ۽ وٺڻ واري رڳو منهنجي دوستي هئي.
چاپئين ڏاڙهي ۽ گيڙو رنگ جي پٽڪي سان وسند فقير پنهنجي روح جي وجد سان صوفياڻا ڪلام ڳائيندڙ آهي. هونءَ وسند فقير ڪو اسڪولي علم پڙهيل ڪونهي، پر تڏهن به هن کي هزار کن صوفياڻا ڪلام برزبان ياد آهن. هو پير اعجاز جو طالب هئڻ سان گڏوگڏ سڄي ملڪ جي درگاهي فقيرن جي ٻارين جو پانڌيئڙو پڻ آهي. هو وجد ۾ اچي صوفياڻا ڪلام ڳائڻ لڳندو آهي. هو فقيري مزاج رکندڙ۽ پنهنجي روح واري علم جي زور تي انتهائي گهڻي ڄاڻ ۽ صوفياڻي ڪيفيت رکندڙ آهي. هاڻوڪي بڊي واري برساتي ٻوڏ ۾ سانگهڙ ضلعو انتهائي گهڻو لپيٽ ۾ آيل علائقو آهي. ان ڪري وسند فقير جي ڳوٺ وارو علائقو پڻ وڏي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آيل رهيو . جيئن ئي ٻوڏ واري پاڻيءَ گس ڏنو ۽ وسند فقير آءِ ڊي پيز واري ڪئمپ مان نڪري پنهنجي ڳوٺ پهتو. ته هن پهرين ئي لمحي ۾ حسن درس جي ياد ۾ پروگرام ڪرائي ورتو.. وسند پنهنجي فقيراڻي سوچ جي ڪري حسن جي پروگرام لاءِ چنڊ جي ٻارهين واري رات مقرر ڪئي هئي. اهو هڪ عجيب اتفاق هو ته سانگهڙ واري علائقي ۾ چاليهه پنجاهه سال کن اڳ ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري وسند فقير جا وڏا مشائخ هوٿي واري ڳوٺ ۾ وڃي آباد ٿيا. جتي هنن مشائخ هوٿي جي درسن جي زمين تي وڃي هارپو ڪيو. حسن انهن ڏينهن ۾ اڃان اٺن ڏهن سالن جي ڄمار وارو مس هو ته هن جي وسند فقير سان سنگت بڻجي چڪي هئي. مائٽن جي سختين باجود حسن رات جو پنهنجي ٻڪرين جي ڌنار سان گڏجي وسند فقير جي آستاني تي راڳ ٻڌڻ ايندو هو. حسن جون يادگيريون هو ڪنهن محبوب جي ڳالهين وانگر ڪرڻ لڳي ٿو. وسند فقير جيترو پنهنجي مزاج ۾ سادو آهي هن وٽ حسن جون اهڙيون ئي ڪئين ساديون ڳالهيون هن جي يادگيرين ۾ محفوظ ٿيل آهن. اهڙيون ئي يادگيريون سنڀاليندي هو چئي ٿو، حسن ننڍو هو ته هڪ دفعي هو پنهنجي ڀاءَ وڏيري آزاد درس سان گڏ اسان جي گهرن وٽ آيو، جتي هو پنهنجي وڏي ڀاءَ سان ٻٻرن جاوڻ وڍائڻ آيو هو. وسند فقير چئي ٿو ته انهيءَ موقعي تي حسن کان منهنجي پيءُ پڇيو ته ٻٻرن اوهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اجايو وڻن کي وڍايو پيا. ٻير جا وڻ ڇو پيا وڍايو ته ان جي موٽ ۾ حسن ٺهه پهه جواب ڏنو ته اسان درس قد ۾ ڊگها ٿيندا آهيون، ان ڪري اسان جون کٽون ننڍيون ٿيو وڃن، ان ڪري کٽن لاءِ وڻ پيا وڍايون.
وسند فقير پنهنجي ڏاڏي کان فقيراڻي مزاج وارو گهراڻو رهندو آيو آهي. هن جو ڏاڏو مٽر فقير سرور نوح جا ڏهر جهونگاريندڙ هو. پر وسند فقير جو والد سلامون فقير وڏو صوفي راڳي هو. هن پير غلام رسول شاهه جيلاني کان وٺي منٺار فقير راڄڙ جي موجودگي ۾ به ڳايو ۽ سندن گڏيل سنگ ۾ به ڳايو. وسند فقير جو والد ان کان اڳم پاٽوئن واري شهر ۾ رهندڙ هو، جتي هن جون محفلون منٺار فقير راڄڙ سان ٿينديون هيون. منٺار فقير کاڻي راڄڙ مان هالا ويندي پاٽوئن ۾ سلامون فقير سان ضرور ڪچهري لاءَ رات ٽڪندو هو. هيءَ انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن ڍول فقير اڃان يڪ تارو نه کنيو هو ۽ منٺار فقير جي سنگ ۾ چڀڙ ڀيل ۽ داد ماڇيءَ سان دلو وڄائيندو هو. منٺار فقير راڄڙ جي سنگ واري چڀڙ ڀيل جو پٽ پريل ڀيل ته نه رڳو سٺو راڳي ٿي گذريو آهي. پر هو ڀلوڙ شاعر به هو. هن جا امير بخش فقير ڪئين ڪلام ڳايا هئا. وسند فقير جو والد ايڏو وڏو صوفياڻو راڳي هئڻ جي باوجود هن پنهنجي پٽ کي راڳي ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. نيٺ سلامون فقير پنهنجي پٽ جي ايلازن اڳيان انهيءَ شرط تي راضي ٿيو هو پئسن لاءِ نه ڳائيندو. اهوئي سبب آهي جو وسند فقير کي راڳ ڳائڻ دوران ڪيترا به پئسا ملن، پر هو نه کڻندو آهي.
عيد جي ٻئين ڏينهن وسند فقير پنهنجي ڳوٺ جي ڇپرائين لانڍيءَ ۾ مچ ڪچهريءَ تي “جشن حسن درس، وصال يادگار” جي عنوان سان خوبصورت رنگن وارو وڏو پروگرام ڪرايو. ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آيل هئڻ جي باوجود انهيءَ محفل ۾ آيل ماڻهن جو ايڏو وڏو انگ ڏسي حيرت گاڏڙ خوشي ٿي. وسند فقير انهيءَ محفل ۾ هر ايندڙ کي پيرين پئي آڌرڀاءُ ڪري رهيو هو. انهيءَ پروگرام ۾ ٽي،چار سئو کن ماڻهو آيل هئا. سرن جي ڪانن واري خوبصورت ڇپرائين لانڍي جي اڳيان ڪانن جي پتر جو آڳر ڏنل هو. انهيءَ آڳر ۾ مچ ٻري رهيو هو۽ نج نڀار سنڌي ڪلچر وارن ماڻهن سان محفل سٿيل هئي. عيد جو ٻيون ڏينهن هئڻ ڪري محفل ۾ آيل ماڻهن کي نوان ۽ خوبصورت رنگن وارا ڪپڙا پهريل هئا. جڏهن ته گهڻن کي هيرن ۽ شيشن واريون سنڌي ٽوپيون پاتل هيون ۽ پٽڪا ٻڌل هئا. جڏهن ته ڪجهه وري انهيءَ محفل ۾ ڪانڀو ٻڌي به ويٺل هئا. اسٽيج سامهون واري پتر اڳيان جوڙيو ويو هو، جتي حسن درس جو فوٽو لڳل هو. جشن حسن درس، وصال يادگار وارو وال کن جو بينر پڻ انهيءَ پتر تي لڳل هو. انهيءَ پتر تي حسن درس جي فوٽو واري شرٽ به سامهون پتر تي ٽنگيل هئي. جڏهن ته کجيءَ جو ننڍو وڻ پتر جي ٻاهران بيٺل هو. جنهن جا پاندر اندرين پاسي بينر ۽ حسن درس جي فوٽو واري شرٽ تي لڙڪي رهيا هئا. رتي ڳاڙهي ڪپڙي جو ڳارو وسند جي ڳچي ۾ پيل هو. جڏهن چنڊ پنهنجي جوڀن تي پهتو ۽ محفل ۾ پهتل هر ماڻهوءَ ننگر به ڪري ورتو هو ته انهيءَ لمحي وسند فقير اسٽيج تي آيو. هن درد واري سريلي آواز ۾ حسن درس جي نعت ڳائڻ شروع ڪئي.
ڪڌي آهيان صفا ڪمتر، ڪسيرو ڇا ڪڻي آهيان مگر مرسل مٺي نالي، وٺڻ جي لاءِ بڻي آهيان.
جڏهن ته انهيءَ موقعي تي ادبي سنگت ٽندو آدم جو سيڪريٽري گل حسن لاکو، بخشڻ مهراڻوي، عاجز منگي، رئيس حبيب الله مري. محمد يوسف نوناري، اسلم ميمڻ ۽ ٻين مختصر طور تي حسن بابت ڳالهايو. انهيءَ موقعي تي وسند فقير رڳو ايترو ڳالهايو ته حسن سان منهنجي ايتري ته دوستي هئي جو حسن پنج، پنج ڏينهن ۽ راتيون مون وٽ ترسيل هوندو هو. ان ڪري آئون هن جي ياد ۾ تڪيو قائم ڪيان ٿو، جنهن جي موٽ ۾ عاجز منگي ۽ گل حسن انهيءَ تڪئي واري هنڌ تي حسن جي نالي تي لائبرري قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ٻارهين تاريخ واري چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ ٿيندڙ انهيءَ پروگرام ۾ ان کان پوءِ صوفياڻو راڳ شروع ٿيو. گلاب فقير، معراج علي بهڻ ۽ وسند فقير پنهنجي ڳايل صوفياڻي ڪلامن جي رنگ ۾ محفل کي منڊي ڇڏيو. گلاب فقير صوفي مزاج وارين ڪچهرين جو ڀلوڙ نوجوان راڳي آهي.
 ميڊيا لاءِ به حسن درس هاڻ هاٽ ڪيڪ بڻيل آهي. انڪري انهيءَ ڳوٺاڻي پروگرام ۾ ڪئين اردو ۽ سنڌي ٽي وي چئنلز جا رپورٽرز ۽ پرنٽ ميڊيا جا صحافي، فوٽو گرافر ۽ ڪئميرامين پڻ پهتل هئا. ڪئميرائن جي ٽچ ٽچ ۾ سادي مزاج وارو وسند فقير پنهنجو پوٽو هنج ۾ کڻي اسٽيج اڳيان فوٽو ڪڍائڻ لاءَ پهچي ويو هو.


هو هڪ حقيقي شاعر هو
عمر قاضي
هونءَ ته ڪالم لکڻ ڪڏهن “چانهن جو ڪوپ” هوندو آهي ته ڪڏهن اهو هٿن ۾ شراب جي ڪنهن جام جيان ايندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪالم زهر جو پيالو به بڻجي ويندو آهي. اڄ منهنجي ڪجهه اهڙي ڪيفيت آهي. ڇو ته مان هي ڪالم ان انسان تي لکي رهيو آهيان، جيڪو منهنجو گهاٽو دوست به هو. پر مان چاهيان ٿو ته هن جي دوستيءَ جو ذڪر بعد ۾ ڪريان. هڪ دوست کان وڌيڪ ته هو هڪ شاعر هو ۽ اهو به هڪ اهڙو شاعر جيڪي صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. اهڙن شاعرن جي جنم جي حوالي سان اياز لکيو آهي ته:
“ڪالهه ڪويتا جي ڪنٺيءَ تي
سرسوتي ۽ ڪاليءَ بيٺي
چانڊوڪيءَ ۾ امرت پيتو
مدت کان پوءِ ٻئي ويراڻيون
ساڳي تڙ تي گڏجي آيون
شايد پيدا ٿيو آ
مهان ڪوي ڪو!”
ها! هن جي جنم جي ڪيفيت ڪجهه اهڙي هئي. جڏهن ته هن جي موت جي ڪيفيت منهنجي لاءِ وڌيڪ اذيت ناڪ آهي. هن جي موت کي اڄ ٽي ڏينهن گذري چڪا آهن پر مان هن جي باري ۾ ڪجهه لکي نه ٿو سگهان. ڇو ته هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري رات مون سان ۽ نور احمد سان گڏجي گذاري هئي. چنڊگرهڻ جي اها رات نه صرف منهنجي پر پوري سنڌي ادب جي لاءِ ڪڏهن نه کٽندڙ چنڊ گرهڻ جي رات بڻجي وئي. اها رات جنهن جو صبح اڃان تائين ڪو نه ٿيو آهي ۽ شايد ڪڏهن نه ٿيندو. هن جي موت جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي مسلسل ان واريءَ جيان اڏرندو محسوس ڪري رهيو آهيان، جيڪا اڪيلي ساحل جي مٿان اداس هوا سبب اڏرندي آهي. مان بار بار پنهنجي موبائل ۾ هن جو نمبر ڏسان ٿو ۽ سوچيان ٿو ته ڇا هاڻي هن جو نالو ڪڏهن به منهنجي اڀاڳي موبائل سيٽ جي اسڪرين تي پرگهٽ نه ٿيندو؟ اها ڪيتري نه شديد ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جنهن کي اوهان بيان ڪرڻ چاهيو ۽ نه ڪري سگهيو. مون کي سچ پچ به ته ان ڏک کي اظهارڻ جو آرٽ نه ٿو اچي. شايد انهيءَ ڪيفيت کي قلمبند ڪندي ڀٽائيءَ لکيو آهي ته:
“روئان ڪيئن پرينءَ کي روئي نه ڄاڻان
مٿي کنيو ڀڻان هنجن هاڻا هٿڙا!!!”
ڪڏهن ڪڏهن انسان اهڙي ڪيفيت ۾ اڙجي ويندو آهي ۽ اها ڪيفيت نهايت اذيتناڪ هوندي آهي. مان ان اذيت مان گذري رهيو آهيان. مون کي ان ڏک جو ڀرپور احساس آهي. مون کي شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته مان هن کي وري ڪڏهن به نه پائڻ جيان وڃائي چڪو آهيان. مون کي انهن گهڙين تي سخت غصو اچي ٿو، جيڪي مون معمولي مصروفيتن هجڻ سبب هن سان نه گذاريون. پر هو هميشه هن دل ۾ رهندو. منهنجي دل هن جي لاءِ اهڙي اوطاق آهي، جتي هو هميشه رهيل هوندو. پر مان پنهنجي ذاتي احساسن کي پوري قوت سان روڪي هن جي شاعر هجڻ واري پهلو تي ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو.
عظيم شاعر شيخ اياز پنهنجي فني جولان ۾ اچي لکيو هو ته “جيڪڏهن منهنجي موت کان پوءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ شاعري ائين هوندي جيئن ڪمند جي هڪ فصل جي ڪٽجڻ کان پوءِ ٻيو فصل ان جي جڙن مان نڪري ايندو آهي” ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اياز جي شاعري سنڌي ادب جي مٿان هڪ پهاڙ جي پاڇي وانگر ڇانيل آهي. سنڌي ادب ۾ اڄ به اياز جو انداز ۽ اسلوب تمام گهڻي حد تائين اپنايو وڃي ٿو. پر اها به حقيقت آهي ته هر حقيقي شاعر جيان حسن درس پنهنجو ادبي تعارف پنهنجي انداز سان ڪرايو. نه صرف هن جا موضوع پر هن جو گهاڙيٽو، هن جا لفظ ۽ هن جي شاعريءَ جو روح سنڌ جي هر شاعر کان الڳ ٿلڳ ۽ حسن جي شخصيت وانگر منفرد هو. هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ جنهن دائري جي چونڊ ڪئي هئي، ان سان هن جو رشتو صرف سخن وريءَ تائين محدود نه هو. هو عملي طور تي پنهنجي ان چاهت جي چنڊ پويان چڪور بڻجي اڏامندو هو.
اها هڪ حيران ٿيڻ جي ڳالهه هجي ها پر جيئن ته اها ڳالهه رواجي حوالي سان ڪئي وئي، ان ڪري اهي لفظ پڙهي ڪا حيرت نه ٿي ته “حسن فطرت جو شاعر هو”  هونءَ ته هر شاعر فطرت جو شاعر هوندو آهي. ان جوڪارڻ صرف اهو ناهي ته شاعر چنڊ، تارن، ساون نظارن، آبشارن ۽ آسمان تي جهومندڙ رنگين رون جهڙن بادلن سان پيار ڪندا آهن پر جيئن ته فطرت ڪشادي ڪائنات جو دامن هوندي آهي، ان ۾ هر شيءَ اچي ويندي آهي، ان ڪري جيڪو شاعر جنهن به موضوع سان جڙيل هوندو آهي، ان کي ٿلهي ليکي “فطرت جو شاعر” ڪوٺي جان ڇڏائي ويندي آهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته حسن جي شخصيت ۽ هن جي شاعريءَ کي نه سمجهڻ واري واٽ وٺڻ بدران ان کي سنجيدگيءَ سان سمجهيو وڃي. ڇو ته صرف اهو چوڻ ته هن جو موت سنڌي ادب جو تمام وڏو نقصان آهي ۽ هن جو خال نه ڀرجي سگهندو وغيره وغيره! اهي ڳالهيون سچ به آهن پر جيئن ته انهن ڳالهين تي اسان جي روايتي اظهار جو اثر آهي، ان ڪري حسن جي حوالي سان ٿيندڙ اهي ڳالهيون اسان کي نه ٿيون وڻن. اسان چاهيون ته هي دوستيءَ ۽ واسطيداريءَ کان وڏو معاملو آهي. ڇو ته هي ادب جو معاملو آهي. جيڪڏهن هي سياست هجي ها ته اسان سمجهوتي کي سهي وڃون ها پر ادب ۾ ته ڪمپرومائيز جي تِرَ جيتري به گنجائش نه هوندي آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حسن جي حوالي سان روايت پسنديءَ واري راهه ڇڏي هن جي شخصيت ۽ شاعريءَ وانگر غيرروايتي پسنديءَ جو رستو اختيار ڪيو وڃي ۽ ان تي پورهئي وارو پنڌ ڪندي حسن جي شخصيت ۽ شاعريءَ کي سمجهيو وڃي ۽ اهو چئي جان نه ڇڏائي وڃي ته حسن سنڌي شاعريءَ جو تمام وڏو نالو هو ۽ هو فطرت جو شاعر هو ۽ نه وري هن جي وڇوڙي کي ڪنهن ٻي ڪردار  جي موت سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. حسن جي وڇوڙي کان پوءِ اسان کي هن جو اصل قد ڪاٺ ڏسڻ جو جيڪو موقعو مليو آهي، تنهن کي سنجيدگيءَ سان سمجهيو وڃي.
ان راءِ سان به شايد اتفاق ڪري نه سگهجي ته حسن انقلاب ۽ رومانس کي شاعراڻي انداز سان ملائي هڪ ڪرڻ وارو شاعر هو. ڇو ته حسن بنيادي طور تي عشق ۽ آوارگيءَ جي جذبن کي نوان رخ ۽ رستا ڏيڻ وارن شاعرن منجهان هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ٻوليءَ ۾ ان قسم جو ادب سرجڻ جي ڪا وڏي روايت نه رهي آهي. ان ڪري حسن پنهنجي شاعريءَ جي انداز ۽ اسلوب ۾ بنهه نيارو شاعر نظر آيو. هن جي شاعريءَ ۾ جديد دور جي هلڪي نه پر ڀرپور جهلڪ موجود آهي. هو  جديد دور جي آزاديءَ واري رجحان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڀرپور نموني سمائڻ جي باوجود سنڌ جي انهن عوامي شاعرن سان پنهنجو رشتو برقرار رکي آيو، جيڪي فن جي حوالي سان سونارا هوندا آهن ۽ هڪ هڪ سٽ کي ڳهڻي وانگر گهڙيندا آهن. ان ڪري حسن جي شاعري قديم ۽ جديد دور جو عجيب سنگم هئي. هن جي شاعري ۾ عورت لاءِ روئڻ رڙڻ ۽ ملاقات لاءِ منٿون ميڙون نظر نه اينديون. ڇو ته هو پنهنجن موضوعن سان عاشقانا سلوڪ اختيار ڪندو هو، ان ڪري هن جي شعرن ۾ جدايون، جدايون ناهن ۽ ميلاپ، ميلاپ ناهن. هن جي هر لفظ ۾ چاهه جي چس آهي. هن جي هر سٽ ۾ صرف ۽ صرف عشق جي آوراه خوشبو آهي. ان ڪري حسن جي شاعريءَ جي ان منفرد روپ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، جنهن کان پوءِ ئي سمجهي سگهبو ته حسن هڪ حقيقي شاعر هو. پر ڇا هڪ شاعر لاءِ “هو” وارو لفظ لکڻ گهرجي؟ شاعر ته هميشه رهڻ وارا ڪردار آهن. ان ڪري مون کي اهو لکڻ گهرجي ته “هو هڪ حقيقي شاعر آهي”


هي حسن دوکو ڏيئي ڪيڏانهن ويو
اظهار سومرو
موت جي واديءَ ۾ داخل ٿيندڙ هي شهزادو، پنهنجي وطن جي ماڻهن کي هميشه لاءِ رهندڙ وڇوڙي ۾ ويڙهيل نظمن ۽ غزلن جا اهڙا تحفا ڏئي ويو آهي، جيڪي مشائخ هوٿيءَ جي مٽيءَ مان جنميل هن ماڻهوءَ جي پيار جو اظهار آهن، اهو پيار جيڪو هن پرين ۽ سنڌ جي وچ ۾ موجود وٿيءَ کي هميشه لاءِ ختم ڪندي ڏنو هو ته:
“ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو، جيڪو جر ٿي جاڳي ٿو
ٿڌ وسي ٿي واريءَ تي ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو”
پر هن جي وڃڻ کان پوءِ به ڄڻ ته هو پاڇي وانگر انهن دوستن سان سدائين گڏ رهندو جن دوستن پنهنجي هٿن ۽ اکين جي آلاڻ سان هن صوفي منش ماڻهوءَ کي ائين مٽيءَ حوالي ڪيو جيئن روئيندڙ ٻار کي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو هجي، هو سچ به ته سنڌ جي ڌرتيءَ سان پيار ۾ بي لوث هيو، هن کي پنهنجي وطن جي هر ماڻهوءَ سان ان ڪري پيار هيو جو اهو پيار کيس ماءُ جي ٿڃ جي لڄ رکڻ واري سبق وانگر ستي ڪري پياريو ويو هيو.
هو شاعر، عاشق، دوست، صحافي، سماجي ورڪر يا ٽن ٻارن جو پيءُ هو جنهن جي دل جو درس اسان جي اندر ۾ حسناڪيون ڇڏي ويو، مو ن کي هو هڪ دوست جي روپ ۾ ان ڪري وڻيو جو هو دوستيءَ جو دم نه ڀريندو هيو پر دوستيءَ جي چيچ ۾ اهڙي ڇلي وانگر هيو جيڪو ڪڏهن به گهرگهلو نه ٿيو، ڪاوڙ جي ڪڙاڻ کي هن ڪڏهن به دوستيءَ جي آڳر تي نه اچڻ ڏنو. قاسم آباد جو اهو چوڪيدار به هن جو دوست هيو، جيڪو پاڙي جي ماسيءَ سان پنهنجي پيار جا قصا هن کي ٻڌائيندو هيو، هو ڳوٺ جي ان چريءَ جو به دوست هيو جنهن کي کاڌي ۾ سيرو وڻندو هيو، هو ان ماڻهوءَ وانگر هيو، جنهن کي تعلق جي مشڪل مرحلن مان گذرڻ ۾ مزو ايندو هيو، ان ڪري ئي ته هر ماڻهو هن کي پنهنجو سڀ کان ويجهو دوست سمجهندو رهيو، پر اصل ۾ هو ڪنهن فرد جو دوست نه پر وطن کان وڇڙي ويل ان آجپي جو دوست هيو، جنهن لاءِ هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته
“هوءَ جا پاڻ پکيءَ جهڙي آ،
لڪي شاهه صدر تي لهندي”.
مون کي هن سان صرف هڪڙي ڳالهه تي ريس ٿي ته هن کي پنهنجي شاعري ڪيئن بر زبان ياد آهي، غالب کي ته زال جي رئي ۾ ٻڌل ڳنڍ کولڻي پوندي هئي پر هو ته بنا رئي جي لفظن جون ڳنڍيون کوليندو هيو!!!
هن جي شاعري، محاذ تي وڙهندڙ سپاهيءَ جي ساڳي وقت وطن ۽ محبوبا لاءِ ڌڙڪندڙ دل جهڙي هئي، هو ذلفيءَ جي ڦاهيءَ تي چڙهڻ کي ڪيترو نه رومانٽڪ انداز ۾ پيش ڪري ويو،
“ڦاسيءَ جي جهولي تي
هن کي ننڊ اچي وئي!!”
پر پوءِ جڏهن پنڪي کي پياسي هرڻيءَ وانگر شڪار ڪيو ويو، تڏهن به ته هن چيو هيو ته
“گلابن ۽ شهيدن کي ڀلا ايندو ڪفن ڪهڙو!!”
سيد سان عقيدت جو اظهار به ته هو پنهنجي ڪچهرين ۾ ڪندو هيو ۽ ان کان پوءِ وارا سنڌ جا سمورا سياسي سرواڻ سندس شاعريءَ جا مداح هئا!
بي بي جي وڇوڙي تي لکيل سندس نظم
“ادي هيءَ آجيان ڪهڙي، وئي جا موڪلاڻي ٿي!”
ته ملڪ جي ايوانن ۾ ويٺل سڀ کان سگهاري شخصيت کي به اداس ڪري ڇڏيو هيو، ڪريم لغاري جي گاڏيءَ ۾ وڄندڙ مظهر علي جي آواز ۾ ڳايل اهو نوحو هن جي موت جي اڳڪٿي ته نه هو.
هو طلسماتي ماڻهو ته هيو، ماڻهوءَ کي پنهنجي ڳالهين جي منڊ ۾ منڊي ڇڏيندو هيو، پر پڇاڙيءَ ۾ هو ايڏو الميائي ٿي ويندو، سو سندس شاعريءَ مان محسوس ٿيو پئي. هو زندگيءَ جي معاملن کي پوين ڪجهه سالن ۾ سڌاري رهيو هيو، ڇاڪاڻ ته کيس وڃڻ جي تڪڙ هئي، جهمپير جي تاڙين جي ذڪر سان گڏ هو رسول بخش درس جو ذڪر ضرور ڪندو هيو، شاهپنجو سلطان ۾ پنهنجي تڪيه ملڪ مشائخ هوٿي ۽ مسرور سومري جو ذڪر ضرور ڪندو هو، محبتن جو قصو ضرور ڇيڙيندو هيو، مقبول نظاماڻي جي پاڇي هيٺ وڏو ٿيڻ جي واقعن کان وٺي ڊاڪٽر آڪاش ۽ رئيس مشتاق نظاماڻي جي دوستيءَ جو ذڪر ڪرڻ وقت هو پرجوش هوندو هيو، جاميءَ ۽ مظفر چانڊئي سان هن جي پاڙيسري ملڪ گهمڻ دوران ٿيل قصا هو دنيا جي بهترين قصاگو وانگر ٻڌائيندو هو، مسعود لوهار سان گڏ هن جيڪي سفر ڪيا سي هن جي رولا ڪيءَ ۾ ڄڻ ته شاندار شموليت ماڻي ويا، هوٿي کان روهيءَ تائين هن سان گڏ رهيو ۽ سندس روح ريت سان ملي ريت ٿي ويندو هيو، تڏهن باهو ۽ بلي شاهه جو ذڪر ڪرڻ وقت هو حسن مجتبيٰ ۽ محمد حنيف کي ياد ڪرڻ لڳندو هيو، هو اصغر ڀٽي ۽ بشير شاهه سان گڏجي پنهنجا ڪي گم ٿي ويل گيت، ڪي وڇڙي ويل محبتون يا وري پنهنجو “تڪيو” ڳولهي رهيو هيو.
پر هو محبوب شيخ “صاحب” جو ذڪر ڪندي ڪندي اوچتو ميڊم مهتاب محبوب کي پيار ۾ امي ڪوٺيندي سندس ڏينهون ڏينهن بگڙجندڙ طبيعت کي وٺي پريشان ٿي ويندو هيو.
لقي کي ستار سان گڏ شامل ڪري هو انيس ميمڻ سوڌو ڄڻ ته ۲۳۳  تي ٻيهر عرفان مهدي کي ڳولڻ لڳندو وهيو، هو ماڻهن مان پنهنجا ڪردار ڳولهڻ بدران ماڻهن کي شاندار ڪردار بڻائيندو هيو. پنهنجي گهر جي سرمد، اسد، گل، مجيري ۽ غلام رسول سميت انهن سڀني نوجوانن لاءِ هو اهڙو “مجاهد” هيو جيڪو نوان سپاهي تيار ڪري رهيو هيو.
هو جيتوڻيڪ منهنجي وڏي ڀاءُ وقار جو دوست هيو، پر مون کي هن جيڪو اعزاز بخشيو، اهو ائين هيو جيئن ڀٽائي پنهنجي فقيرن کي پاڻ سان گڏ رکي امر ڪري ڇڏيو. هن سان گڏ هجڻ ائين هو جيئن زندگي جي مشڪرين ۽ تلخين جي وچ ۾ بيٺل ماڻهوءَ سان ڪا ملاقات ٿي وڃي، جيڪو ڪڏهن ايڏو چنچل جو چوي ته
“شڪيلا شوق مان شربت پيئي ٿي
شام جا شيشا ٿيا خالي وري...”
ته ڪڏهن ڪنڀر جي چٽساليءَ جهڙو نظم
“دلڪش بدن سمندر
انداز عورتن جا...”
ته ڪڏهن ايترو اداس، جو ڪاري شال منهن تي ويڙهي وٺي سڏڪا ڀرڻ شروع ڪري ڇڏي،
“تنها تنها تنها جيون
ڳولهي ڇا ٿو، ماڻهو جو من!
سنڌو سڀيتا کي ڳولهڻ لاءِ جڏهن هو مٿي پهاڙن تي ويو ته اتي به هن...
“اڃا تائين چترال جو چرس پيئندا رهن ٿا”
واري نظم سان گڏ اهو به لکيو هو
“جدائين وصالن جي ڪيلاش وادي.
مذهبي جنونيت جي ڪري هو پنهنجو نظم”خانم گگوش” محفلن ۾ پڙهڻ کان لنوائڻ لڳو هيو، پر دوستن جي موڊ کي سٺو رکڻ لاءِ هو “ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو” جو خالق
“وڏا وڻ ڳوٺ منهنجي جا، مٽي چيڪي وڏا پاڇا...
کان وٺي
“آسمان تي چنڊ آهي
۽ زمين تي گاهه آهي
تون ڪٿي آهين...
پر ڀرو هڪ ڳوٺ آهي
اوڏڙو واريءَ دڙا ۽
وچ تي هڪ واهه آهي
تون ڪٿي آهين...
لکي، دوستن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو.
هو پاڻ کي سڃاڻندو هيو، تڏهن ته چئي ويو هيو
“هي حسن آواراه گرد آدمي
ڇا ڏٺو آ تو هن رولاڪ ۾”
پوين ٻن سالن کان هو سڀ کان وڌيڪ وقت مون سان گڏ رهيو، ان دوران مڌ جي ماٽيءَ جي ڀر ۾ ويهي ڪيئي منصوبا جوڙياسين، جيڪي ننڊ جي خمار سان گڏ هليا ويا، پر ان سموري عرصي ۾ هن جو موضوع “موت ۽ موڪلاڻي” رهيو. هو پنهنجي پيءُ جي آخري يادگيري اها رکندو هيو ته کيس گهوڙي تي چاڙهي سواري ڪرائي هئائين تڏهن ته هن گهوڙن جي اصلوڪي نسل تي تحقيق واري پراجيڪٽ کي ايتري پيار سان ڪيو هيو، ڳوٺ ۾ ٺهرايل طنبيلواڄ به ان جي چغلي کائي ٿو.
مونکي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هن کي بيمار ماڻهن سان ايترو پيار ڇو هيو؟ ڊاڪٽرن ڏي وٺي وڃڻ کان وٺي دوا درمل ڪرائڻ تائين، هو پنهنجي ان روايت کي موت کان چند ڪلاڪ اڳ تائين برقرار رکندو آيو.
انعام شيخ تدفين تان موٽندي مهل چيو هيو ته”هو هڪ معصوم ٻار هيو” ۽ ان جي تصديق سندس شاعري به ته ڪري ٿي:
کل جهڙا پيار پنهنجا
ٻار ڄڻ ٻيئي اسين”
مون کي ياد آهي ته ڪيئن هو تڙپي پيو هيو جڏهن ڪنهن وڏن جي جهيڙي ۾ ٻارن کي وڌو هيو، هو چوندو هيو ٻار بس ٻار هوندا آهن، تنهنجا ۽ منهنجا نه هوندا آهن.
سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردي واري زماني ۾ جڏهن رنگن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ هن جي شاعري سينگاري ويندي هئي، تڏهن ذلفي (ذوالفقار هاليپوٽو) ۽ مير مشرف ٽالپر هن جي نظم جون اهي سٽون پڙهندي نه ٿڪبا هئا ته
“هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙي
گهوڙي جي ٽاپولي آهي!!
گهوڙن سان شغف ۽ ماڻهوءَ جي دل ۾ لڪل ٽاپوليءَ کي ڳولهڻ جو جستجو مون هن جي اکين ۾ پکيءَ جي اڏار جيتري تيز ڏٺي، هن کي ڪائنات ۽ خاص طور زندگي ۽ موت جي سچائي جي ڳولها رهي، ڪائنات جي ڳجهن ۾ هٿ وجهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، پر جيڪي اهي منزلون طئي ڪري وڃن ٿا، سي سڀ ڪجهه ڄاڻي به خاموش رهن ٿا، اهڙا راز ۽ رمزون هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي شاعريءَ جي سيني ۾ سوچن جي خنجر وانگر لاهي ڇڏين ٿا:
“قونيا ۾ ڪيف وارو رومين جو رقص آهي
هن دل قلندريءَ ۾ دم دم ڌمال آهي
هن پٽ کي وڇائي، ويڙهي سگهان ٿو آئون
هر خيال جي خدائي کيڙي سگهان ٿو آئون
مٽي مان هر ڪو ماڻهو ميڙي سگهان ٿو آئون
آواز جي اٿڻ جي ڪيفيت ڪمال آهي”
هي ڪي معمولي لفظ نه آهن ته “مٽيءَ مان هر ڪو ماڻهو ميڙي سگهان ٿو آئون” هي اهو ئي ڄاڻي ٿو، جيڪو گهڻو ڪجهه ڄاڻي وٺي ٿو. رات جي اونداهه ۾ ٽمڪندڙ ستارن ڏانهن اکيون کڻي، هو ان ئي ڪيفيت ۾ سنڌ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز کي مخاطب ٿيو هو ته
“اي اياز شاعري، شراب جو دڪان آ
ڏينهن رات رش آ!!
هو ماڻهوءَ جي مرڻ ۽ وري موٽي اچڻ واري موضوع “پنر جنم” تي به گهڻو ڳالهائيندو هيو،
“هي جسم خود پراڻو آهي، لباس لاٿل”
هن کي صوفياڻي رنگ ۾ رنڱجڻ دوران اهو احساس ٿي ويو هيو ته جز ۽ ڪل جو ڪهڙو رشتو آهي، ان ڪري هو ڪنهن کي به بي سبب ايذائڻ کان پاسو ڪندو هيو، هن جي فقيري منش طبيعت تي ماڻهو حيران هوندا هئا، هڪ دل ڦينڪ عاشق ۽ بي پناهه پياڪ جي ظاهري پردي پٺيان لڪل هو ڪمال ماڻهو هيو، ڪو ٻيو هي سٽون ڀلا سرجي سگهي ٿو.
“پيار صفت آپار سڄڻ جي، جيڪو ملڪان ملڪ ملائي
چپ اسان جا چهنب هنن جي، چائنٺ گنبذ چمڻو آهي
ماڻهن سان گڏ مدني وٽ ئي ٿيڻو آ انجام پکين جو،
آءٌ وڻ جيئن بيٺو آهيان، پيڙهين جون پاڙون منهنجون
اکين ۾ آکيرو آهي، اکين ۾ آرام پکين جو،
هڪڙي خاص جڳهه پڻ آهي، حجري ۾ هن درس حسن جي
هونئن ته هي درگاهه کليل آ، آسڻ آهي عام پکين جو”
ايترا گهرا ۽ ڳوڙها خيال پيش ڪرڻ دوران هڪ ڀيري هن کي ستار رند ڇرڪ ڀريندي چيو هو ته “توکي پاڻ خبر آهي ته تون اهو ڇا پيو چوين ان خيال جي گهرائي جو توکي اندازو آهي؟” سچ به هو شاعر هيو، جنهن کي پنهنجي خيال جي اڏام تي گرفت به هئي ۽ کيس پتو به هيو ته هو ڪٿي پيو ڳالهائي، پر هو ڄاڻي واڻي ڄڻ ته اڻ ڄاڻ بڻيل هيو.
هن جي شخصيت جو هڪڙو انوکو پهلو اهو به هيو ته، هو موسيقيءَ جو ديوانو هيو، ٻڌڻ کان وٺي ڳائڻ ۽ وڄائڻ تائين، هو راڳ جو راهي هيو. تنهن ڏينهن مظهر علي جي اسٽوڊيو ۾ هن کي مون هڪڙي ڳائڪ ۽ موسيقار وانگر ڏٺو، هو راڳ جو راز سمجهندو هيو، تڏهن نوراني بستي ۾ رات جي پوئين پهر نهاري کائيندي هن پنهنجي روايتي ٽهڪن جي وچ ۾ چيو هيو
“گويا ته کويا، نه ته ڌوڙ پويا”
سندس اهو انداز ۽ ٽهڪن جو ٻرڻ ڪير وساري سگهي ٿو!
هو ڀلوڙ ڳائڻن جو دوست هيو، پر استاد يوسف جون ڳالهيون ڪندي هو هميشه پرجوش ٿي ويندو هيو.
۽ ها هن جو هڪڙو دوست سگريٽ به ته هو،  نسيم نگر جي مخصوص مانڊڙيءَ تان ورتل “بينسن” جو برانڊ ڪاري شال وانگر هن جي وجود جو حصو هيو، تڏهن ته پنهنجي شاعريءَ ۾ به هو ڪجهه هينئن چئي ويو ته،
“عمر جي آڱرين مان ڏس
ڦلن وانگر ڇڻون ٿا پيا
سڄڻ سگريٽ سستي جيئن
سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو
اوهين مرڪي ملي آخر
هليا ويا شهر پنهنجي ڏي
اسان جي ياد جي ڳل تان
اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو”
هن جي زندگي ۾ دل گهريو دوست ياسر ڪاڇيلو به ته هو، جنهن جي جواني ۾ موت ڏانهن روانگي کي هو سيني ۾ کپيل خنجر جي رهجي ويل حصي وانگر هميشه درد ناڪ محسوس ڪندو هيو، هو ٻڌائيندو هو ته ظاهري طور پورو ڏينهن پياڪ نوجوان ڀٽائيءَ جو ڪيڏو وڏو پاڙهڪو هيو، هن جي نظم “رقاصه” ۾ موجود نازيه جو ڪردار به ان دوستيءَ جو دم ڀري رهيو آهي:
“رقاصه قلندر تي بيٺي نچي
چوان ڪيئن ته مجرو ڪري ٿي پئي
نڪو نازيه جا نمونا نوان
نڪو نازيه جا اشارا نوان...
“پلي” خاندان سان به هن جو بي پناهه پيار هيو، اعجاز پلي، عزيز پلي جو ذڪر ڪندي هو هڪ عجيب ڪيفيت ۾ وٺجي ويندو هيو، جنهن کي امداد سومرو ناسٽيلجيا سڏي ٿو.
هڪڙو دور هيو جڏهن سنڌ جي نوجوان ليکڪن جا مختصر نالا رکڻ لياقت رضويءَ جو محبوب مشغلو هيو، تڏهن ستار رند کي ستو، لياقت رضوي کي لقو، مقبول ميمڻ کي مقو، حسن مجبتيٰ کي مجو ۽ هن البيلي شاعر کي حسو ڪوٺيو ويندو هيو.
هن جو ٽي وي جي دنيا ۾ وڃڻ شايد حسن مجتبيٰ، محمد حنيف، شيما ڪرماني، خالد حسن جي دوستيءَ جو نتيجو هو. هو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي رنگينين ۾ به خوش هيو پر ان دور ۾ هن جيڪي ڊاڪيومينٽريز تيار ڪيون، اهي اڄ به سنڌ ٽي وي جي لائبريري جو سڀ کان شاندار ذخيرو آهن، ڪتن ۽ گهوڙن جي نسل کان وٺي اڇڙي ٿر جي دوري تائين، هن ڪيمرا جي اک سان سنڌ کي هڪ شاعر وانگر نظميو هيو.
اها گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته پنهنجين سمورين رولاڪين جي باوجود هن مطالعي جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيو، هن کي احمد فرار شايد فيض کان به وڌيڪ وڻندو هيو، جنهن تي لکيل نظم ۾ هو چوي ٿو:
“احمد فراز تنهنجو
سامان ٿو اڇلجي
ميزون، گلاس، شيشا
نظمن جون عورتون ۽
نثري ڪتاب اڇليا
توکي مليا هيا جي
اعزاز عشق جا ڪئين
سي سڀ خطاب اڇليا...
هن جي وڇوڙي تي حسن مجتبيٰ نيويارڪ شهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڪيلو رنو هوندو، بخشڻ مون کي ڀاڪر ڀري قبرستان ٻاهران ٻارن وانگر رنو، جامي ارشاد کي ڀاڪر ۾ ڀري روئيندو رهيو، مشتاق راڄپر به روئڻ نه روڪي سگهيو، خالد چانڊئي ۽ امداد سومري جون اکيون به مينهن وسائينديون رهيون، ان وقت هن جي ڀاءُ حاجي آزاد حيرانيءَ وچان چيو “اسان گهر ڀاتين کان وڌيڪ هن جا دوست سوڳوار آهن”!!
زندگي هن جي ڊڪشن ۾”جداين، وصال جي ڪيلاش وادي” آهي پر هي جيڪو وڇوڙو هو ڏئي ويو آهي، هو ماڻهو جنهن جي شاعري جا موضوع “گهوڙا، عورتون، شراب ۽ سمنڊ” هئا، اهو ڀاڀي ارم جو “بابا حسن” اهو روحل، چيزل ۽ رڌم جو “پا پا” ۽ اسان سڀني جو پيارو ۽ البيلو شاعر، حسن درس آهي، مان هن کي “هو” جي لفظ سان شايد ڪڏهن به مخاطب نه ٿي سگهندم، ڇو ته چئي ويو هيو ته “جز جڏهن ڪل سان ملي وڃي ٿو ته پوءِ ماڻهو ڀٽائي ۽ قلندر ٿي وڃي ٿو”...
هن جي وڇوڙي تي مون ڊائري جي هڪ ڪنڊ تي بس ايترو ئي لکڻ جي سگهه ساري!
“هي حسن دوکو ڏيئي ڪيڏانهن ويو
رات جي پوئين پهر ۾، هو هيو جنهن به ڳهر ۾
صبح جو موٽي نه آيو
هي حسن دوکو ڏيئي ڪيڏانهن ويو”...
   


هيءَ تنهنجي ياري....
حسين ڪپري
حسن جو فون ايندو هو “گهٽي  ۾ انتظار پيو ڪريان، ٻاهر نڪر.” آءٌ ڪار ۾ چڙهندو هئس ته هو مصنوعي ڪاوڙ ۾ چوندو هو، “منهنجو فون ون وي ڇا ٿيو تو کي ته بل (بهانو) ملي ويو.” “ڇو ڇا ٿيو؟” آءٌ پڇندو هئس. “اڙي اسان کي هرو ڀرو رولي ماريو اٿئي ۽ ڪو فون به نٿو ڪرين.” پوءِ، ڦاٽل گٽر لائنون، پاڻي جا ٽٽل پائپ، لٿل  پٿرن جا ڍير ۽ کوٽيل رستا ڏسي پڇندو هو، “اوهان جي پاڙي ۾ سر جان مارشل آيو هو ڇا؟” هو پاڻ به هن پاڙي ۾ رهي ويو هو، پر تڏهن اسين هڪ ٻئي کي سڃاڻندا نه هئاسين. هڪ ڏينهن منهنجو نمبر هٿ ڪري فون ڪيائين ته توسان ملڻ ٿو اچان. ٽڙندو هو آيو، گل جي موسم وانگر ۽ مليو ائين جو ڄڻ ته هميشه جو واقف! پوءِ هر ٽئين، چوٿين شام هن جي نالي ٿي ويئي. اسين سرڪاري کاتن تي ڪاوڙ ڇنڊيندا، پنهنجي مام ۾ اک ٿڌي ڪندا، شام جو سامان وٺي نثار جي فليٽ ڏي روانا ٿيندا هئاسين، جتي رڳو هوا ۽ محبت رهندي آهي. “هن کوکر جو گهر هميشه پلازا جي ٽاپ تي ڇو هوندو آهي؟” چاڙهيون چڙهندي ۽ سهڪندي آءٌ پڇندو هئس. ننڍي هوندي پڙهيو هوندائين “تو شاهين هي بسيرا ڪر پهاڙون ڪي چٽانون پر” هو ٽهڪ ۾ جواب ڏيندو هو. اندر گهڙندا هئاسين ته هو جينٽلمين  اڳيئي پيو کلندو هو. جي حفيظ ور چڙهي ويندو هو ته ان کي ڏسي چيڙائڻ لاءِ سندس ئي سٽون گڏجي ڳائيندا هئاسين “هي ڪنڀر ڪيڏو چريو...”
ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو سندس گهر ڪچهري ڪندا هئاسين. ننڍڙو چيزل گيٽ کوليندو هو. اوطاق واري وڏي ڪمري ۾ ڪاٺ جي سجايل صندل تي مون کي ويهاري اندران پاڻي کڻي واپس موٽندو هو. آءٌ چوندو هئس؛ يار هي واهيات ڪاٺ کڻائي ڇڏ هتان. هو ڪاوڙبو هو، “اڙي ڄٽ تو کي پنهنجي تخت طائوس تي ويهاريو اٿم، هن تي آءٌ ڪنهن کي به ويهڻ نه ڏيندو آهيان. پر تڏهن به تو کي قدر نه آهي.” مگر آئون بيقدرو هجان ها ته سندس شاعري تي ڪيئن موهجان ها! اها مون کي ان ڪري به وڻندي آهي  جو هن جي واتان ٻڌندو هئس. کيس لفظن جي ادائيگي جي جادوگري جي خبر هوندي هئي. آءٌ کيس ورجل ۽ سيفو جا شعر، افلاطون جي شاعرن تي تنقيد ۽ ارسطو جا بچاءَ ۾ جوابي دليل ۽ نظريا ۽ دنيا جي ٻين شاعرن جون خبرون ٻڌائيندو هئس. هو چوندو هو “مون کي انهن سڀني جي خبر نه آهي ۽ نه ئي مون تي ڪنهنجو اثر آهي. آءٌ پنهنجي ڳوٺ جي زمين چيري، زوري ڦٽي نڪتو آهيان، رلي ڌڪا کائي سکيو آهيان!” واقعي هن پنهنجو پاڻ کي پاڻ سيکاريو هو. ٻين رائٽرز وانگر هو ڪنهن به سنڌي ادبي گينگ جو ميمبر نه هو، جتي ليکڪ پنهنجون سنگتون نڀائين ٿا ۽ واري سان هڪٻئي جون تعريفون ڪن ٿا.
طارق عالم ابڙي کي آخري سفر تي روانو ڪري هو موٽيو. فون ڪيائين ڪٿي  آهين ۽ ڇا پروگرام آهي. مون چيو هتي آهيون ۽ چانهه پيئڻ جو پروگرام آهي. هن چيو ٺيڪ آهي،  ٿڪل آهيان سمهان ٿو. اڌ ڪلاڪ پوءِ وري سندس فون آيو، چيائين سنگت ڏي هلڻو  آهي. اسين انڪار نه ڪري سگهياسين. اها ساڻس آخري ملاقات هئي. سلطان  وٽ آياسين. هن چيو “حسن آهي حسين آهي، پر حفيظ ناهي.” اهو ٻڌي هن هڪدم حفيظ کي فون ڪيو ته  سنگت توکي مس ڪري ٿي. ان محفل ۾ مون سان گڏ سندس پراڻو دوست عزيز سينهڙو به هو، جنهن سان هو سورهن سالن کان پوءِ ڪچهري ڪري ڏاڍو خوش ٿي رهيو هو. ٻنهي پراڻا قصا کوٽي ڪڍيا. دوستن جون شرارتون ۽ ٻيون خبرون. جڏهن حسن جي شادي جون ڳالهيون  نڪتيون ته سندس اکيون ٻرن مشالا ٿي ويون. هن عزيز کان سندس سوئٽزرلينڊ گهمڻ جا قصا تفصيل سان ورائي ورائي پڇيا. اتي جو اتي ٻنهي پروگرام ٺاهيو ته فرانس کان پوءِ سڌو سئٽزرلينڊ وڃبو. رات ڪافي گذري ويئي هئي. مون چيو ٺيڪ آهي پهرين مون کي گهر لاهيو، پوئي اوهان کي جتي وڃڻو آهي وڃجو. ويران رستن تي گاڏي هلائيندي کيس سڄي خبر هوندي هئي ته رات جو چار بجي ڪٿي ماني ملندي، آئس ڪريم جا ڪهڙا  دڪان ڪٿي کليل هوندا!
جنهن  گهوڙي جي ٽاپولي جو ذڪر هن پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي، سا سندس من ۾ به هئي. البيلو، سرڪش ۽ رات لڙي کان پوءِ پڇاڙي  وارن پهرن ۾ ڊرائيونگ! هو جيئن رات جو روڊن تي گاڏي هلائيندو هو، تيئن ماڻهو ڏينهن جو موت جي کوهه ۾ به نه هلائيندا آهن. کيس اندازو ڪونه هو ته سندس زندگي جي گاڏي هڪڙي ٽڪر سان بيهي رهندي. هن ڊگهي حياتي جا خواب ڏٺا هئا. پهرين ملاقات ۾ چيائين مون کي انگريزي سيکار. کيس عالمي ادب کي پڙهڻ جو شوق جاڳيو هو! جي ائين ٿي وڃي ها ته هو دنيا جو شاعر ٿي وڃي ها! مگر عظيم اديب ٿيڻ لاءِ جيتري ڊگهي ڄمار کپندي آهي، اها کيس نصيب نه ٿي! پر تڏهن به جيڪا زندگي هن کي ملي، انهي کي هن ائين ۽ ايترو ماڻيو جو ٻين کي ان لاءِ ٻه ٽي جنم وٺڻا پون. کيس هڪ جهان سڃاڻندو ۽ مون کي ڪير به نه! “هي منهنجو دوست آهي” منهنجو تعارف ڪرائيندي چوندو هو، مگر پنهنجي لهجي ۾ فخر کي لڪائي نه سگهندو هو. هو ڏاڍو معصوم هو!
نجي ڪچهرين ۾اسان وٽ جڏهن به سنڌ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته پراڻن ڦٽن ۽ اياڻن ويڄن جو ذڪر هميشه گڏ نڪري پوندو آهي ۽ پوءِ انهي جو حل تلاش ڪبو  آهي شاعري ۾! جنهن جي ڪري اسان جي ماڻهن کي عادت پئجي ويئي آهي ته سنئين سڌي شاعري ۾هروڀرو  به ڪا نه ڪا لڪل معنيٰ يا پيغام ڳوليندا، هاري مزور جو درد، وڏيري جو ظلم، صوفي ازم ۽ ٻيو اهو سڀ ڪجهه، جيڪو هو روايتي طور ڳوليندا اچن. مٿان وري لقب ڏيڻ جو مانوس سلسلو! غزل جو شهنشاهه، بيتن جو بادشاهه، وائي جو فلاڻو....حسن جي شاعري انهن کي مايوس ڪندي. اڃا تائين هو انهي کي محسوس نه ڪري سگهيا آهن ته سندس شاعري ۾ سڀ ڪنهن لاءِ سڀ ڪجهه نه آهي! بيوقوف نقاد سوال ڪن ٿا ڇا سنڌ جي هر شيءِ ايتري حسين آهي جيتري هن جي شاعري ۾ نظر اچي ٿي؟ ان ڳالهه جي باوجود ته سندس نئين ساماڻيل الهڙ شاعري اڃا ته گونچ ٿي ڪڍيا ۽ اها اڪثر ماڻهن کي پوري طرح سمجهه ۾ نه آئي پر تڏهن به ان کي زبردست مڃتا ملي! ٻڌڻ کان پوءِ جيڪي خمار چڙهن ٿا انهن مان خبر پوي ٿي ته اهو هڪ جام نه پر پورو ميخانو آهي جيڪو ميچوئر ٿي رهيو آهي. جنهن جا ڪيف چڙهندا ئي وڃن پيا. تڏهن ئي ته  ڪتاب پڙهندي، وڻن هيٺان واڪ ڪندي، بستري تي ليٽندي سمهڻ کان اڳ ان جون سٽون بار بار ياد ٿيون  اچن.
هن جهڙي نموني خوبصورتي کي آئڊيلزم سان ڳنڍي تخليقي   ڪمال تي پهچايو، ان کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي وقت ۽ دماغ کپي. اڳتي هلي جڏهن هن ڏات خزاني جا اصلي وارث جيڪي جمالياتي اشوز، تجريدي سچ، ارتقائي اخلاقيات، لامحدود  انساني خواهشن ۽ ٻين پاسن کي سمجهندا ته هو هن جينيس فنڪار جي ڏات تي فدا ٿي ويندا. خواب ۽ جاڳ، آدرش ۽  حقيقت، درد ۽ لطف ۽ زندگي جي مختلف ڪيفيتن جي اظهار کي نيون معنائون ملنديون! اسان  سندس ڳوٺ جا اهي وڻ ڏٺا، جن هيٺان هو ويهندو هو، جن مان اڃا به ڪوئل جي ڪوڪ ٿي آئي. پريان مقام ۾ هو زمين هيٺان ستو پيو هو. هتي ڀلوڙ شاعرن جي ڪمي ڪانهي پر انهن جو شهزادو هليو ويو. سنڌ کي زبردست ڌڪ لڳو آهي. زخم ٺرندو ته خبر پوندي ته ان ڇا وڃايو آهي. ڪجهه به هجي پر ٻيو حسن درس سنڌ ڏکيو ڄڻيندي!


هيءُ حسن آواره گرد آدمي
امداد سومرو
جيئن شاعرن جا ديس ۽ درياهه پنهنجا ٿيندا آهن ايئن شاعرن جو عمريون ۽ حادثن جا سبب پڻ پنهنجا ٿيندا آهن. شاعر جو سرحدون به پنهنجون ته ٻوليءَ توڻي روح جون پابنديون ۽ ڇڙواڳيون به پنهنجيون. ۽ اهڙي طرح حسن درس نالي شاعر جي زندگي سندي شاعري وانگر هئي: مختصر، بي پرواهه، خوبصورت ۽ آوارهه ۽ سيڪسي. شاعري هن جو ذريعه معاش نه هئي جيئن اياز جي نه هئي. ليڪن شاعري هن لاءِ ميري ميگدلين وانگر هئي. جڏهن به هن پاڻ کي صليب چڙهندي محسوس ڪيو ۽ سڀ کيس ڇڏي ويا ته اها شاعري هئي جنهن هن کي پانڌ آڇيو.
اها راهه جيڪا هاڻ مقتل راهه بڻي اها هن جي پيرن هيٺان ته ڪن ايامن کان ٿي آئي. اها راهه جيڪا هن لاءِ پروين  شاڪر جي حادثي واري راهه جيان بڻي. جيئن هن جي زندگي حادثي وانگر هئي ايئن هن جو موت به حادثي سان ٿيو. محفل مان اٿي، ٽهڪ ڏئي ۽ موڪلائي آيو ۽ هليو ويو.
درد هڪ ڏينهن ڏئي ڀيڙ ڪرندو مون ۾،
تنهنجي محبوب مٽيءَ منجهه مئل هوندس مان. (حسن)
اها ڳالهه اسان ڪو هن جي مئي پڄاڻان نه پيا ڪريون پر هو بنا ڪنهن شڪ جي اياز کانپوءِ سنڌ جي موجوده نسل جو وڏو شاعر آهي. پر اڃا به هيئن چئجي ته هو منفرد شاعر آهي. هو نظم ۾ پبلو نرودا جي پائي جو شاعر آهي. ۽ جيئن سندس جگري يار حسن مجتبيٰ لکيو، ‘اڃا ته هن ۽ وقت کي ثابت ڪرڻو هو ته هو هن صديءَ جو وڏو شاعر هو’.
هن جي شاعري هئي يا سلوڊار ڊاليءَ جي سررئيلسٽڪ پينٽنگ هئي.
 هڪ رات جڏهن هو شاعري ٻڌائڻ واري موج مستيءَ ۾ هو، کيس چيو هوم، “شاعري يا اياز جهڙي ٿيندي آهي يا تو جهڙي”. هو به ايئن هو جيئن پبلو نرودا پنهنجي آٽوبايوگرافيءَ ۾ پنهنجي هڪ همعصر بوهيميا شاعر دوست جي باري ۾ لکيو هو جنهن ڪڏهن به سندا نظم سنڀالي نه رکيا پر هو پنهنجي جينز مان يا اوورڪوٽن جي اندرئين کيسن مان نظم سگريٽن وانگر ڪڍندو ۽ ٻڌائيندو ۽ پوءِ اهي نظم وڃائي ڇڏيندو هو.
حسن کي به اياز وانگر پنهنجي شاعري برزبان ياد هئي، جي سموري نه ته گهڻي حد تائين. هن جي وڏي خواهش هئي ته هن سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هڪ شام ملهائي وڃي جتي هو ايئن هڪ شاعر واري مشاعري ۾ سندي شاعري پڙهي جيئن اياز پڙهندو هو. حسن حيدرآباد جي ادبي ۽ شاعراڻي حلقي ۾ انهيءَ شام کانپوءِ داخل ٿيو جڏهن شيخ اياز وائيس چانسلري کانپوءِ واري سانت ٽوڙي هئي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي لان ۾ رڳو هڪ الهڙ نوجوان جي شاعر ٻڌي هئي ۽ اهو شاعر حسن درس هو.
ٻه ٽي مهينا اڳ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ئي ٿيندڙ ڪچهريءَ ۾ هن اياز سان ان شام متعلق پنهنجا تاثرات ٻڌايا پئي ته هن اياز جهڙي ادبي جن آڏو نظم پڙهندي ڪهڙين ڪيفيتن مان گذريو هو. اياز ۽ پنهنجي حوالي کان جيڪا هن تشبيهه ڏني هئي اها هتي نه ٿي لکي سگهجي. قابل عمل ڳالهيون اسان جي پنهنجي روايتي سستي ۽ لاپرواهي ڪري ٿي نه سگهنديون آهن ۽ ايئن حسن سان اها شام به ملهائي نه سگهياسين.
منهنجي هن سان ڄاڻ سڃاڻ ۽ پهرين ملاقات تڏهن ٿي هئي جڏهن اسان هيرآباد مان نڪرندڙ خلق اخبار ۾ هئاسين ۽ اتي حسن به خلق جوائن ڪئي هئي. تڏهن هن سنڌ جي ڪچي ۾ آيل ٻوڏ کي رپورٽ ڪيو هو ۽ جوهيءَ ۾ پاڻي جي وڌندڙ دٻاءُ کي به رپورٽ ڪيو هو. هو روز انهيءَ صورتحال تي هڪ قطعو به لکي موڪليندو هو يا ڪنهن پي سي او تان ڪال بوڪ ڪرائي اهو لکرائيندو هو، ان وقت انٽرنيت ۽ موبائيل فون وغيره نه هئا.
پر هو صحافي نه هو. هو شاعر هو، عاشق هو ۽ رولاڪ هو. سنڌ ٽي وي جي بنيادي contents ۾ هن جون تخليقي صلاحيتون شامل هيون. جيڪڏهن اسان هنگري، اسڪاٽ لينڊ، يورپ ۽ امريڪا وغيره جهڙا هجون ها ته حسن کي ٻيو ڪجهه نه ڪرڻو پئي ها سواءِ شاعري جي ۽ هن جي ڪڍ پبلشر هجن ها ۽ ٻيو موسيقار ۽ فلم انڊسٽري وارا. هن جي پوري زندگيءَ جو پيڪيج هجي ها؛ آواره گرديءَ کان مئ نوشيءَ تائين جو.
هو سنڌ جي ائنا اخمتوا هو. ۽ ديس جو هن وٽ تصور به سنڌي قومپرستيءَ وانگر محدود نه هو. هن لاءِ سهڻا ماڻهو رڳو سنڌ جا نه هئا پر انسانذات ۾ اڪيچار حسن هو جيڪو هن کي موهيندو هو. سنڌو درياهه جي لڙاٽيل پاڻيءَ کي هن فرينچ ڇوڪريءَ واري تشبيهه ڏني هئي ڇو ته هن چاهيو ٿي هن جو درياهه سدا شاد ۽ آباد هجي ۽ ان جو حسن افق ۽ شفق جي لالاڻ ۾ ڪنهن فرينچ ڇوڪري جيان هجي. اها پوئٽڪ لائيسنس واري جيئن ڳالهه آهي.
هن جي دوستي جو حلقو رڳو سنڌي دوستن تائين محدود نه هو پر هن جي انهي حلقه احباب ۾ ٻيا به ڪيئي ماڻهو اچي ٿي ويا. محمد حنيف کان وسعت الله خان تائين، جاويد جيديءَ کان اويس توحيد تائين. هو آرٽسٽڪ ٿيٽرن کان زندگي جي ڪيترن عام توڻي خاص ٿيٽرن جو سرگرم ماڻهو رهيو. هن جو مشاهدو ۽ استعارا به ان ڪري هن جي ٻوليءَ جي ڄار ۾ ڦاٿا ٿي. هن جي شاعري زندگيءَ سان ڀرپور آهي. ان ۾ روڳي ذهنيت نه پر ڪائنات جو چپو چپو ڪنهن ترنم وانگر لڳي ٿو. توهان هن جو نظم ‘ڪائنات ڪيڏي وڏي آ’ ته ضرور ٻڌو هوندو.
ڪير ڪنهن کي وڏو شاعر يا ننڍو ڪري نه ٿو سگهي. هر ڪنهن جي ڏات آئيني وانگر هوندي آهي، اها پنهنجو جائز مقام پاڻ طئه ڪندي آهي.
مان چوان ٿو سنڌ ۾ اڃا به شاعري نه مئي آهي. اڃا ڪلال شاعري ڪري پيو ۽ نهايت خوب ڪري پيو. ڇا توهان عباس جلباڻيءَ جي شاعري ٻڌي آهي. پر جيڪو خال حسن ڇڏيو آهي اهو سيني ۾ ڪنهن ڇيت وانگر چڀندو رهندو. جيڪي خيال، استعارا ۽ اميجز حسن وٽ رهڻا هئا اهي هن جي امانت ۾ هئا ۽ شاعري ڪا مڪينيڪل انجنيئرنگ ته آهي ڪو نه جو هڪ انجنيئر ويندو ته ٻيو ان جي جاءِ والاريندو. اياز جي تخليق اياز پاڻ سان کڻي ويو. فرق اهو هو ته اياز پنهنجي عمر جي هر رنگ کي ڏٺو ۽ ان کي قلمبند ڪيو. حسن جيئن ته جواني ۾ هليو ويو ۽ اڃا پوئين عمر ۾ نه هو ان ڪري هو پنهنجي شاعري ۾ سدا جوان اميجز، خيال ۽ خواب ڇڏي ويو آهي. آرٽ ڪڏهن به نه مرندو آهي پر ماڻهو مري ويندو آهي.
‘هيءَ حسن آواره گرد آدمي’، هو آواره گرد شاعر ۽ ڪنهن آواره گرد شاعر وانگر هليو ويو. هو سنڌي شاعريءَ ۾ اياز جي جنريشن کانپوءِ ڪنهن حادثي وانگر آيو ۽ حادثي وانگر هليو ويو. امر لغاريءَ ڪالهه هڪ ايس ايم ايس ۾ چيو: “يار هو ڄڻ اسان جي تنهائي کي ايڪسپوز ڪري ويو.”
پڇاڙڪا اکر: هڪ رات جو دير سان اسان رشيد راڄڙ کي ڄامشورو ڇڏڻ پئي وياسين. باءِ پاس تي چڙهندي حسن جي ڪار جي هيڊ بتي جواب ڏئي وئي ۽ پوءِ هڪ هٿ سان ڊرائيونگ ته هڪ هٿ سان هيڊ لائيٽ جي ڪرنٽ ڏيڻ لاءِ وائر ۾ هٿ ڏئي ڊرائيو ڪندو رهيو. ان وچ واري عرصي ۾ هو هن ديس جي راهه راهه تي گهگهه اونداهيءَ ۾ بس پنهنجي اندر جي روشنيءَ تي هلندو رهيو هو.


نٿو يار لهين منهنجي دل تان گهڙي
ارشاد لغاري
اي حسن!!
دلدار منهنجا، يار منهنجا
ياد هوندءِ هُو دراوڙ جو قصو
جو ٻڌايو هو تڏهن تو
ها جڏهن هِن ديس اڃايل مٿان
ويس ڪارا سانوڻيون پائي لٿيون هُون
پنهنجون رهاڻيون متيون هُون،
پوءِ تو چيو هو
“ڌُنڌ جي هُن ڳوٺ ۾
وقت آ مقرر ’هُن‘ سان ملڻ جو”
۽ چيو هُئي
“هُن نديءَ سان بيٺي جيڪا ڳالهه ڪئي
سا پکين جي ٽولي چورائي وئي”
۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن ئي ٿيندا
آڌوتي کٽياڻ جي واٽن کان اڳتي
جوڳ، جُنون جاٽُن کان اڳتي
شاهپور درپور اندر
حميد علي سائينءَ سندي مئخان ۾
پريم نگر ايوان ۾
“سج سرمد ۽ ننڍڙا ٻارڙا
ٽئي اگهاڙپ جي ڍڪيل پوشاڪ ۾”
خودشناسي خاڪ ۾ سا ڳالهه ڇيڙي
امُن علي سان پائي ڀاڪر – ڀاڪيون
تو چيو “هاڻ هڪڙي ڇير گهرجي”
لوڪ – لباسي هن جهان کان ته اڳتي
هاڻ هڪڙو پير گهرجي
۽ پوءِ
عيسي فقير جي سُهڻي رقاص سان
رقص تنهنجو، هو اصل ۾ عڪس تنهنجو
ها انهيءَ باطن سندو
جو لڪائي هو رکيو تو ڪئين جُڳن کان
جنهن ۾ اڀيچند روپ ڌاري
تو هيو سرمد سان گهاريو
۽ لڪيءَ ۾ ديپ ٻاريو
قلندري ڌمال ۾ - بودلي خيال ۾
تو سڏيو هو سنڌ کي پاڇو پرينءَ جو
اي حسن!!
او منهنجا جاني
ڪير چئي ٿو هي حياتي آهي فاني!؟
اڄ اُٿي ڏس سنڌ ساري
تنهنجو پاڇو ٿي پئي آ
تون پرين آهين وطن جو
رنگ گيڙو ان وچن جو
جنهن ۾ هر هڪ دل ويراڳي جيئي ٿي
۽ پيئي ٿي تنهنجي پيالي مان ئي سُرڪيون
تنهنجون مُرڪون اڄ به مُرشد جي اڱڻ ۾
ٿي وصل وائي، سُهائي ساز ۾، آواز ۾
ٿيون ڏين ساڳي بشارت
ساڳي ئي انداز ۾
ڪجهه عيان، ڪجهه راز ۾
تون جيئن چئي وئين
“سنڌ ساز مان نڪتي، سنڌ آواز مان آئي”
ڏس حسن!! او يار منهنجا
اڄ تون ئي آهين ساز سنڌ جو
۽ اهو آواز سنڌ جو
موندر لاکا ۾ جتي پنهنجو امُن
چن سائينءَ جي پڌر ۾
تنهنجي اوسيئڙي سندي ساڌو سفر ۾
بيخود بحر ۾ ٿو چوي
“نٿو يار لهين منهنجي دل تان گهڙي
رويو واٽون نهاريان بيٺي خوب کڙي”.
اي حسن!!
دلدار منهنجا، يار منهنجا،
ياد هوندءِ هُو دراوڙ جو قصو!


حسن
هو راڄ جو راڻو
رضا آڪاش خاناڻي
حسن هو ڏڻ ڏياري جو،
حسن هو رنگ هوليءَ جا،
حسن هو عيد جي خرچي،
حسن هو عيد ڏهاڙو.
حسن هو رُت سياري جي،
حسن هو رات سياري جي،
حسن هو ڇانڀ اُتر ۾،
ٻوڪانڊي لال اجرڪ جي،
حسن هو مچ ڪچهري،
حسن هو ڳالهه دودي جي،
حسن هو ڄڻ قصو ڪوئي،
حسن هو ڏند ڪٿا ڪائي،
حسن هو چنگ جي وڄت،
حسن هو بيت ڀٽائي جو،
۽ ورجاءَ هو ڪنهن وائي جو.
حسن هو واءُ وٺي جو،
حسن هو هير ڏکڻ جي،
حسن هو مُشڪ ميهوڳي،
حسن هو مينهن جي موسم،
حسن هو سانجهه سانوڻ جي،
حَسن هو مور جا کيڙا،
حسن هو ڊوڙ ڊيلن جي،
حسن هو ڇال هرڻيءَ جا،
حسن هو ڪوڪ ڪوئل جي،
حسن هو ٿر مٿي رم جهم،
حسن هو ڀورڙو بادل،
حسن هو ڀريل ترائي.....
حسن هو ڏهر جي ساوڪ،
حسن هو ڀٽ تي بارش،
حسن هو ڪار ڪڪرن جي،
حسن هو کنوڻ جو اُهاءُ
حسن هو وڄ جو تجلو،
حسن هو مند بسنت جي،
حسن هو گل جي خوشبوءِ،
حسن هو پنڌ پوپٽ.
حسن هو باغ جي مهڪار،
حسن هو ڀونئر جا ڀيرا،
حسن هو طوطي جي تنوار،
حسن هو پيار پهريون ڪو،
حسن هو چيچ جو ڇلڙو،
حسن هو ٻانهن جي چوڙي،
حسن هو ڇير جو ڇمڪو،
حسن هو عاشقيءَ جهڙو،
حسن هو عاشقي سراپا،
حسن هو حياءَ حُسن جي،
حسن هو ناز نگاهن جو،
حسن هو آرس اکين جي،
حسن هو خمار جي خوشبوءِ،
حسن هو ننڊ نيڻن جي،
حسن هو جلوا جواني جا.
حسن هو جاڳ جوڀن جي،
حسن هو ڪنوار جا ڪپڙا،
حسن هو منڊي مڱڻيءَ جي،
حسن هو موڙ مٿي جا،
حسن هو ڏاج جي رلي
حسن هو شوق شادي جو،
حسن هو سيڄ جي سُرهاڻ،
حسن هو رنگ مينديءَ جو،
حسن هو گهوٽ جي اُڻ تڻ
حسن هو ڪنوار جي من ۾
تصور ڄڻ نکيٽي جو.
حسن هو هاڪڙو درياءَ،
حسن هو تيک سنڌوءَ جي
حسن هو سمنڊ جون ڇوليون،
حسن هو موج منڇر جي،
حسن هو ڪوڏ ڪينجهر جي
۽ نيرڳي هو نريڙي جي،
حسن هو ڳوٺ مهاڻين جو،
حسن هو لانچ لاکيڻي،
حسن هو هوڏ هوڙن جو.
حسن هو ٻيڙي ٻاٻاڻي،
حسن هو ٽهڪ ملاحن جا،
حسن هو مرڪ مهاڻن جي،
حسن هو ننڊ ناکن جي.
حسن هو هوا بندر جي،
حسن هو چُمي هٿن تي،
حسن هو چَڪ آڱر ۾.
حسن هو روز جو جهيڙو،
حسن هو نينهن ننڍپڻ جو،
حسن هو ٻاتڙي ٻولي،
حسن هو ڇڙٻ بابي جي،
حسن هو جيجل جي جهولي،
حسن هو مار سائينءَ جي،
حسن هو ڀاءُ جو دڙڪو،
حسن هو ماءُ جي لولي.
حسن هو پَٽ تي ليڪا،
حسن هو آر ننڍپڻ جو،
حسن هو ٻارڙو صفا،
حسن هو ڏور لاٽونءَ جي،
حسن هو ونجهه وٽي جهڙو
حسن هو کير کير وٽي،
حسن ڄڻ لڪ لڪوٽي هو.
حسن هو رات سهائي،
حسن هو راند بچپن جي،
حسن هو لاڙ جون ساريون،
حسن هو رس ڪمند جو،
حسن هو چيٽ جي چانڊاڻ،
حسن هو ڇانوَ نمن جي.
حسن هو ننڊ وڻ هيٺان،
حسن هو لاڏ لوڏن جو،
حسن هو واهه جو پاڻي،
حسن هو ٻنڌ تي گاهه،
حسن هو ڳوٺ جي ڳلي،
حسن هو ڳوٺ جو لوڙهو،
حسن هو ولر پکين جو.
حسن هو ڳوٺ جو کوئر،
حسن هو اُڃ ڌڻن جي،
حسن هو چيلهه تي دلو،
حسن هو ”هيل“ مٿي تي،
حسن هو ٽونئر سڳيءَ جو.
حسن هو گج جو جهوڙو،
حسن هو بڪل وارن جو،
حسن هو ڏاندڙي نڪ جي،
حسن هو ڪن جي والي،
حسن هو مير اکين جي،
حسن هو لوڏ ٻانهن جي،
حسن هو هار ڳچيءَ جو.
حسن هو پڻ پاڻياري!
حسن هو ڳيچ ڳوٺاڻو،
حسن لوڪ گيت جهڙو،
حسن هو ڌن ڌنارن جي.
حسن هو سينڍ جو آواز،
حسن هو بانسريءَ جهڙو
حسن هو چُلهه تي چرچا،
حسن هو ڀوڳ جي دنيا،
حسن هو مڙس مزاقي،
حسن هو ٽهڪ ۽ تاڙيون،
حسن هو کل ۽ کينچل،
حسن هو يار يارن جو،
حسن هو پيار پيارن جو.
حسن هو دوست دلربا،
حسن هو ساٿ جو سنگتي،
حسن هو مور محفل جو،
حسن هو رات جي رونق،
حسن هو ننڊ نوريءَ جي،
حسن هو سڏ سسئي جا،
حسن هو صدا سهڻيءَ جي.
حسن هو چاڳ ليلا جو،
حسن هو مارئي جهڙو،
حسن هو ساز ٻيجل جو،
حسن هو هوبهو سورٺ!
حسن هو مومل جو ماڻو،
حسن هو راڄ جو راڻو
حسن هو راڄ جو راڻو.



حسن درس

سنڌو جي لهر جهڙي شاعري

رام اوڏ

شاعري کان سواءِ موسيقي بي روح هوندي آهي ۽ سماج جذبن کان خالي هوندو آهي. رومانوي نگاهن جو دلڪش ادائون هڪ ڪوي جي ڪيفيتن جو غزل هونديون آهن ۽ هڪ شاعر جو نظم به محبت جي ارتقا جو خلاصو ٿي سگهي ٿو. اها پيار جي پڪار فنڪار جي فئنٽسي به هجي ٿي. حسن لفظن جي پسمنظر ۾ هڪ معنيٰ خيز منظرنگاري ڪري ٿو. اهي منظر سوچ ۽ ويچار جو هڪ عڪس ٺاهن ٿا. اهو ئي هڪ آرٽسٽ جو ڪمال آهي، اهو ئي فن ۾ سگهاري اظهار جو هڪ اهڃاڻ آهي:

حسن درس جي شاعري ۾ استعمال ٿيل ڊڪشن سادو، سولو ۽ خوبصورت آهي. هن جي ذهن جي ڪينواس تي لفظن جي چونڊ فني ۽ فڪري وشالتا کي پُراثر ڪري ٿي. سندس شاعراڻي فن ۾ نوان استعارا ۽ خوبصورت تشبيهون استعمال ٿيل آهن، جيڪي سنڌي ٻولي جو اصل جوهر آهن. ٻولي ۽ هيئت ۾ غير روايتي روپ سندس شاعري کي منفرد بڻائن ٿا. اهڙي اندازِ بيان ۾ هڪ درد ڀري دانهن آهي.

سنڌي سماج ۾ شاعرن جي وڏي لوڌ مجبورين جا بهانا ٻڌائي سُر درٻاري ۾ تاجدارن ۽ تخت نشينن سامهون سِر نمائي ٿي، انهن جي قصيدن ۾ غلامي جو پيغام هجي ٿو. اهڙو ماحول جتي مسندنشينن جي حضور ۾ شعر سجدا ڪن ٿا، اتي حسن لکي ٿو:

اسان ئي اوندھه سان الجهون ۽ اٽڪون،

اسان جي نه ڏات جا ڏيئا اُجهاڻا

نڪي لوڀ لالچ اسان کي نمايو،

نڪي بيت دَوها اسان جا وڪاڻا.

حسن هڪ شاعر جي ترقي پسند ڪردار کان واقف آهي، هو ڄاڻي ٿو ته سُر ۽ ساز سان هڪ قوم کي جاڳائي سگهجي ٿو، ڇو ته شاعري جي رڌم ۾ حوصلو ۽ اُتساھه هجي ٿو. جيڪڏهن شاعر سمهي رهي ته ان قوم ۾ سجاڳي ۽ مزاحمت ڪيئن پيدا ٿيندي؟

تون ڇڪي چادر سمهي پئو نه سگهو،

ڪر ڪوي نه قوم تي ڪوڙو ڪرم.

سنڌ، سنڌين جا قصا، ڳالهيون شعر،

دين به پنهنجو ۽ اِهو ئي آهي ڌرم.

زندگي کي جيئڻ وارا حسن جهڙا آدرشي ماڻهو ئي آهن، باقي گهڻن ماڻهن کي زندگي گذاري ٿي، حسن ته زندگي کي گذاريو آهي. وقت جي تيز رفتار ۾ ڪيترائي ماڻهو قبر ٿي وڃن ٿا ۽ ڄڻ ته اُهي هن دنيا ۾ رهيا ئي نه هجن، ڇاڪاڻ ته اهڙن ماڻهن جو زندگي کي ڪو آدرش ارپيل نه ٿو هُجي، هُو آيا ۽ بس گذر ڪري ويا. ڪجهھ مهان ماڻهو بني نوع انسان کي پنهنجي روشن خيال آرٽ سان مختصر زندگي ۾ طويل ڇاپ ڇڏي ويا ۽ انهن زندگي جي منشور ۾ هڪ اهڙو پورهيو رقم ڪيو، جيڪو ويساهه جي حرفن سان لکيل هو. حسن درس جي شاعري ۾ ڇاڇري جي ڇڙواڳ هوائن جو حُسن آهي. محبت ۽ مزاحمت جو رومانس گڏ گڏ کڻي، ڪنهن نيري گگن جي نظم ۾ گم ٿي ويندڙ حسن جي تخليقي اُڏار ۾ سنڌ جهلڪي ٿي. شاعري ۾ صدين جو پڙلاءُ پنهنجا پانڌ پکيڙي سوچن کي سَرگَرم ڪري وٺي ٿو. سو، حسن درس جي شاعري کي هڪ وسيع ڪينواس آهي ۽ هن جي شاعري جا موضوع مختلف آهن، سندس شاعري کي ڪنهن نظريي يا ‘ازم’ ۾ قيد ڪري پرکڻ مناسب ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪا جُهونگار ڪنهن آئڊيالاجي جي آئيني ۾ پرکي نٿي سگهجي.

حسن درس روشن خيال شاعر آهي، اهو سندس سگهارو ۽ سهڻو تعارف آهي. هن جي شاعرانه رَچنا فڪري سگھه سان ڀرپور آهي. شاعراڻي ڪينواس ۾ سماجي ۽ سياسي شعور جي پرک پوي ٿي. سندس شعر زندگي جي حسناڪين سان ٽمٽار ۽ تاريخي شعور سان آراسته آهن. حسن ڄاڻي ٿو ته زندگي جي خوبصورتي ڇا آهي. هو پنهنجي ڪَلا ۾ روايتي اخلاقيات جي ٻنڌڻن کي جدت جي مفهوم ۾ سمجهائي ٿو. تخيل جي اها اُڏام قدامت پرستي جي زاوين کي ٽوڙي ترقي پسند فڪر جي آبياري ڪري ٿي ۽ آرٽ جي اها غير روايتي اُڻت انسان دوستي جو پيغام ڏيئي ٿي. حسن درس “ڪولهين سان گڏ ڪولهي ٿيان، ها ها آئون هولي ٿيان” جهڙيون سٽون لکي تنگ نظري ۽ متڀيد نندي ٿو. سندس شاعري ۾ جواني جو اولڙو آهي، جيڪو دَقيانُوسِي سوچن سان سهمت نٿو ٿئي.

هڪ آرٽسٽ وقت جو عڪس هوندو آهي. هو پنهنجي ديس ۽ ان ديس جي جذبن سان سلهاڙيل دور جو درد به هوندو آهي.

هڪ ڪوي جي ذهني ڪيفيت مختلف مرحلن مان گذري ٿي. ڪڏهن ڪڏهن جذبا حيرتن جي سرحدن کي ڇُهندا آهن. حسن جي شاعري جو هڪ مزاج آهي، جيڪو لفاظي ۽ بيڪار تصوراتي ڪاڪ محل جو اظهار نه، پر اِها خوبصورت خيالن ۽ تصورن ۾ هڪ رومانوي ۽ انقلابي اظهار آهي:

حسن درس جي شاعري ۾ تاريخ جو شعور سمايل آهي. اتهاس ٻڌائي ٿو ته ضياءَ شاهي زندگي جا سڀ رستا روڪي ڇڏيا هئا. جنرل ضياءَ يارنهن سال هن رياست جي رهواسين تي راڄ ڪري ڄڻ ته جيئڻ تي راتاهو هڻي ڇڏيو هو. ماڊل ڊڪٽيٽر کي هن ٻَهڳُڻي شاعر زندگي کان انڪار سمجهيو آهي. هو آمر جو اسڪيچ چٽو ڪندي هو لکي ٿو:

جنرل ضياءَ پنهنجي روپ ۾

زندگيءَ کي منع نامو هو،

ادب سماج جو آئينو هجي ٿو. حسن موجوده سنڌ جي حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي، جتي ڌاريا اچي ڌاڪو ڄمائن ٿا ۽ ڌرتي واسي ڄڻ ته ڌاريا هجن. ڌاري آبادڪاري سان تبديل ٿيل سنڌ جي ڊيموگرافي مقامي ماڻهن کي بيروزگار ۽ دربدر ڪري ٿي.

سنڌي سماج جي بيهڪ جاگيرداراڻي آهي، جتي هاري پورهيت وڏيرن جي ظلم جي عتاب هيٺ آهن. حسن جي دل ۾ هارين جو درد آهي. هو ڪانڊيري نالي هاري جي سيئي تپ سبب موت تي احتجاج ڪري ٿو ۽ هن جي زال جي سادگي تي هڪ خاموش درد ڪٿا بيان ڪندي لالچي ۽ شوقين وڏيرين جي هِرکيل خواهش تي هڪ نظم لکي ٿو. وڏيريون جيڪي ڪانڊيري جي زال جي محنت سان ٺاهيل رلي مفت کڻي وڃن ٿيون. ڪانڊيرو گمنام ٿي گذاري وڃي ٿو:

هن جي ڪا ايڊريس نه آهي،

هن جو ڪو گهر نمبر ناهي

هن جو گهر آ واٽر ڪپ ۾،

ڪالھ مري ويو سيءَ تپ ۾،

ڪانڊيري نالي هڪڙو هاري.

هن شاعر جي ذهن ۾ ڪجھه سوال ڇلانگ ڏيئي اُٿن ٿا، اهي سوال جديد فلسفي جا آهن. شاعر عشق ۽ عقل مان ڪهڙي چونڊ ڪري؟ دنيا جي شاعرن عقل جي تشريح ڪري عشق کي ترجيح پئي ڏني آهي. شاعري ٿيندي ئي جذبن جو اظهار آهي، انهن جذبن ۾ عشق اڳيان اچي ٿو ۽ عقل دنگ رهجي وڃي ٿي. حسن وٽ دليل جي اهميت آهي. عقل جي ڪارج کان انڪار نٿو ڪري، پر پيار جي فلسفي کي اُتم سمجهي ٿو:

حسن درس شاعري جو غالب موضوع محبت آهي. ان لحاظ کان هن جي شاعرانه سوچ ۾ ڪا حدبندي نه آهي. هو سمجهي ٿو ته محبت جي جيت محبت سان ئي ٿيڻي آهي. ان ڪري عشق ۽ الفت جون ريکائون سندس شاعري ۾ سنڌ جي سونهن جيان الهڙ آهن. شاعر لاءِ محبت جياپي جو سبب آهي. هو ڄاڻي ٿو ته وجود جي بقا پيار ۾ آهي.

افلاطون جو چوڻ آهي ته روزِ ازل کان محبت جو تعلق حُسن سان رهيو آهي، جڏهن ته فرانس جي سنگتراش رودان جو خيال آهي ته بدصورتي جو ڪوبه وجود ڪونهي. اِبن خلدون جام ۽ محبت لاءِ چيو آهي ته اِهي شاعري ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن. برٽرنڊ رسل چوي ٿو ته جيڪڏهن هُو محبت نه ڪري ها ته انتهائي تنگ نظر هُجي ها. حسن جي شاعري جو وڏي ۾ وڏو موضوع عورت آهي. هو عورت جي مظلوميت تي گهٽ رومانوي پاسي تي وڌ لکي ٿو. عورت هن شاعر جي جذبن ۽ تصورن ۾ هر نئين روپ ۾ نسري نروار ٿئي ٿي. سندس تخليقي پورهئي ۾ عورت تي طويل نظم آهن، جيڪي فطرت جي ويجهو آهن. حسن عورت جي سونهن سان ايترو سنجيده آهي جو هو عورت جي وارن مان سنڌو جي لهر اُڀرندي ڏسي ٿو:

وار وينگس وهنجندي هُئا ڇوڙيا،

پئي سنڌو جي سير ۾ اڀري لهر

بظاهر ڪي صورتون ۽ شيون سهڻيون لڳنديون آهن ۽ اهي جمالياتي ذوق پيدا ڪنديون آهن. خوبصورتي جو ڪو خاص پئمانو نٿو هجي. دنيا ۾ حُسن جو معيار ڪنهن هڪ وصف تي متفق ناهي. چهرا سموري حياتي حسين ناهن هوندا، حُسن آرٽسٽ جي سوچ ۽ ڏسڻ واري جي اک ۾ هجي ٿو، پر ائين ضرور آهي ته خوبصورتي پنهنجي قيمت لڳائي ٿي. هونئن به انسان وڌ ۾ وڌ وڪرو ٿيندڙ وکر آهي. ماڻهو هڪ ئي وقت حسين ۽ سٺا هجن ائين بنھه گهٽ هجي ٿو،

حسن وٽ فطرت جي دلربا منظر نگاري به آهي. سندس نظم جي پاڇي ۾ تخليق جو هڪ لينڊ اسڪيپ جُڙي ٿو. اهڙي شاعرانه پينٽنگ ۾ لفظن جون لارون ۽ تصوراتي اُڀارون گهاٽي برسات جيان پولار ۾ وڇائجي، من مهڪائي ڇڏين ٿيون، ته ڪڏهن من ُمرجهائي به ڇڏين ٿيون. حسن پنهنجي رولاڪي کي دڙن مان اُڏندڙ واري سان ڀيٽي ٿو:

واري جي دڙن وانگي آئون به اُڏامان پيو،

ٿا نيڻ ٿڪن ٿر جا ۽ رات ٺري ٿي پئي.

مون سان جي ملين ها تون، ته مان ٻڌايان ها،

هاءِ وقت وڃي ٿو پيو، ۽ مهل ٽري ٿي پئي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

حسن درس

ڪائنات جهڙو وجود رکندڙ شاعر

اعظم ڀٽي

جُون جي جوکي ۾ گهيريل چنڊ گرهڻ جڏهن حسن درس جي مٺڙي مٺڙي مُرڪ کي هميشه لاءِ ماٺو ڪري ڇڏيو هو، تڏهن قدرت جا سمورا رنگ سندس يارن لاءِ بي رنگ بڻجي پيا هئا، ڪنهن کي يقين ئي نه هو ته هُو محبتن جا نه اُجهامندڙ مچ مچائي ائين ئي هليو ويندو، هُو ائين ئي وڇوڙي جي ماريل دلين تي پنهنجي اڻمٽ ڇاپ ڇڏي هليو ويندو. ڪنهن ٿي ڀانئيو ته سنڌ جي صوفي روايتن جو امين حسن درس ائين ئي سمورن سنگتين کي اُٻاڻڪو ڪري مشائخ هوٿيءَ جي مٽيءَ سان ايترو جلدي ملي مٽيءَ جي خوشبوءَ بڻجي ويندو. هُن جي ڏات جي جرڪايل ڏيئن ۾ به ته هر ڪنهن لاءِ خير جي دُعا گهُريل هُئي، ائين ئي هُو هزارين دُعائن جا هٿ کڻائي اڪيلو ئي اڪيلو هليو ويو، حسن ته هليو ويو، پويان ڇڏي ويو، هزارين ڪهاڻيون ۽ قصا، لاتعداد ساروڻيون ۽ سڏ، نه کُٽندڙ بحثن جا سلسلا، پنهنجي چوياريءَ جي چرچن جا آبشار، البيلي مزاج جون چِلولايون، ٽهڪن جا پڙاڏا بڻجي ويل آواز، مُسڪراهٽن جا وسايل مِينهن، لمحي ۾ لال ٿيل صدين جا پنڌ، ديوانا بڻايل دوست، انتظار جا پُر ٿيل پيالا ۽ هُو هوا کي حُسن جي هاڪ ۾ ڇڏي هليو ويو، هُو سِڪ جي سمنڊ کي ماٺو ڪري هليو ويو، هُن جيڪو ڪجهه ننڍي وهيءَ ۾ ماڻيو اهو ماڻڻ لاءِ ڊگهي ڄمار وارا به ته خواهشون ڪندا رهجي ويا. ڪنهنکي ڪنهنکي ڇا ڇا پلئه پيو، اهو فيصلو ڪجهه وقت ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڃا ڪجهه وقت کي ئي ڪرڻو آهي. تاريخ جي دريءَ هر دؤر ۾ کُليل ئي رهي آهي ۽ کُليل ئي رهندي ۽ ان تي چنڊ جي روشنيَ هميشه پوندي رهندي. ان روشنيءَ جي مستيءَ ۾ ئي حسن درس جي زندگيءَ جي ترتيب هئي. اها به ته عجيب مستي آهي، جنهن جو ڪوئي هڪ آستانو ناهي، هُن جا پير هُئا به ته قالين جهڙا، جيڪي جتي به وڇائبا هُئا اُتي ويرانين ۾ به ميلا مچائي ڇڏيندا هئا، ڇو ته هُن لاءِ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو هُئي، هڪڙو خواب سُهانو روز هُن جي اکين ۾ کيپ ڀريندو هو، هُن لاءِ ته مڪليءَ به روز مُرڪندي هُئي، هُن لاءِ لاڙ لکئي جو ليکو هو، سجاول جون بازارون ڪنهن جي خوشبوءَ ۾ کلنديون هُيون ته سکر وري کيس سون سُريکو لڳندو هو. هُن جي مزاج ۾ عجيب صوفياڻا رنگ ڀريل هئا، ڳالهائڻ ۾ کرو هوندي به نِوڙت جو نياز ورهائيندو رهندو هو. سنڌ جي هر واهڻ وستيءَ ۾ هُو دوستن جو ڌنار هوندو هو، هُن جي شاعري جي منظرنگاريءَ هُن جو لافاني مشاهدو هُئي، سندس خيالن جي پختگيءَ ۾ نه رڳو آرٽ سمايل هو پر هڪ لازوال سچ به هو، هُن اڀيچند جي نيڻن مان سُونهن کي ڇُلڪندي ڏسي ورتو هو ته عشق کي وري سرمد جي پيرن جا خاڪ بڻجندي پروڙيو به هو. هُن جي شاعري جي اعلى معيار جي ان کان وڏي ٻي ڪهڙي نشاني آهي ته سندس ڪو به مجموعو ڇپيل نه هُئڻ جي باوجود، پڙهيل لکيل ماڻهو هُن جي ڪوتائن کي حافظن جيان ياد رکندا هئا ۽ آهن. اهو سحر عالمي معيار جي علامت ناهي ته ٻيو ڇا هي؟

حسن درس جي وڇوڙي کانپوءِ ڪجهه حلقن ۾ عجيب قسم جي بحث مباحثن جنم ورتو هو، ڪن حلقن جو خيال هو ته حسن البيلو رومانوي شاعر آهي، ڪن چيو ته حسن درس پِياڪن جو شاعر آهي، ڪن حلقن جي راءِ هُئي ته حسن حُسناڪين جو شاعر آهي، ڪن ته وري کيس مولودي شاعر ڪري پيش ڪيو، ڪِن کيس نعتيه شاعر سمجهيو ته ڪن وري کيس عشقيه شاعر جا لقب به ڏنا، ته ڪِن وري کيس رُوحانيت جو ترجمان شاعر سڏيو. مڃون ٿا ته هُن اياز کي مُخاطب ٿيندي چيو هو ته؛

“اي اياز! شاعري !

شراب جي دُڪان تي

رات ڏينهن رَش آ

جو جام جيئن جهلي

ٿو پَنو پڙهي وٺي

سو پياڪ غَش آ..............!”

۽ ها هُن غالب کي به جواب ڏنو هو ته؛

“عاشق ناهي نِڪمو غالب!

عشق نِڪمو ناهي ڪندو

ڪُوڙا جيڪي تاش جا پَتا

جُوٺا آهن جوڪر آهن

جُوتي جي هر نوڪ اڳيان

هُو نوڪر ٿيندا ٺوڪر آهن

عشق نه آيو، تن جي واڙي

واڙي ڇا، نه اوڙي پاڙي

حسن درس جتي شاعريءَ جي مدهوشيءَ جي حفاظت ڪئي، اُتي هُن عشق تي آندل الزامن کي رد ڪندي ان جو عقلي دليلن سان تحفظ ڪيو، هُن جي تخيل جا آلاپ نه رڳو اسانجي روزمرهه جي زندگيءَ سان سلهاڙيل هئا پر غير معمولي نوعيت جا حامل هئا، هڪڙي سِٽ يا هڪڙي خيال جي بدولت ايڏي وڏي مهانتا هر ڪنهن جي حصي ۾ ائين ئي نٿي اچي. سو ڳالهه جو مقصد اهو ته حسن درس هر طبقي جو نمائنده شاعر هو، ان کان وڌيڪ هُن جي شاعريءَ جي آغوش ۾ سموري ڪائنات سمايل هُئي. هُن جي شاعريءَ ۾ ڪائنات جا راز ڏَسيل هئا ته عشق ۽ حُسن جا چرچا به هُئا، هُن جي شاعريءَ ۾ ٻيڙيون به هُيون ته گهوڙيون به هُيون، هُن جي شاعريءَ ۾ زلفن جون ارڏيون ادائون به هُيون ته آلين اکين جي سار به هُئي، هوا به هُئي ته خوشبوءَ به هُئي، لُڙڪ به هُئا ته ٽهڪ به هُئا، ٿاڪ به هُئا ته رولاڪيون به هُيون، وڻ به هُئا ته پکيءَ به هُئا، سرمد هو ته اڀيچند به هو، خانم گوگوش هُئي ته محمود درويش ۽ اُمِ ڪلثوم به هُئا، موسى عليه السلام به هو ته محمد صلي الله عليه وسلم به هو، ياسر عرفات به هو ته قذافي به هو، شاهه ڪريم به هو ته ڀٽائيءَ به هو، سمنڊ به هو ته درياءَ به هو، اسٽيفي گراف به هُئي ته ڪانڊيري نالي ڪولهي به هو، ڪينجهر جا ڪِنارا به هُئا ته واٽر جا ڪَپ به هُئا، ڪيٽي بندر به هو ته ڪياماڙيءَ به هُئي، لوڙها به هُئا ته وڇوڙا به هُئا، مندر به هو ته مسجد به هُئي، ٻار، پوڙها، ڇوڪريون، عورتون، لهرون، رِڻ، ڳوٺ، گهٽيون، شهر ڇا ڇا نه هو ؟ ڇا انهن سمورين رولاڪ مُحبتن ۾ پاڪائيءَ نه هُئي ؟ هُن جي سموري شاعريءَ ۾ سنڌ مُلڪ، وطن ۽ ڌرتيءَ جا گيت نه هُئا ته ڇا هو؟ انهن سمورن بحثن ۾ ڪنهن اهو ڪيترو محسوس ڪيو آهي ته حسن درس ڌرتيءَ جو شاعر آهي، حسن وطن جو واهرو آهي ۽ سنڌ جو سپوت آهي. جتي حسن درس انيڪ طبقن، فردن، موضوعن، روين، احساسن، شهادتن سميت هر موضوع سان نڀايو، اُتي هُن پنهنجي ڌرتيءَ جو مانُ سڀ کان مٿانهون رکيو آهي، جيئن؛

“ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو،

جيڪو جَر تي جاڳي ٿو.”

يا هي ته؛

“ڌرتيءَ ڪيئن جُهڪن هي تنهنجا،

ارڏا گهوڙا ۽ ٻيا وڻ!!”

هي ڏسو؛

“حسن هي سنڌڙي سُهڻي،

اسانجي جند سان رهندي.”

خيالن جي اُڏام ۽ تشبيهون ته سندس شاعريءَ ۾ ڏسو؛

“هي شهر گهر مٽيءَ جا ۽ دُونهين جهڙو ديس،

منظر اُداس عورت ۽ گام جو تصور،

هر ٻج ٻار وانگي، ڌرتي ڄڻي پئي،

هر وڻ وڏو لڳي ٿو، ڪنهن لام جو تصور.”

ڇا ته ڪمال جو هي خيال ۽ تشبيهه آهي؛

“لڙيو پئي لاڙ تان سُورج، مُهاڻي ٻار وانگي هو،

پراڻو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو.”

دين به پنهنجو اهو آهي ڌر م.”

ڌرتيءَ سان محبت، ڌرتيءَ جي دردن جو ڏُک، دُونهين جهڙي ديس جو تصور، تڙن تان تماچين جي تڙڻ جو منظر، سنڌ کي پنهنجو دين ۽ ڌرم سمجهڻ جهڙيون وات وايون حسن درس کي ڌرتيءَ جو شاعر تصور ڪرڻ لاءِ ڪنهن کان گهٽ آهن؟ حسن درس وطن جا وڻ ڪڏهن به نه وِساريا، هُو ڪڏهن به سنڌ جي تسبيح سورڻ واري عمل کان اياڻو نه هو.

سندس خيالن ۾ وطن سان وابستگيءَ جو پهلو ته ڏسو؛

“وِساريا نه آهن، اسان وڻ وطن جا،

ڀُلياسين نه دودي ۽ ڀونگر جا ڀاڻا،

سڀئي سنڌ تنهنجي تسبيح پڙهن پيا،

“حسن” سي نه هر دم آهن اياڻا!!”

وطن لئه شهادت کي هُو جيئڻ جو جتن ڪيڏي نه سُهڻي خيال سان پيش ڪري ٿو؛

ائين ماڻهو بدلجي مُلڪ ۽ هڪ قوم ٿي ٿو پئي،

وطن تان جان وئي واري وري سا خود وطن ٿي وئي،

حياتي ائين سدا روشن رکڻ آ ڪم شهيدن جو،

مرڻ جي واقعي مان ڏس جيئڻ جو نئون جتن ٿي وئي.

انهيءَ سموري صورتحال ۾ اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڪنهن به تخليقڪار جي تخليق جي وسعت کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ کانسواءِ ان تي هڪ مخصوص قسم جي برانڊ جو ليبل لڳائي ڇڏڻ، تخليقڪار جي تخليق سان هٿ چُراند آهي، ويساهه گهاتي آهي، سو حسن درس جي شاعريءَ جي آغوش ۾ ڪائنات جو وجود سڀ کان پهريائين سنڌ لاءِ آهي، ان کانپوءِ ٻين جُزن ۽ شِين لاءِ آهي. سوين ڀيرا سوچڻ کانپوءِ به ديس جو چَپو چَپو هُن جي چَپَن ۾ چُميءَ جيان آهي. ائين ئي جيئن هُن چيو ته؛

“خودڪشيءَ جي خيال وانگي،

سنڌ کي مون سئو دفعا آ سوچيو،

هر دفعي مون مات کاڌي تو هٿان،

هر دفعي هن عاشقيءَ،

مونکي بچائي آ وِڌو،

هِن ديس جو هڪ هڪ چَپو،

منهنجي چَپَن ۾ آ چُمي!!

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۹ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

 




شاعر حسن درس سڑک حادثے میں ہلاک
ریاض سہیل
بی بی سی اردو ڈاٹ کام، کراچی
سندھ کے نامور رومانوی اور فطرت پسند شاعر حسن درس ایک سڑک حادثے میں انتقال کر گئے۔ ان کی عمر پینتالیس سال تھی۔
حیدرآباد کے علاقے قاسم آباد میں گزشتہ شب وہ اپنے گھر کی طرف جا رہے تھے کہ ان کی گاڑی بے قابو ہوکر فٹ پاتھ سے ٹکرا گئی اور وہ کئی گھنٹے اس میں پڑے رہے۔مقامی افراد نے قاسم آباد تھانے کو اطلاع دی جس پر پولیس کا کہنا تھا کہ یہ علاقہ ان کی حدود میں نہیں آتا۔
کچھ دیر بعد جائے حادثہ سے ایک بارات گزری جس میں شریک نوجوانوں نے شاعر حسن درس کو ہسپتال پہنچایا جہاں ڈاکٹروں نے ان کی ہلاکت کی تصدیق کی۔
وہ سیاحت میں بڑی دلچسپی رکھتے تھے اور اکثر مزاروں، میخانوں کے چکر لگاتے انہیں وہاں کے ماحول اور لوگوں سے زیادہ تحریک ملتی تھی۔ اس کا عکس ان کی شاعری میں بھی نظر آتا ہے۔
حسن نے شاعری کی ابتدا بچپن سے کی اور ہائی سکول تک پہنچتے پہنچتے وہ ایک توانا شاعر بن گئے۔ وہ بتاتے تھے کہ انہیں ایسے اساتذہ کی صحبت ملی جو ان کی ہمت افزائی کرتے اور اصرار کرتے تھے کہ نصابی کتابوں کے علاوہ ادبی کتب بھی پڑھے جائیں۔
حسن کی شاعری مشاعروں، محفلوں اور ادبی جریدوں میں تو پڑھنے کو ملتی ہے مگر شاعری کے اس سفر میں ان کا کوئی مجموعہ شائع نہیں ہوا۔
معاشرے سے دھتکاری ہوئے قبائل لوہار، کمہار اور جوگی، ان کے رہن سہن، زبان اور پریشانیاں ان کی خصوصی توجہ کا مرکز تھے۔ حسن کی رومانوی شاعری میں اس کی تشبیہات موجود ہیں۔
حسن درس جہاں دوستوں میں جاتے وہاں ان سے شاعری سنانے کی فرمائش کی جاتی اور یوں یہ محفل زماں و مکاں سے آزاد ہوکر مشاعرہ بن جاتی۔
جمعرات کو بھی ان کے دوستوں کا اجتماع تھا جس کے بارے میں انہوں نے کہا پتہ نہیں وہ آ پائیں گے یا نہیں۔ دوستوں کے مطابق ان کو جو اشعار بہت پسند تھے ان میں سے ایک تھا
وقت جی چیچ میں زندگی جو چھلو
تھی ویو گھرگلو یار جلدی ملو یار جلدی ملو
(یعنی وقت کی چھنگلی میں زندگی کا چھلا
ہوگیا ڈھیلا یار جلدی ملو یار جلدی ملو)
ان کی پیدائش حیدرآباد کے قریبی علاقے مشاخ ہوتی میں پانچ ستمبر انیس سو اڑسٹھ کو ہوئی۔ وہ اپنی آبائی زمینیں بھی سنبھالتے اور کچھ عرصے کے لیے صحافت سے بھی منسلک رہے۔
ان دنوں وہ سندھی گھوڑے کی افزائش نسل کے ایک پراجیکٹ سے منسلک تھے اور اس حوالے سے سندھی گھوڑے کی کہانی کے نام سے ایک کتاب بھی لکھی تھی جو ابھی شائع نہیں ہوئی۔
حسن کی شاعری مشاعروں، محفلوں اور ادبی جریدوں میں تو پڑھنے کو ملتی ہے مگر شاعری کے اس سفر میں ان کا کوئی مجموعہ شائع نہیں ہوا۔
حسن درس کے قریبی دوستوں کا کہنا ہے کہ حسن درس بظاہر شرمیلا مگر فطرتاً ایک بے باک، آزاد، حسن پرست اور روشن خیال شخص تھے جس کے چہرے پر ہر وقت مسکراہٹ رہتی تھی۔
ان دنوں وہ سندھی گھوڑے کی افزائش نسل کے ایک پراجیکٹ سے منسلک تھے اور اس حوالے سے سندھی گھوڑے کی کہانی کے نام سے ایک کتاب بھی لکھی تھی جو ابھی شائع نہیں ہوئی۔
حسن درس کی شادی سندھ کے ادبی گھرانے میں ہوئی۔ ان کی اہلیہ ارم محبوب شاعرہ ہیں اور ان کی والدہ مہتاب محبوب بولڈ رائٹنگز کی وجہ سے سندھی کے مصنفوں میں ایک خاص درجہ رکھتی ہیں۔
حسن نے اپنے پیچھے ایک بیوہ اور دو بچوں کو سوگوار چھوڑے ہیں۔ ان کی تدفین آج مشاخ ہوتی قبرستان میں کی جائے گی۔


ہوا بستر پر نہیں مرتی
شرجیل بلوچ
بی بی سی اردو ڈاٹ کام، کراچی
میں پہلی بار حسن درس سے کراچی میں ایکشن ایڈ کے دفتر میں مصدق سانول اور اویس توحید کے ساتھ ملا تھا جب خالد احمد نے ایک دستاویزی فلم کا سکرپٹ لکھنے کے لئے حسن کو حیدر آباد سے بلوایا تھا۔میں اس پروجیکٹ میں بطور اسسٹنٹ شامل تھا۔
اس ٹیم کی پہلی رات ہی مبارک ولیج میں ہوئی۔فلم کے پروڈیوسراور ڈائریکٹر وغیرہ صبح جلدی اٹھ کر بہترین شاٹس کے لالچ میں نیند کو جبری طور پر خود پے مسلط کرنے کی جدوجہد کررہے تھے لیکن رات تو حسن کے لئے دن کی طرح تھی۔ایک شاعر نشے میں دھت چودھویں کے چاند کو بانہوں میں لئے سمندر کی ریت پر بیٹھا گنگناتا رہا اور وہیں ڈھیر ہوگیا۔
اس کی شاعری کو اگر چار لفظوں میں تولا جائے تو ترازو میں زمین ، موسم ، سندھ اور عورت کے سوا کچھ اور نہیں سما پائے گا۔
حسن دیکھنے اور چال ڈھال میں چھ فٹ کا لحیم شحیم فلمی غنڈہ تھا لیکن چوڑے سینے میں دل کسی معصوم خرگوش کی طرح دبکا رہتا تھا۔ ڈوکومینٹری کے پروجیکٹ کے دوران ہی میری اس سے اتنی دوستی ہوگئی کہ وہ ہمارے ہی فلیٹ میں رہنے لگا۔سارا دن وہ یہ طعنے دیتے گزار دیتا کہ بلوچ ! بھینا تم ٹھیک آدمی نہیں ہو اور شام ہوتے ہی بے چینی کا پارہ اس کی آنکھوں سے ابل ابل کر باہر آنا شروع ہوجاتا جو تب قابو میں آتا جب وہ گفتگو کرتے کرتے تھک جاتا اور خالی بوتل میں جلتی تیلی پھینک کر اطمینان کرلیتا کہ اب سونے کے سوا کوئی چارہ نہیں۔
ایسا کیسے ممکن تھا کہ وہ نشے میں ڈوبے اور شاعری نہ سنائے اور ایک ایک مصرعہ اس کے چہرے کے رنگ تبدیل نہ کرے اور ہاتھ رقص میں نہ ہوں۔ اور جب میں اسی کے انداز میں نقالی کرتا تو کہتا تم بہت کمینے ہو اسی لئے نقل اچھی اتارتے ہو۔
اس کے مرید اسے سائیں درس کے نام سے پکارتے تو حسن کہتا سائیں میں نہیں تم لوگ ہو پر تمہیں اس کا شعور نہیں۔
ایک بار خالد احمد نے حسن سے کہا کہ میں جانتا ہوں کہ تم بہت بدمعاش ہو مگر میں پھر بھی تمہاری عزت کرتا ہوں کیوں تمہاری شاعری تمہارے حرامی پن سے بہت بڑی ہے۔ حسن نے مسکراتے ہوئے کہا ماما ! میں اس لئے آپ کی عزت نہیں کرتا کہ آپ کوئی بڑے اداکار و ہدایت کار ہو۔ لیکن میں عزت کرنے پر مجبور ہوں کیونکہ آپ آدمی بہت اچھے ہو۔ خالد نے حسن کے اندر چھپا ہوا اداکار بھی پکڑ لیا۔ بقول خالد حسن کا صرف چہرہ ہی نہیں پورا جسم متحرک اور اداکار ہے۔اور پھر حسن نے دو ڈراموں میں اپنا کردار ایسے نبھایا جیسے وہ جنم جنم کا ایکٹر ہو۔
حسن کو کوئی قیدی نہیں بنا سکتا تھا۔تنہائی کو موت سمجھتا تھا۔سندھ بھر میں فائیو سٹار اشرافیہ سے لے کر اوطاقی فقیروں اور تکئے کے ملنگوں، کنگلوں، دھتکارے ہوئے لوگوں اور بازارِ حسن کی نائیکاؤں سے اس کی یاری تھی۔وہ گائک نہیں تھا لیکن گائیکی کو جنون کی حد تک محسوس کرتا تھا۔ کبھی کبھی وہ رات کو فٹ پاتھ یا ریلوے سٹیشن پر کچرہ چننے والے بچوں کے ساتھ بیٹھ کر گپ لگاتا اور کھانے کھلاتا۔ اسے کسی نے پیسوں کے لئے پریشان یا ہاتھ ملتے نہیں دیکھا چاہے جیب میں ٹکا نا ہو۔
حسن نے دو ڈراموں میں کام کیا
حسن ایک روحانی خانوادے کا آوارہ فقیر تھا۔اس خانوادے کی اپنی گدی ہے۔اس گدی کے مرید اسے سائیں درس کے نام سے پکارتے تو حسن کہتا سائیں میں نہیں تم لوگ ہو پر تمہیں اس کا شعور نہیں۔
حسن کا تعلق اس گروہ سے تھا جو کام کو مستقل ٹالتا رہتا ہے۔ وہ صرف شرارت اور شاعری کے لئے پیدا ہوا تھا۔اس سے آپ صرف زبردستی کچھ اور نہیں کروا سکتے تھے۔ وہ ایک ایسی رنگین دنیا کا باسی تھا جہاں پہنچنے کی آرزو ہی مجھ جیسے کم تر کو احساسِ کمتری میں مبتلا کرنے کے لئے کافی ہے۔ وہ بلا کا حسن پرست تھا لیکن کسی حسین کو اس نے کبھی دھوکے سے قابو نہیں کیا۔ یہ کام وہ علی اعلان کرتا تھا۔اس کی شاعری کو اگر چار لفظوں میں تولا جائے تو ترازو میں زمین ، موسم ، سندھ اور عورت کے سوا کچھ اور نہیں سما پائے گا۔
میرے موبائیل میں حسن کا نمبر اسوقت بھی موجود ہے۔ فیس بک پر حسن موجود ہے۔مجھ میں شائد کبھی جرات نہ ہو کہ میں اس کا نمبر اپنے موبائیل اور اس کا نام فیس بک سے ہٹا سکوں۔میں اس کی یادوں کو ایک مقبرے میں نہیں بدلنا چاہتا۔
حسن کو دیکھ کر کبھی یہ خیال نہیں آتا تھا کہ یہ شخص بستر پر بھی مرسکتا ہے ۔
کیا ہوا کو کسی نے بیمار ہوتے یا بستر پر مرتے دیکھا ہے۔۔۔۔۔



سمنڊ ٿو مونکي سڏي

حميد سبزوئي

هن هڪ ڏينهن اڳ ۾طارق عالم ابڙي جي مرتئي تي تعزيت ڪندي ان جي تاثراتي نوٽ بوڪ تي ڪشف واري ڪيفيت ۾ اڳڪٿي ڪندي لکيو هو ته “انسان کي “آهي” مان “هو” ٿيڻ ۾ وقت ڪيترو ٿو لڳي.” ۽ ان ئي رات چنڊ چمڪڻ کان نابري واري آسمان تي ڪاري گلاب وانگر ٿي پيو هو ۽ هيٺ سنڌ جو سهڻو سيبتو ۽ محبتي شاعر رت ۾ ٻڏي زندگيءَ جي آخري ويڙهه وڙهي رهيو هو ۽ نيٺ موت جي ڪاري حبشي کيس پنهنجن هٿن ۾ کڻي ورتو هو.

اهو اياز ۽ استاد کانپوءِ ٻين شاعرن کي ڇڏي سنڌ جو وڏو شاعر، اسان جو دوست بيحد قربائتو ۽ محبتي انسان حسن درس هو. پر سچ اهو آهي ته حسن درس ۽ طارق عالم ابڙو جهڙا تخليقڪار ڪڏهن به هو ۾ تبديل نه ٿيندا آهن ۽ سدائين “آهي” ئي رهندا. اسان جا صوفي منش، وحدت الوجودي ۽ خوديءَ کان مٿڀرا شاعر ۽ سرجڻهار رڳو امرتا پريتم وانگر اهو سمجهندا آهن ته ڏک، درد، غربت ۽ پريشانيون هن ڪائنات جي تخليقڪار جون ڄڻ پروف جون چڪون آهن ۽ هو انسان ذات جي زخمي روح کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ ذريعي پها رکي ڄاڻندا آهن، ايئن برابر آهي ته جڏهن ديوتائن هن ڪائنات کي جنميو هو ته هميشه جي حياتي پنهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏي هئي ۽ موت انسان جو ڀاڳ بڻيو هو. انسان جي ان لازميءَ ڪمزوري تي طنز ڪندي غالب چيو هو ته “موت ئي انسان کي مجبور ڪري وڌو آهي نه ته هو ايترو ته وڏائي وارو هو جو خدا کي به ليکي ۾ نه آڻي ها.” پوءِ به هر شاعر، تخليقڪار، اديب، موجد، ۽ سائنسدان جيڪي پنهنجي هٿ قلم توڙي ذهن ذريعي ڪجهه اهڙيون ڪرامتون ڪن ٿا جو سمئه جي سيني ۾ هميشه لاءِ ترسي پون ٿا ۽ يادگيرين سميت ڪنهن محفل جي ٽهڪن ڳالهين۽ گفتن ۾ مڌ جي خمار وانگر موجود هجن ٿا.

ته حسن درس ته اهڙو ئي دلبر ۽ روح پرور يگانو انسان هو. هو اسان جو دوست، هم عمر ۽ هم عصر ضرور هو، پر پنهنجي محبتي توڙي شاعراڻي نگاهه ۾ اسان کان گهڻو اڳتي هو، هن جو ڊڪشن، تشبيهون، اندازِ بيان، منظرڪشي، لفظن جي چونڊ، سڀني کان نرالي هئي. جيڪو هڪ ئي وقت فيض جي شاعريءَ وانگر رومانس ۽ حب الوطنيءَ جي سرحدن کي ڇهندو هو ۽ سندس شعر پڙهڻ، ٻڌڻ توڙي ڳائڻ ۾ ساڳيءَ طرح لطف ڏيندڙ هوندو هو. سنڌ جي هن ڏڍ ۽ ڏوٿيءَ جي ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ ۾ سندس جنازي نماز ۾ شرڪت بعد اندازو ٿيو هو ته هن پنهنجي محبت جي ويڙهي ۾ ڪيترن اديبن، شاعرن، فنڪارن توڙي عام آدمين کي شامل ڪري ڇڏيو هو. جيڪي اها دردناڪ خبر ٻڌي ديواناوار سندس آخري ديدار لاءِ پنهنجا پنهنجا ڪم ڇڏي ڀڳا هئا ۽ اهو پتو به پيو هو ته هن جي فن ۽ محبتن جي حُسن، هڪ نسل نه پر ڪيترن ئي نسلن کي متاثر ڪيو هو. سنڌ جا سمورا ناميارا حال حيات اديب، شاعر ۽ تخليقڪار اياز کان سواءِ شايد ئي ڪنهن اديب جي آخري رسمن ۾ ايتري تعداد ۾ شريڪ ٿيا هجن. اها ئي هئي حسن جي حُسن جي خوشبوءِ جي ثابتي، باقي ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي ته ادبي سنگت ٽن ڏينهن بدران ٻه ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. اهي ڪوماڻيل ۽ ملول چهرا، اشڪبار اکيون ۽ ڏک ۾ چيل اڌوگابرا جملا ۽ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن پاسي کان ايندڙ سڏڪن جا آواز، سڀني اخبارن ۽ سنڌي ٽي وي چئنلن جي موجودگيءَ ۾ سوڳ ۾ ورتل لمحا ۽ موبائيل تي ايندڙ SMS جي ٻوڏ ٻڌائي رهي هئي ته اڄ سنڌ کان غيرمعمولي انسان ڪو درويش يا پنهنجي فقيراڻي ۽ محبتي مزاج توڙي لازوال فن وسيلي هزارين دلين جون محبتون حاصل ڪندڙ انوکو انسان وڇڙي ويو آهي. شايد سنڌ وانگر حسن به هڪڙو هو. يا ڪنهن چيو ٿي ته حسن ڪي روز ڄمندا آهن ڇا؟ جيئن اسان جي دوست ناز سهتي چيو ٿي ته “اصل مسئلو خود آگاهي جو آهي، حسن کي شايد خبر ئي نه هئي ته سنڌ جا ماڻهو کيس ڪيترو پيار ڪن ٿا.”

سندس تدفين کانپوءِ دعا ٿئي ٿي، دعا جي کڄيل هٿن تي جهمپير جي تاڙي جهڙي سرشار نيڻن وارو انسان آصف بالادي کي چوي ٿو ته “ڪهڙي چڱائي ٿي آهي جو دعا ٿا گهرو.” ايئن هن سرمد جي ڪلمي جهڙي انسان پنهنجي چئي تي عمل ڪندي پنهنجي ٽڪ جهڙي زندگيءَ کي الائي ڪنهن سان احتجاج ڪندي پاڻ ويڙهي رکي ڇڏيو.

مان وڇايان تون نه ويهين

ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان...

حسن درس سان منهنجي پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي؟ ان سوال کي پوئتي ڇڏي مان اڳتي وڌي ٿو وڃان. اسان جي ملاقات “الست بربڪم” ٿيل هئي. انساني لباس ته گهڻو پوءِ جي ڳالهه چئبي نه. ان ڳالهه جي ان کان وڌيڪ ٻي ثابتي ڪهڙي ٿيندي جو اسين ڪنهن ازلي حڪم وسيلي ساڳي ڌرتيءَ تي ساڳي وقت تي ۽ ٿوري گهڻي فرق سان ساڳي دردمند دل وٺي پيدا ٿياسين. هن سنڌ جي اُڻ تڻ، بيچيني ۽ پيڙا کي شاعريءَ وسيلي ڳولي لڌو ۽ اسان اڌوگابرو ادب ۽ ٿوري ٿڪي قومي سياست وسيلي ڄاڻي ورتو هو، ته پنهنجي دور جي درد، بي وسي ۽پيڙا اسان کي ٻانهن کان وٺي مکاميل ڪرايو، دوستيءَ جي پنهنجائپ، ڀائپي ۽ درد آشنائيءَ ۾ حجاب ۽ احتياط جا سڀ پردا لهي ويندا آهن ۽ دلين جا درياهه ڀلي سمنڊ کان گهرا هجن پر دوستي جي دستڪ سان اهي دروازا هميشه لاءِ کلي ويندا آهن، اسان جو به ڪجهه اهڙو ئي رشتو جڙي ويو هو.

ٻاويهن ٽيويهن سالن جي ان عرصي ۾ ايئن ٿيو هوندو ته ڪڏهن ڪڏهن سال ۾ به ملاقات نه ٿي هجي، پر جڏهن به ملبو ته سندس قرب ۽ پنهنجائپ ۾ ڪا به ڪمي نظر نه ايندي. سدائين مهربان. ساڳيا ٽهڪ ۽ ساڳي بي حجابي، هو سنڌ جي انهن ٿورن ماڻهن مان هو، جيڪو هڪ ئي وقت دل، مزاج ۽ هٿ جا سخي انسان هوندا آهن. اهي مهربانيون شايد سڀني دوستن تي ساڳي ريت هونديون هيون ۽ فيض چواڻي هو هر وقت “مائل به ڪرم” هوندو هو. انهي ڪري سندس ڪشادي دل وانگر دوستن جو تمام وڏو حلقو هو ۽ دوستي ڪيئن نڀائبي آهي ان جو کيس بخوبي علم هو. اها سندس شخصيت جي خوبي ئي هئي جو سڀئي دوست سمجهندا هئا ته هو منهنجو ئي گهرو دوست آهي.

حسن درس جيئن شاعريءَ ۾ يڪتا انسان هو ايئن راڄ ڀاڳ، يارن دوستن سان نڀائڻ ۾ به نرالو هو، سنڌ جا وڻ، ٻوٽا، رستا، قبيلا، ريتون رسمون، اٿڻي ويهڻي، لائي، نڀائي، حسن جون ڪٿائون، پنهنجا ۽ پرايا عجب ۾ وجهندڙ قصا ۽ سندس ڪچهرين جو رس ۽ چس ڪنهن کي وسري سگهندو.

“اهڙا ئي آهين، صاحب منهنجا سپرين.”

يادگيرين جو ڪتاب کولي ڏسان ٿو ته ڪيئي ساروڻيون ساهه ۾ سانڍيل نظر اچن ٿيون.

شايد ۸۸-۸۹ع جو زمانو هو، سنڌ جي اديبن ڪنهن مامري تي سنڌالاجي ۾ بک هڙتال ڪئي هئي، انهن ۾ حسن درس به شامل هو ۽ شايد يڪجهتيءَ جي طور تي اسان سياسي ڪارڪن به ساڻن گڏ ويٺاهئاسين ته سنڌ جو ناميارو سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجو ملڻ آيو هو، اتي حسن درس کي به شاعري ٻڌائڻ جو چيو هئائين، آخر ڪنهن دوست حسن کي چيو ته اهو نظم ٻڌاءِ جيڪو تو آصف بالاديءَ تي لکيو آهي، پوءِ هن پنهنجو نظم ٻڌايو، جنهنجو ٿلهه هن ريت هو ته “ڪائنات ڪيڏي وڏي آ- آصف توکي ڇا گهرجي-!!؟ نظم ٻڌي پليجي مسڪرائيندي طنزيه پڇيو هو ته “ان نظم جو شانِ نزول ڇا آهي-!؟

ٻي ان ئي زماني جي ڳالهه آهي جڏهن قاسم آباد جي فليٽ ۾ اڪيلو رهندو هو، اتي به هڪ ٻه ڀيرا خوب ڪچهريون ٿيون هيون، ان زماني ۾ کيس ڪو قنڌاري عشق لڳل هو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو هن ڪنهن شريف مرد وانگر شاديءَ جي آرزو ڪئي هئي. پر عشق ۾ ٽريجڊي نه ٿئي ته پوءِ عشق ڪهڙو-! پر ان درد ۽ عشق حسن تي جيڪي نوازشون ڪيون ان سندس ڏات کي سوين چانڊوڪيون بخشي ڇڏيون، شايد سردين جو هڪ نظم ان پيار جو پڙلاءُ آهي، جنهن جون سٽون ته ڏسو:

سرد ملڪن جي پکين

جهڙي حسين ڇوڪري

منهنجون ڏهه ئي آڱريون

ميڻ بتين وانگر ٻرن

پوءِ به تنهنجي روح جون

سڀ ڳليون سنسان ڇو-؟

ان کانپوءِ ۹۲ع ڌاري جڏهن اسان سڀ انڊيا وياسين ته اتي دهليءَ ۽ بمبئيءَ جون ڳليون به اسان گڏجي ڪڇيون هيون. جو هو بيچ، نيڪلس بيچ، اليفينٽا ٻيٽ ۽ تاج محل هوٽل جي ڀرپاسي واريون ڳليون، جن تي گهمڻ ۽ آوارگيون ڪرڻ جو پنهنجو لطف هو. جتي هڪ پيار جي پنڌن جي سونهين سنڌيءَ اسان کان پڇيو هو ته توهان سنڌ کان آيا آهيو؟ “ها” واراڻي ڏيڻ تي هو ٻهڪي پيو هو ۽ خرچي وٺڻ کان نابري واري ويٺو هو. انهن ڏينهن جي بمبئي ۽ هاڻوڪي ممبئي ۾ پوري رات اسان آواراگرديون ڪندي گهاري هئي. اُهي دلچسپ ڳالهيون، يادون ۽ جملا ايڊيٽر جي قلم کان اڳ ئي ايڊٽ ٿو ڪري ٿو ڇڏيان.

حسن جي شاعري جيڪا انوکا ۽ ڇرڪائيندڙ انداز رکي ٿي، جيڪا پڙهڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هن هر ڪنهن جي دل جي درد ۽ لڙڪن کي ويهي سٽ سٽ ۾ سمويو آهي ۽ پنهنجي ئي جيون جي ڪا اڻ لکيل ڪٿا لڳي ٿي ۽ پڙهندي از خود غالب جي سٽ ذهن تي تري ٿي اچي ته “مين ني يه جانا هي گويا، يه ڀي ميري دل مين ٿا.” سنڌ جي سردين ۽ ڄامشوري جي شام جهڙي هن شخص جي من ۾ الائي ڪهڙو ريچڪ آيو جو هن ڌرتيءَ کي هڪ ٻرانگهه ۾ پار ڪري وڃي ستارن جي ٻئي پاسي پهچي ويو.

هن سان ويجهڙ ۾ اسان جي دوست مسعود لوهار جي ڪري گهڻا سفر گڏ ڪرڻ جو موقعو مليو، خاص طور تي روهيءَ جو پنڌ سڀني کان يادگار هو، جتي اسين موت جي منهن مان نڪري آيا هئاسين ۽ واپسيءَ ۾ مسعود لوهار ۽ حسن درس سان گڏ سفر ٿيو، جنهن ۾ همسفر گاڏهي به گڏ هو، سڄي رستي تي حسن جون ڳالهيون، ڀوڳ ۽ چرچا هئا، جنهن تي سموري سنگت کل ۾ ويڙهجي وئي هئي، خاص طور تي ٻي شاديءَ جو مباحثو ته سنڌي نسل ۾ نرالپ ۽ سونهن پيدا ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ موجود خوبصورتيءَ سان لائون لهڻ گهرجن ۽ ان کي قومي فرض سمجهي پورو ڪرڻ گهرجي، يا حسن جا اهي گفتا جيڪي کيس اياز ملاقاتن دوران چوندو هو. اهي به اياز جي آواز ۾ اهڙي ته دلچسپ لهجي ۾ ٻڌائيندو هو. جو سڄي سنگت محظوظ ٿي ويندي هئي. ساڳيءَ طرح حسن درس، مسعود لوهار ۽ سڪندر بروهيءَ سان هنگلاج جو سفر به يادگار هو.

عورت، شراب ۽ سمنڊ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ استعاري طور ڪتب آڻيندڙ حسن، هر حوالي سان حيران ڪندڙ هو. جيئن هن لاهور ۾ مشهور اردوءَ جي ليکڪا جميله هاشميءَ جي ياد ۾ ڪوٺايل ميڙ کي حيران ڪري ڇڏيو هو، جو اتي موجود اسان جي سينيئر ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي به پنهنجي مضمون ۾ تعريف جا واهڙ وهائي ڇڏيا هئا. ساڳيءَ طرح هن سنڌ جي سرحدي شهر ننگرپارڪر لڳ ڪولهين سان مڌ چڪي پيئندي ان ڪولهيءَ کي حيران ڪري ڇڏيو هو، جنهن هن کي چيو هو ته اسان جو دوست آهين ته اسان جي شڪار ڪيل جانور جو گوشت کائيندين؟ جنهن تي هن ها ۾ ورندي ڏني هئي اهو جانور جنهن جي کائڻ جا طعنا فردوسيءَ عربن کي ڏنا هئا.

هن مانجهاندي جي ماڳ ۽ رين بسيري واري دنيا جنهن جي بي ثباتي ڪنهن شڪ کان مٿڀري آهي. هو ايئن اوچتو ڇڏي ويندو، ڪنهن سوچيو هو! هن جي خيالن، ڳالهين، شاعري سان سنڌ پرينءَ جو پاڇو ٿي پيئي هئي ۽ هن جي جواني، حُسن ۽ اتساهه اڃا زندگيءَ سان سرشار هئا. اڃا ته نه مڌ کٽو هو، نه ساقيءَ جا هٿ ڏڪيا هئا ۽ نه رات جي پاند ۾ اٽڪيل ستارن موڪلاڻي ڪئي هئي جو هي بلهي شاهه جي خيال جهڙو شخص وڃي خيال سان مليو

مئي تان ڪوئي خيال هان، ملسان نال خيال دي

اهو ته اياز هو. جنهن پنهنجي اميد ۽ اتساهه جي سمجهاڻي ڏيندي چيو هو ته “مون ۾ ايترو اتساه آهي جو مان گلاب جي گل کي ڦٽڻ لاءِ چوان ته انهي وقت ڦٽي پوندو. پر حسن درس جو خيال شايد اياز کان به گهڻو اڳتي آهي، جو هو ابن مريم کان به اڳتي وڌي منصوري هجت جي انداز ۾ چوي ٿو

قونيا ۾ ڪيف وارو رومين جو رقص آهي

هن دل قلندريءَ ۾ دم دم ڌمال آهي

هن پٽ کي وڇائي، ويڙهي سگهان ٿو آئون

هر خيال جي خدائي کيڙي سگهان ٿو آئون

مٽي مان هر ڪو ماڻهو ميڙي سگهان ٿو آئون

آواز جي اٿڻ جي ڪيفيت ڪمال آهي

انهي شاعريءَ جو معجزو ئي آهي جو کيس حسن مجتبيٰ اياز کان پوءِ سنڌ جو وڏو شاعر ڪوٺيو آهي.

مشائخ – هوٿيءَ جي درگاهه تي گهريل سندس دعا اگهامي هئي ۽ هو سنڌ جو سڀني وصفين اوچي پد وارو سرجڻهار ٿي اڀريو هو. پر هو اول ۽ آخر شاعر. يارن جي پُکي ۾ آيل آواره گرد، آزاد، قصه گو ۽ محفلن جو مور، قدرت کيس اهڙي موزون طبيعت ڏني هئي جو هن جي شاعري، گفتا، ٽهڪ ۽ مَڌ جا گلاس سڀئي بحر وزن ۾ پورا هوندا هئا. هن ڪمال جي خوددار شخص الائي ڪٿان “وجود وڃائڻ” جي رمز سکي هئي، جو هن کي خود جسم پراڻو لٿل لباس لڳو هو جو ان کي ڪنهن اردو شاعر چواڻي “آذان ۽ نماز” جي وچ واري مختصر وقت جيترو جيئي ۽ لاهي هليو ويو. بيشڪ فن کي پنهنجي معراج تي پهچائڻ لاءِ ڊگهي ڄمار جو هئڻ ضروري آهي، پر بيڪس وانگر جوانيءَ “۾ جي ڪنهن کي جان جي جانان جو سڏ ٿئي ته پوءِ ان جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس ڪجي.

هو شخص جيڪو خود زندگيءَ جهڙو هو. جنهن کان زندگي خود ٽهڪ اُڌار وٺندي هئي، جنهن جي شاعري حياتي ۽ اٿڻي ويهڻي سنڌ اندر هڪ اميد جي علامت هئي، جنهن جو سنڌ جي سڀني مڪتبهءِ فڪر جي ڪارڪنن ۾ ساڳي طرح احترام هو. پنهنجي شاعريءَ ۽ ذات توڙي انا واري ٿانوَ کان مٿڀرو حسن درس جڏهن اسٽيج تي شاعري ٻڌائيندو هو ته تڏهن چپ حيرت ۾ وٺجي ويندا هئا، هٿ تاڙين وڄائڻ جو هنر وساري ويهندا هئا ۽ هوائون رقص ڪنديون هيون. جنهن به کيس اسٽيج تي هڪ ڀيرو ٻڌو، اهو کيس پهرئين عشق وانگر ڪڏهن به وساري نه سگهندو.

ائين ناهي اياز-! حسن جي وڇوڙي سان ميڪدي تي ماڪ ته برابر وسي رهي آهي، پر پياڪن جا سمورا خمار، شيشي جي گلاس وانگر ٽڙڪي پيا آهن. هو جيڪو سنڌ جي ميڪدي جو ساقي ۽ سونهن هو. جنهن وٽ حب الوطني، مزاحمت، رومانس ۽ عاشقيءَ جون سموريون ادائون ۽ انداز موجود هئا، موکي جي مٽن جهڙي هن جي شاعري جي ميخاني ۾ ڪير هو جنهن کي ديدار ۽ پيار جي چڪيءَ مست نه ڪيو هجي. سنڌ جي هزارين دردمند انسانن، ان ميخاني جي احترام ۾ پنهنجن ٽٽل دلين ۽ ڀنل اکين اندر پيار ۽ ياد جا ڏيئا ٻاريا آهن ۽ حسن جي ئي لفطن ۾ ته “جيئڻ جي جاڳ” ۽ “عاشقيءَ جي آڳ” وانگر اهي ڏيئا ڪنهن به وقت، حادثي، المئي جي طوفان ۾ به وسامڻا نه آهن.

دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا

ناريل جي وڻن کي آهي ڏسڻ جي عادت

۽ مرد کي مصيبت- آهي ڇهڻ جي عادت 

۽ ڇوڪرين ڇتين کي- آهي ڪهڻ جي عادت

ڪنهن تي پون نه ڪڙڪي- سي مرد سڀ مري ويا

ناراض عورتن جا



حسن درس

پروفائيل

حسين ڪپري

حسن جو فون ايندو هو، ”گهٽي ۾ انتظار پيو ڪريان، ٻاهر اچ.“

آئون ڪار ۾ چڙهندو هئس ته مصنوعي ڪاوڙ ۾ چوندو هو، ”منهنجو فون ون وي ڇا ٿيو تو کي ته بُل ملي ويو.“

”ڇو ڇا ٿيو؟“ ڄاڻي بي خبر ٿي پڇندو هئس.

”اڙي اسان کي هرو ڀرو رولي ماريو اٿئي ۽ ڪو فون به نٿو ڪرين.“

پوءِ، ڦاٽل گٽر لائنون، لٿل پٿرن جا ڍير ۽ کوٽيل رستا ڏسي پڇندو هو، ”اوهان جي پاڙي ۾ سر جان مارشل آيو هو ڇا؟“

هو پاڻ به هن پاڙي ۾ رهي ويو هو پر تڏهن اسين هڪ ٻئي کي سڃاڻندا نه هئاسين. هڪ ڏينهن منهنجو نمبر هٿ ڪري فون ڪيائين ته ملڻ ٿو اچان.

ٽڙندو هو آيو، گل جي موسم وانگر ۽ مليو ائين جو ڄڻ ته هميشه جو واقف!

هن جي وڃڻ کان پوءِ مون سوچيو، قد ۾ ڊگهو آهي پر بيوقوف نٿو لڳي. زور سان ڳالهائي ٿو ته ڇا ٿيو، نيت جو خراب ڪونهي. رنگ جو سانورو ۽ من جو بانورو آهي. پاڙي ۾ عزت ملي ٿي ۽ سوسائٽي ۾ چار ماڻهو سڃاڻن ٿا. جتي ڪاميابي جي اميد ناهي اتي به ناڪامي کان نٿو ڊڄي. ماڻهو ٺيڪ آهي.

ماڻهو سدائين پاڻ جهڙو ٻيو ماڻهو ڳوليندو آهي. هو خود مون کي ڳوليندي هتي اچي پهتو هو. ان کان پوءِ تقريبن هر شام هن جي نالي ٿي ويئي. روز سج لٿي کان پوءِ، آهستي ڪار هلائيندا، پنهنجي مام ۾اک ٿڌي ڪندا ۽ ڳالهيون ڪندا ويندا هئاسين. ڳالهيون نون ڪتابن جون، پراڻين شرابن جون ۽ حسين عورتن جون.

مون چيو، دنيا ۾ سڀني کان گهڻو عورت جي چيلهه تي لکيو ويو آهي، اکين، لبن، ڳلن ۽ زلفن جو نمبر پوءِ ٿو اچي.

هن اختلاف ڪيو، ليکڪن کي سڀ کان وڌيڪ سيني تي لکڻ گهرجي، مرد جي نگاهه پهرين اتي پوي ٿي!

دڪان تان شام جو سامان وٺي حفيظ ڪنڀر جي فليٽ ڏي روانا ٿيندا هئاسين.

”هن پاڻ واري همراهه جو گهر هميشه پلازا جي ٽاپ تي ڇو هوندو آهي؟“ چاڙهيون چڙهڻ مهل سهڪندي پڇندو هئس.

ننڍي هوندي پڙهيو هوندائين، ”تو شاهين هي بسيرا ڪر پهاڙون ڪي چٽانون پر،“ هو ٽهڪ ۾ جواب ڏيندو هو.

جڏهن شرارت جو موڊ ٿيندو هو ته کيس چيڙائڻ لاءِ ڳائيندا هئاسين، ”هي ڪنڀر ڪيڏو چريو...“

ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو سندس گهر ڪچهري ڪندا هئاسين. ننڍڙو چيزل گيٽ کوليندو هو. اوطاق واري ڪمري ۾ سجايل صندل تي مون کي ويهاري اندران پاڻي کڻي واپس موٽندو هو ته آئون چوندو هئس، ”يار هي واهيات ڪاٺ کڻائي ڇڏ هتان.“

هو ڪاوڙبو هو، ”اڙي توکي پنهنجي تخت طائوس تي ويهاريو اٿم، هن تي آئون ڪنهن کي به ويهڻ نه ڏيندو آهيان. پر تڏهن به توکي قدر نه آهي.“

مگر آئون بي قدرو هجان ها ته سندس شاعري تي ڪيئن موهجان ها! اها مون کي ان ڪري به وڻندي آهي جو هن جي واتان ٻڌندو هئس. کيس لفظن جي ادائيگي جي جادوگري جي خبر هوندي هئي.

آئون کيس افلاطون جي شاعرن تي تنقيد ۽ ارسطو جا بچاءُ ۾ جوابي دليل، نظريا ۽ دنيا جي اعليٰ ادب جون خبرون ٻڌائيندو هئس. هومر، شيڪسپيئر، ڪيٽس کان وٺي موجوده دور تائين جي تخليق ڪارن جي شعرن جا مثال ڏيندو هئس.

هو چوندو هو، ”مون کي انهن سڀني جي خبر ناهي ۽ نه ئي مون تي ڪنهن جو اثر آهي. آئون پنهنجي ڳوٺ جي زمين چيري، زوري ڦٽي نڪتو آهيان، رلي ڌڪا کائي سکيو آهيان!“

واقعي هن هيستائين پاڻ کي پاڻ سيکاريو ۽ نالو ڪمايو هو. مگر اهو ڪافي نه هو. تمام تر حسناڪين ۽ خوبين جي باوجود هن جي شاعري ۾ اهي سڀ خاميون هيون جيڪي اڀرندڙ شاعرن جي ڪلام ۾ هونديون آهن.

هن جا اڪثر ڪردار ڪمزور، ڄٽڪي حد تائين لاعلم ۽ غير پرڪشش لڳندا هئا تنهنڪري انهن لاءِ محبت نٿي پيدا ٿي! برابر، هن جي ڪلام ۾ جا بجا اهڙيون سٽون ضرور هيون جيڪي دل چورائي وٺنديون هيون. مگر اهي نظم مڪمل شاهڪار جي بجاءِ حسين اتفاق لڳندا هئا.

کيس عالمي حالتن جي ايتري گهٽ ڄاڻ هئي جو الجيريا جي ملٽري ڊڪٽيٽر حواري بومدين کان وٺي ڪرڪيٽ جي داڳي رانديگر هينسي ڪرونيي تي به نظم ٺوڪي ڇڏيندو هو!

کيس اهو احساس ٿيڻ لڳو هو ته جن موضوعن تي هن لکيو پي تن کان اڳتي ٻيا جهان هئا جنهن تائين هن کي پهچڻو هو. اياز جي ڀرسان اچي بيهڻو هو.

ان زماني جي ڪچهرين جي نتيجي ۾ هن جي دماغ ۾ خيالن جون ڄڃون لهڻ لڳيون هيون پر انهن کي ترتيب ڏيئي ڪنهن لافاني تخليق لاءِ کيس اڃا وقت گهربو هو.

منهنجون ڳالهيون ٻڌي هو حيران ٿي ويندو هو. پوءِ اصرار ڪرڻ لڳو ته انگريزي سيکار. کيس عالمي ادب پڙهڻ جو شوق جاڳيو هو. هن ڊگهي حياتي جا خواب ڏٺا هئا. مون چيو، پهرين تون بنيادي شيون سک پوءِ اڳتي مون وٽ پڙهجان.

هڪڙي سٺي ٽيچر جو بندو بست ڪيوسين. پڙهائي شروع ٿي. هو انگلش پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي مشق ڪرڻ لڳو. رات جو ڪاپي چيڪ ڪرائيندو هو ۽ ٽيچر سان ٿيل گفتگو موبائل تي رڪارڊ ڪري اچي ڏيکاريندو هو.

جي هو عالمي ادب پڙهي ها ته اڃا به وڌيڪ سٺو شاعر ٿئي ها! عظيم اديب ٿيڻ لاءِ جيتري ڊگهي ڄمار کپندي آهي اها کيس نصيب نه ٿي پر تڏهن به جيڪا زندگي هن کي ملي انهي کي هن سٺو ماڻيو.

ٻين رائٽرز وانگر هو ڪنهن به سنڌي ادبي گينگ جو ميمبر نه هو جتي ليکڪ پنهنجون سنگتون نڀائين ٿا ۽ واري سان هڪٻئي جون تعريفون ڪن ٿا. بي جا تعريفون اهڙو مٺو زهر آهي جيڪو تخليق ڪارن کي منجمد ڪري ڇڏي ٿو، هو پنهنجي حال تي مطمئن ٿي وڃن ٿا.

دنياوي حساب سان ڏسجي ته هو ڪو سياڻو شخص نه هو. ماڻهو ڌنڌا، واپار ۽ نوڪريون ڪندا آهن، هو صرف شاعري ڪندو هو!

جڏهن ڪو ماڻهو ڇڏي سڀ ضرور، هٿ ڌوئي ڪنهن ڪم جي پويان لڳندو آهي ته ڪمال ڪندو آهي. هو نه صرف شاعري لکندو هو پر ان کي پروموٽ به پاڻ ڪندو هو.

جتي ڪي چار ادب دوست سُجهندا هئا، اتي وڃي پهچندو هو. هو خود دار به هو، پرائي شراب پي پنهنجي شاعري نه ٻڌائيندو هو.

کيس اورئين پاسي واري اڌ سنڌ سڃاڻندي هئي. هر شهر ۾ هن جا ڪي يار هوندا هئا. ”هي پنهنجو دوست آهي،“ منهنجو تعارف ڪرائيندي چوندو هو، مگر لهجي ۾ فخر کي لڪائي نه سگهندو هو. هو ڏاڍو معصوم هو!

طارق عالم ابڙي کي آخري سفر تي روانو ڪري هو موٽيو. فون ڪيائين ڪٿي آهين ۽ ڇا پروگرام آهي. مون چيو هتي آهيون ۽ چانهه پيڻ جو پروگرام آهي. هن وراڻيو ٺيڪ آهي، ٿڪل آهيان سمهان ٿو. اڌ ڪلاڪ پوءِ وري سندس فون آيو، چيائين سنگت ڏي هلڻو آهي. اسين انڪار نه ڪري سگهياسين.

اها ساڻس آخري ملاقات هئي. ان محفل ۾ مون سان گڏ سندس پراڻو دوست عزيز سينهڙو به هو جنهن سان هو سورهن سالن کان پوئي ڪچهري ڪري ڏاڍو خوش ٿي رهيو هو.

ٻنهي پراڻا قصا، دوستن جون شرارتون ۽ ٻيون خبرون کوٽي ڪڍيون. جڏهن حسن جي شادي جون ڳالهيون نڪتيون ته سندس اکيون ٻرن مشالا ٿي ويون. هن عزيز کان سندس سوئٽزرلينڊ گهمڻ جا قصا تفصيل سان ورائي ورائي پڇيا. اتي جو اتي ٻنهي پروگرام ٺاهيو ته فرانس کان پوءِ سڌو سئٽزرلينڊ وڃبو.

رات ڪافي گذري ويئي هئي. مون چيو ٺيڪ آ هي پهرين مون کي گهر لاهيو، پوءِ اوهان کي جتي وڃڻو آهي وڃو. ويران رستن تي گاڏي هلائيندي کيس سڄي خبر هوندي هئي ته رات جو چار بجي ماني ڪٿي ملندي، آئس ڪريم جا دڪان ڪٿي کليل هوندا!

 جنهن گهوڙي جي ٽاپولي جو ذڪر هن پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي سا سندس من ۾ به هئي.

کيس هڪڙي جاءِ تي گهڻي دير سک نه ايندو هو. هو جيئن رات جو گاڏي هلائيندو تيئن ماڻهو ڏينهن جو موت جي کوهه ۾ به نه هلائيندا آهن.

کيس اندازو ڪونه هو ته سندس زندگي جي گاڏي هڪڙي ٽڪر سان بيهي رهندي.

سوجهاڪي کان ٿورو پهرين، روڊ تي حادثي کان پوءِ کيس احساس ٿيو ته وقت هاڻي هن لاءِ هميشه بيهڻ وارو آهي! جيئن سهڻي ٻڏڻ وقت ميهار کي سڏ ڪيا تيئن هو به رات جي پوئين پهر گهر ڪالون ڪندو رهيو، مگر ڪا وراڻي ڪانه ملي!

حسن جو ڪلام انهن کي مايوس ڪري ٿو جيڪي شاعري ۾ پهرين ميسيج ڳولين ٿا. اڃا تائين هو اهو محسوس نه ڪري سگهيا آهن ته سندس ڪويتائن ۾ سڀ ڪنهن لاءِ سڀ ڪجهه نه آهي!

نجي ڪچهرين ۾اسان وٽ جڏهن به سنڌ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته پراڻن ڦٽن ۽ اياڻن ويڄن جو ذڪر سدائين گڏ نڪري پوندو آهي ۽ پوءِ انهي جو حل تلاش ڪبو آهي شاعري ۾!

ان ڪري اسان جي ماڻهن کي عادت پئجي ويئي آهي ته سئين سڌي شاعري ۾ هرو ڀرو به ڪانه ڪا لڪل معنيٰ يا پيغام ڳوليندا.

ان کان سواءِ هاري مزور جو درد، وڏيري جو ظلم، صوفي ازم ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه تلاش ڪندا آهن. مٿان وري لقب ڏيڻ جو مانوس سلسلو! غزل جو شهنشاهه، بيتن جو بادشاهه، وائي جو فلاڻو.

گهٽ پڙهيل نقاد سوال ڪن ٿا ڇا سنڌ جي هر شي ايتري سهڻي آهي جيتري هن جي شاعري ۾ نظر اچي ٿي؟

ان ڳالهه جي باوجود ته سندس نئين سامايل شاعري اڃا ته گونچ ٿي ڪڍيا ۽ اها اڪثر ماڻهن کي پوري طرح سمجهه ۾ نه آئي پر تڏهن به ان کي زبردست مڃتا ملي!

ٻڌڻ کان پوءِ جيڪي خمار چڙهن ٿا تن مان خبر پوي ٿي ته اهو هڪ جام نه پر پورو ميخانو آهي جيڪو ميچوئر ٿي رهيوآهي، جنهن جا ڪيف چڙهندا ئي وڃن پيا.

تڏهن ئي ته ڪتاب پڙهندي، وڻن هيٺان واڪ ڪندي، بستري تي ليٽندي سمهڻ کان اڳ ان جون سٽون بار بار ياد ٿيون اچن!

هن جهڙي نموني خوبصورتي کي آئڊيلزم سان ڳنڍي تخليقي عروج تي پهچايو ان کي انجوائي ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي وقت ۽ دماغ کپي.

اها نازڪ شاعري لوهارڪو ڌڪ نٿي پچائي سگهي، ان کي انتظار آهي ڪنهن سونارڪي ڪاريگري جو جيڪو انهي گهڙاءُ جي سونهن کي توري تڪي ۽ سمجهي سگهي.

اڳتي هلي جڏهن هن ڏات خزاني جا اصلي وارث جيڪي جمالياتي اشوز، تجريدي سچ، ارتقائي اخلاقيات، لامحدود انساني خواهشن ۽ ٻين پاسن کي سمجهندا ته هو هن جينيس فنڪار جي ڏات تي فدا ٿي ويندا.

خواب ۽ جاڳ، آدرش ۽ حقيقت، درد ۽ لطف جي اظهار کي نيون معنائون ملنديون!

هن پنهنجي زندگي شاعري کي ڏني جتان کيس امرتا عطا ملي. هن کي وئي ڪيترائي سال گذري ويا پر ماڻهو اڄ به سندس ڳالهيون ڪن ٿا ڇو ته هن جهڙو ٻيو شاعر اڃا تائين نه اچي سگهيو آهي!

ڪينجهر ڪناري جهمپير ۾ رسول بخش درس جي اوطاق هن جو ٻيو گهر هو جتي سارنگ درس سان روح رچنديون ڪندو هو.

اتي هن لهندڙ سج، موٽيل جواني ۽ ويندڙ وهي جا افسانا ٻڌا هئا. اهي سڀ سهڻيون جن راڄن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون، اهي جوان جن لارا لپا ڏئي پنهنجو سانگ سجايو ڪيو هو، سي خاڪ ٿي ويا.

 اهي سڀ داستان ۽ ڪهاڻيون جن تي هن لکڻ لاءِ سوچيو هو سي اڻ چيون رهجي ويون. سندس لفظ، ڳالهيون ۽ ٽهڪ اڏامي ويا.

يارن سان گهاريل پل ڪيترا به خوبصورت ڇو نه هجن پر وقت گذرڻ کان پوءِ ياد ڪرڻ سان هميشه وڃائڻ جو احساس ٿيندو آهي. هن کان سواءِ هيترا سارا ورهيه خبر ناهي ڪيئن لنگهي ويا، ٻيا سال به ائين ڪٽجي ويندا.

پن ڇڻي وري ڦٽي اچن ٿا. گل به موسمن سان ٽڙي پون ٿا پر ماڻهو هميشه لاءِ وڃي ٿو. هو جو زمين اوڍي ستو آهي ته وري اک نه پٽيندو. پوءِ ڪوئل الائي ڪنهن لاءِ ٿي ڪوڪي!

 

(ڪتاب: دلبر هن ديس ۾ ڇپيل)


 

حسن درس

سندس سوڳ جو ورجاءُ - ۱۶ جون - سنڌ جي البيلي شاعر جي ورسيءّ جي مناسبت سان

اعظم ڀٽي

هُو چوندو هو ته “اها ڪوشش ئي اجائي آهي جيڪا نتيجا نه ڏي.” اهڙي قسم جي ڇَنڊ هن اسانجي هڪ دوست کي ان وقت پَٽي هئي، جڏهن هُو اوورسيز کاتي جي ذريعي هڪ ميڊيڪل آفيسر طور سعودي عرب وڃي رهيو هو، ڪنهن طبي مسئلي سبب ان ڊاڪٽر دوست جي گهرواريءَ ساڻس گڏ سعودي عرب لاءِ ميڊيڪل آفيسر طور نه چونڊجي سگهي ۽ هُن مختلف وسيلن سان پنهنجي مُنهن ڪوششن جو ڄار وڇائي، معاملي کي بگاڙي ڇڏيو هو. هي اهو مُشڪل وقت هو جڏهن سعودي عرب لاءَ ويندڙ ڊاڪٽرن جا انٽرويو ڪراچي کان منتقل ڪري لاهور ۾ رکيا ويا هئا. توڙي جو ان ڊاڪٽر دوست کي سعودي عرب روانو ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ اُن فقير جو وڏو ۽ اهم ڪردار هو. ان ڪردار جي پُهچ جو اهم ۽ آخري ذريعو ڪامريڊ مظفر چانديو هو. جنهن جي وجود کان حسن درس ڄڻ ته اڄ به تصوراتي طور جُدا نه ٿي سگهيو آهي. کيس سمورا دوست فقير حسن درس ڪري سڏيندا هئا. جنهن جي وڇوڙي کي اڄ تيرنهن سال گُذري چُڪا آهن پر سندس ساروڻين جي موسم اڃا به جوڀن تي آهي. موسم جو جوڀن ڇا بس حسن درس جي سوڳ جو ورجاءُ آهي. سندس بقول ته “ماڻهوءَ، ماڻهوءَ سان ملي ٿو، پٿر منجهه گُلاب کِلي ٿو.” عُمر جي آڱرين مان گُلن وانگي ڇَڻي، هُو اڄ به مشائخ هوٿي جي مٽيءَ ۾ ماربل جي پٿرن ۾ مدفون هوندي به تصوراتي طور گُلاب جيان کِڙيل آهي. هُو جڏهن مُرڪي ملڻ کانپوءِ تڪڙو صفا تڪڙو هليو ويو هو تڏهن سندس تدفين وقت جان خاصخيلي کان وٺي کوڙ سارن دوستن ڳَل تان ڳوڙها ڳاڙيندي مونکان پُڇيو هو ته “ فقير رات اوهان وٽ هو ڇا؟” ڪجهه دوستن کي گُمان هو ته فقير حسن درس پنهنجي حياتيءَ جي اها آخري رات ٽنڊي محمد خان ۾ هو، پر ائين هو ڪونه!! ڪاش ائين ٿي پوي ها ته شايد هُو سُورج مُکي جيان اسانجي وچ ۾ ٽڙندڙ هُجي ها! هُو جيڪو ڪراچيءَ لاءِ چوندو هو “ڪراچي تون اسانجو سج آهين، اسين سُورج مُکي آهيون.” اُهو ڪراچيءَ جهڙو اسانجو سج وقت کان اڳ اُلهي ويو، اُهو سُورج مُکي هميشه لاءِ ڪُومائجي ويو. حسن درس جو ذهن، اکيون ۽ دل گهڻو ڪجهه پڙهڻ بِنا ڄاڻي وٺندي هئي. هُو جديد شاعريءَ ۾ لفظن جو جادوگر هو، هُن جي ڪويتائن جي سِٽ سِٽ ۾ ناول جيڏو مواد سمايل هو. هن جي سِٽ سِٽ هن دور جي دل ۾ اڄ به ڌڙڪندي ٿي رهي. هُو پسند ۽ ناپسند جي ٽانڪن ۾ اٽڪڻ وارو نه هو، هُو فقيرمنش ماڻهو هو، جيڪو پنهنجي پسند پاڻ پيدا ڪندو هو ۽ ناپسند ڏانهن نگاهه به کڻن لاءِ تيار نه هوندو هو. وٽس پسند ۽ ناپسند جا پنهنجا ۽ منفرد معيار ۽ ماپا هئا. مون سندس وفات کان وٺي هن وقت تائين سندس زندگيءَ، فن ۽ ڪردار تي حال سارو طبع آزمائي ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اڄ سندس وفات جي تيرنهن سالن پُڄاڻان دل چوي ٿي ته ساڻس سلهاڙيل يادن کي ويهي اُکيلجي، سندس ساروڻيون سارجن، جن ساروڻين ۾ هُن جو حُسناڪ وجود هميشه سندس حلقي تي حاوي هوندو هو، هُو دوستن جي قافلي جو هميشه سرواڻ رهندو هو.

سندس ڪهڙيون ڪهڙيون سارون ويهي سارجن، هر سار ۾ عجيب ڇڪ آهي، هڪ ڪشش آهي، جيڪا تصور ايندي ئي ڄڻ ته تازي بڻجي ٿي پئي. هڪ ڀيري جاتي بندر تي دوستن جو قافلو ساڻ ڪري سندس اڳواڻيءَ ۾ سمنڊ سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ نڪتل هئاسين، سڄي رات شاعري، راڳ رنگ، سمنڊ، مهاڻا اسانجي من جي موسم تي ڇانيل هئا. سمنڊ جي لهڻ ۽ چڙهڻ کان وٺي، ڇولين جي عُروج ۽ زوال، سمنڊ سان چنڊ جي چلولائي کان وٺي، سج جي سچائيءَ تائين ويٺي خبرن جا ڳوٺ ٻَڌائين، ملاحن کان ائين پئي پُڇائون ڪيائين، ڄڻ ائين پئي لڳو ته ڪنهن مشاهداتي سفر تي نڪتل هجي، ڪنهن تحقيقي اسٽوري تي ڪم ڪري رهيو هجي. سموري رات جي انهن خبرن چارن سان گڏ وري فقير وچن سنڌي جو آواز به مخصوص نشست جو حصو هجي ته پوءِ محفل ڄڻ ته موج جي پوري عُروج تي هئي، اتفاق سان فقير وچن سنڌي، راڳ جي حوالي سان هميشه سازندن جو محتاج، سو ڪي دوست وري هڪٻئي فنڪار جو بندوبست ڪريو ويٺا هئا، جنهن سان سمورا ساز ۽ سازنده به گڏ هئا. راڳ جي محفل کي راڻي جي رمز تي پهچائي، سُمهڻ جي تيارين ۾ هئاسين ته دوستن پاران گهُرايل فنڪار کي اچي پئسن جي لالچ وَرايو، سو سازندن جي اُجرت تي وچن سنڌي سان اٽڪي پيو. فقير حسن درس وچ ۾ پئي مامري کي ٽاريو پر مونکي چيائين ته هي همراهه نيت جا پليت ٿا لڳن، ائين نه ٿئي جو سُمهڻ بعد فقير وچن جا پئسا ڪڍي وڃن، سو تُون فقير تي ويهي چوڪي ڏي، سو آئون ۽ اصغر ڀٽي سموري رات ڄڻ ته فقير وچن سنڌي جا پهريدار ٿيو ويٺا هئاسين. صُبح جو موڪلائڻ مهل به فقير وچن جي رقيب فنڪار، وچن سنڌي کي اکيون پئي ڏيکاريون، وري وچن سنڌي جا جواب ٻُڌي، کِل ئي نه بيهي. اهڙيون لاتعداد يادگار محفلون ويهي ڳاڻيٽي ۾ آڻجن ته لکت تمام گهڻي طويل بنجي ويندي، سو بس في الوقت فقير حسن درس کي ياد ڪرڻ لاءِ يادن جي تاڪين کي ڇُهڻ جي ئي جسارت ڪري سگهجي ٿي. سانوڻ فقير جي ميلي تي هڪ ڀيري گهوڙڻ جي ڊوڙ ڏسڻ وياسين، گهوڙڻ جي ڊوڙ ڇا ڏٺيسين، ڄڻ ته گهوڙن بابت ڪو پوري ڏينهن جو ڪلاس هليو، ڇا ته گهوڙن بابت سندس ڄاڻ ۽ مشاهدو هو. گهوڙن جي ڊوڙ هلندي نه رڳو پاڻ ان سموري لقاءُ ۾ محُو هو پر هر وک تي، چال تي، هر قدم تي، هر ٽاپولي تي سندس سمجهاڻي ڪنهن قابل ليڪچرار کان گهٽ نه هئي. وري محرم جي هڪ مهيني ۾ ٽنڊي غلام علي ۾ لڳندڙ گڏهن جي پِڙي ۾ ائين ٿي محسوس ٿيو ته هُو خاص ڪنهن تحقيق ۾ مصروف آهي. سندس وڏي خُوبي هوندي هئي ته جتي به جنهن به جاءِ تي ڪنهن خاص مقصد، تفريح يا ذاتي ڪم سانگي اُسهندو هو ته مڪمل حال احوال سان گڏ، مشاهداتي اک کي وڌيڪ ڪُشادو ڪري ڇڏيندو هو. نه رڳو غور سان ٻُڌندو هو پر دل جي سچائيءَ سان سمجهائيندو به هو. مطلب ته هُو اهڙو گائيڊ بڻجي بيهندو هو، جيڪو هر ذري پُرزي ۾ راز ۽ نياز پيو پروڙيندو هو. جيئن مون مٿي لکيو آهي ته حسن درس جو ذهن، اکيون ۽ دل گهڻو ڪجهه پڙهڻ بِنا ڄاڻي وٺندي هئي، منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي ته آئون کيس ڪو اولياءَ يا پهتل درويش طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان. هُن جي دل، ذهن ۽ اک جي زبان ڪمال جي هُئي. منهنجي گهر جو مرمتي ڪم پئي هليو، سو فقير حسن درس به اچي ٺڪاءُ ڪيو، سڄي رات رُوح رهاڻ ٿي، منهنجي گهر جي گهٽيءَ صفا سوڙهي ۽ تنگ هئي. ان جي اڳيان هڪ خالي پلاٽ هو پر پلاٽ جو مالڪ سودي ۾ ٺهڻ لاءِ تيار ئي نه هجي، فقير حسن وڏي اعتماد سان چيو ته اهو پلاٽ توکي پاڻهي ملندو ۽ تنهنجي گهر جي گهٽيءَ ڪجهه ڪُشادي ٿي ويندي، ائين چئي ڪوڏر ۾ هٿ وجهي، زمين تي پيل ريتيءَ ۾ اچي لَپا هنيائين، مون چيو فقير هي ڇا ٿو ڪرين. وراڻيائين ته مزدوري جو حق ٿو ادا ڪريان، ڪڏهن نه ڪڏهن ياد ايندئي ته فقير حسن درس به هن گهر ۾ مزدوري جو فرض ادا ڪيو هو. ان ڳالهه جا اصغر ڀٽي، نجم ڀٽي، مير اورنگزيب ٽالپر حال حيات گواهه آهن، اڄ ان لمحي تي سوچيان ٿو ته اکين مان ڳوڙها وهي ٿا اچن. واقع ئي هُن جي دل گهڻو ڪجهه پڙهڻ بِنا ئي ڄاڻي وٺندي هئي. سو اهو پلاٽ نه رڳو اسانکي سودي ۾ ملي ويو پر گهر جي گهٽيءَ به ڪجهه ڪُشادي ٿي وئي. اصغر ڀٽي جي اوطاق هجي، صوفي نعيم جو آستانو هجي، منهنجو گهر هجي يا ٽنڊي محمد خان جون مختلف هوٽلون هجن، حسن درس جي ڇڏيل خُوشبو اڄ به واسو بڻيل آهي. شاعريءَ سان گڏ سنجيده موضوعن تي هُن جو آواز اڃا تائين ڪنن تي پڙاڏن جيان محسوس ٿيندو آهي. وري جي طنز و مزاح جو وارو ورندو هو ته اعجاز جسڪاڻي، صوفي نعيم ۽ ماما غلام نبي خاصخيلي، مير اورنگزيب ٽالپر سان سندس ڀوڳ، چرچا ۽ ٽهڪڙا ڄڻ ته مور جي ٽهوڪن جيان ڀاسندا هئا. مير اورنگزيب ٽالپر کي چوندو هو ته مير صاحب! تو جهڙو ماڻهو مون سان گڏ هجي ته اديبن جا واڄٽ وڄائي ڇڏيان. ڇا ته سندس انداز هو. جتي به ملندو هو ته هڪ هڪ دوست جي پيو پُڇا ڳاڇا ڪندو هو. منهنجي شناسائي ساڻس سوال اخبار واري عرصي کان رهي، ويجهڙائپ ان کان گهڻو پوءِ ٿي، سوال اخبار واري عرصي ۾ سندس رويو هڪ منفرد ياد ۽ خُودداريءَ جي مثال جيان منهنجي ذهن جي ڪينواس تي اڄ به ڇانيل آهي. جنهن ياد ۾ شهيد بشير خان قريشي ۽ بشير شاهه (راڻيپور) جي تذڪري جو به منفرد پهلو سمايل آهي. مون وٽ پنجويهه سال اڳ لکيل اهو خط اڄ به سانڍيل آهي، جيڪو شهيد بشير خان قريشي مونکي حسن درس ڏانهن لکي ڏنو هو. اهي سموريون ساروڻيون جن ۾ ماما يوسف لغاري، شوڪت حسين شورو، اشتياق انصاري، مشتاق نظاماڻي، مظفر چانڊيو، اظهار سومرو، مٺو مهيري، اصغر ڀٽي، اعجاز جسڪاڻي، مرحوم صوفي نعيم، نجم ڀٽي، ڪاظم بلوچ، مير اورنگزيب ٽالپر، مير خالد ٽالپر، مير سرفراز ٽالپر، عبدالغفور رامليو سميت لاتعداد ڪردار آهن، جن جو ويهي ڇيد ڪجي ته ڪيترائي ڪورا ڪاغذ ڪارا ڪري سگهجن ٿا. ان جي باوجود به يقين ئي نٿو اچي ته فقير حسن درس کي وڇڙندي تيرنهن سال گُذري ويا، ڪيئن گُذري ويا، ڪا به خبر ناهي! بس ڏُک ان ڳالهه جو آهي ته هُن جي پُڄاڻان هڪ قافلو هو جيڪو وڻ وڻ ڪاٺي بڻجي ويو. ڪو به حسن درس ناهي جيڪو انهن ڪاٺين کي ميڙي وري مچ مچائي سگهي. ان ڏُک ۾ شايد اڄ وري مشائخ هوٿي جي قبرستان ۾ پکيءَ سوڳ جي روايت کي ورجائيندا، جيڪا روايت انهن تيرنهن سال اڳ شروع ڪئي هئي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۶ جون ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا