محمد نواز جوڻيجو
هر دلعزيز شخصيت
ساجد مسڻ
سنڌ امڙ ڌرتي ته سخي، رحمدل سماج
سڌارڪ، روشن خيال، ترقي پسند سوچ جي ماڻهن ۽ مهمان نوازن سان ڀري پئي آهي.اسان سنڌ
جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ، واهڻ وستي، ڳوٺ شهر جي سروي ڪنداسين ته اسان کي سنڌ، انسان دوست،مهمان
نواز ۽ سخي مردِ مجاهدن سان ڀريل ملندي.
سنڌ جي تاريخي ڳوٺ ”چنهڙ“ جي ڪک
مان فيض محمد جوڻيجي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ محمد نواز جوڻيجي پنج درجا پنهنجي اباڻي ڳوٺ
چنهڙ مان استاد محمد مٺل مسڻ جي نگراني ۾ پڙهيا، ان کان پوءِ هن مڊل تعليم هيتم سوهو
اسڪول مان پاس ڪري،ميٽرڪ پڙهڻ لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد ۾ داخلا ورتي، ميٽرڪ
کان بعد هن انٽر به گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد مان ڪئي.
چوندا آهن ته نالو ماڻهو جي شخصيت
کي ڇڪيندو آهي يا پنهنجو اثر ظاهر ضرور ڪندو آهي، ساڳي طريقي سان، جهڙي طرح هن جو نالو
محمد نواز هيو، پر هن کي پنهنجي علائقي جا ننڍا توڙي وڏا نواز نواز جي نالي سان پڪاريندا
هئا ۽ ائين ئي هي هر دل عزيز انسان ٿوري ئي عرصي ۾ ماڻهن کي نوازيندڙ يعنى مهمان نواز
بڻجي ويو.هونئن ته اها اسان سنڌ وٽ روايت رهي آهي، ته جيڪو به ماڻهو جنهن ڳوٺ ۾ لڙي
ويندو آهي، ته ان ڳوٺ جا ماڻهو ان جو دل وجان سان آڌر ڀاءُ ڪندا آهن،پر جڏهن به ڪو
ماڻهو، مهمان يا پرديسي مسافر ڳوٺ ”چنهڙ“ ۾ داخل ٿيندو هيو ته اهو پرديسي،مهمان ئي محمد نواز جو بڻبو هيو ۽ مهمان نوازي واري روايت
ڳوٺ چنهڙ ۾ محمد نواز ئي پوري ڪندو هيو. الله تعالى هر انسان کي پنهنجي خودادادي صلاحيتن
سان مالا مال ڪري پيدا ڪندو آهي،پر ڪي انسان انمول،ماڻڪ ۽ موتي پيدا ٿيندا آهن،جهڙي
طرح شاه صاحب فرمايو آهي
ماڻهو سڀ نه سهڻا،
پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ
بهار جي.
محمد نواز جوڻيجو ۾ به مهمان نوازيءِ
جي بوءِ شامل هئي، هو پنهنجي ڳوٺ ”چنهڙ“ جي هر دل عزيز شخصيت هيو.هن سان ننڍڙا ٻار
وڏي شوق ۽ چاهه سان ملندا هئا، جو هو هڪ رحمدل شخص ۽ ننڍڙن سان شفقت ۽ محبت سان پيش
اچڻ وارو ماڻهو هيو. جڏهن به ڪو ماڻهو روزگار واسطي هن جي ڳوٺ ۾ قلفيون، ڇولا، ٻير،
هنڌاڻا وغيره کپائڻ لاءِ ايندا هئا ۽ هي دلبر انسان جڏهن اتي موجود هوندو هيو، ته هڪڙي
پاسي ان روزگار ڪندڙ ماڻهو جو سٺو روزگار ٿيندو هيو ته ٻئي واسي هي سڀني ٻارڙن کي قلفيون،
ڇولا، ٻير ۽ هنڌاڻا کارائيندو هيو. اها هئي هن جي معصوم ٻارڙن سان شفقت ۽ محبت واري
پاليسي، جو هو جتي به بيهندو هيو ته ڄڻ هن کي گلن جهڙن ٻارڙن جو پروٽوڪول مليل هوندو
هيو ۽ عام طور تي اسان ائين سمجهي ويندا هئا سين ته پڪ سان اتي نواز ئي بيٺو هوندو!.
هن جي وچولي طبقي وارن سان به سٺي لڳندي هئي، جنهن ۾ شاگرد حضرات به اچي وڃن ٿا،هو
شاگردن کي نصيحت ڪندو هيو ته ٻچا پڙهو محنت ڪيو،پنهنجو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۽ ملڪ جو نالو
روشن ڪيو،تعليم سان ئي توهان مڪمل انسان بڻجي ويندو اهڙي طريقي جون خاصيتون هن مهمان
نواز ۽ سنڌ پرست انسان ۾ موجود هيون، جنهن جي ڪري ئي، هي نوجوانن جي وچ ۾ ليڪچر ڪندي
نظر ايندو هيو ۽ اسان جهڙا کوڙ سارا نوجوان هن سان ملڻ لاءِ آتا هوندا هئا ۽ هي سنڌ
پرست،رحمدل ۽ حقيقيت پسند انسان اسان کي نصيحت آميز ڳالهيون پيو ڪندو هيو ۽ اسان کي
مهمان نوازي ۽ پنهنجي ڳوٺ جي ترقي جي باري ۾ پيو سمجهائيندي نظر ايندو هيو.هي طبيعت
۾ تمام نرم، سادو،سٻاجهڙو، خوش طبيعت ۽ کلڻو
مکڻو انسان هيو،جنهن جي ڪري سڄي ڳوٺ جا ماڻهو نه صرف هن سان ملڻ لاءِ آتا هوندا هيا،
پر هن سان پنهنجو کوڙ سارو حال احوال به اوريندا هئا ۽ ڪچهري به دل لڳائي ڪندا هئا.
نواز جي شفقت نهايت ئي ٻاجهاري ۽ رحمدلي واري هوندي هئي،وڏڙن بزرگن جو ادب و احترام
به دل وجان سان ڪندو هيو،معذورن ۽ عمر رسيده ماڻهن کي روڊ ڪراس ڪرائڻ،انهن کي پنهنجن
گھرن تائين پهچائڻ،انهن کي رڪشا وغيره ۾ چاڙهڻ،روڊ ۽ رستن تان پٿر ۽ ڪنڊا پري ڪرڻ هن
عظيم انسان جون مشغوليون هونديون هيون. هن پاڻ کي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ واري جذبي
سان پاڻ ارپي ڇڏيو هيو،هي رحمدل، انسان جانورن سان به پيار ڪندو هيو،هن جي سامهون جڏهن
ڪي ٻيا ماڻهو ڪنهن جانورن کي پٿر هڻندا هيا ته هي انهن کي منع ڪندو هيو ۽ سمجهائيندو
هيو ته هن ”ساسي“ توهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو توهان کي ائين بي رحمي سان،هڪ وحشي طور پٿر پيا هڻو!؟ ڪجهه انسان ٿي، عقل سک،
پاڻ ۾ انسانيت آڻ!.
هن جي طبيعت ۾ اهي گُڻ،خوبيون ۽
خاصيتون شامل هونديون هيون،جو پاڻ تڪليف ۾ پوندو هيو،پاڻ کي تڪليف ڏئي،ٻين کي فائدو
۽ آرام رسائيندو هيو،ساڳي طريقي سان ڪجهه وقت هو پنهنجي گھر جي حالتن کي صحيح بڻائڻ
لاءِ هو ڪمائڻ واسطي سعودي عرب به ويو،پر هن کي مهمان نوازي واري خوبي ۽ خاصيت اتي
به سُک سان ويهڻ نه ڏنو ۽ هتان جي، هن کي مليل محبت ۽ حبُ الوطني واري جذبي نيٺ هن
کي سعودي عرب مان واپس پنهنجي وطن سنڌ گھرايو،ڇاڪاڻ ته سنڌ امڙ ڌرتي جي مٽي ۾ اهڙو
ته خمار موجود آهي جو جڏهن به ڪو ماڻهو ٻه قدم سنڌ ڌرتي تي گذاريندو يا ٻه چار ڏينهن
سنڌ ۾ رهندو ته هو سنڌ کان ڪڏهن به پري نه ويندو،مرڻ گھڙي تائين سنڌ ڌرتي جي سيني تي
ئي زندگي گذاريندو رهندو.
ائين ئي هي سنڌ پرست انسان واپس
موٽي سنڌ آيو ۽ مهمان نوازي واري جذبي سان مهمانن ۽ پرديسين جي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي.
منهنجي هن محبوب دوست ۽ هر دل عزيز
انسان سان آخري ملاقات فقط چار ڪلاڪ اڳ ٿي هئي ۽ مون هن کي سيني سان لڳائي،پيار ڀرو
ڀاڪر پائي چيو ته”جيڪي سعودي ويندا آهن ته
اهي لهي ڳري ۽ ختم ٿي ويندا آهن“،هن خوش مزاج ۽ کلڻي مکڻي ماڻهو ٽهڪ ڏي چيو
ته ”دعا ڪر لهنداسين ڇو؟ اڃا به چڙهنداسين“.
خبر ئي ڪا نه پئي ته ڪو موت جو راڪاس
هن جي مٿان ڦيرون پيو ڏي، جيئن ته هي هر دل عزيز انسان ڏوڪري کان پنهنجي ڳوٺ ”چنهڙ“
موٽر سائيڪل تي پنهنجي گھر واريءَ ٽن پٽن سان گڏ وڃي رهيو هيو ته هن جو رڪشا سان ڳوٺ
منڌران جوڻيجو ڀرسان ٽڪر ٿي پيو ۽ ائين هن عظيم انسان،مهمان نواز،سنڌ پرست ۽ ڳوٺ چنهڙ
جي هر دل عزيز شخصيت جو بي وقتائتو موت ٿيو، هاڻي بقول شاهه ڀٽائي جي ته :
اڄ نه اوطاقن
۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي
ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءِ
کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
No comments:
راءِ ڏيندا