مخدوم نوح سرور
ولادت مبار ڪ جي موقعي
تي
نور سنڌي
عظيم
بزرگ هستي صاحب ڪرامت و فتوح، نامور شاعر حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رح حضرت
ابوبڪر صديق رضه جي اولاد مان آهن، پاڻ ۲۷ ماهه رمضان مبارڪ هجري سنه ۹۱۰ آخري
جمعي جي ڀلاري رات پيدا ٿيا. مخدوم نوح رح جو پڙڏاڏو حضرت شيخ فخر الدين ڪبير وڏو
عرب ملڪ مان لڏي پنجاب جي مشهور شهر ديره غازي خان جي ڀرسان ڪوٽ ڪروڙ پڪا ڳوٺ ۾
اچي رهيو. ڪوٽ ڪروڙ هن وقت وڏو شهر بنجي ويو آهي، هن شهر ۾ ڪيترن ئي بزرگن جون
درگاهون آهن، جتان بعد ۾ نڪري سفر ڪندي سنڌ جي بوبڪ شهر ۾ اچي رهيو. سندن آخري
آرامگاهه به اتي ئي آهي. ڪافي عرصي بعد سندن
پوٽو مخدوم فخر الدين صغير ڪوٽ ڪروڙ مان لڏي هالڪنڊي هالا ۾ اچي رهيو. هالا
۾ ڪيترن ئي ڪرامتن جهڙا ڪم ڪيائين.
