; سنڌي شخصيتون: رسول ميمڻ، محمد علي محمدي، ارباب سنڌي، اعجازمنگي، عبدالخالق جوڻيجو، رکيل مورائي، ظفر قادري،
Showing posts with label رسول ميمڻ، محمد علي محمدي، ارباب سنڌي، اعجازمنگي، عبدالخالق جوڻيجو، رکيل مورائي، ظفر قادري،. Show all posts
Showing posts with label رسول ميمڻ، محمد علي محمدي، ارباب سنڌي، اعجازمنگي، عبدالخالق جوڻيجو، رکيل مورائي، ظفر قادري،. Show all posts

14 March, 2021

ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ

ارباب کھاوڙ

منهنجو استاد، منهنجو دوست

رسول ميمڻ



مون کي ياد آهي ارباب کهاوڙ سان پهرين ملاقات ۱۹۷۳ع ۾ ٿي. هو ٽيبل تي ويهي، ڪرسيءَ تي پير رکي سمرسٽ ماهم جو ڪتاب پڙهي رهيو هيو.

اهو آف وائيٽ بنگلو هيو، بلڪل نئون ۽ ان جي هڪ ڪمري ۾ ارباب رهندو هيو. ننڍي قد ۽ چست جسم وارو. سگريٽ مٿان سگريٽ، چين (Chain) سموڪر، جتي به ويهندو ته ڪمرو دونهي ۽ ماڻهن سان ڀرجي ويندو. خوش مزاج ۽ دلچسپ ڳالهه تي وڏو ٽهڪ ڏئي کلندڙ. هن جا ٽهڪ ڪمري ٻاهران ورانڊي ۽ پڌر ۾ شرارتي ٻارن جيان ڊوڙون پائيندا هيا.