; سنڌي شخصيتون: نرگس لطيف

07 March, 2021

نرگس لطيف

نرگس لطيف

هڪ عورت، جنهن ڪچري مان سون بنائڻ جونعرو ڏئي، پوري دنيا کي متوجهه ڪيو آهي.

جان خاصخيلي



جڏهن نرگس لطيف سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ آئي هئي ته ڪجهه دوستن سان هن جي اڳئي واقفيت هئي پر اهو سندس شخصيت ۽ بردباري جو ڪمال هو ته هوءَ جلدي ۾ سڀني سان ملي جُلي وئي هئي ۽ هن کي ڪا به اوپرائپ محسوس نه ٿي. ان وقت هوءَ صحافت سان لاڳاپيل هئي. هوُءَ ڊان، فرنٽيئر پوسٽ، دي مسلم، اسٽار ۽ ڊيلي نيوز لاءِ لکندي هئي ۽ سندس چوڻ موجب ان لکڻ مان ئي سندس اقتصادي ضرورتون پوريون ٿينديون هيون.


هوءَ ڪراچي يونيورسٽي ۾ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) ۾ سرگرم هجڻ ڪري سوشلسٽ خيالن جي هئي. ڪتابن پڙهڻ سان گڏ موسيقي سان به سندس لڳاءُ هو. هڪ موڙ تي کيس خيال آيو ته موسيقي ۾ سکيا وٺي. راڳ کي سمجهڻ لاءِ هوُءَ ڪراچي ۾ رهندڙ مختلف استاد راڳين کان تربيت وٺڻ لاءِ وڃڻ لڳي. راڳ جي انهن مشقن دوران سنگت جي گڏجاڻين کان پوءِ هن پنهنجي راڳ ٻڌائڻ جي خواهش ڏيکاري. گهڻو ڪري سنڌي ڪلامن ڳائڻ تي مشق ڪندي هئي. سندس چوڻ موجب سوشيلا مهتاڻي جو آواز کيس وڻندو هو ۽ ان جي ڪلامن تي هوُءَ ورد ڪندي هئي. ان کانسواءِ شيخ اياز جي شاعري تي به هن ڌُنون ٺاهيون هيون.

هن هلال پاڪستان ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا هئا جن کي آخر ۾ ڪتاب جي شڪل ۾ آندو جنهن جو نالو سوشيلا مهتاڻي جي ڳايل ڪلام ”آهيان جي وچ ناهيان“ کان متاثر ٿي رکيو هو. اهو ڪتاب سياسي ڪالمن تي مشتمل هو پر هوءَ ڇاڪاڻ ته موسيقي جي شاگرد هئي ان ڪري سوشيلا جي هن ڪلام کيس موهي وڌو هو ۽ هوءَ اڃا تائين ڳائي ٻڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. 

سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون رهيون. ڪجهه وقت کان پوءِ هن ٻڌايو ته پاڻ ڪراچي جي هفتيوار بازارن ۾ سبيل ٺهيل ڪپڙا وٺي پنهنجو اسٽال لڳائي ٿي ته جيئن ڪاروبار ڪري سگهي. ان واپار مان هوُءَ ظاهري طور مطعمن لڳي رهي هئي. سندس دليل هو ته دنيا جي وڏن ماڻهن پنهنجي ٻين ڪمن سان گڏ ان ئي طرز تي ڪارو بار شروع ڪيا ان ڪري هوءَ چاهي ٿي ته ٻيا به پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن. اها ڳالهه تنهن دور ۾ اسان مان گهڻن کي سمجهه ۾ شايد نه آئي هئي ته ان ڪاروبار مان ڪهڙا فائدا ٿي سگهن ٿا جنهن مان گهر ٻار جي گذر کي هٿي وٺرائي سگهجي ها.

ڪراچي شهر ڪارو بار ۽ سياست کان سواءِ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ شاعرن، اديبن، آرٽسٽن ۽ راڳين جو گلدستو آهي. آرٽ جي دنيا سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهن هن وڏي شهر ۾ اها روايت وڌي ته نظرين کان مٿانهون ٿي سوچڻ گهرجي ۽ هڪٻئي لاءِ احترام وارن جذبن کي هٿي وٺرائجي. بهرحال شهر ۾ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ شريڪ ٿيڻ سان دوستن سان ملاقاتون ٿي وينديون هيون.  نرگس به اسان جي هن ڪڙم قبيلي سان گڏ ئي رهي.

بنيادي طور تي هوءَ ماحوليات دوست هئي. هن کي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گند ڪچري کي ساڙڻ سٺو نه لڳندو هو. ان ڪري هن چاهيو پي ته ان گند کي محفوظ ڪري ان کي استعمال لائق بنائجي. آئون به ڪراچي ٻهراڙي جي مختلف علائقن ۾ گهمندو رهندو هئس ۽ اتي جيڪو ڏسندو هئس ان جي تصوير ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.

ڪراچي جو اهو سفرنامو خبر ناهي ته ڪيئن هو پر نرگس لطيف هلال پاڪستان جي ڪالم نگار هئڻ ڪري شايد ماحوليات متعلق منهنجا ليک پڙهندي رهندي هئي. سنگت جي هڪ گڏجاڻي ۾ هن مونکي ٻڌايو ته هوءَ منگهي پير تي گهريلو عورتن ۾ جاڳرتا پکيڙڻ وئي هئي ته گهر ۾ ڀاڄين ۽ ميوي جون کلون، ٻج وغيرهه ٻاهر اڇلائڻ بدران پنهنجي گهرن جي آڳر يا پٺواڙي ۾ زمين ۾ پوري ان مان ڀاڻ ٺاهي اتي ڀاڄيون پوکيون وڃن.

ڪراچي ۾ رهندي اڃا اين جي اوز سان تعلق ۽ ڪم ڪار متعلق ڪا گهڻي ڄاڻ نه هئي. مون ڪچن گارڊننگ جو اهو تصور گهڻُو اڳي نرگس لطيف کان ٻڌو هو. پوءِ هن ٻڌايو ته ڪيترين عورتن سندس ان سکيا تي عمل ڪندي ان ڪچري مان ڀاڻ ٺاهڻ ۽ ڀاڄيون پوکڻ شروع ڪيو آهي جيڪي نه صرف ڪيميڪل کان صاف هونديون پر ڀاڄين تي خرچ ايندڙ پيسا به بچائي سگهن ٿيون.

اڳتي هلي هن منظم طور تي ۱۹۹۴ ۾ هڪڙي تنظيم ٺاهي جنهن جو نالو ”گل بهائو“ رکيو. گلن سان پيار ڪندڙ هن عورت ”صفائي ڪمائي سسٽم“، ”روزگار لامحدود“، ”ڪچرو ڏيو، سون وٺو“، ”چاندي جو گهر“ جهڙا مختلف نعرا متعارف ڪرايا. شروع ۾ هن پاڻ سنڌ سيڪريٽريٽ وڃي آفيسرن کي قائل ڪرڻ شروع ڪيو ته اهي ڪاغذ اڇلائڻ بدران کيس ڏين ۽ ان عيوض روڪ پيسا ورتا وڃن. ائين هن شهر جي تعليمي ادارن ۾ وڃي، اها ترغيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي ڪاغذ ۽ ٻئي ڪچري کي ضايع ڪرڻ بدران، ان کي ڪارآمد بنايو وڃي. پر نرگس سدائين سادگي کي پسند ڪندي هئي. شروع ۾ گهڻن ماڻهن هن جي ڪم کي ڪا خاص اهميت نه پئي ڏني پر هن پنهنجي ڪم کي جاري رکيو.

نرگس لطيف فيبروري ۸، ۱۹۵۳ ۾ ڪراچي جي پڙهيل خاندان ۾ جنم ورتو. هن ۱۹۷۱ ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان نباتات (باٽني) ۾ گريجوئيشن ڪئي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ رهندي نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) سان لاڳاپيل رهي. ڊگري وٺڻ کان پوءِ هر ماڻهوءَ جي الڳ سوچ هوندي آهي. ٺيڪ ائين هن به پنهنجي روزگار لاءِ ڪچري مان سون بنائڻ کي ترجيح ڏني، جنهن سان هن وقت سندس ڪم کي پوري دنيا ساراهي رهي آهي.

