ممتاز مرزا
سنڌي ثقافت جو روشن ستارو
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو ناميارو اديب، ڊرامه رائيٽر، نثر نويس ۽ ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج
جو مشهور ڪمپيئر ممتاز مرزا حيدرآباد ۾ ۲۹
نومبر ۱۹۳۹ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد مان ئي حاصل
ڪئي. ممتاز مرزا جو والد مرزا گل حسن بيگ ”احسن ڪربلائي“ انگريزن جي دور جو ناميارو
شاعر هو، سندس واسطو مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، محمد بخش واصف سميت ان دور
جي مايه ناز عالمن اديبن سان هو، انهي ڪري ممتاز مرزا تي به علمي ادبي ماحول جو اثر
ننڍپڻ کان ئي پيو. مرزا گل حسن بيگ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر
هو، تنهن ڪري ممتاز مرزا به والد سان گڏ ريڊيو تي وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن هن جي ڄمار اڃا
۱۶ ورهيه
هئي، اهو ئي زمانو هو جو سندس ڪمپيئر ٿيڻ وارو شوق جاڳيو. والد صاحب جي صحبت، علمي
ادبي محفلون ۽ سرگرميون هن جي مٿان اثر انداز ٿينديون ويون.
ممتاز مرزا ريڊيو پاڪستان تي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۱۹۵۴ع کان ڪئي جيڪو ريڊيو جو ابتدائي دور هو. هو ريڊيو
جي باني ڪارڪنن مان هو. مصطفيٰ قريشي، عبداللطيف ساقي، زرينا بلوچ ۽ مشتاق مغل به انهيءَ
زماني کان پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. انهيءَ زماني ۾ هن کي پنهنجي ڪم جو
معاوضو ڏهه رپيا مليو هو. ان سان گڏوگڏ هن تعليم به جاري رکي ۽ سنڌي عالم فاضل جي ڊگري
حاصل ڪيائين.
ريڊيو تي رهڻ سبب هن ڊراما ۽ افسانا لکڻ شروع ڪيا، هيءُ جديد افساني جو
ابتدائي دور هو. ڪيترائي ريڊيو ڊراما لکيائين، ڊرامن جي شهرت جي ڪري سندس ڊرامن جو
مجموعو ”آخري رات“ پڻ شايع ٿيو. هيءُ ڊرامو اهو آهي جنهن کي ڪولمبيا براڊ ڪاسٽنگ جو
ايوارڊ، عالمي ڊرامن جي مقابلي ۾ ٻيو نمبر اچڻ تي مليو. هيءُ مجموعو بعد ۾ اي سنڌي
جي سليبس ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ مقرر ڪيو ويو. ممتاز مرزا چاليهه ڊراما تحرير
ڪيا، افسانا جديد صنف آئي هئي، تنهن ڪري هن به بهترين افسانا لکيا. حميد سنڌي، علي
بابا، امر جليل، آغا سليم، سراج ۽ نسيم کرل سان گڏ ممتاز مرزا به انهيءَ صف ۾ ڳڻيو
ويو.هن پنجيتاليهه افسانا لکيا جن ۾ گهڻو ڪري تاريخي ۽ رومانوي هئا.
سنڌي ٻوليءَ وارو مسئلو پيدا ٿيو، تڏهن ٻولي واري تحريڪ ۾ به ممتاز مرزا
اڳڀرو هو. هن ٻوليءَ واري جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. مقبول ڀٽي ۽ شمشير الحيدري سان
سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ٻولي واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو جيستائين حڪومت گوڏا
نه ٽيڪيا.
ممتاز مرزا لوڪ ادب اسڪيم ۾ به جفاڪشيءَ سان ڪم ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس (جيڪا ماڊل اسڪول، گاڏي کاتي ۾ آهي) ۾ سنڌي ڊڪشنري
آفيس قائم ڪئي تڏهن لوڪ ادب، ٻولي ۽ تاريخ
تي تحقيقي ڪم شروع ڪيائين. انهيءَ ڊگهي پروجيڪٽ ۾ ممتاز مرزا کي سندس ويجهي دوست محمد
اسماعيل شيخ اهم ذميواريون ڏنيون. سنڌي ادبي بورڊ پاران ان ڏس ۾ چاليهه واليم شايع
ڪيا ويا، هي سلسلو ڪيترن ورهين تائين هلندو رهيو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي تن ڏينهن ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي انچارج واري
ذميواري مليل هئي، جنهن سلسلي ۾ هو سنڌ جي مختلف تاريخي ماڳن مڪانن تي ويندو رهندو
هو ۽ صوفي بزرگن جي ميلن جون محفلون منعقد ڪرائيندو هو. ممتاز مرزا انهن پروگرامن جي
ميزباني ڪندو هو. ثقافتي محفلن سان سندس واسطو انهن ئي ڏينهن کان جڙيو، ڀٽ شاهه تي
لطيف جي ميلي جي ادبي ڪانفرنسن کان وٺي محفل سماع تائين ممتاز مرزا پروگرامن جي ڪارروائي
هلائيندو هو. هن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏٺي ۽ انهن جي ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو.
۱۹۷۴ع ۾ ممتازمرزا ٽيليويزن سينٽر تي اسڪرپٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو، هن اتي به محنت
ڪئي ۽ ٽي وي جي سنڌي ڊرامن کي عروج تي آندائين. سنڌي ڊرامن جي ۲۵ منٽ وقت کي وڌائڻ واري ڪوشش
۾ اڳڀرو رهيو ۽ هڪ ڪلاڪ تائين سنڌي پروگرامن جو وقت مقرر ڪرايائين. سنڌي ڊرامن جي تاريخ
۾ ٽي وي تي جيڪي به مقبول ۽ ڪامياب ڊراما ٺهيا اهي ممتاز مرزا جي ڪري، هن مختلف ڊرامه
رائيٽرن کي درستگيون ڪري چڪون ڪڍي ڏيکاريون ۽ ڊرامن جي ڪمزور پهلوئن کي ختم ڪري بهتر
بڻايو. ڪيترن ئي نون ڪهاڻيڪارن کان ٽي وي ڊرامو لکرائي کين اڳتي آندائين. عبدالڪريم
بلوچ جيڪو جنرل مئنيجر پي ٽي وي هو، ممتاز مرزا سان سنڌي پروگرامن بابت پاليسي بنائي
انهن جو معيار بلند ڪيائين ۽ مختلف موضوعن تي پروگرام تيار ڪرايائين. عبدالڪريم بلوچ
جو ممتاز مرزا سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان وٺي ساٿ هو. ممتاز مرزا ڊرامن کان علاوه
سنڌي موسيقيءَ جا ڪيترائي پروگرام پڻ تيار ڪرايا. سڄي سنڌ جا گلوڪار ٽي وي تي متعارف
ڪرايائين. پاڻ موسيقيءَ ۽ راڳ جو ماهر هو، ڄاڻو هو. هن ادبي پروگرام پڻ پي ٽي وي تي
منظور ڪرايا، جيڪو سلسلو ڊگهي وقت تائين جاري رهيو. پاڻ ”پارکو“ جهڙو ذهني آزمائش جو
پروگرام به ڪيائين. پي ٽي وي تي اڻ ڳڻيا پروگرام ادبي توڙي موسيقيءَ جا ميزبان طور
ڪيائين.
پي ٽي وي کان پوءِ ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. اتي به کاتي جي
بي انتها خدمت ڪيائين. ثقافت کاتي جي طرفان منعقد محفلن جو انچارج ته هو پر هاڻي مٿس
سرڪاري طور فرض به بڻجي ويو هو، هن ثقافت کاتي ۾ اچڻ بعد ”گنج“ جهڙو عظيم ڪم ڪيو ”گنج“
کي اصل شڪل سان گڏ جديد صورتخطيءَ ۾ تيار ڪيائين، جيڪو تمام ڏکيو، ضخيم ۽ باريڪ ڪم
هو. ثقافت کاتي جي تاريخ ۾ اهڙو ناياب ڪم اڳي ڪڏهن به نه ٿيو. ممتاز مرزا جي زماني
۾ ثقافت کاتي جا ڪتاب وڏي انگ ۾ معياري آيا. ثقافت کاتي پاران پرڏيهه ۾ سنڌي موسيقيءَ
جون محفلون ڪرڻ پڻ ويو. حميد آخوند جو ساٿ هن سان ائين جڙيل رهيو جيئن جسم جو روح سان.
اهو ئي سبب آهي جو ممتاز مرزا جي ياد ۾ حميد آخوند، ثقافت کاتي پاران ڪراچي ۾ ”ممتاز
مرزا اسٽوڊيو“ ۽ حيدرآباد ۾ ”ممتاز مرزا آڊيٽوريم“ منصوب ڪيا. ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ساٿ
ڊگهي عرصي تائين رهيو. ممتاز مرزا جي زندگي حميد آخوند جي ذڪر کان سواءِ بي معنيٰ آهي.
ممتاز مرزا هونئن ته ڪيئي ڊراما، افسانا، مضمون ۽ مقالا لکيا پر ڪتاب
ٽي لکيائين. پهريون ”وساريان نه وسرن“ جيڪو انهن فنڪارن ۽ موسيقارن بابت لکيو هئائين
جيڪي سنڌ جا امر آواز سنڌي ساز سرود جو بنياد بڻيا. ٻيو ڪتاب ”سپيريان سندي ڳالهڙي“
جيڪو نامياري راڳي محمد يوسف تي پنهنجين ساروڻين سان لکيو اٿس. هي ڪتاب ۱۹۹۲ع ۾ شايع ٿيو. ٽيون ڪتاب ”سدا سوئيتا ڪاپڙي“ سندس لاڏاڻي
کان پوءِ ۱۹۹۸ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران شايع ٿيو جيڪو سنڌ جي مشهور
ڳائڻي علڻ فقير بابت لکيل آهي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي اهم واقعا
۽ تجربا به ڏيکاريا اٿس جڏهن ته ناميارن عالمن ۽ اديبن بابت پڻ هن ڪتاب ۾ احوال آيل
آهي. متاز مرزا جي زندگيءَ بابت مختلف ليکڪن جي تحريرن، سندس علمي پورهئي جي احوال
۽ سوانحي خاڪن تي ٻڌل ڪتاب ”سهڻو پاڻ سڏائي ويا“ سنڌ جي نامياري شاعر، ڪمپيئر ۽ براڊ
ڪاسٽر نصير مرزا مرتب ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه عرصو اڳي روشني پبليڪيشن پاران پڌرو ٿيو آهي.
نصير مرزا هن ڪتاب جي جوڙ جڪ ۾ ڏاڍي محنت ڪئي آهي، جيڪا ساراهه جوڳي آهي.
ممتاز مرزا ڊگهي عرصي کان پوءِ ۱۹۹۶ع جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پنهنجي اباڻي گهر مستقل طور اچي ويو هو پر ڏهاڪو
کن ڏينهن گذارڻ بعد ۶ جنوري ۱۹۹۷ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه حيدرآباد
جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا واري تاريخي قبرستان ۾ آهي.
ممتاز مرزا
سنڌي ادب ۽ ثقافت جو نمائندو
طارق عزيز شيخ
حيدرآباد شهر ۾ جتي محبت جا ميڙا متل هوندا هئا اتي اڄ ڪجهه به ناهي.
شهر جي حالت اڳي کان وڌيڪ بڇڙي ٿي چڪي آهي، سوڙهو شهر ويتر سوڙهو ٿي چڪو آهي. سنڌ جي
مرڪزي حيثيت رکندڙ حيدرآباد شهر کي جيڪو مقام ملڻ گهربو هو، ان کي نه ملي سگهيو، جيڪو
افسوس جوڳو عمل آهي. جيتوڻيڪ شهر جي ترقيءَ جي نالي تي هر حڪومت ۾ فنڊ رکيا ۽ خرچ ڪيا
ويا آهن، جنهن جو رڪارڊ ڪاغذن ۾ ئي موجود آهي.
