; سنڌي شخصيتون: نرگس لطيف، جان خاصخيلي، ڪراچي، ڪچرو،
Showing posts with label نرگس لطيف، جان خاصخيلي، ڪراچي، ڪچرو،. Show all posts
Showing posts with label نرگس لطيف، جان خاصخيلي، ڪراچي، ڪچرو،. Show all posts

07 March, 2021

نرگس لطيف

نرگس لطيف

هڪ عورت، جنهن ڪچري مان سون بنائڻ جونعرو ڏئي، پوري دنيا کي متوجهه ڪيو آهي.

جان خاصخيلي



جڏهن نرگس لطيف سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ آئي هئي ته ڪجهه دوستن سان هن جي اڳئي واقفيت هئي پر اهو سندس شخصيت ۽ بردباري جو ڪمال هو ته هوءَ جلدي ۾ سڀني سان ملي جُلي وئي هئي ۽ هن کي ڪا به اوپرائپ محسوس نه ٿي. ان وقت هوءَ صحافت سان لاڳاپيل هئي. هوُءَ ڊان، فرنٽيئر پوسٽ، دي مسلم، اسٽار ۽ ڊيلي نيوز لاءِ لکندي هئي ۽ سندس چوڻ موجب ان لکڻ مان ئي سندس اقتصادي ضرورتون پوريون ٿينديون هيون.