; سنڌي شخصيتون: مدد علي، سنڌي، شعور، روشن ستارو، عيسيٰ ميمڻ،
Showing posts with label مدد علي، سنڌي، شعور، روشن ستارو، عيسيٰ ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label مدد علي، سنڌي، شعور، روشن ستارو، عيسيٰ ميمڻ،. Show all posts

29 June, 2017

مدد علي سنڌي - عيسيٰ ميمڻ

مدد علي سنڌي
شعور جو روشن ستارو
عيسيٰ ميمڻ
شعور جو رشتو رت جي رشتي کان وڌيڪ افضل آهي، ڇاڪاڻ ته رت جا رشتا فطرت جي مھربانين سان جنم وٺندا آهن پر شعور جو رشتو انسان وسيع ترين تجربي ۽ وقت جي وڏي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ جوڙيندو آهي پر رت جي رشتي ۾ انسان جي شعور جو عمل دخل ناهي هوندو. ”سنڌ ۽ ان کان پوءِ عالم انسانيت“ اسان جي شعور جي رشتي جي سڀ کان وڏي ۽ پائيدار ڪڙي رهي آهي جيڪا اسان کي ڪوهين ڏور رهندي به پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. اهو ئي شعور جو رشتو سائين جي ايم سيد کان وٺي ڪارل مارڪس تائين، اسان کي هم آهنگ بڻائي ٿو. ان شعور جي رشتي جي ناتي سنڌ جي وڏي قلمڪار مدد علي سنڌيءَ سان منھنجو رشتو آهي، جنھن جي قلم ۽ علم جي مھڪار اسان جي شعور کي هميشه معطرڪندي رهي آهي.