سڀاڻي حيدرآباد کي محبت سان ساريندڙ اديب ۽ ثقافت جي شخصيت ممتاز مرزا
جي تيرهين ورسي آهي، هن حيدرآباد جو ذڪر جڏهن به لکيو تڏهن ”حيدرآباد سنڌ-منهنجي جند“
ڪري لکيو، سندس ڪتابن ۾ حيدرآباد جي ثقافتي ماحول کي اجاگر ڪيو ويو آهي جيڪو ثبوت آهي،
حيدرآباد سان سندس حُب جو. سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شهر هجي جتي اُڪير جا اهڙا ميلا متل
هجن، جيڪي حيدرآباد ۾ لڳل رهندا هئا. اڄ نفسا نفسيءَ جي دور ۾ اهي محبتون شهر مان ڪوچ
ڪري ويون آهن، جو ڪير به هڪ ٻئي کي مطلب کان سواءِ ياد نٿو ڪري. حيدرآباد جا سنڌي پاڙا
پنهنجون اهي قديم روايتون هاڻي وڃائي ويٺا آهن، جيڪي ممتاز مرزا جي تحريرن ۾ سمايل
آهن. شايد وڏڙن جون روايتون جاري نه رهيون ۽ نئين نسل وٽ نيون مصروفيتون وڌي ويون.
حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ ۱۹۳۸ع ۾ جنم وٺندڙ ممتاز مرزا جي پرورش ادبي ماحول
۾ ٿي، سندس والد سنڌ جو ناليوارو شاعر ۽ اديب مرزا گل حسن احسن ڪربلائي پنهنجي دور
۾ سنڌ جي مشهور شخصيتن ۾ شمار ٿيندو هو. ريڊيو پاڪستان تي پروگرامن ۾ وڃڻ جي شروعات
ممتاز مرزا تڏهن کان ڪئي جڏهن سندس والد صاحب کي ريڊيو جا پروگرام مليا، جيڪي آن ايئر
هو ڪندو هو، نه صرف اهو پر احسن ڪربلائي ريڊيو جا اسڪرپٽ به تحرير ڪندو هو. پنهنجي
والد جو اثر وٺندي ممتاز مرزا به ريڊيو پاڪستان تي وڃڻ شروع ڪيو ۽ بعد ۾ لکڻ ۾ مصروف
ٿي ويو.
ممتاز مرزا جنهن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو، اهو سنڌي جديد افساني جو ابتدائي
زمانو هو. تڏهن ڊرامن جو پڻ رجحان پروان چڙهي رهيو هو ۽ ريڊيو پاڪستان جا سنڌي ڊراما
ماڻهو وڏي چاهه سان ٻڌندا هئا. ممتاز مرزا ريڊيائي ڊرامن لکڻ ۽ افسانا تحرير ڪرڻ وارن
تخليقڪارن ۾ اڳتي وڌڻ لڳو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي قائم ڪيل ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس گاڏي
کاتي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۾ هن پنهنجي قريب ترين دوست شيخ محمد اسماعيل سان گڏ سنڌي
ادب جو ڊگهو پروجيڪٽ پورو ڪيو جيڪو چاليهن واليمن تي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل
آهي. هي ڊڪشنري ۽ لوڪ ادب جون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي مليل اسڪيمون هيون جيڪي شيخ محمد
اسماعيل، ممتاز مرزا، محمد يعقوب ميمڻ، محمد حسين ڪاشف جهڙا جفاڪش عالم سرانجام ڏيندا
هئا.
ممتاز مرزا ۱۹۷۴ع ڌاري ڪراچي ٽي وي تي اسڪرپٽ ايڊيٽر سنڌي سيڪشن مقرر
ٿيو. هن دور ۾ سنڌي ڊرامن کي عروج مليو. سنڌي ڊرامن جي تاريخ ۾ پي ٽي وي جا جيڪي به
ڪامياب ڊراما هئا. انهن جي ڪاميابي جي پٺيان ممتاز مرزا جو هٿ آهي. اهو ائين جو ڪيترائي
ڪهاڻيڪار جن اڃا ڊرامو ڪو نه لکيو هو تن کي ڊراما رائيٽر ممتاز مرزا بڻايو. هتي نالا
ڄاڻائڻ مناسب ناهي پر اهڙن ڪهاڻيڪارن جن ڊرامن ڏانهن توجهه نه ڏنو هو، تن کي محنت ڪري
ڪهاڻين مان ڊرامو بڻايائين ۽ اهي ڪامياب ڊراما ٿيا. اهڙا ليکڪ جيڪي اڄ ڊراما رائيٽر
طور سڃاتا وڃن ٿا سي ممتاز مرزا جي محبت ۾ نالو ڪڍي ويا. ڪيترا ڀيرا ائين به ٿيو ته
جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر ممتاز مرزا جي ٺاهيل پاليسين موجب سنڌي
ڊراما موضوعن موجب تحرير ڪري هلايا ويا هئا. ڊرامن کان علاوه سنڌي موسيقيءَ جا ڪيترائي
پروگرام تيار ڪيا ويا. سڄي سنڌ جا سٺا موسيقار ۽ گلوڪار ممتاز مرزا آڊيشن وٺي پيش ڪندو
هو. ان ڪري ڪيترائي نوان موسيقار ۽ گلوڪار متعارف ڪرايا ويا. اهڙي ريت ادبي پروگرامن
جا مختلف سلسلا شروع ٿيا. عورتن جا سنڌي پروگرام، ٻارڙن جا پروگرام ۽ مختلف نوعيت جا
ٽي وي پروگرام جاري ٿيا. هڪ اهم ڪارنامو جيڪو عبدالڪريم بلوچ ۽ ممتاز مرزا کي ڪريڊٽ
وڃي ٿو سو ٽي وي تي سنڌي پروگرام جو وقت ۲۵ منٽن مان ڪلاڪ ڪرڻ وارو آهي. ان زماني
۾ هڪڙو ئي چينل سرڪاري ٽي وي جو هوندو هو، جنهن تي سنڌي پروگرام جو وقت نهايت مختصر
هو. اڄ سيٽلائيٽ جو دور آهي، ڪيترائي سنڌي ٽي وي چينل آهن، انهيءَ ڪري شايد هن ڳالهه
جي اها اهميت نه هجي. پي ٽي وي کان پوءِ ثقافت کاتي ۾ ممتاز مرزا ڊائريڪٽر جنرل جي
عهدي تي فائز ٿيو. اتي هن کاتي جي مطابق خدمتون سرانجام ڏنيون. شاهه لطيف جي ميلي کان
وٺي پرڏيهه ۾ ثقافتي شو ڪرائڻ تائين سنڌي موسيقيءَ کي هن هٿي وٺرائي، ڪيترائي ڪتاب
ثقافت کاتي شايع ڪيا، جيڪي ممتاز مرزا جي نگراني ۾ تيار ڪيا ويا هئا. ذاتي حيثيت ۾
سندس مداحن جو وڏو انگ هو. ريڊيو جي زماني کان وٺي ثقافت کاتي جي پروگرامن جي ميزبانيءَ
تائين، هن جا هر شعبي ۾ الڳ مداح هئا. ۱۹۷۴ع کان جيئن هو ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو
ته وري حيدرآباد ۾ ۱۹۹۶ع جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ آيو، جنهن پاڙي جي گهٽين ۾ ننڍي کان وڏو
ٿيو هو، تنهن جي سار آخر ڇڪي آيس، ڏهاڪو ڏينهن اڃا مس گذاريا هوندائين ته دل جي دوري
۶ جنوري ۱۹۹۷ع جي اڌ رات جو کيس اهڙي شدت سان سٽ ڏني جو دم ڌڻيءَ حوالي ٿي ويس. حيدرآباد
جي هوائن ۾ اڄ ممتاز مرزا ناهي پر سندس يادون گهُلن ٿيون. هن جي تحريرن ۾ جييڪ محبتون
شامل آهن سي ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. اهو ئي سبب آهي جو سڀاڻي سندس وفات واري ڏينهن
جي يادگيري آئي آهي.
ممتاز مرزا
سنڌي علم، ادب ۽ ثقافت جو سرمايو
طارق عزيز شيخ
سنڌ جي
ثقافت جي حوالي سان ڄاتل سڃاتل شخصيت ممتاز مرزا پنهنجي زندگيءَ کي به سنڌي ثقافت جي
رنگن سان ڀريل رکيو، اڄ ثقافت جو ڏهاڙو سال ۾ هڪ ڀيرو ملهايو وڃي ٿو پر هن شخصيت پنهنجي
حياتيءَ جو هر ڏهاڙو سنڌ جي ثقافت جو ڪري ملهايو.
حيدرآباد
جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا ۾ جنم وٺندڙ ممتاز مرزا ننڍپڻ کان وٺي سنڌي پاڙن ۾ آباد نسل
درنسل برادرين، ذاتين ۽ بستين جي سمورين ريتن رسمن کي عام طور تي ڏسندو ته آيو پئي
پر بعد ۾ هن پنهنجي شخصيت ۾ به انهن جي ثقافتن کي سموهي ڇڏيو، ممتاز مرزا حيرآباد جي
مشهور رسالي ”سهڻي“ ۾ هڪڙو ڪالم لکندو هو جنهن ۾ پراڻن پاڙن ۾ ويٺل مختلف ذاتين جي
عام ماڻهن جا اهڙا ڪردار ۽ يادگار واقعا تحرير ڪيا هئائين جو پڙهندڙ جي دلچسپي ۽ شوق
ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو، ”سهڻي“ رسالي جو ايڊيٽر طارق اشرف هن سلسلي کي ”الستي آواز“
جي عنوان سان هلائيندو هو، انهن ڏينهن ۾ ممتاز مرزا پي ٽي وي تي اسڪرپٽ ايڊيٽر هوندو
هو انهي سلسلي ۾ علڻ فقير جي حوالي سان ڪجهه ڪالم لکيائين جيڪي ڏاڍا مشهور ٿيا جنهن
۾ علڻ فقير جي عام مسخري هجڻ واري زندگيءَ کان وٺي سندس ملڪي سطح تائين لوڪ گلوڪار
ٿيڻ تائين جي حقيقت آهي، ان کان علاوهه مسڪين جهان کوسو، مولانا غلام محمد گرامي، ڪامريڊ
غلام محمد لغاري، حميد آخوند، استاد نياز حسين، عبدالقادر جوڻيجو، غلام حسين شيخ، فيض
بلوچ، فقير عبدالغفور ۽ ٻيا ڪيترائي ادب ۽ ثقافت جا نالا آهن جن بابت ڀلا ڪالم لکيا
هئائين، انهي کان علاوهه حيدرآباد ٿر، لاڙڪاڻو، ڪراچي، ڀٽ شاهه، جهنڊي مري، دادو، سيوهڻ
کان ويندي آمريڪا ۾ ٿيندڙ سنڌي ثقافت جي محفلن بابت دلچسپ احوال هو.
ممتاز مرزا
بحيثيت نثر نويس سنڌ جي وڏن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي آئيڊيل بڻائي
سندس شاگرديءَ ۾ هن سنڌي لغت، تاريخ ۽ ثقافت جي تحرير ۾ نهايت ڀلو لکيو آهي، پاڻ وڏي
عهدي تي پهتو هو پر جتي به ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تي نظر پوندي هئس هميشه نِوڙت سان جهڪي،
احترام ۽ ادب جو مظاهرو ڪندو رهيو، سندس زندگي ۾ جن شخصيتن جي مداخلت رهي ۽ جن جو اثر
وٺي سندن ساٿ سان اڳتي وڌيو تن ۾ سندس سڀ کان عزيز ترين دوست شيخ محمد اسماعيل هو جنهن
لاءِ اعتراف ڪيائين ۽ ”سهڻي“ رسالي ۾ لکيو هئائين ته ”منهنجو علمي استاد شيخ محمد اسماعيل
آهي جنهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لغت آفيس ۾ ڪارڪن بڻايو.“
شيخ محمد
اسماعيل ۽ ممتاز مرزا جي دوستي جي ڪري علمي ادبي ۽ ثقافتي اڪثر گڏيل پروگرام ٿيندا
هئا جيئن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترائي ادبي پروگرام گڏجي ڪيائيون، اهڙي ريت پي
ٽي وي جڏهن شروع ٿيو ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ نشريات جو دور هو تڏهن شيخ محمد اسماعيل ميزبان
رهيو ته معاون ميزبان ممتاز مرزا کي ڪيو ويو، استاد منظور علي خان جو يادگار انٽرويو
اڄ به يوٽيوب تي موجود آهي، انهي ۾ ٻئي گڏ نظر ايندا.
ممتاز مرزا
نوڪريءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪئي، ان کان پوءِ هو ڪراچي هليو ويو
جتي پي ٽي وي تي اسڪرپٽ ايڊيٽر بڻيو ۽ آخر ۾ ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل بڻيو، پي
ٽي وي تي ستر واري ڏهاڪي ۾ آيو جتي سنڌي سيڪشن جي سمورن پروگرامن تي نگاهه رکيائين،
عبدالڪريم بلوچ جڏهن پي ٽي وي جو جنرل مينجر بڻيو ته سنڌي پروگرامن کي بهتر بڻائڻ لاءِ
ممتاز مرزا کي ذميواري ڏنائين، نئون نئون آمريتي دور شروع ٿيو ۽ ملڪ ۾ ساهه کڻڻ به
ڏکيو ٿي ويو خاص طور تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ تي آمر ضيا اڃا به مهرباني ڪئي جو جيل،
ڪوڙا، سزائون ۽ ڦاهيون هڪڙو لفظ ڳالهائڻ تي به صادر ٿي ويندا هئا، اهڙي آمريتي راڄ
۾ ريڊيو ۽ ٽي وي تي سنڌي ٻولي ڌارين لاءِ ائين هوندي هئي ڄڻ اکين ۾ مرچ ڪنهن اڇلائي
ڇڏيا هجن، اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ عبدالڪريم بلوچ ۽ ممتاز مرزا سنڌي ڊرامن، موسيقي
۽ لوڪ ادب جي هڪڙي پروگرام کي سهڻي نموني هلايو، عبدالقادر جوڻيجي جو ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“
انهيءَ زماني جو لازوال شاهڪار آهي، امر جليل، نور الهديٰ شاهه، قمر شهباز ۽ شمشير
الحيدريءَ جا زبردست ڊراما سنڌي قوم جي اتساهه لاءِ همت افزائي هئا،
ضيا جي
دور ۾ ته سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو ڪلام به لفظ لفظ آمرن جي ايجنٽن
کان پاس ڪرائي ميڊيا تي هلائڻو پوندو هو، ضيا کي ڪنهن سنڌي عالم چاپلوسيءَ ۾ ٻڌائي
ڇڏيو ته ”قبلا شاهه لطيف جو ڪلام غيرت، همت، وطن پرستي، مزاحمت ۽ انساني همدردي، سان
ڀريل آهي ڪٿي اوهان کي سُر ڪيڏاري کي پڙهندي يزيد نه تصور ڪن“ ضياءَ الحق شاهه لطيف
کي سنڌي قوم جو سياسي اڳواڻ سمجهي مزاحمتي ڪلام مٿان پابندي مڙهي ڇڏي هئي ۽ هر سُر
۾ جنهن ۾ قومي غيرت ۽ وطن پرستي جي ڳالهه هُئي انهي ڪلام کي نشرو اشاعت لاءِ ڪالعدم
قرار ڏئي ڇڏيو، جن سرن ۾ سُوري، ڪات، قيد و بند ۽ ويڙهه جو ذڪر هو انهن تي ڪيئي ورهيه
پابندي مڙهي وئي پر عبدالڪريم بلوچ ۽ ممتاز مرزا جهڙن ماڻهن اهڙي زماني ۾ شاهه سائين
جو نه فقط ڪلام پي ٽي وي تي هلايو پر خاص پروگرام به هلايا
سال ۱۹۷۴ع
کان وٺي ممتاز ڪراچي ٽي وي تي بهترين ڪم ڪيو، سندس اصل امتحان آمريتي راڄ ۾ سنڌي پروگرامن
جو وقت ۲۵ منٽن مان وڌائي ڪلاڪ تائين ڪرائڻ وارو اهم مشن هو، هن انهي زماني ۾ ثقافت
کاتي جا پڻ ڪيترائي پروگرام ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ميزبان طور سرانجام ڏنا، شاهه لطيف
جي عرس تي ته ادبي توڙي موسيقي جي پروگرامن جي ميزباني جي ذميواري مٿس رهي پر ثقافت
کاتي جي اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ پروگرامن جي ميزباني به هو ڪندو هو، ان کان
علاوه ثقافت کاتي جي طرفان پرڏيهه ۾ ٿيندڙ سنڌي پروگرامن ۾ به ممتاز مرزا ويندو رهيو.
سنڌ جو
ناميارو ڪامورو حميد آخوند، ممتاز مرزا جي زندگيءَ جو هر ڏک سک جو ساٿي رهيو، هن جي
ساٿ کان سواءِ شايد ممتاز مرزا جي زندگيءَ جون ڪاميابيون اڌوريون هجن ها، پي ٽي وي
وفاقي ادارو آهي، جنهن مان پاڻ وٽ ثقافت کاتي ۾ آڻن کان پوءِ ثقافت کاتي لاءِ هن کان
ڪافي ڪم به ورتا. ممتاز مرزا ثقافت کاتي لاءِ ايئن هو ڄڻ منڊيءَ تي ٽِڪ، ثقافت کاتي
جو اشاعتي سلسلو بهتر طريقي سان ممتاز مرزا جي ڊائريڪٽر جنرل بڻجڻ بعد شروع ٿيو گڏيل
صديءَ جي نوي واري ڏهاڪي ۾ ثقافت کاتي جا شاهڪار ڪتاب آيا، ”گنج“ جهڙو يادگار شاهه
جو ڪلام نئين صورتخطي ۾ ڪرڻ وارو پيچيده ڪم ممتاز مرزا ڪيو.
پاڻ کي
ڪڏهن به مغرور ۽ آڪڙيل نه سمجهيائين فقيرن، ڳائڻن ۽ سازندن سان گڏ اٿي ويٺي ۾ ڪڏهن
به ڪو عار نه سمجهيائين پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽن شخصيتن کي وڏي عزت ۽ احترام سان اهميت
ڏنائين جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ محمد اسماعيل ۽ حميد آخوند آهن، ممتاز مرزا سان
آخري وقت تائين نڀائڻ وارن ۾ حميد آخوند ئي رهيو نه فقط ايترو پر سندس گذاري وڃڻ بعد
به ممتاز مرزا جي اولاد سان حميد آخوند ناتو نڀائيندو رهيو.
اڄ ثقافت
جا ڏهاڙا ته ملهايا وڃن ٿا پرڪاش اهڙن ڏهاڙن تي انهن ماڻهن کي به ياد رکيو وڃي جيڪي
تڏهن سنڌ جي ثقافت جا ڏهاڙا ملهائيندا هئا، جڏهن ڪير به اهو ڏهاڙو نه ملهائيندو هو،
ممتاز مرزا سنڌ جو اهم سرمايو هو، سندس تحريرون، ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جا پروگرام ثقافت
جا الڳ الڳ رنگ آهن.
ممتاز مرزا
جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا
طارق عزيز شيخ
اهڙا
ماڻهو تمام گهٽ هوندا آهن، جن جي رڳ رڳ ۾ ثقافت پئي ڊوڙندي آهي، سندن ڳالهائڻ ۾،
زندگي گذارڻ ۾، اٿڻي ويهڻي توڙي هر انداز ۾ ثقافت جو رنگ نمايان هوندو آهي، ممتاز
مرزا اهڙن ئي ماڻهن مان هو جن ثقافت جي سار سنڀال لاءِ ئي ڄڻ جنم ورتو، هن ننڍپڻ
کان وٺي سنڌ جي ريتن رسمن، راڳن رهاڻين ۽ راڳين، مڱڻهارن، فقيرن جي مجلسن سان محبت
ڪئي، جڏهن ثقافت کاتي سان واسطو پيس تڏهن اهڙن ئي مٽيءَ جي ماڻهن کي ست سمنڊ پار وٺي
ويو.
حيدرآباد،
جنهن جي هوائن ۾ محبت جو واس آهي ۽ جنهن جي راتين ۾ نشو مليل آهي ۽ جنهن جي ڏينهن
۾ سنڌوءَ جا ڪُن ڪڙڪا ٿا ڪن ته ڦليلي ۽ واهن جون لهرون جهومنديون آهن، حيدرآباد،
جتي ڪڏهن ته شيعي سني وارو فرقو به ڪو نه هو ۽ نه ئي وري ڪڏهن سنڌي پاڙن ۾ پوليس
رينجرز ڪڙا چاڙهي نوجوانن کي کنڀي جيل ڀريا ۽ نه ئي ڪڏهن دهشتگردن بارود اڇلائي
گهرن کي باهيون ڏنيون ۽ بدمعاشيون ڪري سک جي رستن کي ڀنڀٽ بڻايو.
انهيءَ
حيدرآباد جي ثقافت، جتي سني به مومن مولائي بڻجي حسيني ماتم ۾ مشغول هوندا آهن،
محرم ۾ مٿو پٽي ڪيڏاري ته ڳوڙها ڳاڙيندا آهن ۽ جتي رمضان جو مهينو ايندو آهي ته پاڙن
۾ ملتان کان آيل فقير فجر ويل ٽين جا دٻا وڄائي روزيدارن کي اٿاريندا آهن، رات جو
پاڙن ۾ ٺهيل دڪين ۽ ٿلهن تي ڪچهريون، بحث ۽ لطيفا ٻڌائڻ ۾ هڪ ٻئي کي خوشيون
ورهائيندڙ لوڪ به حيدرآباد جو ئي آهي، ماڙ منجهان دڙڪو ڏيڻ يا بغض جي نظر اکين ۾ ڌارڻ
وارو حيدرآباد شهر جو ڪڏهن به نه ٿو ٿي سگهي، اهڙن سادڙن ماڻهن جي سرزمين جو ممتاز
مرزا، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي بلڪل شروعاتي ڏينهن ۾ ريڊيو جي باني ميمبرن مان ڳڻيو
ٿو وڃي، هن سان ساٿ ۾ شامل ٿيندڙن ۾ مصطفيٰ قريشي، عبداللطيف عباسي، مشتاق مغل،
زرينه بلوچ، علي بابا، عبدالڪريم بلوچ جهڙا ناميارا ماڻهو گڏ هئا.
ممتاز
مرزا، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي، پروگرامن ۾ ميزبانيءَ جون ذميواريون سنڀاليون. ڊراما
تحرير ڪيا ۽ ڊراما پروڊيوس به ڪيا. سندس لکيل ريڊيو ڊرامن جو هڪ مجموعو ”آخري رات“
ڪتابي صورت ۾ آيو.
ان
زماني ۾ ڪولمبيا براڊ ڪاسٽنگ پاران ريڊيو ڊرامن جو عالمي مقابلو ڪرايو ويو هو،
جنهن ۾ آخري رات ڊرامو ٻيو نمبر قرار ڏنو ويو، احمد ڀائيءَ پبلشر پاران سندس ڊرامن
جو مجموعو شايع ڪرايو ويو.
انهيءَ
زماني ۾ ريڊيو جي ٻڌندڙن جو تمام وڏو حلقو هوندو هئو، جيڪي ريڊيو تي نشر ٿيندڙ
پروگرامن جي هر ڪارڪن کان مڪمل طرح سان واقف هوندا هئا، ممتاز مرزا اهو ذڪر اڪثر ڪندو
هو ته جڏهن محرم جي مهيني ۾ ماتمي جلوسن ۾ شهر ۾ دوستن سان گڏ ويندو هو تڏهن سندس ڪيترا
ئي ٻڌندڙ مداح سندس آواز سڃاڻي وٺندا هئا، حقيقت ۾ تڏهن فقط هڪڙو ئي ذريعو ريڊيو
هوندو هو، جنهن جي اهميت سڀ کان وڌيڪ هئي، ان کان پوءِ ٽيلي ويزن جو دور آيو، تڏهن
ريڊيو جي اهميت ۾ ڪجهه فرق ٿيو.
ممتاز
مرزا ريڊيو پاڪستان تي مختلف نوعيت جا پروگرام ڪيا، جن ۾ نوجوانن جا پروگرام، ادبي
پروگرام، موسيقيءَ جا پروگرام وغيره ڪيائين، موسيقيءَ جا پروگرام ته اتان جا نهايت
مقبول هوندا هئا، انهن ڏينهن ۾ سنڌ جا ڪلاڪار به اهڙا ئي هئا، مثال طور، استاد
منظور علي خان، عاشق علي خان، وڏو غلام علي خان، مراد علي خان، محمد جمن، محمد
يوسف، فقير عبدالغفور وغيره.
ادبي
پروگرامن ۾ مولانا غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو،
ابن حايت پنهور، غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، حميد سنڌي ۽ مقبول ڀٽي جهڙا
ناميارا ماڻهو ريڊيو جي پروگرامن ۾ حصو وٺندا هئا.
ممتاز
مرزا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي ۱۹۵۸ع ڌاري
جوائن ڪيو هو ۽ ۷۶-۱۹۷۵ع ڌاري ٽيليويزن ڏانهن هليو ويو، لڳ ڀڳ ويهارو ورهيه هن ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد جي سٺي خدمت ڪئي.
ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد تي اسٽوڊيو ورڪ کان علاوهه ممتاز مرزا ڪتاب جي حيثيت ۾ به خدمت ڪئي،
جتي هو مختلف ليکڪن جي ڊرامن توڙي ريڊيو تي نشر ٿيندڙ پروگرامن جا اسڪرپٽ سڌاري
لکندو هو، انهن ڏينهن ۾ جيئن ته پروگرامLive نشر ٿيندا هئا ۽ ڪو به پروگرام رڪارڊ نه ٿيندو هو، ان ڪري پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندڙن
لاءِ اسڪرپٽ جو صاف صاف لکيل هئڻ لازمي هوندو هو ۽ جنهن لاءِ ڪتاب جو هئڻ ضروري
هوندو هو، ممتاز مرزا جي تحرير ۾ صفائي ۽ اکرن ۾ خوبصورتي هئڻ ڪري کيس اها ذميواري
ڏني وئي هئي.
حيدرآباد
جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا ۾ پيدا ٿيندڙ ممتاز مرزا جي خدمتن جي مڃتا لاءِ ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد جي طرفان کيس ايوارڊ به ڏنو ويو، پر ان وقت هو حيات نه هئو.۶ جنوري ۱۹۹۶ تي پنهنجي جنم ڀومي ٽنڊي آغا ۾
ئي هن ساهه ڌڻي حوالي ڪيو، اڄ هو اسان ۾ ڪونهي، پر پنهنجن انهن ساٿين جو مجلسي
آهي، جيڪي هن کان اڳي، ساڻس گڏ هئا يا سندس وڃڻ بعد کيس مليا هوندا.
ممتاز مرزا
ادب ۽ ثقافت جو سدا حيات نالو
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو
ناميارو اديب، ڊراما رائيٽر، نثر نويس ۽ ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور ڪمپيئر
ممتاز مرزا حيدرآباد ۾ ۲۹ نومبر
۱۹۴۰ تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم
حيدرآباد مان ئي حاصل ڪئي. ممتاز مرزا جو والد مرزا گل حسن بيگ ”احسن ڪربلائي“
انگريزن جي دور جو ناميارو شاعر هو. سندس واسطو مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين
سانگي، محمد بخش واصف سميت ان دور جي مايا ناز عالمن اديبن سان هو، انهيءَ ڪري
ممتاز مرزا تي به علمي ادبي ماحول جو اثر ننڍپڻ کان ئي پيو. مرزا گل حسن بيگ ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر هو، تنهن ڪري ممتاز مرزا به والد سان گڏ
ريڊيو تي وڃڻ شروع ڪيو. تڏهن هن جي ڄمار اڃا ۱۶ ورهيه هئي. اهو ئي زمانو هو جو کيس ڪمپيئر ٿيڻ وارو شوق جاڳيو، والد صاحب
جي صحبت، علمي ادبي محفلون هن جي مٿان اثرانداز ٿينديون ويون.
ممتاز
مرزا ريڊيو پاڪستان تي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۱۹۵۴ع کان ڪئي جيڪو ريڊيو جو ابتدائي دور هو، هو ريڊيو جي باني ڪارڪنن مان هو،
مصطفيٰ قريشي، عبداللطيف ساقي، زرينا بلوچ ۽ مشتاق مغل به انهيءَ زماني کان پنهنجي
فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. انهيءَ زماني ۾ هن کي پنهنجي ڪم جو معاوضو ڏهه رپيا
مليو هو. ان سان گڏوگڏ هن تعليم به جاري رکي ۽ سنڌي عالم فاضل جي ڊگري حاصل ڪيائين.
ريڊيو تي رهڻ سبب هن ڊراما ۽ افسانا لکڻ شروع ڪيا. هي جديد افساني جو ابتدائي دور
هو. ڪيترا ئي ريڊيو ڊراما لکيائين، انهن ڊرامن جي شهرت جي ڪري ڊرامن جو مجموعو
”آخري رات“ پڻ شايع ٿيو. هيءُ ڊرامو ”آخري رات“ اهو آهي جنهن کي ڪولمبيا براڊ ڪاسٽنگ
جو ايوارڊ، عالمي ڊرامن جي مقابلي ۾ ٻيو نمبر اچڻ تي مليو. هي مجموعو بعد ۾ ايم اي
سنڌي، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ مقرر ڪيو ويو. ممتاز مرزا چاليهه ڊراما تحرير ڪيا.
افسانا جديد صنف آئي هئي، تنهن ڪري هن به بهترين افسانا لکيا، حميد سنڌي، علي
بابا، امر جليل، آغا سليم، سراج ۽ نسيم کرل سان گڏ ممتاز مرزا به انهيءَ صف ۾ ڳڻيو
ويو. هن پنجيتاليهه افسانا لکيا جن ۾ گهڻو ڪري تاريخي ۽ رومانوي هئا.
سنڌي ٻوليءَ
وارو مسئلو پيدا ٿيو تڏهن ٻوليءَ واري تحريڪ ۾ به ممتاز مرزا اڳڀرو هو. هن ٻوليءَ
واري جدوجهد ۾ ڀرپو حصو ورتو. مقبول ڀٽي ۽ شمير الحيدري سان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ
فارم تان ٻولي واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو، جيستائين حڪومت گوڏا نه ٽيڪيا.
ممتاز
مرزا لوڪ ادب اسڪيم ۾ به جفاڪشيءَ سان ڪم ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جڏهن سنڌ
يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس (جيڪا ماڊل اسڪول، گاڏي کاتي ۾ آهي) ۾ سنڌي ڊڪشنري جي
آفيس قائم ڪئي، تڏهن لوڪ ادب، ٻولي ۽ تاريخ تي تحقيقي ڪم شروع ڪيائين. انهي ڊگهي
پروجيڪٽ ۾ ممتاز مرزا کي سندس ويجهي دوست محمد اسماعيل شيخ اهم ذميواريون ڏنيون.
سنڌي ادبي بورڊ پاران ان ڏس ۾ چاليهه واليم شايع ڪيا ويا، اهو سلسلو ڪيترن ورهين
تائين هلندو رهيو.
ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ کي تن ڏينهن ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي انچارج واري ذميواري مليل هئي،
جنهن سلسلي ۾ هو سنڌ جي مختلف تاريخي ماڳن مڪانن تي ويندو رهندو هو ۽ صوفي بزرگن
جي ميلن جون محفلون منعقد ڪرائيندو هو. ممتاز مرزا انهن پروگرامن جي ميزباني ڪندو
هو. ثقافتي محفلن سان سندس واسطو انهن ئي ڏينهن کان جڙيو، ڀٽ شاهه تي لطيف جي ميلي
جي ادبي ڪانفرنس کان وٺي محفل سماع تائين ممتاز مرزا پروگرامن جي ڪارروائي
هلائيندو هو. هن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏٺي ۽ انهن جي ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو.
۱۹۷۴ع ۾ ممتاز مرزا ٽيليويزن سينٽر تي اسڪرپٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. هن اتي به محنت ڪئي
۽ ٽي وي جي سنڌي ڊرامن کي عروج تي آندائين. سنڌي ڊرامن جي ۲۵ منٽ وقت کي وڌائڻ واري ڪوشش ۾ اڳڀرو رهيو ۽ هڪ ڪلاڪ تائين سنڌي پروگرامن
جو وقت مقرر ڪرايائين. سنڌي ڊرامن جي تاريخ ۾ ٽي وي تي جيڪي به مقبول ۽ ڪامياب ڊراما
ٺهيا اهي ممتاز مرزا جي ڪري، هن مختلف ڊراما رائيٽرن کي درستگيون ڪري چڪُون ڪڍي ڏيکاريون
۽ ڊرامن جي ڪمزور پهلوئن کي بهتر بڻايو. ڪيترن ئي نون ڪهاڻيڪارن کي ٽي وي ڊرامو
لکرائي اڳتي آندائين. عبدالڪريم بلوچ جيڪو جنرل مئنيجر پي ٽي وي هو، سان سنڌي، پروگرامن جي پاليسي بنائي انهن جو
معيار بلند ڪيائين ۽ مختلف موضوعن تي پروگرام تيار ڪرايائين. عبدالڪريم بلوچ جو ساڻس
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان وٺي ساٿ هو. ممتاز مرزا ڊرامن کان علاوه سنڌي موسيقيءَ
جا ڪيترا ئي پروگرام پڻ تيار ڪرايا. سڄي سنڌ جا گلوڪار ٽي وي تي متعارف ڪرايائين.
پاڻ موسيقيءَ ۽ راڳ جو ماهر هو، ڄاڻو هو. هن ادبي پروگرام پڻ پي ٽي وي تي نشر ڪرايا
جيڪو سلسلو ڊگهي وقت تائين جاري رهيو. پاڻ ”پارکو“ جهڙو ذهني آزمائش جو پروگرام به
ڪيائين. پي ٽي وي تي اڻ ڳڻيا پروگرام ادبي توڙي موسيقيءَ جا ميزبان طور ڪيائين.
پي ٽي
وي کان پوءِ ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو، اتي به کاتي جي بي انتها خدمت ڪيائين،
ثقافت کاتي جي طرفان منعقد محفلن جو انچارج ته هو پر هاڻي مٿس سرڪاري طور فرض به بڻجي
ويو هو. هن هتي اچڻ بعد ”گنج“ جهڙو عظيم ڪم ڪيو، ”گنج“ کي اصل شڪل سان گڏ جديد
صورتخطيءَ ۾ تيار ڪيائين، جيڪو تمام ڏکيو، ضخيم ۽ باريڪ ڪم هو. ثقافت کاتي جي
تاريخ ۾ اهڙو ناياب ڪم اڳي ڪڏهن به نه ٿيو. ممتاز مرزا جي زماني ۾ ثقافت کاتي جا ڪتاب
وڏي انگ ۾ معياري آيا. ثقافت کاتي پاران پرڏيهه ۾ سنڌي موسيقيءَ جون محفلون ڪرڻ پڻ
ويو. حميد آخوند جو ساٿ هن سان ايئن جڙيل رهيو جيئن جسم جو روح سان، اهو ئي سبب
آهي جو ممتاز مرزا جي ياد ۾ حميد آخوند، ثقافت کاتي پاران ڪراچي ۾ ”ممتاز مرزا اسٽوڊيو“
۽ حيدرآباد ۾ ”ممتاز مرزا آڊيٽوريم“ منسوب ڪيا. ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ساٿ ڊگهي عرصي
تائين رهيو. ممتاز مرزا جي زندگي حميد آخوند جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي.
ممتاز
مرزا هونئن ته ڪيئي ڊراما، افسانا، مضمون ۽ مقالا لکيا پر ڪتاب ٽي لکيائين. پهريون
”وساريان نه وسرن“ جيڪو انهن فنڪارن ۽ موسيقارن بابت لکيو هئائين جيڪي سنڌ جا امر
آواز سنڌي ساز سرود جو بنياد بڻيا. ٻيو ڪتاب ”سپيريان سندي ڳالهڙي“نامياري راڳي
محمد يوسف تي پنهنجين ساروڻين سان لکيو اٿس. هي ڪتاب ۱۹۹۲ع ۾ شايع ٿيو. ٽيون ڪتاب ”سدا سوئيتا ڪاپڙي“ سندس لاڏاڻي کان پوءِ ۱۹۹۸ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران شايع ٿيو، جيڪو سنڌ جي مشهور ڳائڻي علڻ فقير بابت
لکيل آهي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي زندگيءَ جا ڪيتيرائي اهم واقعا ۽ تجربا به ان ۾
لکيا اٿس، جڏهن ته ناميارن عالمن ۽ اديبن بابت پڻ احوال آيل آهي.
ممتاز
مرزا جي زندگيءَ بابت مختلف ليکڪن جي تحريرن، سندس علمي پورهئي جي احوال ۽ سوانحي
خاڪن تي ٻڌل ڪتاب ”سهڻو پاڻ سڏائي ويا“ سنڌ جي نامياري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر نصير
مرزا مرتب ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ روشني پبليڪيشن پاران پڌرو ٿيو آهي. نصير
مرزا هن ڪتاب جي جوڙ جڪ ۾ ڏاڍي محنت ڪئي آهي جيڪا ساراهه جوڳي آهي.
ممتاز
مرزا ڊگهي عرصي کان پوءِ ۱۹۹۶ع جي پڇاڙڪن
ڏينهن ۾ پنهنجي اباڻي گهر مستقل اچي ويو هو پر ڏهاڪو کن ڏينهن گذارڻ بعد ۶ جنوري ۱۹۹۷ع تي دل جو دورو پوڻ سبب انتقال
ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا واري تاريخي قبرستان
۾ آهي.
ممتاز مرزا
ھڪ مھربان جون يادگيريون
سڪندر علي سومرو
ممتاز مرزا انهن آفيسرن مان هڪ هو، جنهن جون ڪجهه يادون منهنجي دل جي
ڦرهيءَ تي هن طرح سان چٽيلآهن. مونکي ياد آهي ته شاه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو ميلو
هجي شام جو مون کي حڪم ڪيائين ته بابا تون منهنجو پي اي آهين. سڀاڻي ڀٽ شاه تي مون
سان گڏ هلڻو اٿئي. پڇيومانس ته سائين سڀاڻي ڪهڙي ٽائيم تي هلڻو آهي. بهرحال خير جي
رات ٿي مان سندس گهر تي فون ڪئي جواب ۾ گهر وارن ٻڌايو ته سڀاڻي ڀٽائي جو ميلو آهي
صبح جو ۹
بجي ڪراچي کان روانا ٿيندا.
اها ته پڪ ٿي ته صبح جو صاحب ۹
بجي روانا ٿيندا ۽ ان حساب
سان مان به ٻئي ڏينهن صبح جو ۷:۳۰ بجي اچي آفيس ۾ پهتس. چوڪيدار
نظر آيو کانئس معلوم ڪيو ته صاحب آيو آهي جواب ۾ ڪنڌ کان اشارو ڪيائين ته ويهي انتظار
ڪيو نيٺ ۸:۳۰
گيٽ تي ڊرائيور هارن ڏنو ته
جيئن چوڪيدار گيٽ کولي. گاڏي مان اندر ئي صاحب هوڏي هوڏي نهاريندي مون تي نظر پين چيائون
ته اچي وئين چيم جي سر، ٺيڪ آ مان مٿان آفيس مان ٿي اچان ته ڀٽ شاه لاءِ روانا ٿيندا
سين، ٿوري ئي دير ۾ صاحب واپس آيو ۽ ڊرائيور کي چيائين ته هل بابا دير پئي ٿئي نيٺ
اچي ڀٽ شاه پهتا سين.مون کي حيرت ٿي ته ڪراچي کان ڀٽ شاه جي وچ رستي ۾ صرف هڪ هوٽل
ئي اچي چانهه جي پيالي پيتئين ۽ وري ڀٽ شاه تي فنڪارن سان پروگرام جي ڳالهين ۾ لڳي
ويا.
نيٺ رات ٿي راڳ رهاڻ علڻ فقير کان ڀٽائي گهوٽ جي وائي کان شروع ڪيائون،
۽ وقفي وقفي کان مختلف فنڪارن کي پي ڳارايائين. مان اسٽيج جي سامهون ويٺو هيس. ايتري
۾ عجيب آواز اچڻ لڳا ۽ جلدي ۾ صاحب انائونس ڪندي چوڻ لڳو مون کي لڳي ٿو ته توهان کي
هاڻي استاد يوسف ٻڌرايان جهن تي تاڙيون وڄڻ شروع ٿيون ۽ استاد اچي ڳائڻ لڳو، سهڻا ماڻهو
ٻيا به هزار سنڌي ماڻهو پڌرا لکن ۾، اڃا اها سٽ چئي بس ڪيائين ته اوچتو تاڙيون وڄڻ
شروع ٿيون، ڪنڌ مٿي ڪري ڏسان ته ممتاز مرزا ۽ علڻ فقير هن ڪلام تي نچندا ڪڏندا اسٽيج
تي پوري ڪلام سان گڏ آخر تائين نچندا رهيا ۽ ماڻهو وڏو لطف ماڻيو.
نيٺ ميلو پڄاڻي تي پهتو.
هڪ ڏينهن شام جا تقريبن ۴ يا ۵ ٿي رهيا هئا ۽ اوچتو مينهن وسڻ شروع ٿيو مان اندر وڃي
صاحب کي چيو ته سائين ٻاهر موسم ڏاڍي وڻندڙ آهي ۽ مينهن به وسي پيو، صاحب پنهنجي هٿ
۾ پيل قلم ٽيبل تي رکي ۽ مون کي ساڻ ڪري آفيس مان هيٺ لهي آيو ۽ ڇٻر تي ڪرسي رکرائي ويهي قدرت جي رحمت جو مزو ماڻين.
اڃان ويٺي ۱۰، ۱۵
منٽ مس ٿيا ته اوچتو ٻاهرين
دروازي مان سنڌ جو نالي وارو فنڪار مرحوم علڻ فقير ۽ مرحوم امام ڏنو فقير اچي صاحب
سان مليا حال احوال کان پوءِ صاحب علڻ کي چيو ته ڀٽائيءَ جي سر سارنگ مان ته يار وائي
ٻڌاءِ ۽ امام ڏني کي چيائين ته تون فقير جو ساٿ ڏي. اهڙيءَ طرح رم جهم مان مزو ماڻي
صاحب واپس آفيس ۾ اچي ساڳيو قلم کڻي لکڻ شروع ڪيائون.
صبح جو ٽائيم هجي صاحب بزر ڏني جي سر ڪيم ته چوڻ لڳا ته استاد فيروز گل
ملائي ڏئي نمبر ڊائل ڪيم ڪنهن فون کڻي چيو استاد کي فون ڏيندا ممتاز مرزا ڳالهائڻ چاهين
ٿا جواب مليو ته انهن جو ته رات انتقال ٿي ويو آهي، افسوس ڪيم ۽ جلديءَ ۾ صاحب کي انتقال
جي خبر ٻڌائڻ چاهيم ته سخت لهجي ۾ چوڻ لڳا يار مون کي خبر آهي تون ڪنهن ٻئي گهر ڀاتي
سان ڳالهراءِ مون اهو محسوس ڪيو ته صاحب ڪاوڙ مان مون سان ڳالهائڻ لڳو ٿوري دير کان
پوءِ اندر گهرائي چيائين ته بابا ڏک ته نه ٿيو جواب ۾ چيم سر ڪهڙي ڳالهه تان چوڻ لڳا
ته فيروز گل واري ڳالهه تان چيم نه سر چوڻ جو مقصد ته رحم دل ڏاڍا هوندا هئا.
هڪ ڏينهن شام جو صاحب کان پٽيوالو موڪل وٺي ويو. ۽ مان پي اي جي حيثيت
سان گهنٽي به پي ٻڌم. مون کي بعد چانهه جي ٻاڙ لڳي سوچيم ته صاحب کان به پڇان جي چانهن
پيئڻ چاهين ته ٻه پياليون تيار ڪري وٺجن. اندر ويس عرض ڪيم ته سائين چانهه پيئندا جلديءَ
۾ هٿ ۾ مان قلم رکي چوڻ لڳا هن مهل چانهه ڪٿان آڻيندين چيم سر سڪو کير ۽ پتي موجود
آهن ٺاهي وٺندس. پنهنجي وارن ۾ آڱريون وجهي چوڻ لڳا يار جلدي ڪر.
مان جيترو ٽائيم صاحب جو پي اي رهيو مان هر روز اهو ئي ڏسندو هيس. صبح
جو سوير ايندا هئا. اچڻ سان پاڻي هڪ چانهه جو ڪپ وري ساڳيو قلم ۽ پنا لکندا رهندا هئا ان وچ ۾ اگر مهمان آيو ته به ڪا
فون آئي ته به پيا لکندا رهندا هئا ۽ انهن
سان به ڳالهائيندا هئا. مون کي حيرت ته ڏاڍي ٿيندي هئي پر مون اهو محسوس ڪيو ته شايد
صاحب ڳالهائڻ مان به ڪجهه لکندا هوندا. ايتري تائين جو جڏهن مونکي به اندر گهرائيندو
هيو ته به پي لکندو رهندو هيو ۽ ڪم ڪار جو به چوندو. ممتاز مرزا آخري ڏينهن ۾ جڏهن
بيمار جي بستري تي آغا خان هاسپيٽل ۾ هو فون ڪري چيائين ته اڙي يار حياتي الائي ڇا
سنڌيڪا وارن کي فون ڪري چئو ته منهنجي ڪتاب سدا سئيتا ڪاپڙي جو ڇا ٿيو ۽ مهرباني ڪري
جلدي ڇپائي ڏيو ته جيئن مان پنهنجي حياتيءَ تي ۾ اهو ڪتاب ڏسي سگهان. فون ڪري معلومات
وٺي صاحب کي ٻڌايو ويو ته سائين ڪتاب بلڪل تيار آهي جنهن جي ڪاپي سڀاڻي توهان کي ڏني
ويندي تنهن تي ڏاڍو خوش ٿيو، پر اهو ڪتاب پاڻ نه ڏسي سگهيو.
ممتاز مرزا
شاهه جو متعقد، محقق ۽ مقرر
طارق عزيز شيخ
سنڌي ادب ۽ ثقافت جي مشهور شخصيت ممتاز مرزا لطيف سائين جي وڏن عقيدت مندن مان
هو. هن ڊگهي عرصي تائين ڀٽائي سائينءَ جي سالياني عرس تي علمي ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن
جي ميزباني وارو ڪم، لازمي فرض سمجهي نڀايو ۽ دل سان نڀايو.
ممتاز مرزا جڏهن لطيف جي عرس واري محفل سماع تي اسٽيج سنڀاليندو هو ته شاهه
جو ڪلام، شاهه جا ڪردار، سورميون، لطيف سائين جو زمانو ۽ لطيف جي راڳ بابت به ڄاڻ ڏيندو
رهندو هو. ڄڻ شاهه صاحب جي حوالي سان الڳ الڳ رنگ وکرندا هجن. سج لٿي کان پوءِ
لطيف جي نگريءَ ۾ راڳ رهاڻ جي محفل تي جيئن سهي سنبري بيهندو هو ته فجر جي ٻانگن کان
گهڙي کن اڳ تائين محفل کي ڄمائي، ڪارروائي هلائيندو هو.
ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج تي سوين پروگرام لطيف جي حوالي سان ڪندڙ ممتاز مرزا
فقط پروگرامن تائين محدود ڪو نه رهيو بلڪه لطيف جو پارکو ۽ ڄاڻو به هو. هن لطيف
سائين جي ڪلام تي تحقيقي ڪم سرانجام ڏنو آهي ۽ تاريخي ڪارنامو ”گنج” کي جديد
صورتخطيءَ ۾ آڻڻ وارو ڪري ڏيکاريائين. “شاهه جو رسالو: گنج” اهو رسالو آهي جيڪو شاهه
صاحب واري زماني ۾ لکيو ويو هو. هيءَ بحث پڻ ڊگهي عرصي کان هلي رهيو آهي ته شاهه
صاحب جي زماني ۾ ڏهه نسخا گنج جا لکيا ويا هئا. گنج معنيٰ گهڻو. هن رسالي ۾ گهڻي
کان گهڻو ڪلام ملي ٿو جنهن ۾ لطيف سائين کان اڳي ۽ سندس همعصرن جو ڪلام شامل آهي.
ممتاز مرزا جنهن گنج کي جديد سنڌي صورتخطيءَ ۾ تحقيق ڪري تيار ڪيو، اهو
لطيف سائين جي تمر فقير جو جوڙيل گنج آهي. ممتاز مرزا موجب: “گنج شريف، درگاهه
لطيفي جي ڀِڪ ۾، ڀٽ ڌڻيءَ بادشاهه جي پنهنجي قائم ڪيل وڏي اوطاق تي، تمراڻي فقيرن
وٽ، هڪ اهم تاريخي سرمائي ۽ دستاويز جي حيثيت ۾ محفوظ آهي. گنج لطيف جي پانڌيئڙن
لاءِ هڪ مقدس ڪتاب آهي ۽ جنهن جي هر سال ۱۴ صفر تي نهايت عقيدت ۽ احترام سان زيارت ڪئي ويندي آهي.”
ممتاز مرزا گنج کي اڄوڪي مروج سنڌي ٻوليءَ ۾ تيار ڪرڻ وارو ڪارنامو ٽن
ورهين ۾ پورهيو ڪيو. هن خوبصورت رسالي جي رونمائي شاهه سائين جي ۲۵۱ هين عرس جي موقعي تي ۱۹۹۵ع ۾ تڏهوڪي وزيراعظم، شهيد راڻي محترمه بينظير
ڀٽو، ڀٽ شاهه تي ڪئي هئي.
اهڙو ئي هڪ ڏکيو ڪم ممتاز مرزا ۱۹۹۹ع ۾ پڻ ڪري چڪو هو. سنڌ جي نامياري عالم ۽ اديب غلام
محمد شاهواڻيءَ وارو مرتب ڪيل ”شاهه جو رسالو” ممتاز مرزا درستگيون ڪري، سنواري، سڌاري،
اوڻايون ڪڍي تيار ڪيو هو، جيڪو نامياري پبلشر نور احمد ميمڻ، سنڌيڪا اڪيڊمي پاران
شايع ڪرايو هو.
غلام محمد شاهواڻي وارو مرتب ڪيل شاهه جو رسالو، ممتاز مرزا جي سڌارڻ سنوارڻ
کان اڳي اهڙو هو جو پڙهندڙن کي ڪيترين ئي پڙهڻين ۾ مونجهارا پئي آيا. ممتاز مرزا
هن ڏکئي ڪم ۾ هٿ وڌو ته تمام احتياط ۽ ڇنڊڇاڻ بعد سمورين منجهيل پڙهڻين کي درست ڪيائين.
هيءُ نهايت ڳُوڙهو ۽ نور نچوئڻ وارو علمي پورهيو هو، جنهن کي هُن دل سان ڪيو، ڏينهن
رات هڪ ڪري لطيف جي محبت ۽ محنت ۾ وهي ويو. ان ڏس ۾ شاهه جي رسالي جي شروعات ۾ ”گذارش“
جي سري هيٺ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”آڳاٽن قلمي نسخن توڙي ڇاپي نسخن جي
اشاعت وقت، سنڌي زبان جي موجوده صورتخطي جي پوري طرح سان تشڪيل نه ٿي هئي، انهي ڪري
گربخشاڻي صاحب توڙي شاهواڻي صاحب اڳين اصولن پٽاندر، رسالي ۾ سنڌي صورتخطي قائم
رکي. اڄ جڏهن سنڌي سورتخطي ڪنهن نه ڪنهن لحاظ کان پنهنجي تڪميل تي پهچي وئي آهي، تنهن
ڪري هن دور جي پڙهندڙن لاءِ، موجوده صورتخطي اختيار ڪئي وئي آهي.“
ممتاز مرزا جي رسالي کي سنوارڻ بعد ”شاهه جو رسالو“ مرتب: غلام محمد شاهواڻي“
سولي انداز ۾ بڻجي پيو آهي. هيءُ رسالو ٻين نسخن جي ڀيٽ ۾ منفرد آهي.
ممتاز مرزا پنهنجي ڪتاب ”وساريان نه وسرن” ۾ پڻ شاهه سائين جي حوالي ۾ ڪيترن
ئي مضمونن ۾ تفصيل سان مختلف موضوعن تي قلم آرائي ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب سندس ساروڻين
تي ٻڌل آهي جنهن ۾ پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن مان يادگار مضمون چونڊي لکيو اٿس. لطيف
سائين جي حوالي هونئن ته سڄي ڪتاب ۾ ذڪر ٿيل آهي پر خاص طور هنن عنوان سان طويل لکڻيون
آهن: شاهه جون ورسيون، ڀٽ واري درگاهه، ڀٽ شاهه، ڀٽائي گهوٽ، شاهه سيلاني، شاهه
عبداللطيف جي ڪيمياگري، شاهه جي نظر ۾ انسان جو تصور، شاهه جو وِشو درشن، ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز جا چيئرمين، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جا اعزازي سيڪريٽري، ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز جا ڇپايل ڪتاب ۽ شاهه جا راڳائي. هيءُ ڪتاب ۱۹۸۸ع ۾ ثقافت کاتي پاران سنڌ حڪومت ڇپايو هو.
ممتاز مرزا ”شاهه جا راڳائي“ جي عنوان سان طويل مقالو پنهنجي ٻئي ڪتاب
”سپريان سندي ڳالهڙي“ ۾ به تحرير ڪيو آهي. ممتاز مرزا هڪڙو اهم مقالو ۱۹۷۰ع ۾ ”شاهه ڀٽائي ۽ شاهه لطف الله قادري“ جي
عنوان سان پڻ تحرير ڪيو هو جيڪو ٻنهي همعصر شاعرن جي ڪلام جو تقابلي جائزو هو. هن
مقالي ۾ حالتن، واقعن ۽ ڪلام تي تحقيقي ڪم ملي ٿو. اطلاعات کاتي پاران سنڌ جي نامياري
صحافي ۽ اديب شيخ عزيز، ”نقش لطيف“ جي عنوان سان خاص شمارو سهيڙيو هو، جنهن ۾ هي
مقالو شايع ٿيو هو جيڪو لطيف سائين جي عرس جي موقعي تي پڌرو ٿيو هو.
ممتاز مرزا جي شاهه لطيف بابت لکيل تحقيقي مقالن ۾ ”سُر سامونڊي: سنڌ جي
عهد رفته جو الميه داستان“ نهايت اهم آهي. هن مقالي ۾ ڀٽائي سائين جي دور جا المياتي
۽ تاريخي واقعا آهن. ممتاز مرزا هن مقالي ۾ انهي دور جي منظر ڪشي ڪري ٿو جڏهن لطيف
سائين سنڌ جي هوائن ۾ سفر ڪندو هو. سنڌ جي سياسي صورتحال، ڌارين جون ڪاهون، ڏاڍ ۽
ظلم، سنڌ جي جاگرافي، وڻج واپار، سامونڊي بندرن جو ڪاروهنوار، سنڌين جون پاڻ ۾ ويڙهون
۽ شاهه سائين جي ڪلام جو جائزو ان ۾ شامل آهي. ممتاز مرزا جو هيءَ مقالو مجموعي
طور تي شاهه جي زماني جو عڪاس آهي.
ممتاز مرزا جو شاهه صاحب تي ڪيل ڪم تفصيلي طور ڏسجي ته هن جهڙا ڪيترائي
مضمون ٺهي سگهن ٿا. هُو شاهه جو ايترو وڏو عقيدت مند هو جو سندس اعزاز ۾ علمي، ادبي،
تحقيقي ۽ ثقافتي ڪم زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين ڪندو رهيو.
ممتاز مرزا
ادبي ۽ ثقافتي دنيا جو اڻ
وسرندڙ ڪردار
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو ناميارو
عالم، اديب، ڊرامه نگار، شاهه جي ڪلام جو پارکو، نثر نويس، ريڊيو، ٽي وي، علمي
ادبي، ثقافتي محفلن جو مايه ناز ميزبان ممتاز مرزا حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊو آغا
۾ ۲۹ نومبر ۱۹۴۰ع ۾ جنم ورتو. سندس والد مرزا گل حسن “احسن ڪربلائي” پنهنجي وقت جو باڪمال
شاعر، اديب، محقق ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پهريون اسڪرپٽ رائٽر هو.
ممتاز مرزا ابتدائي
تعليم انگريزن جي دور جي درسگاهه آسودو مل حڪومتراءِ اسڪول، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ سيٺ
حافظ پرائمري اسڪول ڦليلي بڻجي ويو، ۾ حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول
حيدرآباد مان ڪئي. تڏهن مئٽرڪ ستين درجي تائين هوندي هئي. هن انٽرميڊئيٽ سنڌ اورينٽل
ڪاليج مان ڪئي. ان کان پوءِ عالم فاضل سنڌيءَ جي (اڄوڪي ايم اي جي برابر) سنڌ يونيورسٽيءَ
مان ڊگري حاصل ڪئي.
۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد قائم ٿيو، تڏهن ممتاز مرزا جو والد مرزا
گل حسن بيگ”احسن ڪربلائي“ اتي سنڌيءَ جو پهريون اسڪرپٽ رائٽر ٿيو ۽ ممتاز مرزا به
هن سان گڏ ريڊيو پاڪستان ۾ اچڻ وڃڻ لڳو. ممتاز مرزا ريڊيو پاڪستان تي پروگرامن ڪرڻ
سان گڏو گڏ تعليم به جاري رکندو آيو هو.
هن ريڊيو پاڪستان
تي پروگرامن جا مسودا لکڻ شروع ڪيا، شروع شروع ۾ ننڍا ننڍا اسڪرپٽ تحرير ڪيا پر ان
کان پوءِ ريڊيائي ناٽڪ به لکڻ لڳو، جلد ئي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسڪول براڊ ڪاسٽنگ
جو شعبو کليو ۽ ممتاز کي سنڌي سيڪشن جو انچارج مقرر ڪيو ويو.
ممتاز مرزا ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد تي موسيقيءَ جا پڻ پروگرام ڪيا، جنهن ۾ گلوڪارن جي ذاتي ۽ فني
زندگيءَ تي پڻ حال احوال ٿيندو هو.
هي ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد جي اوج وارو زمانو هو. ممتاز مرزا “آدمي نامه (جنهن ۾ سماج جي مختلف طبقن
سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا انٽرويو نشر ڪيا ويندا هئا)، ساڻيهه جا سينگار، موسيقي، ادب،
لوڪ ادب، تاريخ بابت پروگرام ڪندو هو.
ممتاز مرزا ريڊيو
پاڪستان تي جڏهن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي تن ڏينهن ۾ مصطفيٰ قريشي، عبداللطيف ساقي،
مشتاق مغل ۽ زرينه بلوچ به ساڻس گڏ فني ڪيريئر شروع ڪيو هو. اهڙن عاليشان اداڪارن
ممتاز مرزا جي ڊرامن آخري رات، پنرو بڊام، واٽون ۽ نيڻ، لاکو ڦلاڻي، پڙاڏو سو سڏ ۽
ماءُ ۽ محبت ۾ ڪم ڪيو. ممتاز مرزا جي ڊرامن جو موضوع لوڪ داستان ۽ سنڌ جي تاريخ
رهيو. ريڊيو جي ڊرامن جي حوالي سان ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد جي ڪمشنر پاران ”جشن حيدرآباد“ ملهايو
ويو. جيڪو حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي جي تعمير جي ٻه سؤ سالن مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ
۾ ملهايو ويو. انهيءَ موقعي تي ريڊيو پاڪستان حيدر آباد پاران موهن جي دڙي کان وٺي
پاڪستان جي قائم ٿيڻ تائين جي تاريخ جي مختلف دورن تي ڊراما ۽ فيچر پيش ڪيا ويا.
انهيءَ موقعي تي ممتاز مرزا موهن جي دڙي تي ڊرامو “آخري رات” لکيو جنهن کي ڀرپور ڪاميابي
حاصل ٿي.
ممتاز مرزا جو ڊرامو
”آخري رات“ ايتري ڪاميابي ماڻي چڪو هو جو جڏهن عالمي ريڊيائي ڊرامن جو مقابلو ٿيو
تڏهن ”آخري رات“ کي ڪولمبيا براڊ ڪاسٽنگ ٻيو نمبر قرار ڏئي ايوارڊ سان نوازيو، بعد
۾ ”آخري رات“ جي نالي سان ۱۹۷۹ع ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن تي ٻڌل ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو سنڌ
جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبي جي ڪورس ۾ به ڪتاب کي شامل ڪيو ويو.
افسانو سنڌي ادب جي
جديد صنف طور مقبول رهي آهي. ممتاز مرزا سنڌي افسانن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ لوڪ داستانن
کي پنهنجو موضوع بڻايو. سندس افسانن ۾ ”پيار ۽ ڌڪار“ (هفتيوار انسان اخبار
حيدرآباد)، ”هار“ روازني هلال پاڪستان اخبار جي ماهوار ايڊيشن واري افسانه نمبر جي
سلسلي ۾ ۱۹۵۷ع ۾ شايع ٿيو) جنهن کي انعام يافته قرار ڏنو ويو. ”هاءِ حياتي هي ٿوهر جو وڻ“
(ماهوار ايڊيشن روزاني هلال پاڪستان ۱۹۵۷ع)، ”معما“ (ماهوار فلمي دنيا ۱۹۵۸ع)، ”چوڙيون“ (روزاني هلال پاڪستان ۱۹۵۸ع)، ”انڌير ننگري“ (ٽه ماهي مهراڻ ۱۹۵۸ع، ايڊيٽر علامه عمر محمد بن دائود پوٽو)،
”اڄ پڻ اکڙين“ (ماهوار عبرت ايڊيشن ۱۹۶۰ع)، ”پوڙهو“ (ماهوار ايڊيشن روزاني هلال پاڪستان ۱۹۵۸۹، ”سنڌ راڻي“ (ٽه ماهي مهراڻ ۱۹۶۸)، ”هو سوچيندو رهيو“ (ٽه ماهي مهراڻ ۱۹۶۴)، سميت چاليهه عدد افسانا تحرير ڪيائين.
ممتاز مرزا لوڪ ادب
جي حوالي سان سنڌي ادبي بورڊ جي ڪيترين ئي اسڪيمن ۾ تحقيقي پورهيو ڪيو. هن ۱۹۵۷ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي لغت ”جامع سنڌي
لغات“ ۽ ” لوڪ ادب“ جي حوالي سان پروجيڪٽ ۾ سنڌ جي ماهر لسانيات، مؤرخ، شاهه جي
شارح، لوڪ ادب جي ماهر ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيو.
ممتاز مرزا علمي
حوالي سان پنھنجي زندگي جو جيڪو نهايت اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو سو ھو شاهه لطيف جي
گنج شريف کي جديد صورتخطي جي صورت ۾ آڻڻ. شاهه صاحب پنهنجو سمورو ڪلام ڀٽ شاهه تي
واقع ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو، پر جيئن ته هن عظيم صوفي بزرگ جو ڪلام لافاني
آهي، تنهنڪري سندس فقيرن ۽ راڳين کي دل ۽ دماغ ۾ محفوظ هو. گنج شريف ۾ آيل ڪلام شاهه
لطيف جي فقيرن جو گڏ ڪيل ڪلام آهي جنهن ۾ شاهه صاحب جي ڪلام کان علاوه ڌاريو ڪلام
به شامل آهي. ان جو سبب اهو آهي ته شاهه صاحب کي جيڪو پنهنجي زماني جي مقبول شاعرن
جو ڪلام ياد هو سو پاڻ فقيرن کي ٻڌائيندا هئا يا پنهنجي ماضيءَ جي قادر الڪلام معروف
شاعرن ۽ بزرگن جو ڪلام پڙهندا هئا ته اهو سمورو ڪلام فقيرن بيان ڪيو جيڪو ڪاتب لکندا
ويا.
قديم دور جي سنڌي ٻوليءَ
۾ لکيل هن رسالي کي ممتاز مرزا نهايت باريڪ بينيءَ سان سنواري ۽ احتياط سان جديد
صورتخطيءَ ۾ آندو آهي. هي رسالو جيڪو ۱۲۰۷ هجريءَ ۾ لکجي پورو ٿيو ۽ انهيءَ صورت ۾ اڃا تائين موجود
آهي.
ممتاز مرزا قديم سنڌي
صورتخطي ۽ جديد صورتخطي کي هرهڪ صفحي تي ساڳيون سٽون رکيون آهن ته جيئن تحقيقي ڪم
۽ اصل صورت سامهون رهي. گنج شريف جي ۱۹۹۵ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ۲۵۱ عرس جي موقعي تي تڏهوڪي وزيراعظم محترمه
بينظير ڀٽو جي هٿان رونمائي ڪرائي وئي. جيڪو ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري
عبدالحميد آخوند ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. ھن جي وفات ۶ جنوري ۱۹۹۶ع تي حيدرآباد ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ٿي.
سندس آخري آرامگاهه به پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ آهي.
(روزاني عوامي آواز
ڪراچي - سومر، ۶ جنوري ۲۰۲۰ع)
ممتاز مرزا
پيار ڏئي پنھنجو ڪندڙ شخص
زيب سنڌي
اڄ کان ٽيويهه سال
اڳ، ۷ جنوري ۱۹۹۷ جي اخبارن ۾ سنڌ جي انهيءَ بي مثال نثر نويس، ڊراما نگار ۽ منفرد ڪمپيئر
جي وفات جي جيءُ جهوريندڙ خبر ڇپي هئي، جنهن فن ادب ۽ ثقافت سان تعلق رکندڙ بيشمار
ماڻهن کي پيار ڏئي پنهنجو ڪري ڇڏيو هو ۽ سندن دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي هئي.
پنهنجي شاندار ايئرڪنڊيشنڊ آفيس ۾ ويٺل، سونهري وارن وارو اهو سهڻو شخص ممتاز مرزا
هر ايندڙ ويندڙ جي ايئن آجيان ڪندو هو، ڄڻ سندس آفيس ۾ آيل هر ماڻهو سندس ڪو دوست،
عزيز يا مائٽ هجي! ڀل ته پوءِ اهو ماڻهو اوپرو ۽ پهريون ڀيرو سندس آفيس ۾ ڇونه آيو
هجي! هن کي خبر هئي ته، سندس آفيس ۾ آيل ماڻهو ڪو فنڪار، ليکڪ، شاعر يا سُگهڙ ئي
هوندو، جنهن ڪري هو بنا ڪنهن فرق جي هر آيل شخص جي ساڳئي گرمجوشيءَ سان آجيان ڪندو
هو. هن وٽ علم، ادب توڙي فن سان لاڳاپيل هر ماڻهوءَ لاءِ پنهنجائپ، پيار ۽ عزت
هئي. اهو ئي سبب آهي جو سندس آفيس ۾ ڪيترا ئي ملاقاتي بنا هٻڪ ۽ بنا اجازت جي اندر
ھليا ايندا هئا. ڀل ته هو ڪيترو به مصروف هجي، سندس نظر ڪنهن فائيل يا ڪنهن ڊرامي جي
اسڪرپٽ ۾ هجي پر آفيس ۾ آيل شخص جي پنهنجي مُرڪ سان آجيان ضرور ڪندو هو. انهيءَ بي
مثال شخص ممتاز مرزا جي ٻاويهن ورسيءَ جو ڏينهن ڪالهه خاموشيءَ سان گذري ويو آهي!
جيتوڻيڪ هن جي نالي سان حيدرآباد ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۽ ڪراچيءَ ۾ ممتاز مرزا اسٽوڊيو
موجود آهن، جن ۾ فن، ادب ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڻهن جا پروگرام ٿيندا
رهن ٿا. زندهه ماڻهن کي مانُ ڏنو وڃي ٿو ۽ مري ويلن جون ورسيون ملهائي کين ساريو وڃي
ٿو پر سندس ورسيءَ جي موقعي تي، سندس ئي نالي سان منسوب هال توڙي اسٽوڊيو ۾ ڪوبه
پروگرام نه ٿي سگهيو! ڄڻ ممتاز مرزا صاحب انهن ادارن کان وسري ويو هجي، جن ۾ هن
حقيقي معني ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ڀل ته اهي ادارا کيس وساري ڇڏين پر اهي فرد هن
کي ڪيئن ٿا وساري سگهن، جن کي هن پيار ڏئي سدائين لاءِ پنهنجو ڪري ڇڏيو هو. انهن
ماڻهن جو تعداد به ھزارن ۾ هوندو، جو هن فن، ادب ۽ ثقافت سان لاڳاپيل انهن ادارن ۾
ڪم ڪيو، جتي ڪيترا ئي ئي اديب، شاعر، فنڪار، سُگهڙ توڙي ثقافتي هنرن سان واسطو
رکندڙ ماڻهو روز هن سان ملڻ ايندا هئا.
ممتاز مرزا صاحب اڳ
۾ وڏو عرصو پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۾ رهيو ۽ پوءِ سنڌ جي ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر
جنرل رهيو. جڏهن هو پاڪستان ٽيليويزن ۾ هو، تڏهن اسان جي ملڪ ۾ فقط هڪڙو ئي ٽي وي
چينل Ptv
هوندو هو. ممتاز مرزا صاحب پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي سنڌي سيڪشن جو انچارج ۽ اسڪرپٽ
ايڊيٽر هو، جنهن ڪري پي ٽي وي لاءِ ڊراما توڙي ٻيا مختلف نوعيت جا اسڪرپٽ لکندڙ
ليکڪن جو ته هن سان واسطو پوندو پر سڄي سنڌ منجهان ايندڙ فنڪار، ليکڪ ۽ سُگهڙ
پنهنجو هر مسئلو اچي هن سان اوريندا هئا. هو ڪاڇي، ڪوهستان، لاڙ ۽ اتر کان آيل
غريب فنڪارن ۽ سگهڙن جو سهارو هوندو هو ۽ سندن مسئلا ويٺو حل ڪندو هو. ڪنهن سُگهڙ
کي پهريون ڀيرو ٽيليويزن تي پروگرام لاءِ گهرايو ويو. پروڊيوسر رڪارڊنگ کان اڳ ۾ ڪانٽريڪٽ
فارم تي سگهڙ کان آڏن ڦِڏن اکرن ۾ صحيح ورتي يا آڱوٺو هڻايو ۽ کيس چيو، “توهان جو
چيڪ توهان جي ايڊريس تي پهچي ويندو، اهو توهان پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائجو.”
انهيءَ مسڪين سُگهڙ لاچاريءَ سان وراڻيو، “منهنجو ته ڪنهن بئنڪ ۾ ڪو اڪائونٽ ئي
ناهي سائين!” پروڊيوسر جواب ڏنو، “اهو منهنجو مسئلو ناهي، تنهنجو مسئلو آهي. وڃي
پاڻ حل ڪر.” مسڪين سگهڙ لاءِ اهو وڏو مسئلو هو. سگهڙ پنهنجو مسئلو کڻي هٻڪندي
ممتاز مرزا صاحب جي ڪمري جو در کولي اندر جهاتي پاتي. ممتاز صاحب جي مٿس نظر پئي
ته مسڪين سُگهڙ ڏانهن مُرڪي نهاريندي چيائين، “اچو سائين، هليا اچو.” سُگهڙ اندر آيو
ته ممتاز صاحب ڪرسيءَ ڏانهن اشارو ڪيو. سُگهڙ ويٺو ۽ هن توريل تڪيل لفظن سان پنهنجو
مسئلو بيان ڪيو. ممتاز صاحب پيار ۽ پنهنجائپ سان مُرڪي چيو، “فڪر نه ڪيو، توهان جو
ڪم هاڻي جو هاڻي ٿي ويندو. اڳ ۾ اهو ٻُڌايو ته توهان ماني کاڌي آهي؟” مسڪين سُگهڙ
هٿ ٻَڌي عرض ڪيو، “سائين، ماني شهر ۾ ڪٿي کائي وٺنداسين. ممتاز صاحب ڪينٽين تي فون
ڪري ماني گهرائي، پنهنجي آفيس جي ٽيبل تي سُگهڙ اڳيان رکرائي. جيسين مسڪين ماني
کائي تيسين سندس چيڪ ٺاهڻ لاءِ فون مٿان فون. چيڪ تيار ٿي پهتو ته انهيءَ کي اوپن ڪرائي،
ڪنهن ماڻهوءَ کي بئنڪ موڪلي، پئسا گهرائي سُگهڙ جي هٿ ۾ ڏنائين. مسڪين سگهڙ دعائون
ڏيندي هٿ ٻَڌي موڪلائڻ چاهيو ته، ممتاز صاحب مُرڪي چيو، “ايئن وري ڪيئن، اڃا چانهه
ته پيتي ئي ناهي!” ممتاز مرزا صاحب جي آفيس ۾ اهو ڪو هڪڙو ڏيک نه، مون اهڙا ڪيترا
ئي منظر ڏٺا. اهي سڀ واقعا ڪنهن ڊگهي سيريز جي طور تي ئي لکي سگهجن ٿا، هڪ ڪالم ۾
ته اهي سمائجي نٿا سگهن!
ممتاز مرزا صاحب جهڙو
هو بي مثال ڪمپيئر تهڙو ئي هو باڪمال ليکڪ. مون ۱۹۸۶ع ۾ پنهنجو پهريون ٽي وي ڊرامو لکڻ کان
پهرين، ممتاز مرزا جي ڊرامن جو ڪتاب “آخري رات” پڙهيو هو. اهو هڪڙو ڪتاب ڇا پڙهيم،
ڄڻ ڊرامو پنهنجو پاڻ مون ڏانهن هليو آيو. هڪ ٻئي پويان ڪيترا ئي ڊراما لکيم، جيڪي
ممتاز مرزا پي ٽي وي جي اسڪرپٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان اوڪي ڪندو ويو، ۽ محمد بخش
سميجو پروڊيوس ڪندو رهيو. ممتاز صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار اسڪرپٽ
لکڻ کان پوءِ ئي ٿي. هن پهرين ملاقات ۾ ئي پنهنجي ڪرسي ڇڏي، ٽيبل کان ڦري اچي ڀاڪر
وڌو هو ۽ عمر جي فرق کان سواءِ اسان جي دوستي ٿي وئي هئي. انهيءَ کان پوءِ پي ٽي
وي سينٽر توڙي ٻين هنڌن تي اڪثر ساڻس ملاقاتون به ٿينديون هيون ۽ ڊگهيون ڪچهريون
به. ڪچهريون به اهڙيون، جو هن نه ڪڏهن پنهنجي علمي قابليت جو رعب رکيو ۽ نه ئي عمر
جو فرق محسوس ٿيڻ ڏنو. منهنجي هڪ سولو پلي “سمجهوتو” ۾ ڪي تبديليون ڪرائڻ لاءِ ۱۹۸۷ع ۾ پروڊيوسر بيدل مسرور مون کي لاڙڪاڻي کان
ڪراچي سڏايو هو. ان زماني ۾ به مان پي ٽي وي تي A ڪيٽيگري
جي رائيٽر طور اپرووڊ هيس. پي ٽي وي تي A ڪيٽيگري
جي ليکڪ کي به ان دؤر ۾ پنجويهن منٽن جي ڊراما اسڪرپٽ جا سوا ڇهه سؤ روپيا ملندا هيا.
جڏهن ممتاز صاحب کي خبر پئي ته مون کي اسڪرپٽ
۾ ڪنهن تبديليءَ لاءِ لاڙڪاڻي کان سڏايو ويو آهي ته افسوس سان چيائين، “يار! اسڪرپٽ
جي معاوضي کان وڌيڪ ته تنهنجو خرچ ٿي ويندو!” مان جواب ڏيڻ بجاءِ مرڪي چانهن پيئڻ
لڳو هئس. ممتاز صاحب ڪجهه سوچي چيو، “تو شاعري به ته ڪئي آهي نه؟” وراڻيم، “ها، ڪي
ٿورا غزل ۽ ٻه چار نظم ئي لکيا اٿم.” هن پڇيو، “ڪجهه ياد اٿئي؟” وراڻيم، “بس هڪڙو
غزل ياد آهي.” هن بنا دير جي، ڪنهن اسسٽنٽ کي سڏايو ۽ کيس چيو، “هاڻي جو هاڻي وڃي ڏسو.
ڪنهن ڊرامي جو سيٽ لڳل هجي، تڏهن به زيب جو غزل ادبي پروگرام لاءِ رڪارڊ ڪيو.” ان ڏينهن
ڪنهن سيٽ تي ويهاري مون کان غزل پڙهايو ويو ۽ ڊرامي جي سوا ڇهه سؤ جي چيڪ کان سواءِ،
هڪ هزار کان وڌيڪ جو هڪ ٻيو چيڪ اچي مون کي مليو! فقط ايترو ئي نه پر ممتاز مرزا صاحب
هن فقير جو ته ايترو خيال رکندو هو جو جيسين جيئرو رهيو، سرڪاري نوڪريءَ ۾ منهنجي
پهرين پوسٽنگ کان وٺي هر ٽرانسفر لاءِ مان کيس ئي چوندو هئس ۽ هو پاڻ سنڌ سيڪريٽريٽ
وڃي منهنجا ڪم ڪرائي ايندو هو. اهڙي محبوب ماڻهوءَ، منفرد نثر نويس ۽ پنهنجي دور
جي باڪمال ڪمپيئر ممتاز مرزا صاحب جي ٻاويهين ورسيءَ جو ڏينهن ڪالهه خاموشيءَ سان
گذري ويو! ڀل ته اسان جا علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارا کيس ياد نه ڪن پر هن جن بي
شمار ماڻهن کي پيار ڏئي پنهنجو ڪيو، اهي ڀلا هن کي ڪيئن ٿا وساري سگهن!
ممتاز مرزا
شاهه جي ڪلام جو پارکو
طارق عزيز شيخ
نامياري اديب، محقق،
موسيقي جو ڄاڻو، شاهه جي ڪلام جو پارکو ۽ ريڊيو ٽي وي جو، پنھنجي وقت جو مقبول
ترين ميزبان ممتاز مرزا اڄ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ وسي ٿو. ھن ادب ۽ ثقافت جي حوالي
سان پاڻ مڃايو. سنڌي ٻوليءَ جو پڻ ھو ڄاڻو ھو. سنڌي ٻوليءَ جي ماھر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جي نگرانيءَ جامع سنڌي لغات جي پروجيڪٽ ۾ لوڪ ادب ماھر شيخ محمد اسماعيل جي ٻانھن ٻيلي
طور ممتاز مرزا ورھين جا ورھيه علمي پورھيو ڪيو. اھڙيءَ ريت ھن لوڪ ادب توڙي
لطيفيات جي پروجيڪٽن ۾ پڻ ڊگھي عرصي تائين نور نچويو ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقي ٽيم
جو اھم ڪارڪن رھندو آيو.
ممتاز مرزا سنڌ جو
اهو محقق هو جنهن لطيف سائين جي ڪلام جي حوالي سان اڻ ڳڻيا ڪم ڪيا، جن ۾ لطيف جي ميڙن
۾ ادبي ڪانفرنسن جي ميزباني، راڳ جي محفلن جي ميزباني، مقالا لکڻ، تحقيقي ڪم ڪرڻ، ريڊيو
۽ ٽي.ويءَ تي لطيف سائين جي حوالي سان پروگرام ڪرڻ سميت انهن جي پيشڪار طور سرگرم
رهيو. سندس ٽي وي پروگرام “روح رھاڻ” سڄو سارو لطيف سائينءَ جي ڪلام تي ذھني
آزمائش وارو يادگار پروگرام ھو.
ستر واري ڏهاڪي ۾
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ادبي ۽ موسيقي جي پروگرامن جو مشھور ميزبان بڻيو. ريڊيو
جا مقبول ڊراما تحرير ڪيائين ۽ انھن ڊرامن کي عالمي سطح جي ريجنل ڊرامن جي مقابلي
۾ ايوارڊ مليا. سندس ڊرامن ۾ گھڻو ڪري شاھ سائينءَ جي ڪلام ۾ آيل داستانن ۽ ڪردارن
جو پس منظر ھوندو ھو. جيئن ڊرامو “واٽون ۽ نيڻ” سر سامونڊيءَ جي پس منظر ۾ لکيل
آهي ۽ ڊرامو “لاکو ڦلاڻي” لطيف سائينءَ جي ھڪ دلير ڪردار تي لکيل تاريخي ڊرامو
آهي. ممتاز مرزا جي سمورن ڪتابن ۾ لطيف سائينءَ
جي ڪلام، سندس راڳ توڙي فقيرن ۽ راڳاين جو ذڪر ضرور ملي ٿو.
اها ڳالهه پڻ سڄي
سنڌ جي علم ادبي حلقي کي معلوم آهي ته ممتاز مرزا جي زندگيءَ ۾ ادبي ڪمن ۾ سڀ کان
وڏو ڪارنامو شاهه جو “گنج” جديد سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪرڻ آهي. گنج اهو رسالو آهي جيڪو
شاهه سائين جي زماني ۾ لکيو ويو هو. هيءُ بحث پڻ اختلافن ۾ هلي رهيو آهي ته شاهه سائين
جي حياتيءَ ۾ ڏهه نسخا گنج جا تيار ٿيا هئا. گنج جي معنيٰ آهي “تمام گهڻو”، “بي
انت”، “اڻ ڳڻيو”. هن شاهه جي ڪلام کي انهيءَ خيال سان گنج سڏيو ويو آهي جو ٻين شاھ
جي رسالن کان “گنج شريف” ۾ شاهه صاحب جو
گهڻو ڪلام ملي ٿو.
ممتاز مرزا جنهن گنج
کي جديد صورتخطيءَ ۾ تحقيق ڪري تيار ڪيو، اهو لطيف سائين جي تمر فقير جو لکيل هو.
ممتاز مرزا جي مطابق: “گنج شريف، درگاهه لطيفي جي ڀڪ ۾، ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي پنهنجي
قائم ڪيل “وڏي اوطاق” تي، تمراڻي فقيرن وٽ، هڪ اهم تاريخي سرمائي ۽ دستاويز جي حيثيت
۾ محفوظ آهي. گنج لطيف جي پانڌيئڙن لاءِ هڪ مقدس ڪتاب آهي، ۽ جنهن جي هر سال ۱۴ صفر تي نهايت عقيدت ۽ احترام سان زيارت ڪئي
ويندي آهي. گنج جو ڪاتب فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاهه آهي، شاهه جي رسالي جو هيءُ
قديم نسخو “جمادي الثاني” ۱۲۰۳هه ۾ ميين محمد اسماعيل کاهوڙي جي چوڻ ۽ نگرانيءَ ۾ لکجي
پورو ٿيو.
ممتاز مرزا هي ڪم ٽن
سالن تائين پورو ڪرڻ بعد سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ۲۵۱ هين عرس جي موقعي تي ۱۹۹۵ع تي پڌرو ڪيو، جنهن جي رونمائي تڏهوڪي وزيراعظم
محترمه بينظير ڀٽو، ڀٽ شاهه تي ڪئي هئي.
شاهه جي سمورن رسالن
۾ جيئن ته گنج جو پنهنجو رتبو آهي پر تنهن هوندي به هن ڪلام بابت تحقيق هلندڙ آهي.
انهي حوالي سان گنج جي محقق ممتاز مرزا جو چوڻ آهي ته: “گنج جون پڙهڻيون گهڻي ڀاڱي
صحيح هجن، البته ڪٿي ڪٿي ڪاتب جي تحرير جي ڳوڙهائي ۽ صورتخطيءَ جي فرق ڪري، متن ۾ اصل
موجب جيئن جو تيئن پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ ممڪن آهي ته ڪي عالم ۽
محقق مون واري ڪنهن پڙهڻيءَ سان متفق نه ٿين، انهن لاءِ اصل موجود آهي، ان موجب هو
وڌيڪ تحقيق توڙي تصديق ڪري سگهن ٿا.”
سنڌي ادب جي تاريخ
۾ ڪيترائي اهم ڪارناما ٿيا جن ۾ ممتاز مرزا جو گنج وارو ڪم به انهيءَ ريت مٿانهون
آهي. انهيءَ ڪم جي ساراهه جڏهن به گنج پڙهجي ٿو، ممتاز مرزا جي محنت ڏسي ڪئي وڃي ٿي.
ائين ئي جيئن سنڌ جي نامياري ناول نگار، ڊراما نويس ۽ ترجما نگار مراد علي مرزا ڪئي
آهي:
“ممتاز مرزا
جو آخري علمي ۽ ادبي ڪارنامو شاهه لطيف جي مرقد تي رکيل “گنج” کي اصل ۽ ان کي جديد
صورتخطيءَ ۾ آڻي ڇپائڻ هو. اهو تمام نازڪ ۽ ڏکيو ڪم اڳ ڪنهن نه ڪيو. اهو اعزاز
ممتاز کي ملڻو هو. جنهن ڏاڍي محنت ۽ محبت سان اهو ڪم مڪمل ڪري ڏيکاريو.”
ممتاز مرزا شاھه عبداللطيف
ڀٽائي ۽ صوفي بزرگن جي خاص ڏينھن تي پي ٽي ويءَ تان پروگرام ڪندو ھو. ان کان علاوه
ثقافت کاتي ۾ سنڌ جي نامياري شخصيت عبدالحميد
آخوند جڏهن کان سيڪريٽري جي ذميواري سنڀالي تڏهن کان وٺي ممتاز مرزا جو به کاتي جي
سمورن علمي، ادبي ۽ ثقافتي ڪمن ۾ ساڻس ڀرپور ساٿ رھيو. ھن ۱۹۹۰ع کان وٺي وفاقي اداري پي ٽي وي کي ڇڏي، ثقافت
کاتي، سنڌ حڪُومت ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عھدي کي سنڀاليو ۽ ۱۹۹۶ع تائين انھيءَ عھدي تي مقرر رھيو.
ممتاز مرزا جي
ثقافت کاتي ۾ اچڻ بعد اداري پاران اشاعتي ڪم معياري ۽ تحقيقي لحاظ سان وڏي انگ ۾ ٿيڻ
لڳو. ان کان اڳي اھڙيءَ رفتار ۾ نه ٿيو ھو. خاص طور تي لطيفيات تي اھم ڪم ٿيو جيڪو
سنڌي ادب لاءِ قيمتي ذخيرو ثابت ٿيو. ھو وقتي طور سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جو چيئرمين
پڻ رھيو ۽ ھن اداري جا به اشاعتي پروجيڪٽ جاري رکيائين.
سال ۱۹۹۶ع ۾ ھن کي دل جو دورو پوڻ سبب حيدرآباد جي سول
اسپتال ۾ دل واري وارڊ ديوان مشتاق ۾ آندو ويو پر حياتي وڌيڪ وفا نه ڪري سگھيس ۽
وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه پنھنجي اباڻي قبرستان ٽنڊو آغا ۾ آهي.
(ڏيھاڙي عوامي آواز
ڪراچي ۾ ۰۶ جنوري ۲۰۲۱ع ۾ ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا