محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي
استاد الشعراءِ ۽ صديءَ
جي ادبي اتهاس جو وارث
عبدالستار “آڪاش”
ٽکڙائي
سڀ کان پهرين آئون
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سٿ خاص طور تي سيڪريٽري شاخ سائين آغا جان آغا ۽ ڪاروباري
ڪميٽي، انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان ۽ مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو شڪريو ادا ڪيان
ٿو جن بزرگ شاعر سائين محمد دائود تاج ٽکڙائي جي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس مان
۾ هي پروگرام رکيو آهي، هي روايتون جس لهڻن، هنن روايتن جا امين به جس لهڻن جن
سائين تاج ٽکڙائي جي زندگي ۾ کين مڃتا ڏني آهي. سائين شاعري ۾ منهنجو استاد آهي
آئون ادب جو هڪ ادنى طالب آهيان ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ منهنجي ٻين شاعر دوستن جيان
سکيا سائين تاج ٽکڙائي کان ورتي اٿم. سائين تاج ٽکڙائي، استادالشعراءُ ۽ سنڌي
شاعريءَ جي هڪ اتهاس جو وارث آهي. اڄ سائين تاج ٽکڙائي جي شاگرد هئڻ جي ناتي
اوهانجي اڳيان سائين جي زندگي ۽ سندن ادبي ڪم تي ضرور روشني وجهندس.
