; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو، آصف جمال سومرو، دادو، ملڪ، حيدرآباد، مورو،
Showing posts with label ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو، آصف جمال سومرو، دادو، ملڪ، حيدرآباد، مورو،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو، آصف جمال سومرو، دادو، ملڪ، حيدرآباد، مورو،. Show all posts

26 April, 2021

ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو

ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو

آصف جمال سومرو



سنڌ ۾ ڏندن جي ناليواري ڊاڪٽر ۽ والي بال جي مشهور رانديگر پروفيسر عبدالقادر کيڙي، ۲۶ اپريل ۱۹۴۵ع تي ڳوٺ جان محمد خشڪ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.

جڏهن ته سندس اصل ڳوٺ ملڪ، ضلعو نوشهرو فيروز ۾ اٿس. سندس والد ۱۹۵۱ع ۾ اولاد جي تعليم لاءِ ملڪ ڳوٺ مان لڏي، دادو شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن سنڌي تعليم دادو شهر جي پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ پرمانند هرداس هاءِ اسڪول مان ڪئي. محنت ۽ ذهني قابليت سان ڏندن واري شعبي ۾ بي ڊي ايس ڪيائين. برطانيا مان ايم ايس سي ۽ ايف ڊي ايس جون ڊگريون ۱۹۷۰ع ۾ حاصل ڪيائين.