ان ڪم جي هن ايڏي مارڪيٽنگ ڪئي جو ڪراچي ۾ جرمن جي اداري گوئٽي انسٽيٽيوٽ، فرانس جي ڪلچرل سينٽر، برٽش ڪائونسل ۽ آميريڪا ڪلچرل سينٽر تي هن ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيا ته جيئن دنيا کي پنهنجي ڪم ۽ حاصلات بابت ٻڌائي سگهي. هڪ ڀيري تنهن دور ۾ سرور شهيد روڊ صدر ۾ قائم گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ نرگس لطيف هڪڙو پروگرام منعقد ڪيو هو. آئون به ڪافي دوستن سان گڏ اتي شريڪ ٿيو هئس. ظاهري طور تي پروگرامن جي آخر ۾ چانهن وغيره ٿيندي آهي پر هن ان روايت کي ٽوڙيو.هن پروگرام جي مُهڙ ۾ ئي ريفريشمينٽ جو انتظام ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي دعوت ڏني ته مستفيذ ٿين. ان لاءِ سندس دليل هو ته جيڪي ماڻهو صرف چانهه يا سموسا ۽ پيٽيس کائڻ لاءِ آيا هوندا ته انهن کي تڪليف ڇو ڏجي. انهن جو ڪم ٿئي باقي جيڪي ماڻهو هن پروگرام لاءِ آيا آهن اهي ضرور ويهي ٻڌندا يا بحث ۾ حصو وٺندا، جيڪو سندس مقصد هو.

نرگس جي هن ڪم ڪار مان مون ڪافي اسٽوريون ٺاهيون ته هڪ عورت جي جوڙيل اداري پاران شهر جي ڪچري کي ڪيئن ڪار آمد بنايو پيو وڃي. هن ان تسلسل مان ڪراچي جي اسڪولن، سنڌ سيڪرٽريٽ، مارڪيٽن ۽ گهرن مان ڪچرو وٺڻ شروع ڪيو هو. سندس نعرو هو ”ڪچرو ڏيو ۽ سون وٺو“.

هن آفيسن ۽ گهرن ۽ بازارن مان پلاسٽڪ گڏ ڪري انهن مان بلاڪ ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو. سندس چوڻ موجب هن نوجوانن جي فوج تيار ڪئي آهي جن کي هن روزگار سان لڳايو آهي. ”اهي نوجوان ڇوڪرا جڏهن گڏجي نڪرندا آهن ته سچ پچ هڪڙو قافلو جڙي پوندو آهي ۽ ”انهن کي ڏسندي مونکي خوشي ٿيندي آهي ته آئون ڪجهه ڪري رهي آهيان“. هن جي ان پلاسٽڪ جي ٿيلهين مان ٺهيل بلاڪن سان ڪرسي، ميز، گهر، واٽر رزروائر، حوض، محل ٺاهي سگهي ٿي. اهو گهر ڏينهن جو چاندي جو ڏيک ڏيندو ۽ رات جو سون لڳندو آهي. صرف ۴۵ منٽن جي مختصر وقت ۾ ڪمرو تيار ٿي سگهي ٿو.

سندس ڪچري مان سون بنائڻ ۽ صفائي ڪمائي بينڪ وارن نعرن کيس دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي. هن وٽ بيروزگار نوجوانن جي فوج آهي جيڪي ڪچرو گڏ ڪن ٿا ۽ ان کي محفوظ ڪن ٿا. پوري دنيا جا ماحوليات سان پيار ڪندڙ ماڻهو پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي بندش جو مطالبو ڪري رهيا آهن. نرگس انهن ٿيلهين مان هن مهل تائين ۱۵۰ قسمن جا گهر، آفيسون ۽ ٻيا ڍانچا ٺاهي چڪي آهي جن کي جرمني سرڪار، يورپين يونين، اقوام متحده وغيره ساراهيو آهي. هوءَ ان ڪم کي ”خوشحالي بم“ چوي ٿي جنهن تي هوءَ ڪم ڪندي سوين ماڻهن کي روزگار سان لڳايو آهي. سندس چوڻ موجب هن ۹ ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا آهن، جن لاءِ سندس چوڻ آهي ته هُوءَ تصور به نٿي ڪري سگهي ته اهي پيسا ڪٿان ۽ ڪيئن آيا. بهرحال اهو سندس ماحوليات سان لڳاءَ جو ڪمال آهي ته هن ان ڪچري کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ ان کي ڪارآمد بنائڻ جي ترغيب ڏني آهي.

جڏهن پاڪستان جي اترين علائقن ۾ ۸ آڪٽوبر ۲۰۰۵ ۾ آيل زلزلي تباهي مچائي هئي، ڳوٺ ۽ شهر مڪمل اجڙي ويا هئا ته نرگس جي گل بهائو ٽيم اتي وڃي مفت ۾ گهر ٺاهيا هئا ته جيئن متاثر ماڻهن جي بحالي کي ممڪن بنائي سگهجي.

نرگس جو خيال آهي ته ڪراچي جي ڪچين آبادين ۾ رهندڙ ماڻهن جي گهرن تي ڪنهن به وقت بلڊوزر اچي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو ڪنهن ٻئي جي پلاٽ يا زمين تي ويٺل آهن. ان ڪري سندس چاندي گهر ٽيڪنولوجي متعارف ڪرائي وڃي. ڪچين آبادين ۾ رهندڙ هزارين ماڻهن کي مختصر مدت تائين آباد ڪري سگهجي ٿو. اهي عارضي ٺهيل گهر ڪنهن به وقت اتان هٽائي سگهجن ٿا ۽ انهن کي بلدوز ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

هن جو چوڻ آهي ته ”مون ننڍي هوندي کان اهو چاهيو پئي ته آئون سائنسدان ٿيان. منهنجي خواهش هئي ته اهڙِي جدت آڻيان جنهن سان انسانيت کي ڪو فائدو پهچي. اسان نوان تصور ڏنا آهن، نوان خيال ڏنا آهن ۽ نيون شيون متعارف ڪرايون آهن“. ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته هڪ عام شهري هڪڙو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي ته اهو هن شهر کي صاف ڪري ۽ سندس هن سفر ۾ ماڻهو ساڻس شامل ٿيندا پيا وڃن.

بهرحال نرگس پنهنجي ڪم ڪار ۽ مڙني مصروفيتن هوندي به موسيقي کان منهن نه موڙيو آهي ۽ جڏهن به ساڻس راڳ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته هوءَ سوشيلا مهتاڻي جو ڪلام ڳائڻ شروع ڪندي آهي ته جيئن ماڻهن کي اهو احساس ڏياري سگهجي ته زندگي ائين به گذاري سگهجي ٿي.

سندس چوڻ آهي ته شهر ۾ گند ڪچري ساڙڻ بدران ان کي ڪارآمد بنائي سگهجي ٿو. ”مون چاهيو ٿي ته گند ساڙڻ بدران ان کي محفوظ بنائي گل پوکيون ۽ پاريسرين کي همٿايون ته جيئن سندن گهرن جي درين ۽ دروازن مان دونهون اچڻ بدران گلن جي هٻڪار اچي“.

 

ڪراچي شهر ۾ فطرت سان پيار ڪندڙ ماڻهو ڪچري کي ساڙڻ ۽ آلودگي وڌڻ کي انساني صحت کي درپيش خطرن سان ملائين ٿا. گهڻو اڳي شهر جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو شام جو تفريح لاءِ سامونڊي ڪنارن ڏانهن رخ ڪندا هئا. ڪياماڙِي ڏانهن ويندي نيٽو جيٽي پل جي اڳيان تمر جي گهاٽن وڻن جي مٿان سي گلز جي اڏار ماڻهن جي ڪشش جو سبب بڻبي هئي. ان ئي پل ڀرسان نوجوان ڇوڪرا هيٺ اڇلايل سڪن کي سمنڊ جي تري مان ڳولي ايندا هئا. ان وقت سمنڊ شايد صاف هو. هاڻي تيز رفتار ترقي سبب اهي ساحلي علائقا دور ٿيندا پيا وڃن ۽ انهن جي جاءِ تي گهڻ منزلا عمارتون ٺهي ويون آهن. ائين هن شهر جون رونقون ڏينهون ڏينهن ختم ٿينديون رهيون ۽ شهري ڏسندا رهيا ڄڻ ته سندن پيرن هيٺان زمين سرڪائي پئي وڃي. شايد ان دونهين نرگس لطيف جهڙي هڪ عام شهري جو ڌيان ڇڪايو هجي ته شهر کي صاف رکجي، جنهن ان ڪچري مان گهرٺاهڻ کان به اڳتي سون بنائڻ جو نعرو لڳائي پوري دنيا کي متوجهه بنايو آهي. (جان خاصخيلي)

 

(جان خاصخيلي جي فيسبڪ وال تان ۷ مارچ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا