; سنڌي شخصيتون: نسيم بخاري، فھميده، محمد خان دائود، ماڪن شاھ رضوي، ھمسفر گاڏھي، سارنگ جويو، حفيظ چانڊيو، انيلا ميراڻي،
Showing posts with label نسيم بخاري، فھميده، محمد خان دائود، ماڪن شاھ رضوي، ھمسفر گاڏھي، سارنگ جويو، حفيظ چانڊيو، انيلا ميراڻي،. Show all posts
Showing posts with label نسيم بخاري، فھميده، محمد خان دائود، ماڪن شاھ رضوي، ھمسفر گاڏھي، سارنگ جويو، حفيظ چانڊيو، انيلا ميراڻي،. Show all posts

29 June, 2017

خاڪي جويو

خاڪي جويو
ڪين رهندا ڪڏهن ڪوٽ ڪارا ڪٺن
نسيم بخاري
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ڪائنات ۾ هر شيءِ فاني آهي. هر شيءِ جو هڪڙو وقت مقرر آهي. پوءِ جڏهن پل پورا ٿين ٿا ته اها ڊهي ڀورا ڀورا ٿي وڃي ٿي ۽ ٿوري ئي عرصي کانپوءِ انساني حافظي مان به هلي وڃي ٿي. وقت جي وير اڳتي هلي ان جو وجود ئي ڀلائي ڇڏي ٿي.

انسان جو حال به اهڙو ئي آهي پر جيڪي ماڻهو پنهنجي وڇوڙي پڄاڻان ڪي تاريخي ڪارڪردگيون ڇڏي وڃن ٿا سي هر دور لاءِ انساني حافظي ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا.