; سنڌي شخصيتون: محمد هاشم ميمڻ - لياقت راڄپر

29 January, 2016

محمد هاشم ميمڻ - لياقت راڄپر

محمد هاشم ميمڻ
دليري ۽ ايمانداري جو مثال
لياقت راڄپر
مون پنهنجي زندگي ۽ انفارميشن آفيس ۾ نوڪري دوران ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن، جن جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، ايمانداري ۽ عوامي خدمتن کي وسارڻ ناممڪن آهي. اهڙن شخصيتن ۾ محمد هاشم ميمڻ به شامل آهي، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري ۽ ڪڏهن به سرڪاري عهدي کي ناجائز ۽ پنهنجي ذات لاءِ استعمال نه ڪيو. هو اڄ هن دنيا ۾ نه آهي، پر هن جا ڪيل سماجي ڪم ۽ دليراڻا فيصلا اڄ به سڀني کي ياد آهن.


محمد هاشم ميمڻ هو ته سرڪاري ڪامورو پر ان ۾ سرڪاري پاور وارو هٺ، وڏائي ۽ گهنڊ ڪونه هو ۽ مون سدائين هن کي عاجز، نماڻو، سادو ۽ همدرد ڏٺم. هو 1984ع ۽ 1985ع ڌاري لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو هو ۽ اڪثر هن جي آفيس ۽ گهر جا دروازا 24 ڪلاڪ عام ماڻهن لاءِ کليل هوندا هئا. هو دعوتن ۾ وقت وڃائڻ بجاءِ ماڻهن جي ڀلائي وارن ڪمن لاءِ گڏجاڻيون ڪندو رهندو هو، جڏهن به وقت ملندو هئس ته ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويندو هو ۽ غريب عوام جي مسئلن کي ٻڌڻ ۽ ٿڏي تي حل ڪرڻ لاءِ انهن جي علائقن ۾ وڃي کليون ڪچهريون ڪندو هو.
لاڙڪاڻي ۾ ڀٽي صاحب ماڻهن جي علمي سطح کي وڌائڻ لاءِ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ٺهرائي هئي، پر جيئن ئي ڀٽي جي حڪومت ختم ٿي ۽ مارشل لا لڳايو ويو ته لاڙڪاڻي ۾ به مارشل ڪورٽون قائم ٿيون، هي ڪورٽون شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ کوليون ويون، جنهن سان علم ۽ ادب حاصل ڪرڻ وارو مرڪز بند ٿي ويو، جڏهن مرد مجاهد محمد هاشم ميمڻ لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ٿي آيو ته هن سان ڪجهه شهرين ملاقات ڪري لائبريري کي خالي ڪرائڻ لاءِ رابطو ڪيو. هاشم صاحب هڪدم مارشل لا وارن سان مليو ۽ انهن کي چيو ته هو لائبريري خالي ڪن، ڇو جو اهو ادارو عام ماڻهن جي علم حاصل ڪرڻ جو آهي ۽ انهن کي ٻئي هنڌ ڪورٽن لاءِ جڳهه ڏني ۽ لائبريري شروع ڪرائي.
هن جو ٻيو دليراڻو ڪارنامو اهو هو ته جڏهن 1985ع ۾ شاهنواز ڀٽو جونيئر جي Death body لاڙڪاڻي اچڻ واري هئي ته فوجين هن سان رابطو ڪيو ۽ انتظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ چيو. هن جوان انهن کي چيو ته هو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ آهي ۽ ضلعي ۾ امن و امان قائم ڪرڻ هن جو ڪم آهي. جڏهن پوليس ۽ فوجي جوانن کي مختلف هنڌن تي بيهارڻ لاءِ چيو ويو ته هن ضلعي مارشل لا وارن جي سربراهن کي چيو ته فوجي جوان ۽ پوليس هن جي ماتحت حڪم تي ڪم ڪندا، ڇو ته انهن کي هو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾ ڪال ڪري ٿو ۽ جيستائين هو ڪو حڪم نه ڏيندو تيستائين ڪوبه ادارو ڪو به Action نٿو کڻي سگهي. جڏهن Death body موهن جي دڙي ايئرپورٽ تي پهتي ۽ ڀٽن جي خانداني قبرستان ڳڙهي خدا بخش ڏانهن هڪ وڏو جلوس هلڻ لڳو، جنهن ۾ پارٽي جي ورڪرن ۽ ليڊرن کان علاوه ٻيا شهري به شامل هئا. هاشم ميمڻ پاڻ ايئرپورٽ کان ڳڙهي خدا بخش تائين تدفين وارن رسمن تائين ساڻ رهيو. هن پوليس ۽ ٻين مارشل لا وارن جي عملي کي تمام گهڻو پرتي رکيو ۽ چيو ته ماڻهو جيڪڏهن هنن کي جذبات ۾ اچي ڪجهه به چيو ته هو برداشت ڪن، ڇو جو هو ان وقت ڪٽهڙي وقت به مشتعل ٿي سگهن ٿا. هن جي هن حڪمت عملي ۽ انصاف واري عمل ڪري سڄو ڪم امن ۽ خاموشيءَ سان پورو ٿي ويو، جنهن تي حڪومت هن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پيپلز پارٽي وارا به تعاون لاءِ ٿورائتا ٿيا.
لاڙڪاڻي ۾ علم، ادب، سماجي خدمتن کي ڏسي هن لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي قائم ڪئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي مشهور شخصيتن کان علاوه علمي ۽ ادبي ماڻهن کي شريڪ ڪيو ويو. هن سوسائٽي طرفان هن وقت تائين ڪافي ڪتاب ڇپرايا آهن ۽ ڪيترائي تاريخ تي ٻڌل پروگرام ڪرايا آهن. هن سوسائٽي کي فعال بڻائڻ لاءِ مرحوم انيس انصاري جون خدمتون به قابل تعريف رهيون هيون، جيڪو گرمين جي سختين ۾ به گهر کان سوسائٽي جي آفيس پنڌ وڃي رهيل ڪم به پورا ڪندو هو ۽ ايندڙ وقت لاءِ ڪم ٺاهي تيار ڪندو هو. هاشم صاحب لاڙڪاڻي جي ٻارن کي اڃا به سٺي تعليم ڏيڻ لاءِ پبلڪ اسڪول قائم ڪيو، جنهن لاءِ هن زميندارن ۽ بزنس سان واسطو رکندڙ ماڻهن کان فنڊ ۽ پلاٽ وٺي هي اسڪول قائم ڪيو، جيڪو هن وقت سٺي نموني سان هلي رهيو آهي. اهڙي طرز جو پبلڪ اسڪول هو ميرپورخاص ۾ به قائم ڪري چڪو هو، جنهن جي لاءِ اتان جي خوشحال ۽ مخير ماڻهن نه صرف پلاٽ ڏنا پر نقد رقم به ڏني، صرف هن جي ايمانداري، جذبي ۽ سچائي جي ڪري. ضياءُ الحق جڏهن ميرپورخاص آيو ته ان کي به فنڊ لاءِ چيو، جنهن 50 لک رپيا ڏنا هئا.
هو جتي به ويو اتي ڪيترائي سوشل ڪم ڪرايا، جنهن ۾ جڏهن محمد خان جوڻيجي جي وزيراعظم جي دور ۾ هڪ حڪمنامو جاري ٿيو هو، جنهن تحت سنڌ ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڪجهه هٿيارن جي لائسنس جي ڪوٽا ڏني وئي هئي، جنهن لاءِ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ کي پاور ڏنو ويو هو. هاشم ميمڻ هر لائسنس تي 500 رپيا عليحده في مقرر ڪئي هئي، جنهن مان چڱي ڀلي رقم جمع ٿي ويندي هئي. هنن پئسن مان هن غريب ٻارن کي پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ جي اسڪيم شروع ڪئي، ان کان علاوه اسڪولن ۾ بجلي جا پکا، فرنيچر، غريب بيمار مريضن کي مهانگيون دوائون مفت ڏيڻ شامل هو. جڏهن ته ننڍن ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪرايون ۽ ڊاڪٽرن کي دوائون ۽ ٽرانسپورٽ مفت فراهم ڪئي. هن سلسلي ۾ هن مختلف فصلن تي به في مڻ ڪجهه پئسا مقرر ڪيا هئا، جيڪي ساڳي ڪار خير لاءِ استعمال ڪندو هو. جڏهن هن کي روينيو آفيس ڪوٽڙي بئراج ۾ مقرر ڪيو ويو ته هن اتي به انقلابي قدم کڻي ساڍا ٽي لک ايڪڙ سرڪاري زمين انهن هارين ۾ ورهائي، جن وٽ پنهنجي زمين ڪونه هئي ۽ هن ڪم ۾ هن ڪنهن جي به سفارش نه مڃي ۽ بنا ڪنهن فرق ۽ سياسي اثر جي زمينون الاٽ ڪيون. پنهنجي دور ۾ جڏهن هو ڊي سي حيدرآباد هو ته هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ڪمپيوٽر سيڪشن قائم ڪرايو، جنهن سان اتي پڙهندڙن کي هڪ ماڊرن ٽيڪنالاجي ۾ ڄاڻ ملي. هن ڏانهن اهو به ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن روينيو رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌالاجي کي اهو رڪارڊ ڏيارائي موڪليو، جنهن ۾ ملڪ ٺهڻ کان اڳ ۾ جا نقشا ۽ ٻي ڄاڻ هئي، جيڪي اهم دستاويزات هئا، هميشه لاءِ تاريخ کي محفوظ ڪري ڇڏيو. هڪ دفعو هن کي خبر پئي ته ڄامشورو ۾ هڪ اهڙو به شاگرد آهي، جيڪو بوٽ پالش ڪري پڙهڻ جو خرچ پورو ڪري ٿو، تنهن تي هاشم ميمڻ ان کي گهرائي اسڪالرشپ ڏني ۽ چيائين ته هو اڳتي بوٽ پالش نه ڪري ۽ سڄو وقت پڙهڻ کي ڏي، ان ڇوڪري تعليم حاصل ڪئي، هو هن وقت هڪ وڏي عهدي تي آهي ۽ هو به ڪيترن غريبن جي مدد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو.
هميشه اهو ڏٺو ويو آهي ته محنتي، ايماندار ۽ سچي انسان کي زميندار، وڏيرا ۽ ڪرپٽ آفيسر پسند نه ڪندا آهن ۽ ان تاڙ ۾ هوندا آهن ته هنن کي موقعو ملي ته هو اهڙن شخصن کي ڏنگين، جڏهن ڀٽو صاهب اقتدار ۾ آيو ته هن جي ڪجهه وڏيرن سازش جوڙي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان 1200 ڪرپٽ ڪامورن جي لسٽ تيار ڪرائي وئي ۽ ان ۾ وري سنڌ جي وڏي شخصيت جيڪا پيپلز پارٽي ۾ وڏي اهميت پئي رکي، ان 100 وڌيڪ نالن جي لسٽ ڏني، جنهن سان انگ وڃي 13 سؤ بيٺو. هن لسٽ ۾ محمد هاشم ميمڻ جو نالو به ڪرپٽ ڪامورن ۾ شريڪ ڪيو ويو، جڏهن اِهو ليٽر هن کي مليو ته ان ۾ اهو به لکيل هو ته هن حڪم کي ڪٿي به اپيل لاءِ چئلينج نٿو ڪري سگهجي. هي ايماندار شخص 17 مهينا بغير ڏوهه جي بيروزگاري جي سزا ڪاٽيندو رهيو ۽ جڏهن ڪنهن ڀٽي کي ٻڌايو ته سائين محمد هاشم ميمڻ جهڙي انتهائي ايماندار ڪاموري کي به توهان نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو آهي ته پوءِ هن کي ٻيهر نوڪري تي بحال ڪيو ويو.
جڏهن هو 3 مارچ 1987ع تي رٽائرڊ ٿيو ته هن کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 5 سالن لاءِ ميمبر طور رکيو ويو، پر جيئن ئي پيپلز گورنمينٽ آئي ته اهو حڪم جاري ڪيو ويو ته جيڪي به وزيراعليٰ ڄام صادق جا ماڻهو مختلف عهدن تي رکيا ويا آهن انهن کي هٽايو وڃي ۽ وري ٻن سالن کانپوءِ هن کي هٽايو ويو. هن کي هڪ ٻي سزا ايمانداري ۽ عوام سان محبت جي اها ملي ته جڏهن هو ڪمشنر سکر هو ته هن جي ڀاءُ کي اغوا ڪيو ويو ۽ جڏهن اغوا ڪندڙ پڪڙيا ويا ۽ انهن کي 17 سال ٽيپ ملي ته انهن جي ڪنهن ساٿي هڪ ڏينهن سکر واري آفيس ۾ اچي هن تي پستول جا فائر ڪيا، هي موقعو حملي آور کي ان لاءِ ملي ويو جو هاشم ميمڻ ڪڏهن به در تي پٽيوالو بيهاري ان کي ملڻ لاءِ منع نه ڪيو. هن مولائي لاءِ ڪيترا ڀيرا 23 مارچ ۽ 14 آگسٽ تي تمغن لاءِ سوچيو ويو پر ڪجهه هن جي ڪرپٽ ساٿين نه ٿي چاهيو ته هن کي اهڙو ڪو اعزاز ملي پر پوءِ به عوام ۽ حڪومت جي وڏن آفيسرن هن کي ساراهي هن کي انعامن ۽ تمغن کان وڌيڪ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ خاص ڪري عام هاري، ناري، شاگرد، صحافي، علمي ۽ ادبي لڏي جا ماڻهو شامل آهن، جنهن جو وڏو ثبوت اهو آهي ته آرمي آفيسرن ۽ سنڌ حڪومت جي چيف سيڪريٽرين هميشه چاهيو ته هاشم ميمڻ کي اهم ۽ خاص ذميواري ڏني وڃي ڇو جو هن پنهنجي ڪم ۾ اعتماد پيدا ڪري ڏيکاريو. هن کي رليف ڪمشنر جو عهدو به ڏنو ويو ته جيئن عام ماڻهن تائين امداد صحيح طريقي سان پهچي سگهي، جنهن کي هن ڪري ڏيکاريو.
جڏهن جنرل ضياءُ الحق پنهنجي حق ۾ ريفرنڊم ڪرايو هو ته ان لاءِ هر ضلعي مان نتيجو 90 کان 95 سيڪڙو ٻڌايو ويو پر محمد هاشم لاڙڪاڻي منجهان 33 سيڪڙو ڏيکاريو، جيڪو سچ هو ۽ هن ان شيءِ جي پرواهه نه ڪئي ته متا هن کي هٽايو وڃي، پر حقيقت ضرور ٻڌائجي. اها ڳالهه ضياءُ الحق تائين به پهتل هئي ته محمد هاشم سچو ۽ کرو آفيسر آهي ۽ هو مخالف جي حق ۽ انصاف کي به تسليم ڪندو آهي.

محمد هاشم 4 ڊسمبر 1927ع تي ڪنڊيارو تعلقي جي ڳوٺ فتح محمد ۽ ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي ۽ پوءِ ميٽرڪ جو امتحان ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه مان پاس ڪري بي اي جي ڊگري سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان ورتي ۽ ان کانپوءِ ايل ايل بي جو امتحان ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي مان پاس ڪيو. هو 1954ع ۾ مختيار ٿيو ۽ ترقيون حاصل ڪندي ڪندي 1972ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿيو، جڏهن ته 1965ع ۾ هو اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو هو، ان کانپوءِ ڪمشنر جي عهدي تي به پهتو. هو 21 آڪٽوبر 1998ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جو خال اڃا تائين پر نه ٿي سگهيو آهي. مون کي هڪ ڳالهه جو افسوس ڏاڍو ٿيندو آهي ته جڏهن چڱا ماڻهو جيئرا هوندا آهن تڏهن به انهن جي خلاف ڪرپٽ ماڻهو واويلا ڪندا رهن ٿا ۽ جڏهن هو گذاري وڃن ٿا پوءِ به ماڻهو جن سان هن چڱايون ڪيون اهي به ياد نٿا ڪن، ائين ڇو ٿو ٿئي؟

No comments:

راءِ ڏيندا