; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

18 December, 2020

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

اوچتو وڇوڙو - جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي

ايڊيٽوريل عوامي آواز



ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ڪالهه اوچتي وڇوڙي واري خبر سنڌ جي علمي، تعليمي، تحقيقي، لوڪ ادب ٽي وي، ريڊيو، سگا، سنڌي ٻولي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي، وفاقي اردو يونيورسٽي  جنهن سان آخر ۾ سلهاڙيل رهيو جي سڄي حلقي لاءِ حادثي جهڙي هئي. ڪجهه ئي ماڻهن کي خبر هئي ته هو ڪجهه ڏينهن کان ڊينگي جي بيماري ۾ ورتل هو، دلجاءِ ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪورونا وائرس ته نه اٿس سو جلد صحتياب ٿي ويندو پر افسوس ته ايئن نه ٿيو ۽ ڪالهه اها دلين تي آيل زلزلي طور خبر ٻڌي وئي جنهن تي رت جا ڳوڙها ئي هاري سگهجن ٿا.


ڪمال ڄامڙي جي زندگي جو ترجمان جيڪڏهن ڪو شعر ٿي سگهي ٿو ته، اهو ئي آهي ته “جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين”. هن پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ تمام گهڻو ۽ لاڳيتو پئي جاکوڙيو ۽ سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، تصوف سنڌي موسيقي تي پئي تحقيقي ڪئي ۽ اڄ جي دور ۾ پنهنجي ڪم ۽ سڀاءُ سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا ڪم ڪري پاڻ مڃائي چڪو هو. انهن مٿي چاڻايل شعبن تي سندس ڪيترا ئي  ڪتاب اچي چڪا آهن.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ اهي ڪم ڪيا جيڪي ماڻهو ڪيترن ئي جنمن ۾ نه ڪري سگهي. هو گهڻ پاسائين شخصيت هئي. ناميارو براڊڪاسٽر ۽ ڪمپيئر به هو. براڊڪاسٽنگ ۾ پاڻ مشهور ريڊيو پروڊيوسر نثار ميمڻ مان تمام گهڻو متاثر هو، سنڌي ادب ۾ هو مئڊم فهميده حسين جي فخر لائق شاگردن مان هڪ هو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي خاص ڳالهه اها هئي ته هو سيلف ميڊ هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪو به مقام ماڻيو سو نج سندس محنت ۽ ميرٽ جو سبب هو. هن کي اڃان به اها شڪايت هئي ته سفارشن جي واٽ نه وٺڻ ڪري هو نظرانداز ٿيندو رهيو آهي. پر سندس تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ايڏو ته سگهارو ۽ ڳرو رهيو جيڪو سندس آڏو آيل سڀني سازشن ۽ رنڊڪن کي ٿڏيندو ويو ۽ آخري وقت ۾ هو جنهن به مقام تي پهتو سو سندس عمر کان تمام وڏو مقام هو. هاڻي ته ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ کيس پنهنجي ننڍي عمر ۾ دنيا کي ڇڏڻ جو ڪو اندازو هو جنهن کائنس ننڍي عمر ۾ سڀ ڪجهه ڪرائي ڇڏيو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ لوڪ ادب جي انهن سڄڻن مان هڪ هو جيڪي وقت به وقت سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ لوڪ ادب جي ترقي، واڌ ويجهه لاءِ پتوڙيندا، حڪومتي ادارن توڙي ساڃاهه وندن جو ان پاسي ڌيان ڇڪرائيندا رهندا آهن. ويجهڙ ۾ هن صاحب سوشل ميڊيا تي پ پ جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي ان سري سان لکيو هو ته “بلاول سائين! سنڌي شعبن کي کولڻ جي به هدايت ڪريو.”. ان پوسٽ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي لکيو هو ته “سنڌي ٻولي کي تاريخي، آئيني، عوامي ۽ قانوني حيثيت مليل آهي پر سنڌ حڪومت جا ادارا آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌي ٻولي کي جائز حق ڏيڻ کان محروم ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته باوجود انجي ته اهي قانون اوهان جي پارٽيءَ سنڌ اسيمبلي وسيلي ئي ٺاهيا آهن تنهن ڪري اوهان سنڌ حڪومت کي هدايت ڪريو ته اها پنهنجن قانونن ۽ حڪمن تي عملي قدم کڻي.”

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي، نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر، صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ڪاري موري حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي جي لاڙڪاڻي، ٺٽي، بدين ۽ دادو وغيره ۾ قائم ڪيل ڪيمپس ۾ سنڌي شعبا قائم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان پوسٽ کي وڌ کان وڌ شيئر ڪرڻ جي گذارش ڪئي هئي ته جيئن اعليٰ ايوانن تائين اهو آواز پهچي سگهي ۽ ان سان گڏ سنڌي اخبارن کي به گذارش ڪئي آهي ته اهي به ان معاملي تي ايڊيٽوريل لکن.اسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ان انتهائي اهم ۽ سنجيده موقف کي مان ڏيندي سندس تجويز تي ايڊيٽوريل پڻ لکيو هو جنهن تي هن بيحد سرهائي جو اظهار ڪندي ان کي وڌ کان وڌ شيئر ڪرڻ جو ارادو پڻ ڏيکاريو هو.

سو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو آخري ڏينهن ۾ سڄو زور سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا قائم ڪرائڻ جي مهم تي هو جنهن ۾ افسوس ته سنڌ دوست ڌرين به سندس هلايل ان مهم  تي پنهنجي غلط فهمي سبب آڱريون کنيون پر هو پنهنجي موقف تي پوءِ به قائم رهيو ۽ هاڻي ته تاريخ ۾سرخرو ٿي ويو آهي.

اسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اوچتو وفات تي سندس گهر ڀاتين خاص ڪري سندس جيون ساٿياڻي محترمه عابده گهانگهرو، سندس اولاد ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي سٿ جي ماڻهن، حميده گهانگهرو سان هن نه برداشت ڪري سگهڻ واري صدمي ۾ ساڻن گڏ آهيون ۽ پنهنجي سوڳوارتن جو اظهار ڪيون ٿا ۽ ڪمال ڄامڙي جي وڇوڙي کي خاص ڪري سنڌي ٻولي، لوڪ ادب سنڌي تعليمي ادارن لاءِ تمام وڏو نقصان سمجهون ٿا.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾، ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو به نه رهيو!

حسن پٺاڻ

لوڪ ادب جو پارکو، نامور محقق، ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اڄ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

صبح سوشل ميڊيا تي سائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري سول اسپتال ڪراچي داخل هجڻ ۽ سندس صحتيابي لاءِ دعائن جي درخواست ڪيل هئي. وري چنڊ ڪلاڪن ۾ سندس وڇوڙي جي دل ڏکوئيندڙ خبر ملي.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو تعليم، سنڌي ٻولي، ادب، آرٽ ۽ سماجي سرگرمين ۾ سدائين متحرڪ رھندڙ، پاڻ وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ تعليم ڏيڻ واري ذميواري پوري ڪرڻ کان پوءِ باقي وقت ادب، ٻوليءَ جي ترقي لاءِ سدائين اڳرو، سندس آواز، ٽي وي، ريڊيو، اخبار مئگزين ۾ اوهان کي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ پيو ملندو، ان سان گڏوگڏ لوڪ ادب تي ڪچهريون ڪندي نظر ايندو ته وري سوشل ميڊيا تان به پنهنجي جدوجهد جاري هوندس.

سوشل ميڊيا تان ياد آيو ته ڪالھه ئي  انور پيرزادو اڪيڊمي جي واٽس ايپ گروپ ۾ دعوتنامون شيئر ڪيو هئائين، جيڪو سگا ڪراچي شاخ پاران هيو پاڻ جنهن جو صدر پڻ هيو، “سگا ڪراچي شاخ جي ميمبر، مهان شاعر، اديب ۽ ڏاهي “تاجل بيوس جي ياد ۾ سيمينار” ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي منجهند ۴ وڳي رمپا پلازا. ڊاڪٽر صاحب ورچي ويهڻ وارن مان نه هو، سندس وفات واري وقت به سنڌ املھه ماڻڪ لاءِ سيمينار سڏايل هيس. پاڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کان پوءِ لوڪ ادب کي تحقيق ذريعي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو.

ادب جي حوالي سان سندس راءِ  عاجز رحمت الله لاشاريءَ جي ڪتاب “شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ” جي مهاڳ ۾ هئين بيان ڪئي اٿائين ته “اظهار جا مختلف طريقا آهن، اشارن وسيلي به اظهار ڪري سگهجي ٿو ته آواز ۽

عمل ذريعي به اظهار ڪري سگهجي ٿو، رنگ به اظهار ۽ پيغام پهچائڻ جا بهترين وسيلا آهن. روڊ تي ڳاڙهي رنگ جي بتيءَ کان گاڏي بيهارڻ ۽ سائي رنگ جي بتيءَ کان گاڏي اڳتي ڪاهڻ جو به ڪم ورتو وڃي ٿو.

آرٽسٽ رنگن وسيلي تصوير جوڙي پنهنجي اندر جو اظهار ڪري ٿو ٻولي سڀني اظهارن مان سگهارو ۽ عام ذريعو آهي. پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ نه رڳو احساس ۽ جذبن جو اظهار ڪجي ٿو پر ضرورتن جو به اظهار ڪيو وڃي ٿو. ٻوليءَ ۾ وري ادب کان وڌيڪ بهتر ۽ مؤثر اظهار جو ٻيو وسيلو ناهي. اندر جو اظهار پنهنجي لاءِ نه پر ٻئي ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ انسانن لاءِ هوندو آهي. ادب ۾ نثر هجي يا نظم اهو عام ماڻهن يا لوڪ لاءِ هوندو آهي. جڏهن سمورو ادب لوڪ لاءِ آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته رُڳو “لوڪ ادب” سان ئي لوڪ لفظ ڇو ٿا ڳنڍيون؟ اظهار جي لحاظ کان سمورو ادب لوڪ ئي هجڻ گهرجي پر اسان جي عالمن ادب جا مختلف حصا رڳو سڃاڻپ لاءِ جوڙيا آهن جيئن: لوڪ ادب، اساسي، ڪلاسيڪي ادب، ۽ جديد ادب وغيره.”

سنڌ جو نامور محقق، ليکڪ، شاعر ۽ لوڪ ادب جو پارکو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو، پهرين آگسٽ ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ، مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان پڙهڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي ۾) ڪيائين. مئي ۱۹۹۸ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاھ لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ ۲۰۰۰ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ ۲۰۱۰ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. هيءُ ماهوار رسالي “ماهه روز” ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين ۲۰۰۳ع جو چيف ايڊيٽر به رهيو. سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون، شاعري ڇپجندي رهي. هي ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ لاءِ ڪيتري عرصي کان سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهيو. ڪيترن سالن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور فرض سرانجام ڏنائين. طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل سندس ڪتاب “شاھ عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي “ ، شاھ لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سنڌي لوڪ فنڪارن بابت ڪتاب “سنڌي ثقافت جا امر آواز” ، ثقافت کاتي پاران ڇپايل آهي.

وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد/سربراھ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سنڌي سکيا ڪلاس جو نگران به رهيو. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ هئي.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾، ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

 


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

سِنڌي ادبَ جو مَرد مُجاهِد

رياض ڪلهوڙو

انسان ڪيڏو نه نرڄو آهي، جو چنگيز ۽ هلاڪو جي موت کان پوءِ نه سمجهي سگهيو آهي ته هر ڪنهن جو انت ساڳئي کڏ آهي. پوءِ به نه ڄاڻ ڇو انسان حقيقت کان پري ٿو رهي..! الله پاڪ هن ڪائنات ۾، انسان کي افضل ڪري پيدا ڪيو آهي. پر جڏهن انسانن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪبي ته ڪي ٿورا، املهه انسان، افضل، جبل جيڏا اوچا ۽ ميڻ جيان نرم نظر ايندا. اهڙن نرم مزاج ۽ هردل عزيز انسانن منجهان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو به هڪ هو.

شاه لطيف جو پارکو، لوڪ ادب جو ماهر، سگا شاخ ڪراچيءَ جو صدر، وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ ٻولين جي فيڪلٽئ جو ڊين، برک اديب، محقق، ڪيترن ئي ڪتابن ليکڪ ۽ ساڃاهه وند ۽ اسان جي هڪ متحرڪ شخصيت ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو وفاقي اردو يونيورسٽئ ۾ سنڌي شعبي جو هيڊ ھوـ سنڌي جي نالي واري عالم مختيار احمد ملاح لکيو آھي ته: “ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ٻوليءَ نالي وارو عالم، اديب ۽ استاد هو، جنهن جي سڄي حياتي تحرڪ ۾ گذري. جڏهن به ساڻنس ملاقات ٿيندي هئي، سندس موضوع صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب هوندو هو. هو پنهنجي خوابن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جا سپنا ڏسندو هو. هميشه ادبي ادارن جي غير فعال هئڻ جي شڪايت ڪندو هو. سندس ادبي  خدمتون تمام وسيع آهن. سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن جي سلسلي ۾ ڪوششون هجن يا شاگردن کي همٿائي سنڌي شعبي ۾ داخلا ڏيارڻ جي سلسلي ۾ هجن، پي.ايڇ. ڊي ۽ ايم فل جي سلسلي ۾ وڌ ۾ وڌ اميدوار اڳتي آڻڻ ئي سندس علمي ۽ ادبي ڪتابن کان به وڏا ڪم هئا.  هو پنهنجي نالي وانگر هڪ باڪمال شخص ھو. اڱارو، ۱ آگسٽ ۱۹۷۲ع تي راڻيپور ڀرسان واقع ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ جنم وٺندڙ ڪمال الدين ولد لونگ خان ڄامڙو موجوده دور جو بهترين محقق ۽ نقاد هو. شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ امن حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان راڻيپور ۾ پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ويو، جتان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) ڪيائين. مئي ۱۹۹۸ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ ۲۰۰۰ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. پاڻ، ماهوار رسالي “  ماهه روز” ڪراچيءَ جو ايڊيٽر، اسلاميه ڪاليج مئگزين جو چيف ايڊيٽر، شاهه لطيف چيئر پاران تحقيقي جرنل “ڪلاچي” جو سب ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر، روزاني “بزنس ايڪسپريس” ڪراچي جو سب ايڊيٽر، هفتيوار “نئين سوچ” ڪراچي جو سب ايڊيٽر ۽ خبرنامون خوشبوءِ جو باني ۽ ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس ڪيترا ئي تحقيقي مقالا، مضمون ۽ شاعري ڇپجندي رهي ٿي. پاڻ سٺي ليکڪ سان گڏ سٺو مقرر پڻ آهي. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر جي حيثيت سان پڻ فرض سرانجام ڏيندو رهي ٿو. لوڪ ادب سندس پسند جو مضمون رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس پي ايڇ ڊي جو مقالو “سنڌوءَ جا گيت” پڻ لوڪ ادب سان لاڳاپيل آهي. 

وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڪمال ڄامڙي بابت شمس جعفراڻي لکيو آهي ته: “ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، هڪ جاکوڙي ڪارڪن آهي، هڪ ئي وقت لکڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ، سماجي ڪم ڪرڻ، براڊ ڪاسٽنگ ۽ موسيقيءَ تي ڪم ڪرڻ ۾ رڌل رهي ٿو. انهن سمورن ڪمن سان انصاف ڪرڻ واقعي قابل تحسين آهي”.

ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جو عاشق ۽ ٻوليءَ جي بقا جي ويڙه واري ٽولي جِي صف اول جو سالار هو، سنڌي ٻوليءَ جي مضمون کي تعليمي ادارن ۾ اهميت ڏيارڻ لاء مسلسل اخباري ليکن سان گڏ اعلي اختيارين کي مسلسل خط پڻ لکندو رهيو. سنڌ جو ھي مهان اديب، محقق،  لطيف شناس، لوڪ ادب جو پاکو، جنهن جي سموري زندگي غور، فڪر، سوچ، ويچار ۽ علمي جدوجهد ۾ گذري، سو اڄ اربع ڏهاڙي، ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي زندگي جي جنگ هارائي، سدائين لاءِ مالڪ حقيقي سان مليو. الله پاڪ سندس درجا بلند فرمائي.

هر ڪنهن مٿان موت جا، آهن لامارا،

ڪئن چئجي پيارا، ڪهڙيءَ جهٽ جهپي وڃي!

 ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو، قلمي پورهيو، تحقيقي ڪم، ان ميويدار ۽ ڇانودار وڻ جيان آهي، جنهن مان صدين تائين لاڀ ملندو رهندو. ڪڏهن ڇانو جي صورت ۾ ته ڪڏهن ميوي جي صورت ۾...!

 

(ڏيھاڙي آجيان شڪارپور ۾، ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

اڌَ پنڌَ جو مسافر

انور ابڙو

’جسماني طور، هڪ پَل ِآهيون، ٻئي پَلِ ناهيون،‘ اها هڪ حقيقت آهي. دائميت جي دعويٰ رڳو ان صورت ۾ ڪري سگهجي ٿي، جڏهن سيرت سٺي ۽ ڪي ڪم اهڙا ڪيل هجن، جيڪي پويان ياد رکيا وڃن. اهڙو ڪردارُ ۽ ڪم ڇڏي وڃجي، جو جيڪڏهن ڪنهن، ڪنهن وقت ياد به ڪيو ته، اُن ڪردار ۽ ڪَم جي بنياد تي هُو ياد ڪندو، باقي جڏهن هونئن جي ڪو چڱو ڪرڻ بنا رهياسين ۽ “سڏ ٿيڻ تي” هليا وياسين ته، پوءِ جيستائين اسان جا همعصر جيئرا هوندا، تيستائين امڪان آهي ته، هو ڪنهن طرح ياد ڪن، پر ايندڙ نسلن جو ڪو تعلق يا رشتو نه هوندو اسان سان. بس پنهنجي رشتيدارن جي شجري ۾ هڪ نانءُ  هونداسين. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اوچتي وڇوڙي اهو شدت سان احساس ڏياريو آهي.

هن دوست جي وڇوڙي جي خبر ڪلهه (اربع، ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي) اُن وقت ملي، جڏهن رکيل مورائي ۽ مان ويٺان هجون، جو رکيل جي پٽ رافع فون ڪري کيس اها خبر ٻڌائي. اسان کان دانهن نڪري وئي... وڏي اداسي گهيري ويئي. ڪي پل ته ڪونه ڪڇياسين. بس هڪ ٻئي کي عجيب اکين سان ڏسندا رهياسين. ڄڻ اها اسان متعلق خبر هئي. دوست ائين ئي ته ٿيندا آهن. جيتوڻيڪ گذريل هڪ ٻن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي، ڊينگي بخار جي علاج خاطر سول اسپتال ۾ داخل هئڻ بابت جيڪي پوسٽون رکيون ٿي ويون، سي اشارا ته محسوس ٿيون پئي ته، ’سڀڪجهه ٺيڪ ناهي،” پر پوءِ به ذهن اهڙي ڪنهن منحوس خبر ڏانهن نه ٿي ويو، يا اسان پاڻ ان کي ايڏانهن وٺي نٿي وياسين. اهڙن موقعن تي ائين سوچڻ جي همٿ ناهي هوندي. ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيئي، لنوائي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

اسان جو ڏک انڪري به گهرو ٿيو جو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي وڃڻ جي هيءَ عمر نه هئي. ۴۸ سال.... اها به ڪا عمر آهي!!

هيءُ پورهيت خاندان مان آيل نوجوان ڪڏهن ڪڏهن شڪايتون به ڪندو هو ته، سندس ڪم ۾ هرجاءِ تي رڪاوٽون، رڳو انڪري وڌيون ٿيون وڃن، جو هيءُ غريب آهي، حالانڪه هن جو ڪم، ڪيترن ڇا، پر تمام گهڻن کان گهڻو ۽ بهتر هئو. مسلسل محنت ۾ هن پنهنجي زندگي ڳولي ورتي هئي. پر اها زندگي هن جي عارضي ثابت ٿي ۽ هڪ وڏو ڇرڪ ڀرائي، وڏي دانهن ڪڍرائي هليو ويو. 

وڏي وقت جو هڪ تعلق هو اسانجو به. ملاقاتون هيون. ڪچهريون هيون. مان جنهن به ادبي رسالي ۾ هوندو هئس، اُتي ڪوشش ڪري سندس لکڻيون شايع ڪندو هئس. آفيس اچي ويندو هو. سادو.... ڪا به وڏائي نه.... پر وڏن جي اک ۾ هو هڪ ڪنڊو هو. ڪڏهن ڪڏهن جائز ۽ صحيح طرح ناراض به ٿيندو هو ته، اسان، جتي (تنهن وقت سنڌ مدرسي ۾) ويٺا آهيون، اُتي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ان طرح ڪم نٿا ڪريون، جنهن طرح هيءُ چاهي ٿو. هن جو زور هوندو هئو ته، سنڌ مدرسه يونيورسٽي سنڌي ٻوليءَ جو شعبو قائم ڪري ۽ سنڌ مدرسي اسڪول مان سنڌي ٻوليءَ کي ختم نه ڪيو وڃي. هيءُ اهڙيون ڳالهيون سنڌ ۾ موجود ٻين يونيورسٽين جي باري ۾ به ڪندو هو،  پر پوءِ به اسان جو هڪٻئي ڏانهن عزت ۽ احترام جو تعلق برقرار رهيو. هيءُ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪافي جذباتي هئو، جيڪا جذبات پنهنجي ٻوليءَ سان سندس عشق جي آخري حد هوندي هئي.

ڪي دوست اجتماعي مفادن وارو علمي ۽ ادبي ڪم ڪندي ڏاڍا اهم ته  لڳندا آهن، پر هو اسان کان وٿيرڪا هوندي به، ذاتي طرح اسان  لاءِ اميد جي هڪ چڻنگ به هوندا آهن، هڪ آٿت هوندا آهن، هڪ سهارو هوندا آهن. اهو دل ۾ هوندو آهي ته، هُتي هو دوست ويٺو آهي، هِتي هي دودست ويٺو آهي.... ڪڏهن ڪو ڪم پيو ته ڪو مسئلو نه ٿيندو.... اهڙا به آسرا هوندا آهن. ڏڍُ هوندا آهن. ۽ پوءِ انهن دوستن جي وڃڻ سان اهي آسرا، اهي ڏڍ ختم ٿي ويندا آهن، تنهن ڪري اهڙن ماڻهن جو موڪلائي وڃڻ قومي نقصان سان گڏ اسان جو ذاتي نقصان به هوندو آهي.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، خاص طور سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۽ صوفي شاعرن تي ڪم ڪرڻ سان گڏ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جو وڏو ڀرجهلو هئو، انهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ايم اَي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي  ڪرائي، انهن کي اڳتي آڻڻ ۾ وسَ آهر ڪوششون ڪندو هو، پر اسان ائين نه سوچيو هو ته، هن جو پنهنجو پنڌُ اڌ رستي ۾ کُٽي پوندو ۽ هيءُ ائين اوچتو هليو ويندو، وڏي سيءَ ۾، اسان کي اداسيءَ جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهي!!

 

(فيس بڪ وال تان، ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

سندس وڇوڙو

خالد چانڊيو

لوڪ ادب جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان پوءِ جنهن محقق جي خدمتن کي سڀ کان وڌيڪ ساراهيو ويو اُهو هو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو. هن شخص بي حس بڻجي ويل سماج ۾ سنڌ جي لوڪ ادب جي حوالي سان بيمثال خدمتون سرانجام ڏنيون.

ڊسمبر هونئن به سنڌي ادب لاءِ وڇوڙن ۽ المين جو مهينو رهيو آهي، هن مهيني ۾ سنڌ جي مها ڪوي شيخ اياز ۽ تاجل بيوس سميت ڪيترن ئي قلمڪارن، فنڪارن جي ساهن جو سڳو ٽٽي پيو. هن بي رحم مهيني ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جهڙو شاندار شخص به نذر ٿي ويو.

سائنسي دؤر جي هيڏي ساري عروج هوندي به ڪيترا ئي ماڻهو مليريا، ڊينگي سميت ٻين بيمارين ۾ اجل جو شڪار ٿيو وڃن، ٻئي طرف ڪورونا جهڙو خطرناڪ وائرس سڄي دنيا ۾ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪري رهيو آهي. نيٺ ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر ڪمال به ڊينگيءَ سان جهيڙي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، سنڌي ٻوليءَ جو نامور محقق، ليکڪ هو، هُو پهرين آگسٽ ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڪاڪي لونگ خان ڄامڙي گهر ۾ پيدا ٿيو. مئي ۱۹۹۸ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ ۲۰۰۰ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس اهو ڊاڪٽريٽ وارو مقالو ۲۰۱۰ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو. ڪمال ماهوار رسالي ’ماهه روز‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين ۲۰۰۳ع جو چيف ايڊيٽر به رهيو. سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا ئي تحقيقي مقالا، مضمون شايع ٿيا. هُو ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي. ويءَ لاءِ ڪيتري عرصي کان سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهيو. ڪيترن سالن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور فرض سرانجام ڏيندو رهيو ۽ آواز رستي سنڌ جي ماڻهن سان ڳنڍيل رهيو، ڪيترا ئي پروگرام سندس ميزباني ۾ هوائن جي آڌار سموري سنڌ جي واهڻ وستي تائين رسيا ۽ هُن سامعين سان هڪ الڳ قسم جو رشتو جوڙي ورتو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘ شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيو. تنهن بعد سنڌي لوڪ فنڪارن بابت ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘، ثقافت کاتي پاران شايع ڪيو ويو. ان کان علاوه “ڪراچيءَ جا اديب ۽ شاعر”، “لطيف ذهني چٽاڀيٽي”، “رسالو ڳجهارت”، “ڪتيم ڪينڪي”، “ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۽ ڪريم بخش ڪريم جو ڪلام”، “پاکستانی زبانوں کا لوک ادب”، “سندھی ثقافت کا نیا دور”، “ڀٽائي ۽ ڀونءِ”، “سيد پير علي شاھ درازي جو ڪلام”، “بهادر ڇوڪري”، “اسان جو ڀٽائي”، “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سگهڙائپ”، ”سنڌي مادري ٻولي” سميت ٻيا ڪتاب به شامل آهن.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر ۽ چيئرمين هو، آخر تائين سنڌي شعبي پاران ڪارونجهر مخزن ايڊٽ ڪندو رهيو. هُو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سنڌي سکيا ڪلاس جو نگران به رهيو. سندس لوڪ ادب جي حوالي سان خدمتون ساراهڻ لائق آهن.

ڊاڪٽر ڪمال، ۱۶ هين ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي اوچتو وفات ڪري ويو.

 

(خالد چانڊيو جي فيسبڪ وال تان ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

لوڪ ادب جو پارکو، محقق، ليکڪ ۽ شاعر

فقير محمد سنڌي

ادبي، ثقافتي، تاريخي ۽لوڪ ورثي جو جاکوڙي ڪردار، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو، پهرين آگسٽ ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ، مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان پڙهڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي) ڪيائين. مئي ۱۹۹۸ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ ۲۰۰۰ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ ۲۰۱۰ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. ماهوار رسالي ’ماهه روز‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين ۲۰۰۳ع جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪمال ڄامڙي جا همدرديءَ وارا گڻ ۽ جذبا سندس شخصيت کي نمايان پد تي بيهاريو آهي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سماج ۾ مشڪل حالتن کي محنت ۽جفاڪشي سان منهن ڏئي، ٻوليء، ادب ۽ ثقافت جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ذميواريون سنڀالي نڀايون آهن. سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون۽ شاعري ڇپجندي رهيس ٿي. هن ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ لاءِ ڪيتري عرصي کان سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهي ٿو. ڪيترن سالن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور فرض سرانجام ڏيندو رهي ٿو. طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘، شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سنڌي لوڪ فنڪارن بابت ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘، ثقافت کاتي پاران ڇپايل آهي.

هن وقت وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد آهي. ڏات ۽ڏانُ، ٿورن ماڻهن جي خمير ۾ شامل هوندي آهي ۽فطرتي طور تي انهن انسانن ۾ شعور اٿاھ گهرائي سان لاڳاپيل هوندو آهي جنهن جي ڪري سڄي دنيا امن ۽ انسانيت جا حوالا پيش ڪندي آهي. اهڙو ئي سنڌي ادب جو فڪري ۽ جاکوڙي فرد ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڌرتيءَ جي سينڌ تي ذميوار فرد جي حيثيت حاصل ڪئي آهي. ڏات ڌڻي سڄي انساني تاريخ ۾ امر رهيو، مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون ذهن جي آڳر تي تري آيو آهن ته :

آءُ حياتي آهيان، آءُ ڪيئن ٿيندس فوت،

متان مون کان موت، ڇھندي ئي ڇرڪي وڃي.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي من ۾ ادبي، تاريخي حسناڪي موجود آهي جيڪا هر وقت سندس پنهنجو ديدار پسائي ٿي، تنهن سندس جڳھ ۾ ڏات کي ڏهوڙون ڪيو آهي. جنهن جو ثمر سنڌي ادب ۾ مچ جيئان نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ۳۰ کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ان کان سواءِ اخبارن ۽رسالن ۾ تحقيقي مقالا به شايع ٿيل آهن، جنهن ۾سنڌي ٻولي، لطيفيات، پاڪستان جي ٻين صوفي شاعرن، لوڪ ادب ۽ثقافت جي موضوع تي چڱو خاصو ڪم ٿيل آهي، ڇپيل ڪتابن ۾ انگريزي ۽ اردو ڪتاب به شامل آهن، محنت جو ڦل نرالو آهي جيڪو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو کي مليو آهي، اهو اِهو ته سندس لکيل ڪتاب يونيورسٽين جي نصابن ۾ پڻ شامل آهن .لوڪ ادب جو پارکو، سنڌي ٻوليءَ جو عاشق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۱۶ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي شام ويلي راھ رباني ورتي آخر ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاءِ، مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون ته :

تنھنجا پير چمان، ڌرتي، منهنجي مائڙي!

ڀاڪر پايان ڀاوَسان، ماڻهوءَ ماڻهونء سان،

آءُ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.

 

(ڏيھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

سنڌ جي نالي واري پارکو جو وڇوڙو

آفتاب احمد راھو

سال ۲۰۲۰ع دوران عالمي وبا سبب سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهو فوت ٿيا آهن، پاڪستان ۾ پڻ روزاني ڪيترا ئي ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا، جن ۾ عالم، مفتي، اديب ۽ عام ماڻهو شامل آهن. ممڪن آهي ته تاريخ ۾ گذرندڙ هِن سال کي موت جو سال ڪري ليکيو وڃي. ڪجهه ماڻهن ته عالمي وبا سبب پنهنجون زندگيون وڃايون ته ڪي وري ٻين مختلف بيمارين ۾ پنهنجن لکين چاهيندڙن کي وڇوڙي جو درد ڏئي هليا ويا. هونئن جيڪڏهن سنڌ جي حوالي سان ڏسجي ته ڊسمبر جو مهينو وڇوڙي جو مهينو آهي، هِن ئي مهيني شيخ اياز اسان کان وڇڙي ويو، هِن ئي مهيني محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي وئي ۽ هاڻ سنڌ جو سدا ملوڪ اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو مالڪِ حقيقيءَ سان وڃي مليو آهي.

’آهي ۽ هُو‘ ۾ کن پل جو ئي ته فرق آهي. گذريل ڳچ ڏينهن کان ڊاڪٽر صاحب بيمار هو، پهريان ته خبر نه ٿي پئي ته مرض ڪهڙو آهي، پوءِ ڊينگيءَ ۾ مبتلا هُجڻ جو انڪشاف ٿيو. روز دوستن کان سندس حال احوال وٺندا هئاسين ته ڊاڪٽر صاحب جي طبيعت ڪيئن آهي ۽ اڄ سندس لاءِ جڏهن لکي رهيو آهيان ته ’آهي‘ بجاءِ ’هُو‘ لکڻو پئجي رهيو آهي. پر منهنجو يقين آهي ته ماڻهو ڀلي ته جسماني طور موجود نه هُجي، پر اُهو پنهنجي تحريرن ذريعي هميشه لاءِ دلين ۽ دماغ ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو. ڊاڪٽر ته اُهو ماڻهو هُو جنهن ڪراچي وفاقي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي کي قائم رکڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪيا هُئا. گذريل سال اِهي رپورٽون به هيون ته وفاقي يونيورسٽي، سنڌي شعبي کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ ايم فل لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ شاگردن کي داخلا کان جواب ڏنو ويو هو، پر پوءِ جڏهن عبرت اخبار ۾ اِها خبر لڳي ته اُن جو پڙاڏو سنڌ اسيمبليءَ ۾ به ٻُڌڻ ۾ آيو ته سنڌي چينلن تي به، اِئين يونيورسٽيءَ کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو. ايترو ئي نه پر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ڪراچيءَ کي هميشه لاءِ پنهنجو مسڪن بڻائي ڇڏيو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پهرين آگسٽ ۱۹۷۲ع ۾ خيرپور ضلعي جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ لونگ خان ڄامڙي جي گهر ۾ اک کولي. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان پرايائين. ان کان بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي اي (آنرز) ۽ ايم اي (سنڌي) ۾ ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب مئي ۱۹۹۸ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاھ لطيف چيئر جو ريسرچ آفيسر منتخب ٿيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو آگسٽ ۲۰۰۰ع ۾ اسلاميا سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌي شعبي جو ليڪچرار بڻيو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪيائين. سندس پي ايڇ ڊي جو مقالو ڪتابي صورت ۾ “سنڌو جا گيت” جي نالي سان ثقافت کاتي ۲۰۰۸ع ۾ ڇپرايو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ماھوار رسالي “ماھ روز ڪراچي” جو ايڊيٽر ۽ اسلاميا ڪاليج مئگزين ۲۰۰۳ع جو چيف ايڊيٽر به رھي چڪو آهي. طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘، شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سنڌي لوڪ فنڪارن بابت ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘ به ثقافت کاتي پاران ڇپايل آهي. سندس ڪيترا ئي تحقيقي مقالا مضمون ۽ شاعري سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي توڙي اردو ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ به لکندو رھيو. ڊاڪٽر صاحب ڪافي سالن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي انائونسر ۽ ڪمپيئر طور فرض سرانجام ڏيندو رھيو. پاڻ ۲۰۰۵ع ۾ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو. اتي ئي ’ڪارونجھر‘ تحقيقي جرنل شروع ڪيائين، بعد ۾ وفاقي يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ سنڌي شعبي جو چيئرمين مقرر ٿيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا ڪافي شاگرد پيدا ڪيا.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لوڪ ادب جي ماھر ھجڻ سبب پھرين لوڪ ادب ڪانفرنس منعقد ڪرائي ھئي. سنڌي ٻولي جي حوالي سان تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي لازمي قرار ڏيڻ جي خوب جدوجهد ڪئي ھئي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر حميده کھڙو کان وٺي سردار شاھ تائين ھر وزيرِ تعليم کي خط و ڪتابت ۽ قانون جي بل جون ڪاپيون به پيش ڪندو رھيو. ڊاڪٽر صاحب ۴۰ کان وڌيڪ تحقيقي، علمي، ادبي، ثقافتي ۽ لوڪ ادب جا ڪتاب لکيا جيڪي شايع پڻ ٿيل آهن. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۴۸ سالن جي ڄمار ۾ ڊينگي وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي وڇوڙي تي سنڌي ادب جي دنيا ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آهي.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، ۱۸ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

لوڪ ادب جو پکي اڏامي ويو

استاد لغاري

عالمي ادبي سيمينار اسلام آباد ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ، ڪراچي ايئرپورٽ تي ويٺو هوس. مون کان پرڀرو ڪجھ ٻيا اديب، عالم، سگھڙ ۽ شاعر به ويٺل هئا. انهن ۾ تاج بلوچ، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، زيب سنڌي، يوسف سنڌي، ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ پناھ بلوچ وغيره شامل هئا. مون تي نظر پوندي ئي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب اٿيو، سڌو اچي مون کي ڀاڪر پاتائين. چئي “استاد لغاري! توهان به اسلام آباد هلو پيا؟” چيم “هائو سائين!” ته منهنجو ٿيلهو پنهنجن هٿن ۾ کڻندي چيائين “ تون به هلي اسان سان گڏجي ويھ”. سندس حُسنِ اخلاق، مُحبت، مُروت، زنده دلي ۽ ملنساريءَ جو مثال ڏسي، منهنجي دل درياھ ٿي ويئي.

ڪَونئرَ  پاڙُون  پاتارَ  ۾،   ڀَونئرَ   ڀِري  آڪاس،

ٻِنهِين   سَندِي  ڳالهڙِي،    رازِقُ   آندِي    راس،

تِنهن عشقَ کي شاباس، جِنهن مُحبتِي ميڙِيا. (شاھ)

هي ۰۵ جنوري ۲۰۱۷ع جي صبح هئي، جو اسان اسلام آباد وڃڻ جي لاءِ، ڪراچي ايئرپورٽ تي ويٺا هئاسين. اسلام آباد پهچڻ کان پوءِ، پنج راتيون ۽ پنج ڏينهن ڪيئن گذري ويا، اهو هڪ الڳ داستان آهي. هن عالمي ادبي سيمينار ۾، سرائيڪي وسيب جي اديب محترم شوڪت مغل ۽ طارق اسماعيل احمداڻي صاحبن سان ملاقاتون ٿيون. طارق اسماعيل لوڪ ادب تي آڌاريل، پنهنجو هڪ ڪتاب مون کي تحفي طور ڏنو. اهو ڪتاب اڃان منهنجي هٿ ۾ ئي هيو، ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب جن جي نظر پيئي. ڊاڪٽر صاحب مون کي فورن چيو، “استاد! اهو ڪتاب منهنجي موضوع مطابق آهي، اگر مون کي ڏيئي سگھو، ته آئون هن مان استفادو ۽ ڄاڻ حاصل ڪري، وري واپس اوهان کي موٽائي ڏيندس”. مون لوڪ ادب جي عاشق کي، اهو ڪتاب اُن ئي مهل ڏيئي ڇڏيو.

اڳتي هلي علم و ادب جي اُجاڙ ۽ دُدڙ دنيا ۾، نقلي نقادن ۽ هٿرادو حاسدن، جڏهن منهنجي خلاف قهري ڪات ڪهاڙا ڪلايا ۽ خوفناڪ خوني خنجر هوا ۾ لهرايا، ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب اهو پهريون شخص هيو، جنهن منهنجو اخلاقي، اصولي، انساني ۽ قانوني دفاع ڪيو. “آئون اڪيلو سامهون سٿ، خنجر خنجر ڪيئي هٿ”. (شيخ اياز) مون جڏهن شاھ جي رسالي جا سرائيڪي منظوم ترجما، ڍاٽڪي منظوم ترجما، رنگين قلمي نسخا، سٽ وار سمجھاڻيءَ سان شاندار شرح لکيل ۽ ترتيب ۽ تاليف ڪيل ڪيترا ئي شاھ جا رسالا لکيا، ته ڪيترا ئي ماڻهو بِري ڍور وانگر بِڦريا. ادارن اندر ڦرڻين ڪُرسين تي وسيهر واسينگن وانگر ويٺل، وٽ سٽ، ور وڪڙ ۽ ڦڻ ڪڍي ڦُوڪُون ڏيندڙ ڦڦڪارڻ لڳا. “ترس اي حُسنِ ازل! اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نٿو”. (شيخ اياز) دل چوي ٿي، ته اڄ اوهان سان ڪي اهڙا احوال اورجن، جيڪي سنڌي علم و ادب ۾، ڳاڙهي ٽُٻڪي جي حيثيت سان ٽمڪن ٿا. دل چوي ٿي، ته اڄ اوهان جي آڏو پنهنجو ڪليجو ڪورجي، لفظن جي سمونڊر کي سُرڪِيءَ ۾ سورجي ۽ ڳوڙهن کي ڳالهڙين ۾ ڳائجي. پر ڇا ڪجي جو هتي ته هاڻي هر ڪو ئي، ڪُلفت جي ڪيري ۽ ڪدورت جي ڪارن ڪوئلن جا خريدار ۽ واپاري ويٺل آهن.

وِئا سي وِينجھارَ،  هِيرو  لَعلَ  وِنڌِينِ  جي،

تَنِي  سَندا  پوئِيان،  سِيهي  لَهنِ  نه   سارَ،

ڪُٽِينِ ڪُٽُ لُهارَ، هاڻي اُنِي ڀيڻِيين”. (شاھ)

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب، جنهن پنجاھ کان وڌيڪ ماڻڪن ۽ موتين جهڙا شاندار شاهڪار شهپارا علم و ادب جي دنيا کي ڏنا، ته ان جو نالو ئي مُلڪي (صدارتي) ايوارڊ لسٽ مان خارج ڪيو ويو. “چنگ اسان کي ڏنگ هنيو، او جوڳيئڙا! اڄ لوڪ سُتي، اهڙو ڪو منتر ڪونهي؟ جيڪو آڻي ساجن کي، پت پيئڻ جي رهجي ويندي، تو سان ساقي! آهي طئي، اسان محبت وارا ماڻهو، ظالم! تو وٽ ظرف هجي”. (استاد لغاري) مون کي اهو پڻ ياد آهي، ته کپري جو لوڪ فنڪار ۽ نڙ بيتائي ربنواز هنڱورو جڏهن وفات ڪري ويو هو، ته سڀ کان اول ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب ئي، ان جي شخصيت، فن ۽ وفات تي مضمون لکي، اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايو هو. ان کان پوءِ مون ناچيز مضمون لکيا، اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايا ۽ پنهنجي ڪتاب “جي ڪنڌيءَ ڪاڪ ڪڪوريا” ۾ شامل ڪيا. سگھڙ ربنواز هنڱوري جي وفات تي، شهر جي صحافين هڪ معمولي خبر ٺاهي اخبارن ڏانهن اماڻي، ته ادارن مان فون آيا “ربنواز هنڱورو ته تمام وڏو فنڪار هيو، توهان معمولي خبر ٺاهي ڇو اماڻي آهي؟” اهڙيءَ ريت سندس جنازي نماز ۾، جن جن اديبن، عالمن، اسڪالرن، سگھڙن ۽ فنڪارن شرڪت ڪئي، ته انهن جا نالا ئي اخبارن ۾ ڪو نه آيا. بلڪه جيڪي ماڻهو مورڳو شريڪ ئي ڪو نه ٿيا، ته اخبارن ۾ انهن جا نالا شايع ڪيا ويا.

مون کي ۲۰ ڊسمبر ۲۰۱۳ع تي، ڀٽ شاھ ۾ “لطيف ايوارڊ” سان نوازيو ويو. ته ان ايوارڊ ملڻ مهل، محترم منظور احمد ڪناسرو صاحب سان گڏوگڏ، محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحبن منهنجي رهنمائي ۽ معاونت ڪئي. پاڻ پنهنجي روم تي مون کي گھرائي، ڳيراٽي پائي، اڳواٽ مبارڪ باد ڏني. آئون وڏو خوش نصيب انسان آهيان، جو مون جهڙي معمولي ماڻهوءَ کي، محترم غلام مصطفيٰ سولنگي صاحب پاران، علم و ادب جي اڪيچار خدمتن عيوض، “سنڌ راڻي ايوارڊ” ڏنو ويو. هي ايوارڊ محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب جن جي خواهش تي، سندس ئي مبارڪ هٿن سان مون وصول ڪيو. سنڌ ميوزيم آڊيٽوريم هال حيدرآباد ۾، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب، منهنجي پياري ڀيڻ محترمه سيما عباسي صاحبه، واحد ڪانڌڙو، سليم چنا، موليٰ بخش محبتي ۽ حافظ احمد صاحبن سان پڻ ميل ملاقاتون به ٿيون. صفا سچي حقيقت ۽ دلي درد جي دکدائڪ داستان هيءَ به آهي، ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙوصاحب اسان کان ايئن اوچتو هليو ويو، جو اسان کانئس مرڪي موڪلائي به ڪو نه سگھياسين. سسئي چيو هو “ساٿِي نه پَسان سي، جي هُئمِ هِينئين ٿُوڻِيُون”. سندس صحتيابي جي دعائن لاءِ جيئن ئي فيس بوڪ تي پوسٽون اچڻ شروع ٿيون، ته الاءِ ڇو منهنجي روح ۾، بي خبر ۽ بي چين لهرون اچڻ ۽ وڃڻ لڳيون هيون. آھ! ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب! توهان ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي ڪا نه ڪئي. محبت، عزت، اخوت ۽ آدرشن جا اخلاقي ڀنڊار رهيا. اسان کي اهو سڀ ڪجھ ته ڏيئي ويا، جيڪو هڪ محبت ڀرئي ماحول ۽ انسانت جي لاءِ نهايت ضروري هوندو آهي، پر يار! هاڻي “روئڻُ ۽ راڙهو، مُون نماڻيءَ جي نِجھري، ڪُٺل کي قلب ۾، قُربَ جو ڪاڙهو”. هاڻي جيسين سج اڀرندو رهندو، تنهنجيون يادون ۽ منهنجي اڪيلائي هم ڪلام رهنديون.

 

(ڏيھاڙي هلال پاڪستان ڪراچي ۾، جمعو ۱۸ ڊسمبر ۲۰۲۰ ع تي ڇپيل)


 

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو اڻ مندائتو وڇوڙو

تاثر: محمد سليمان وساڻ

اهو ۶ ڊسمبر ۲۰۲۰ع جو صبح هيو، ان ڏينھن سڄي دنيا ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملائجي رهيو هيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب جو فون آيو تہ مان سچل ڳوٺ آهيان ۽ اوهان سان ڪچھري ڪرڻ ٿو چاهيان. مان ان وقت ٽائيم نيوز چئنل جي اسپيشل ٽرانسميشن ۾ هيس ۽ کيس عرض ڪيم تہ شام جو ملاقات ڪبي.

شام جو پاڻ آيا ۽ مون لاءِ ڪتاب پڻ تحفي طور کنيو آيا. دوستن سان گڏ ڪچھري ٿي ۽ ٻہ ڪلاڪ گذري ويا. ان دوران لوڪ ادب، ثقافت، لطيفيات، ٻوليءَ تي سگا سچل ڳوٺ شاخ جي دوستن سان ڀرپور ڪچھري ڪيائون. ويندي ويندي ڀاڪر پائي موڪليائون تہ يار اهڙيون ڪچھريون سچل ڳوٺ ۾ ئي ملن ٿيون.

هو منھنجي انھن دوستن مان هيو جيڪي مونکي سدائين اسٽيج تي سڏائي ڳالھائڻ جو موقعو ڏيندا آهن. هو سدائين ڪچھرين ۾ يا پروگرامن ۾ گڏ رهندو هيو ۽ هر پل رهنمائي ڪندو هيو. ٻوليءَ جي جدوجھد ۾ اسان کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو هيو.

پھرين آگسٽ ۱۹۷۲ع ۾ ضلعي خيرپور ميرس جي تعلقي ڪوٽڏجي جي ننڍڙي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ جنم وٺندڙ هڪ نوجوان ڪمال الدين ڄامڙو ڳوٺان ڪراچيءَ اچي ٿو ۽ پوءِ ڪراچيء ۾ ادبي افق تي نروار ٿئي ٿو جنھن ۾ سندس محنت ۽ سچائي شامل آهي.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو قلمي، علمي ۽ ادبي پورھيو تمام گھڻو آھي. ھو ٻوليءَ جو عاشق تہ هيو ئي پر هن ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ يونيورسٽين پاران سنڌي ٻوليءَ جي شعبي نہ کولڻ تي لکيو، احتجاج ڪيو ۽ ڪتاب ڇپيا.

ھن لوڪ ادب لاءِ لکيو، ٽي وي تي پروگرام ڪيا ۽ لوڪ ادب جي تنظيم سلات جو سرپرست ۽ سرواڻ رهيو.

دوستن توڙي شاگردن کي سٺيون صلاحون ڏيندو رهيو ۽ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ کين همٿائڻ سان گڏ رهنمائي ڪندو رهيو.

هن وقت پاڻ وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪئمپس ۾ سنڌي شعبي جا چيئرمين هيا.  ان سان گڏ پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان تي بہ گهڻو سرگرم رهيا.

پاڻ نہ صرف لوڪ ادب پر تاريخ، لطيفيات، ثقافت، ٻوليءَ، شاھ لطيف ۽ ادب تي پڻ ڪيترا ڪتاب ڇپيا اٿس. ۵۰ کان مٿي ڪتابن جو ليکڪ، مرتب يا سھيڙيندڙ رهيو. سندن علمي قابليت جو اندازو ان مان بہ لڳائي سگهجي ٿو تہ ريسرچ جنرلز جا ٽيھن جي لڳ ڀڳ شمارا سندن زير نگرانيء ۾ شايع ٿي چڪا آھن، جن ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي مان نڪرندڙ “ڪارونجھر تحقيقي جنرل” ۽ “شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچيءَ مان “ڪلاچي” تحقيقي جنرلز اچي وڃن ٿا. سندس لکيل ڪتاب ڪچھريءَ جا مور (سي ايس ايس) جي نصاب ۾ رکيو ويو آھي.

سرهاڻ ويلفيئر ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان سماجي خدمتون ڪندو رهيو آهي ۽ هن وقت بہ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ڪراچي شاخ جو صدر هيو.

ڪراچيءَ ۾ رهندي بہ پاڻ ڳوٺ کي نہ وسارين ۽  تعليم جي تدريج ۽ واڌاري لاء ھڪ سماجي تنظيم  سرھاڻ ويلفيئر سوسائٽي جي پليٽ فارم تان ڳوٺ جي ٻارڙن کي جديد ۽ معياري تعليم فراھم ڪري رھيا آھن.

اڄ سندس ئي ترتيب ڏنل پروگرام “تاجل بيوس جي ورسي تقريب” ۾ سگا هيڊ آفيس ۾ تاجل جي شخصيت ۽ فن بابت ڳالھائي بس ڪيم تہ ڊاڪٽر ڪمال جي وڇوڙي جي خبر پئي. سڀ سوڳ ۾ وٺجي ويا ۽ مون سميت گهڻن جون اکيون اشڪبار ٿي ويون. ڪنھن بہ ڪونہ سوچيو هيو تہ ٻوليءَ جو محافظ ڊاڪٽر ڪمال ايئن اسان کان وڇڙي ويندو. هڪ گل جيڪو بھار جي مند ڏسڻ کان اڳ سياري جي ٿڌ ۾ ڪومائجي ويو. وڃڻو تہ هر ڪنھن کي آهي پر ايئن گهڻن کي رئاري هليو وڃڻ جي ريت بہ پراڻي ناهي.

افسوس جو سنڌ جو هڪ خير خواہ شخص اسان کان موڪلائي ويو، جنهن جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي.

هو اڳ ويا جي قافلا،

تن کان بہ اڳ ۾ ٿو وڃان،

پر ٿو وڃان ڪيڏانھن مان،

هي مون نه ڄاتو آ اڃان!

ٿي دُور جا سانجهي سڏي، ان ۾ سمايان،

الوداع!

اي سنڌ تو کي الوداع!

اي هند تو کي الوداع!

تو ۾ هيو سارو جڳت!

اي جند تو کي الوداع!

 

(روزاني سنڌ ۾  ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي رڪ سنڌي جي ٿورن سان ڇپيل)



ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا!!!

ناليواري اديب، محقق ۽ استاد پروفيسر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي جنازي سچل ڳوٺ گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ اديبن، شاعرن، مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن سگا چئيرمين رفيق جعفري، بيدل مسرور، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر عابد مظهر، گل حسن ڪلمتي، ايوب شيخ، رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر عنايت لغاري، مهر ڍٻائي، نصير سومرو، تاج محمد وساڻ، سارنگ چانڊيو،  عنايت کٽياڻ، حريف چانڊيي، خالد چنه، سليمان وساڻ، ضياء ابڙو، رزاق عاصي، همسفر گاڏهي، عاجز رحمت الله لاشاري، جاويد شيخ، نصير گوپانگ، وحيد محسن، سچل وڌي، الاهي بخش بڪڪ، اي بي لاشاري، سليمان آگري، علي گل ملاح، وهاب سومري، يونس مهر، نورالدين جمالي، محمد خان شيخ، مرتضي لغاري، حاجن نظاماڻي، مخدوم شمس، مريد ڄامڙي، ڪرم الاهي چني، رزاق شر، حنيف ساگر، وسيم گبول ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنازي نماز بعد کيس جسد خاڪي کي آلين اکين سان شاهه عنايت شهيد وليج جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي رفيق جعفري چيو ته ڊاڪٽر ڪمال جو وڇوڙو هڪ وڏو سانحو آهي هو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو هن سنڌ لاء ڪتابن جي صورت ۾ اثاثو ڇڏيو آهي گل حسن ڪلمتي چيو ته ڪمال ڄامڙو ٻوليء جو خاموش خدمتگار هو هن سڄي سنڌ ۾ سگهڙن هڪ گڏ ڪيو هن جو اڻ ڇپيل مواد کي شايع ڪرائڻ جي ضرورت آهي ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته هن جو سنڌي شعبن قائم ڪرڻ ڪرڻ واري جدوجهد ۾ نمايان ڪردار آهي سندس لاڏاڻو لاتلافي نقصان آهي عابد مظهر چيو ته ڪمال ڄامڙي جي سڄي زندگي ڪتابن سان دوستي رهي هو هڪ علم، ادب دوست ۽ سماج سڌارڪ هو، يونس مهر چيو ته ڊاڪٽر ڪمال علم کي هٿيار بڻائي اڳتي وڌيو هو مسلسل جدوجهد جي علامت هو، عنايت کٽياڻ چيو ته ڪمال ڄامڙو هڪ باڪمال شخصيت هو ننڍي عمر ۾ ادبي کيتر ۾ تاريخي ڪم ڪيو الاهي بخش بڪڪ چيو ته هو ڌرتي جو عظيم ڪردار هو ٻولي ۽ ڌرتي لاء ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن تاج محمد وساڻ چيو ته ڪمال ڄامڙو هڪ بهترين لکاري هو هن جو ڪمهلو وڇوڙو ادب جو وڏو نقصان آهي سليمان آگري چيو سنڌ اڄ سٻاجهڙي پٽ کان محروم ٿي وئي آهي کيس ڪيل ادبي خدمتن تي سلام پيش ڪيو ويو.

 

(خالد چنا جي فيسبڪ وال تان ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)



ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ادب جو کاھوڙي ڪردار

بشير جانوري

۱۶ڊسمبر سياري جو سرد ڏينھن بظاھر آھي ته مختصر پر الائي ڇو کٽڻ جي ئي نٿو وٺي. اڄ عجيب گھٻراھٽ جو شڪار آھيان. دل چوي ٿي ننڍڙي ٻار جيان ڍنڍروڪون ڏئي روئي بار ھلڪو ڪيان. سرد ڏينھن جي گھلندڙ ھوائن ۾ اڄ عجيب درد آھي غم آھي. ھونئن به جڏھن سيارو جوڀن تي اچي ويندو آھي. ماڪ ڦڙيون پوڻ شروع  ٿينديون آھن. برسات وسڻ شروع ٿيندي آھي ته نه ڄاڻ الائي ڇو گھٻراھٽ جو شڪار ٿي ويندو آھيان غمگيني ۽ اداسي دل ۾ ديرو ڪري ويھي رھندي اٿم، پر اڄ ته مغالطي کان وڌيڪ غم ۽ درد آھي. بيقراري بيچين ڪري ڇڏيو آھي. سج پنھنجي روشني گم ڪري اونداھي رات ۾ بدلجي چڪو آھي. اونداھي پنھنجا پر پکيڙي ويتر غمگين ۽ اداس ڪري ڇڏيو آھي آخر ڇا ماجرا آھي ڇا مام آھي ڪھڙو درد آھي جيڪو وڻ ويڙھي جيان ويڙھي چڪو آھي. غم ۽ درد کي گھٽائڻ لاءِ آءُ فيس بوڪ کولي پوسٽون پڙھڻ شروع ڪيان ٿو ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ڀاءُ جي پوسٽ نظر تي پوي  ٿي، جنھن ۾ ڄاڻايل آھي ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سخت بيمار آھي دعائن جي ضرورت آھي. يا الله خير ڪجان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي توکي ئي پارت آ. غم گھٽجڻ ته پنھنجي جاءِ تي ويتر  وڌڻ شروع ڪري ٿو. آءُ موبائل بند ڪري دل ئي دل ۾ دعائون ڪيان ٿو. ٺيڪ ڏھن منٽن کانپوءِ موبائل اسڪرين تي ھڪ نمبر نمودار ٿئي ٿو جو مون وٽ سيو ناھي. دل ئي دل ۾ سوچان ٿو ته نمبر رسيو ڪيان يا نه دل ڌڙڪڻ لڳي ٿي. بحرحال نه چاھيندي به فون رسيو ڪيان ٿو. آواز اوپرو ناھي آئون کيس خوش خير عافيت ڪندي حال احوال وٺڻ جي ڪيان ٿو ته چوڻ لڳي ٿو سائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو موڪلائي ويو. اھو ٻڌي هوش خطا ٿي وڃن ٿا. لڙڪ نيڻن مان بند ڀڃي وھڻ شروع ڪن ٿا. زمين پيرن ھيٺان کسڪڻ لڳي ٿي. ڊاڪٽر صاحب جو جيون خاڪو ذھن تي تري اچي ٿو. ننڍڙو ڪمال احمد پورھيت لونگ خان جي گھر ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ۱۹۷۲ع ۾ تولد ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ گل محمد ڄامڙو مان حاصل ڪئي . مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول راڻيپور مان پاس ڪيائين جڏھن ته انٽر ۽ بي اي گورنمينٽ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻيپور مان پاس ڪيائين . ڊاڪٽر صاحب سان اڪثر فون تي رابطو ٿيندو رھندو ھو.  پندرھن ڏينھن پھريان ساڻس فون تي رابطو ٿيو ھو. کيس ھُج ڪندي چيو ھئم ته سائين راڻيپور ڪڏھن ٿا چڪر لڳايو ته ڊاڪٽر صاحب وراڻيو ھو ته حاضر ضرور اچبو ۽ جلد اچبو. ھن ڀيري الائي ڇو ڊاڪٽر صاحب تڪڙ ۾ ھيو. ايئن ئي جيئن ننڍي ڄمار ۾ وڏو ادبي ڪم ڪري ورتو ھيائين. کيس ايڏي وڏي جلدي آخر ڇو ھئي يا ته کيس اھو علم ٿي ويو ھو ته کيس اڳتي جلدي وڃڻو آھي. ڪم گھڻو ڪرڻو آھي ۽ وقت ٿورو آھي. آءُ کيس ان وقت کان سڃاڻندو ھئس جڏھن ريڊيو پاڪستان ڪراچي جوائن ڪيو ھيائين. ڳوٺ گل محمد ڄامڙي کان ھڪ اجگر شھر ڪراچي تائين جو سفر سو به ھٿين خالي ھڙ ۾ ڪجھه ناھي. بس ارادا اٽل آھن. وقت سان مقابلو ڪرڻو آھي ھار ناھي مڃڻي پوءِ توھان ۽ اسان سڀني ڏٺو ته اھو ننڍڙو ڪمال سنڌي ادب جي افق تي اڀريو ته واقعي ڪمال ڪري ڇڏيائين. ھو ڪميشن ڪري ڪاليج سائيڊ ۾ ليڪچرر ٿيو. يونيورسٽي ۾ ليڪچرر ٿيو. اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ٿيو. اھم ۽ اعليٰ ڊگري سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. بيشمار رسالن جو ايڊيٽر رھيو. تحقيق جي ميدان ۾ اھم جنرل ڪارونجھر جو ايڊيٽر رھيو. بيشمار محققن جي رھنمائي ڪري کين ايم فل پي ايڇ ڊي ڪرايائين. ڊاڪٽر صاحب ناميارو براڊ ڪاسٽر رھيو. سندس آواز جڏھن ھوائي لھرن ذريعي واھڻ وستين شھرن ۾ پھچندو ھو ته ماروئڙا مٿس اور گھور ويندا ھئا. جڏھن ٽيلي ويزن جي دنيا ۾ آيو ته اتي به ڪمال ڪري ڏيکاريائين . بيشمار ادبي ۽ تحقيقي پروگرامن کي ترتيب ڏئي ٽيليڪاسٽ ڪيائين ۽ مختصر اٺيتاليھن سالن جي عمر ۾ ۴۸ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌي ادب جي جھولي ۾ ڏئي سنڌي ادب کي مالامال ڪيائين. سندس اھم ڪم لوڪ ادب کي سھيڙي ماروئڙن تائين پھچائڻ آھي. ھو جھرجھنگ ويو ماروئڙن سان ملي مواد ھٿ ڪري ڇپرائي اسان تائين پھچايائين. سندس سمورو سفر ڪو اک ڇنڀ ۾ به ڪونه گذريو ھو، ھونئن به تڪليفن وارو سفر سولو ناھي گذرندو. ھُن ھر به ڪاٿو ته مال به چاريو مزودوري ڪري والدين جي مدد به ڪيائين ته پڙھندو به رھيو ان سموري عرصي ۾ ھو دردن ۽ تڪليفن مٿان حاوي ٿيندو رھيو آخر درد ۽ تڪليفون ھار کائي ويا جڏھن تڪليفون ۽ درد ھار کائي وڃن ته پوءِ ھڪ ئي رستو بچندو آھي جتي ڪو به ھار ناھي کائيندو ۽ ڪاميابي ۽ ڪامراني جا رستا کُلي پوندا آھن ۽ ايئن ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڪاميابين جي رستن جو مسافر ٿيو. مون کي چٽي يادگيري آھي ته سندس ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سگھڙائپ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ھو ته  کيس خواھش ڏيکاري ھئيسين ته سائين اسين چاھيون ٿا ته اوھان جي ڪتاب جي مھورت سنڌي ادبي سنگت شاخ راڻيپور طرفان ٿئي . ان وقت مختيار چنو سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ھو ۽ آئون آڊيٽر ھئس. ڊاڪٽر صاحب اسان جي راءِ تي ڪافي خوش ٿي چيو ھو ته ان کان وڌيڪ مون لاءِ ٻي ڪھڙي سعادت آھي جو منھنجي اباڻي شھر ۾ ڪتاب جي مھورت ٿئي سو به سنڌي ادبي سنگت طرفان ۽ ايئن اسين تاريخ مقرر ڪري ڊاڪٽر صاحب کي ٻڌايو ھيو ته ڊاڪٽر صاحب ڪراچي کان ڪھي راڻيپور آيا ھئا ۽ سمورن دوستن لاءِ ڪتاب پڻ آندا ھيائون. آخر ۾ مھورتي تقريب ۾ سڀني دوستن جا ٿورا پڻ مڃيا ھيائون. ڊاڪٽر صاحب مختصر عمر ماڻي پر ڀرپور ماڻي. ضروري به ناھي ته وڏي ڄمار ھجي ان کي بيڪار گذاري ڇڏجي پر جي مختصر زندگي سليقي سان گذارجي ته اھا ڪارائتي ۽ ڪمائتي ھجي ٿي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڌرتي جو اھو اھم ڪردار ھو جنھن سموري ڄمار متحرڪ ۽ ادب جي آبياري ڪندي گذاري. اھو ادب جيڪو دردن جو درمان ٿيندو آھي اندر اُجرو ڪندو آھي جنھن سان ڏاڍن جو ڏھڪاءُ ختم ٿيندو آھي. تاريخ ۱۷ ڊسمبر  تي سنڌ جو ھي کاھوڙي ڪردار پنهنجي مٽي ۾ دفن ٿي چڪو آھي.  قبرستان ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کي ئي لحد ۾ ناھي لاٿو ويو ايئن ٿو لڳي ڄڻ سنڌي ادب کي دفن ڪيو ويو آھي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جسماني طور الڳ ٿي ان ديس روانو ٿي چڪو آھي جتان ڪوبه واپس ناھي موٽيو پر سندس ادبي ۽ تحقيقي ڪم سنڌ واسين جي آبياري ڪندو رھندو.

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾، ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

سنڌي ٻوليءَ جي شيدائيءَ جو وڇوڙو

مور مغيري

 ۱۶ ڊسمبر تي شام جو وڳڻن ۾ موبائيلن جي دوڪان تي ويٺي، فيس بوڪ سان روح ريجھائي رهيو هيس ته، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي جي آءِ ڊي تي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اوچتي وڇوڙي جي ڀيانڪ، دکدائڪ خبر نظر پئي ته ڪرسيءَ تي آهلجي پيس. ذهن تي انتهائي ڏک، درد ۽ غم جي ڪيفيت تاري ٿي وئي. اڌ مني ڪلاڪ جي غميءَ جي ٻوڏ واري ڪيفيت کان گذرڻ بعد پاڻ سنڀالي، سوچيم ته ربِ ذوالجلال جي سرڪار ڏاڍي آهي، اسين سندس فصل آهيون ڪچو لڻي يا پڪو لڻي، ڀلو لڻي يا ڍلو لڻي، سندس مرضي آهي. ان کانپوءِ پنهنجي ۱۲۵ موٽر سائيڪل تي چڙهي ڳوٺ پهچي، ڪالم لکڻ جي ڪوشش ڪيم پر ڏک جي ڪيفيت سبب لفظن ساٿ ڪونه ڏنو، تنهنڪري خاموش ٿي ويهي رهيس. اڄ وري ڊاڪٽر ڪمال جي دردناڪ وڇوڙي تي لکڻ جي ڪوشش ڪيم ته، ذهن تي غمي جا خيال تري پيا ته ، لکڻ ويٺس.

 درازا جي ديس ۽ کجين جي ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏجي جي راڻيپور لڳ ننڍڙي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي جي لونگ خان ڄامڙي جي گهر ۾ پهرين آگسٽ اڱاري جي ڏهاڙي ۱۹۷۲ع ۾ ننڍڙي ٻالڪ ڪمال الدين جنم ورتو. جنهن اڳتي هلي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي نالي سان ٻولي، ادب، قوم ۽ ڌرتي سان دلي لڳاءُ رکي، انسان دوستيءَ جي جذبي سان قلمي خدمتون ڪري مٿاهين درجي جي مقبوليت ماڻي، ۴۸ سال پنج مهينا ۽ ۱۶ ڏينهن جي زندگي گذاري ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي شام ڌاران اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

 ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پرائي، مئٽرڪ ۽ انٽر جون سَنَدون راڻيور مان وٺي، بي اي (آنرز) ۽ ايم اي (سنڌي ادب) ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪري، مئي ۱۹۹۸ع ۾ ريسرچ آفيسر طور شاھ لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ۾ مقرر ٿيو. ڊاڪٽر ڪمال بيحد محنتي ۽ نهايت ذهين هيو، تنهنڪري کيس اعليٰ درجي تي پهچڻ جو اونو هيو، انهيءَ ڪري ۲۰۰۰ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايچ ڊي جي ڊگري “سنڌوءَ جا گيت” جي عنوان سان ماڻي ورتائين، سندس اهو ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ وارو شاندار مقالو ثقافت ۽ سياحت کاتي سنڌ طرفان ۲۰۱۰ع ۾ ڇپرايو ويو. جنهن کانپوءِ پنهنجي محنت، ذهانت ۽ اورچائيءَ سان ۲۰۱۱ع ۾ اسٽنٽ پروفيسر وفاقي اردوب يونيورسٽي ڪراچي ۾ مقرر ٿيو. جتي ترقي ڪري، پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمين ٿي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو هيو. ڊاڪٽر ڪمال علمي ۽ ادبي ڪاوشن سان ايم فل ۽ پي ايچ ڊي جي رهبر طور ڪيترائي اسڪالر ڪامياب ڪرايا.

 ڊسمبر جي مهيني اسانکي ڪيترائي ڏک ۽ صدما رسايا آهن. محترمه شهيد بينظير ڀٽو، شيخ اياز، تاجل بيوس، سرمد سنڌيءَ کان ڊاڪٽر ڪمال تائين ڊسمبر اسانجي ڌرتيءَ تي وڏا هاڃا هنيا آهن. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب، ٻولي ۽ ڌرتيءَ جو شيدائي اديب هيو. جنهنجي دل، دماغ ۽ جذبن ۾ ٻوليءَ سان محبت ئي محبت هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کانپوءِ ڊاڪٽر ڪمال لوڪ ادب جو سرواڻ ۽ سگهڙن جي تنظيم سلات جو سرپرست اعليٰ هيو. ڊاڪٽر ڪمال لوڪ ادب لاءِ لاجواب خدمتون ڪري، پاڻ ملهائي ڏيکاريو. سنڌي لوڪ ادب کي ترقي ڏياري مٿاهين درجي پهچائڻ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڀرپور ڪردار نڀايو آهي. ڊاڪٽر سنڌي ادب ۽ ٻولي جي خدمتن طور ۵۰ جي قريب ڪتاب لکيا ۽ سهيڙيا آهن، جنهن جي ڪري سندس نالو سنڌي ادب جي سرزمين تي نيارو ۽ ناميارو آهي. ڊاڪٽر ڪمال سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبو قائم ڪرڻ لاءِ پڻ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ سوشل ميڊيا تي ڀرپور ڪاوشون ڪيون آهن. ڊاڪٽر ڪمال جو نالو سنڌي ادب جي کاهوڙي اديبن ۾ شامل آهي. هن کاهوڙڪي خدمتن طور بي مثال ۽ ناياب ڪتاب لکي سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌا آهن. ڊاڪٽر ڪمال ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي پڻ ادبي خدمتون ڪري پاڻ موکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب سگا شاخ ڪراچي جي صدر جي حيثيت سان به ڀرپور سرگرميءَ سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ميل جول ۾ فقيري طبيعت وارو، مهمان نواز ۽ معتبر ماڻهو ۽ پنهنجي دور جو وڏو قدآور اديب ۽ محنتي محقق هيو. سنڌي ادب جي افق تي چنڊ جيان، سندس ادبي خدمتن جي چانڊاڻ آهي. ڊاڪٽر جون ادبي ڪاوشون ڪمال جي درجي جون آهن. سندس ادبي خدمتن ۾ تصوف، لطيفيات، لوڪ ادب، ٻولي ۽ لغت نويسي وغيره جا موضوع شامل آهن. ڊاڪٽر ڪمال جون ادبي خدمتون سنڌي ادب جي مٿاهين مقام تي پهتل آهن. هو غير معمولي اديب، لطيف جو پارکو ۽ جفاڪش محقق هيو. ڊاڪٽر ڪمال جي وڇوڙي سان سنڌي ادب ۾ وڏو خال پئجي ويو آهي. افسوس جو ههڙو کاهوڙي، جاکوڙي، محبتي، فقيري مزاج رکندڙ ادبي ڏاهو اسان کان وڇڙي، وڃي ابدي آرامي ٿيو آهي.

 

(ڏيھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۴ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

 

(اسڪالر مور مغيري جي فيسبڪ وال تان کنيل)


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

گھڻ رخي شخصيت

طارق عزيز شيخ

ملنے کے نہیں، نایاب ہیں ہم۔۔۔۔

ھيءَ ۱۹۸۹ع جي ڳالهه آهي، جڏهن منھنجي داخلا ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ٿي. تن ڏينهن ۾ شعبي جو چيئرمئن سائين پروفيسر سليم ميمڻ ھو جڏھن ته ٻين مانائتن استادن ۾ ڊاڪٽر اياز قادري، مئڊم فھميدہ حسين، ڊاڪٽر نواز علي شوق، مئڊم خورشيد عباسي، سائين عابد مظھر ۽ سائين عبدالرحمان چنا ھئا. ھتي ڪيترائي دوست مليا، پر منھنجو جھڙي طرح ڪمال ڄامڙي سان جيء جڙيو، ايئن ٻئي ڪنهن سان نه جڙي سگهيو. ڪلاس ۾ توڙي ڪلاس کان ٻاهر اسان گڏ ھوندا ھئاسون. ڪمال ڄامڙو ھر سيمسٽر ۾ سڀ کان وڌيڪ نمبر کڻندو ھو ۽ پھريون نمبر ماڻيندو ھو. يونيورسٽيء جي ان زماني ۾ ڪافي پيارا دوست مليا، جن ۾ حميد سبزوئي، محمد خان شيخ، غفور ميمڻ، نورالدين جمالي، ستار ڪلوڙ، اشرف خاصخيلي، غفار ڀٽو، سڪندر ٻٻر، سرور علي شاهه، محمد جڙيل، مشتاق راڄپر، رخمان گل پالاري، عبدالعزيز خاصخيلي، سليم انور عباسي، مختيار علي ابڙو، حاڪم علي ٻرڙو، احمد ڪولاچي، ذوالفقار ٻگھيو ۽ ٻيا ڪيترا ئي سڄڻ جيڪي ڌنڌلڪي ۾ پيل آھن پر في الوقت ياد نه پيا اچن. ھنن دوستن ۾ ڪي سينيئر ۽ ڪي جونيئر شامل آهن. آئون يونيورسٽي کان پوءِ اخبار ۾ ھليو ويندو ھئس ۽ ڪمال ريڊيو پاڪستان تي.

 هو راڻيپور ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي جي لونگ خان ڄامڙي جي غريب گھر ۾ جنم وٺڻ بعد، جنهن هوا ۾ پرورش وٺي وڏو ٿيو، اتي سچل سرمست جي جهولڻن، واين ۽ بيتن جو اثر هو. ڪمال شروع کان ئي سادو ۽ سچو ماڻھو ھو. ڪڏهن به ڪنهن علت ۾ نه رھيو. ماٺيڻو مزاج رکندڙ ڪمال شاعريءَ جو گھڻو شوق رکندو ھو. ڪڏهن ڪڏهن سندس شعر ايترا سٺا ھوندا ھئا جو، آئون پنھنجي نوٽ بڪ تي به لکندو ھئس. امتحانن جي ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي ايوان اقبال ھاسٽل جي سندس روم ۾ امتحان جي تياري ڪندا ھئاسون. انھيءَ زماني ۾ ھو، نئين سوچ رسالي ۾، جيڪو ناظم آباد مان نڪرندو ھو، ۾ پڻ ڪم ڪندو هو.

سال ۱۹۹۱ع ۾ ناليواري صحافي ناصر بروهيءَ جي ادارت ۾ سنڌ جي پھرين مڪمل ڪاروباري اخبار روزاني “بزنيس ايڪسپريس” جاري ٿي. اسان ٻنھي گڏجي ان اخبار کي سب ايڊيٽر طور جوائن ڪيو. جتي زاھد ميراڻي ۽ ھدايت سومرو به ڊيسڪ تي ھوندا ھئا. ساڳئي ئي دفتر مان انگريزي ۾ “سنڌ ايڪسپريس” اخبار به جاري ٿيندي هئي، جتي سعيد سربازي، عارف بلوچ ۽ سريندر ولاسائي ھوندا ھئا. آئون ۽ ڪمال ڄامڙو اھو سال کن عرصو “بزنيس ايڪسپريس” ۾ رھياسين. ھو اڪثر يونيورسٽي کان پوءِ ريڊيو تي ھليو ويندو ھو نه ته وري منھنجي معمول موجب يونيورسٽيء جي پوائنٽ ۾ ڏيڍ ٻي ڌاري چڙھي، صدر ۾ لھي پوندا ھئاسون ۽ اتان پنڌ پنڌ، آئي آئي چندريگر روڊ تي اخبار جي دفتر پھچندا ھئاسون. ماني ڪڏھن يونيورسٽي جي ڪينٽين ۾، ۽ ڪڏھن بمبئي ھوٽل جي خيرآباد ريسٽورنٽ ۾ کائيندا ھئاسين.

ڪمال ڄامڙو اھو خوددار شخص ھو جنھن ڪڏهن به، ڪنھن جي سفارش جي آڌار تي ترقي ڪونه ڪئي. ريڊيو پاڪستان، رسالا، اخبارون، لطيف چيئر، ٽي وي، ثقافت کاتو، يونيورسٽي ۽ سگا سميت ھر مرتبو پنھنجي اھليت تي ماڻيائين. ريڊيو پاڪستان تي بھترين پروگرام ڪندو ھو. سڄي سنڌ مان سندس ساراهہ ۾ خط ايندا هئا. نثار ميمڻ ۽ نصير سومرو سندس استاد پروڊيوسر ھئا. ھو موسيقي، ادب ۽ نوجوانن جي پروگرامن جو معروف ڪمپيئر رھيو. توري تڪي ڳالھائيندو ھو. ڪڏهن به ڪو غير ضروري جملو ريڊيو تي نه ڪڍيائين. پروگرام کي پيش ڪرڻ جو ماھر ھو. سندس ادبي پروگرام رسالو ۾ ڪجھ عرصي تائين ڪتابن تي تبصري جو سلسلو منھنجي ذمي ھوندو ھو.

ھن يونيورسٽي جي شاگرديءَ جي ڏينهن ۾ ئي شادي ڪئي ھئي جيڪا اسٽيل ٽائون ۾ تقريب منعقد ٿي ھئي. سندس وني، ادي عابده گھانگھرو به نھايت سلڇڻي، لائق فائق خاتون طور، ڪمال سان ڀرپور نموني نينھن نڀايو. ريڊيو کان وٺي اردو يونيورسٽي تائين ٻنهي ۾ علمي ادبي ھڪجھڙائي رھي. اھوئي سبب آھي جو ڪمال کي گھر ۾ به اڪثر ادبي معاملن تي ڳالھائڻ ۾ سٺو ساٿ ملندو رھيو. سندن اولاد ۾ ٻه نياڻيون ۽ ھڪ پٽ نصيب ٿيا.

۱۹۹۸ع ۾ اسان ٻئي شاھ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيء ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿياسين، جتي اسان جي مانائتي استاد ڊاڪٽر فهميده حسين، شاھ لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر ھئي. ٽيون ريسرچ آفيسر انب گوپانگ ھو. ڊاڪٽر نواز علي شوق چيئر جو ايڊوائيزر ھو. ھڪ ٻيو ساٿي حاڪم علي چانڊيو به اسان جو ٻانهن ٻيلي ھو، جيڪو ھن وقت ڄامشوري جو سينيئر صحافي آهي. مئڊم فھميدہ اسان کي تحقيقي پروجيڪٽ ڏنو: “شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر”. رحمان بابا ۽ ڄام درڪ لاءِ ڪمال کي ذميواري ملي جڏهن ته بلھا شاهه ۽ خواجہ غلام فريد لاءِ مون کي مقرر ڪيو ويو. انھن ئي ڏينھن ۾ تحقيقي جرنل ٽماھي ڪلاچي ڪڍڻ جي به مئڊم فھميدہ، منظوري ڪرائي ورتي. جنھن جي ايڊيٽر مئڊم ھئي ۽ سب ايڊيٽر آئون ۽ ڪمال بڻياسين. ان سان گڏوگڏ نيوز ليٽر به شروع ڪيو ھئاسين. اڃا ڪجھ مھينا مس گذريا ته سليم ميمڻ صاحب جيڪو سيڊوائيزري بورڊ جو ميمبر ھو. لطيف سائينءَ جي عرس وارن ڏينهن ۾ ئي ڪانفرنس ڪرائڻ بابت ميٽنگ ڪئي ھئي جيڪا بعد ۾ شاھ ۽ سنڌ جي سري ھيٺ عاليشان ڪانفرنس منعقد ٿي ھئي. ھن ڪانفرنس جي ميزباني ڪمال ڄامڙي ڪئي ھئي. شاهه لطيف چيئر انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي متحرڪ علمي، ادبي ۽ تحقيقي اداري طور نمايان ٿي چڪو ھو. ٿوري ٿوري عرصي ۾ ڪانفرنسون ۽ سيمينار منعقد ٿيندا ھئا. ڪمال ڄامڙو چيئر جي پروگرامن جي ڪارروائي ھلائيندو ھو ۽ ريڊيو تي به آھي پروگرام نشر ڪندو ھو ۽ آئون ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ، يونيورسٽي جي پريس جو ڪم، اخبارن ۾ خبرون، تفصيلي رپورٽون ۽ مضمون لکڻ ۽ انھن کي شايع ڪرڻ واري پاسي کي سنڀاليندو ھئس. ھڪ کان پوءِ ھڪ يا وري ڪيترائي ڪم گڏ ھلندڙ ھئا. شاهه لطيف چيئر ۾ ٻن ورھين تائين اسان وڏو تحقيقي پورھيو ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ جيڪو اشاعتي ڪم پڌرو ٿيو ان ۾ ٽماھي ڪلاچي تحقيقي جرنل، شاھ جو رسالو، مرتب: ٻانھون خان شيخ، زندگيءَ جو سفر: غفور ڀرڳڙي، سنڌ جو شاھ:بدر ابڙو، شاھ ۽ سنڌ (ٻن جلدن ۾، سنڌي، انگريزي ۽ اردو مقالا)، شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر: ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ، ڇپر جي ڇولي:انب گوپانگ، سوشل ڪنٽينٽ ان شاھ جو رسالو (انگريزي):انور پيرزادو، دي بڪ آف شاهه جو رسالو (جرمن ٻوليءَ مان انگريزي ترجمو) جيرڊ ليپڪي/طارق محمود، پنج گنج(سنڌي مان اردو ترجمو) فقير قادر بخش بيدل/ڊاڪٽر نواز علي شوق. ھڪڙو پروجيڪٽ ڊگھو ھليو سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت، جنھن ۾ نگران مئڊم فھميدہ حسين ھئي ۽ ڪمال ۽ مون کان علاوه غفور ميمڻ، ياسر قاضي، انب گوپانگ، عزيز خاصخيلي، شاھدہ دوست محمد ۽ نصرالله ناصر ھن ڪم ۾ نور نچويو.

سال ۲۰۰۰ع ۾ ڪمال ڄامڙو، سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾، سنڌيءَ جي ليڪچرار طوراسلاميه سائنس ڪاليج ۾ آيو. ھو ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. علمي ادبي سرگرميون به جاري رکندو آيو..

سال ۲۰۰۰ع ۾ مئڊم فھميدہ حسين جي نگرانيءَ ۾، ڪمال ڄامڙي “سنڌي لوڪ گيتن جو تحقيقي جائزو” جي سري هيٺ ايم فل ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي جو ڪم شروع ڪيو. ھن موضوع کان اڳي سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع تنوير عباسيءَ جي شخصيت تي ھو پر ان موضوع تي پھريائين ڪو ٻيو ھمراھ انرول ٿي چڪو ھو، انھيءَ ڪري بعد ۾ ھن لوڪ ادب وارو موضوع چونڊيو. ڪمال پنھنجي پي ايڇ ڊي فارم سان گڏ منھنجو به فارم وٺي آيو ھو ۽ اسان ٻنھي کي مئڊم فھميدہ، موضوع، سناپسز۽ ببليو گرافي سميت ڀرپور مدد ڪئي ھئي پر آئون ڪن ذاتي مجبورين سبب فارم جمع نه ڪرائي سگھيس. دلچسپ ڳالهه ھيء آهي ته اٽڪل پندرنهن سالن کان پوءِ ساڳئي موضوع تي ڪمال زور ڀري مون کي اردو يونيورسٽي مان ۲۰۱۶ع ۾ ايم فل ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي جي لکت واري امتحان جو فارم ڀرايو ۽ پوءِ سندس نگرانيءَ ۾ ممتاز مرزا جي ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو تحقيقي جائزو جي سري ھيٺ تحقيقي مقالو لکي پورو ڪيم.

سال ۲۰۰۶ع ۾ ڪمال ڄامڙي، ڪراچي يونيورسٽيء مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي ۽ ھو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو بڻجي ويو. ان کان پوءِ ھو ٻين تحقيقي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. ھن ڪاليج جي زماني ۾ ھن سنڌي سبجيڪٽ کي سنڌ جي سمورن ڪاليجن ۾ لازمي قرار ڏيڻ واري جدوجھد شروع ڪري ڏني. سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي جي باڊي جوڙي وئي جنهن جو صدر بڻيو ھو ۽ آئون ان جو اطلاعات سيڪريٽري بڻيس. ان ڏس ۾ اخبارن ۾ مضمون لکڻ کان وٺي وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ انٽر بورڊ تائين ڀڄ ڊڪ ۾ لڳي وياسين. اسان وري به ان محنت کان، ڪڏهن ڪڏهن بھانا بڻائي، لنوائي ويندا ھئاسين پر ڊاڪٽر ڪمال کي شابس جو ريڊيو، ٽي وي جي مصروفيت باوجود به ڀڄ ڊڪ ڪندو رھيو. اھوئي سبب آھي جو ڊاڪٽر حميده کهڙو، وزير تعليم طور ان ڪوشش کي ساراهيو ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان جو بل پاس ڪرايو ھو.

سال ۲۰۱۱ع ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو. تڏهن شعبي جو چيئرمئن ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري ھو. سال ۲۰۱۲ع ۾ ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين بڻيو. ستت ئي ھو تحقيقي جرنل ڪارونجھر جو ايڊيٽر بڻيو. ڊاڪٽر ڪمال کان اڳي ڊاڪٽر عنايت حسين، ڪارونجھر جو ۲۰۰۹ع کان وٺي ايڊيٽر رھندو آيو ھو. ٻنهي عالمن تحقيقي جرنل کي معياري بڻايو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ھن جرنل کي ۲۰۱۴ع ۾ ھائير ايجوڪيشن مان رڪگنائيز ڪرايو، جنھن سان ريسرچ فيلوز جا ڇپيل مقالا پي ايڇ ڊي لاءِ مددگار ثابت ٿيا.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سماجي خدمتن ۾ پڻ اڳڀرو رھيو. ھن نوي واري ڏهاڪي جي پوين سالن ۾ سرھاڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن ٺاھي. ھن سماجي تنظيم تحت ڪراچي جي گڏاپ علائقي ۽ پنھنجي اباڻي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ اسڪول کولي مفت تعليم ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيائين. سندس ڪابه، ڪٿان به فنڊنگ ڪونه ھئي. ھو دوستن يارن ۽ ھمدردن جي سھڪار سان ۽ گھڻو تڻو پنھنجي ھڻائون غريب ٻارن کي پڙھائڻ جو سلسلو ھھلائندو رھيو. انھيءَ سرھاڻ ويلفيئر جي نالي سان ھن پبليڪيشن ادارو به قائم ڪيو، جنھن ذريعي پنھنجي ڪتاب ۽ اشاعتي ڪم ڪندو رھيو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سگا جو پڻ سرگرم ميمبر رھندو آيو پئي ۽ ڪجھه ورھين کان سگا ڪراچي شاخ جو صدر بڻجي ذميواريون سنڀالي رھيو ھو. ان ڏس ۾ سماجي ڪمن کان علاوه علمي ادبي ڪم به ٿورن ٿورن ڏينهن ۾ ڪندو رھيو.

 ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جيئن ته لوڪ ادب ماھر ھو تنھنڪري ھن لوڪ ادب کي ڄڻ نئين سر جيئاريو. ادبي کيتر منجھ ڊگھي عرصي کان وٺي، لوڪ ادب جي موضوع کي وساريو ويو ھو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي اچي لوڪ ادب کي هر فورم تي کنيو. ريڊيو، ٽي تي پروگرام، سگھڙ ڪانفرنس، سيمينار، ادبي ميلن ۾ سيشن رکائڻ، ڪتاب لکڻ، شاگردن کي ايم فل پي ايڇ ڊي لاءِ موضوع کڻائڻ ۽ لوڪ ادب ڏينهن ملھائڻ تائين متحرڪ بڻجي ويو. ڪمال ڄامڙو لوڪ ادب جي مڙني صنفن تي مڪمل عبور رکندڙ ھو. هن وٽ سڄي سنڌ جي سگهڙن جا رابطا رهندا ھئا. سگهڙن کي پڻ اهميت ڏيارڻ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ساراهڻ جوڳو ڪم ڪيو نه ته ماضيءَ ۾ عالم ۽ محقق سان سٻاجهڙن سگهڙن کان دانائي جا گفتا ٻڌي پنهنجي ڪريڊٽ تي مڃرائيندا هئا. پي ٽي وي تي سيد صالح محمد شاهه جي پروگرام “اوطاق” جيڪو بعد ۾ “ڪچهري” بڻجي ويو هو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ڪري لوڪ ادب فقط انهيءَ ۾ ڏسڻ ايندو هو. هن وقت سنڌ جي سگھڙن جي تنظيم جي سرپرستي پڻ ڪري رهيو ھو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي وٽ لوڪ ادب جي حوالي سان ڪيئي اسڪيمون ڪم ڪرڻ لاءِ رٿيل ھيون پر ھاڻي اھي شايد مڪمل نه ٿي سگھنديون..

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي گھڻ رخي شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪتاب لکڻ جيترو مواد به ٿورو ٿيندو. بس اھو چئي سگھجي ٿو ته ھو ڪمھلي موت سبب سندس سڄڻن جو جيء جھري پيو ۽ ٻئي پاسي سنڌي ادب کي وڏو نقصان ٿي ويو. شاگردن جو ڀرجھلو ھو، کين ھميشه ھمت افزائي ۽ مددگار ثابت ٿيو.

ھو وفات کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ به معمول واري زندگي گذاري رهيو هو. ھن فيس بڪ تي ھر سال جيان ۱۶ ڊسمبر تي لوڪ ادب جو ڏينهن ملھايو ويندو، جي پوسٽ رکي ھئي. اھو ڏينهن ھو ھر سال ڀرپور نموني سان پروگرام ڪري مھائيندو ھو پر ھن سال اھا تاريخ اچڻ کان ٽي ڏينهن اڳ، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اوچتو ڊينگي بخار سبب، تمام تيزيءَ سان حالت بگڙجندي وئي ۽ اربع ڏينهن ۱۶ ڊسمبر شام جو پنجين وڳي ھن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس ڪھڙي خبر ھئي ته سندس پسنديده لوڪ ادب جو ڏينهن ملھائڻ واري تاريخ سندس لاڏاڻي جي تاريخ ٿيندي..

 

(پندرھن-وار افيئر ميگزين - ۱۵ ڊسمبر ۲۰۲۰ع منجھ ڇپيل)

 



ڪمال ڄامڙو

شخصيت، محبت ۽ سچائي

حميده گهانگهرو

ان ڏينهن ڪارا ڪڪر ڇانيل هيا ڪڪرن جون بوندون ڄڻ زمين تي بيٺل هر ماڻهوءَ جي اکين مان ڳڙن پيون. سمجهه ۾ نه ايندڙ اهڙو فيصلو قبول ڪرڻو پيو جنهن جو ڪنهن کي تصور به نه هو. ۱۶ ڊسمبر جي صبح سان ئي عابده جو سوشل ميڊيا تي مسيج آيو ته ”دعا ڪريو ڪمال جي طبيعت ٺيڪ نه آهي“ هن ڇرڪائيندڙ خبر ٻرندڙ جبل جو لاوو بڻجي سڀني کي جهنجهوڙي ڇڏيو. سرجيڪل ايمرجنسي سول اسپتال جي در تي ويٺل عابده پنهنجي ور جي صحتيابيءَ لاءِ دعا جي اپيل به ڪري پئي ته هن جي چهري جي تاثراتن ۾ جهٽڪا ڏيندڙ لائٽ وانگر ڪڏهن مايوسي ته ڪڏهن اميد پئي پسجي، پر نيٺ جنهن قيامت برپا ٿيڻو هو ساٿي وئي ۽  ايتري ۾ اُڀ ڏاريندڙ عابده جون رڙيون ڄڻ ڪارن ڪڪرن مان کنوڻ جون ڪڙڪاٽ هيون. ڇا ٿيو ڪيئن ٿيو يقين نه پيو اچي؟ ايترو جلد ڪمال اسان سڀني کي ڇڏي هليو ويو.

ڏسندي ڏسندي ڪمال جا ساٿي ايمرجنسي جي آڏو ديوار بڻجي بيهي رهيا ڄڻ هنن کي يقين هجي ته ڄاڻ سائين ڪمال آيو ۽ خير خيريت جي خبر ملندي. اهو ڪمال سنڌ ڌرتيءَ ڄائو،  امڙ جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ کي جهونگاريندي چوندو هو ته امڙ جي ٻوليءَ جو جنهن قدر نه ڪيو ڄڻ امڙ جو قدر نه ڪيو. هو ننڍي هوندي امڙ کي گهر جي اڱڻ تي ٻهاري ڏيندي شاهه جي بيتن کي ڄڻ سر ۽ سنگيت ڪري ٻڌندو رهيو ۽ سندس ذهن تي ٻولي، شاهه ڀٽائي سوچ جي سمنڊ ۾ وسيع ذخيرو ٺاهيو جو پي ايڇ ڊي به سنڌي لوڪ گيتن تي ۽ ادب ۾ ڪيائين. ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ کي  سوچ جو سرمايو ٺاهي ڇڏيائين.

اسان وٽ غير انساني سوچ آهي ته جيئري ماڻهو جو قدر گهٽ هوندو آهي. توڻي جو کڻي تمام زيادتين باوجود ڪمال گهڻن جي دلين ۾ سوچ جو سرمايو جمع ڪيو. سندس گهڻ رخي شخصيت تاريخ ۾ اهڙو باب لکيو جنهن جي جائزي وٺڻ کانپوءِ خبر پوندي ته هن سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ مان جنم وٺي دنيا جي وڏن تحقيق دانن، اديبن، دانشورن ۾ پنهنجو نالو شامل ڪيو.

ڪمال جي وڇوڙي کانپوءِ  تعزيتي گڏجاڻين ۾ مان شامل رهيس ته تقريبن سڀني جي گڏيل راءِ هئي ته ڊاڪٽر ڪمال پنهنجي ننڍيءَ عمر ۾ ۵۰ ڪتاب لکيا.  ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو حقيقت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيقي ڪم جو تسلسل آهي. ان پائي جوڪم ڪو ٻيو نه ڪري سگهيو آهي.

مونکي ايڇ ٽي سورلي جا اهي لکيل جملا ياد ايندا آهن ته دنيا جي سڀني وڏن شاعرن تي تحقيق ڪندي لڳو ته سنڌ جو ڀٽ وارو شاعر شاهه عبداللطيف دنيا جو عظيم شاعر آهي. جڏهن ته شاهه ڀٽائي اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار چئي اسڪول ڇڏي وڃي ڀٽ وسائي هر شئي ڏسڻ، محسوس ڪرڻ، انسانن، پکين، جانورن، گلن ٻوٽن، هارين، مزدورن، ماروئڙن، جهانگيئڙن مظلومن کي وائکو به ڪيو آهي ته ساراهيو به آهي. شاهه، ظلم جي سخت خلاف هو. هو اڄ جي دور واري ٺٺ ٺانگر، شوبازي جي خلاف هو هن وٽ عورت جو قدر هو سندس شاهه جي رسالي جي سرن ۾ پهرين نالو عورت جو پوءِ مرد جو آهي. اڄ جي جديد دور ۾ جاهلانا سوچ کي زوردار چماٽ هڻي  عورت جي محبت جي اظهار کي ڪاري نه چيو پر سورمي چيو آهي.اڄ جي وڏن ماڻهن جي تعليم جو معيار آڪسفورڊ هارورڊ  وغيره وغيره اظهار آهي جنهن  مان هن تعليم حاصل ڪري ڊگري نه ورتي بلڪ ڌرتيءَ جي واريءَ ۽ مٽيءَ تي ويهي انسانيت جي ڳالهه ڪئي اهو ئي سبب آهي جو شاهه ڀٽائي وڪامي نه سگهيو ۽ اڄ به هر باشعور جي سوچ جو سرواڻ آهي.

ڪمال به ڀٽائيءَ جو صحيح پارکو ۽ سچ تي قائم رهڻ وارو هو. کيس ڪڏهن به اهو گهمنڊ نه رهيو ته مون وٽ سٺا سفاري سوٽ هجن ياڪلف دار ڪپڙا پائي هلان. جوتو ڦاٽل آهي.  شرٽ پينٽ ڪيتري پراڻي آهي سندس کنيل هٿ جي قلم ۽ اڪثر ليٽر پيڊ جي بنا گوڏي تي رکي لکڻ واري مصروفيت کيس ٻئي پاسي نظر رکڻ جو موقعو ئي نه ڏنو.

عورتون خريداريءَ لاءِ مردن کي فرمائش ڪنديون آهن پر هن ماٺيڻي شخص جي تن جي ڪپڙن، جوتي خريد ڪرڻ جي ذميواري به عابده تي هوندي هئي ڪڏهن ڪڏهن مونکي عابده خريداري ڪرڻ لاءِ وٺي ويندي ته سندس پرس ۾ ڪمال جي پير جي ڇاپ پني تي ٺهيل هوندي هئي ۽ پينٽ شرٽ جي سائيز جا نمبر به هوءَ پنهنجي ماٺيڻي ور جي خريداريءَ وقت سندس ڀرپور شخصيت جو به خيال رکندي رهي.

لوڪ گيتن تي پي ايڇ ڊي ته ڪمال ڪئي پر سندس سڪي لڌي پٽ مهراڻ کي جنون جي حد تائين گلوڪاري جو شوق آهي. مهراڻ جي ڳائڻ ۾ تمام گهڻو مٺاس ۽ معصوميت نظر ايندي آهي. ايئن کڻي چئجي ته ڪمال جي سوچ ۽ مهراڻ جي شوق ۾ چولي دامن جو ساٿ آهي. ڪمال اڪثر پنهنجي ٻارن ۽ عابده کي چوندو ڇا رکيو آهي بابا ٻاهر جي يونيورسٽين ۾ پنهنجي سوچ ۽ اندر کي اجاريو هر ماڻهو يونيورسٽي آهي ۽ پوءِ گهر ۾ رکيل ڪتابن ڏي اشارو ڪندي چوندو هو ڏسو هي سڀ ڪتاب پيا آهن واقعي سندس چارئي ٻار سرهاڻ، مهراڻ، رهاڻ، سهائي صرف ڪورس جا ڪتاب نه پر تمام گهڻي ڄاڻ رکندڙ ادبي رنگ جو سندور پڻ مٿي جي سينڌ تي سجايل اٿن.

ڪمال هميشه پاڻ کي ڀٽائي جو شاگرد سمجهيو گيڙو لباس پائي ڀٽائيءَ جي اڱڻ تي سندس مريد گيت آلاپيندا آهن ته ڪمال وري ميلي جي ڏينهن ۾ ادبي پروگرامن ۾ شامل ٿي شاهه جي اصل مقصد کي اڳتي  وڌائڻ ۾ اڳڀرو رهيو.

ايئن چئي سگهجي ٿوته پيءُ ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ بينڪ بيلنس رکندا آهن پر ڪمال شعور جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنهنجي اولاد کي علم جو خزانو ڏئي ويو. سندس اولاد جي تربيت ۾ پهرين ٽيسٽ ”ڀونءِ نه آيس ڀانءِ“ ڪتاب آهي جيڪو سندس چاليهي جي موقعي تي پڌرو ٿي رهيوآهي جيڪو تعزيتي لکڻين کي سهيڙي عابده ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرايو آهي. ڪتاب جي ٽائيٽل جي تمام گهڻي اهميت ان ڪري آهي ته سندس وڏور ڌيءَ سرهاڻ جنهن جي نالي سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي آهي جنهن ميڊيڪل جي آخري سال جو امتحان ڏنو آهي ۽ انشاالله سال کانپوءِ سرهاڻ به ڊاڪٽر سرهاڻ  ٿي ويندي. تنهن ٽائيٽل جي تصوير ٺاهي آهي، سندس ۽ پيءُ ماءُ جي ڊاڪٽر ٿيڻ ۾ رڳو اهو فرق هوندو ته هو ٻئي قلم سان سماج جي نشاندهي ڪندي  فلسفو علم ادب ڏئي ڊاڪٽر ٿيا ۽ سرهاڻ انسان جي طبي حوالي سان ڪمزورين ۽ بيمارين جو علاج ڪري صحتمند انسانن کي ڏسڻ واري ميڊيڪل ڊاڪٽر آهي. رهاڻ به آءِ بي اي جي آخري سال ۾ آهي. شايد ڪرپشن ۽ ڪرپٽ معاشري جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه رهندس، ننڍڙي ڌيءَ سهائي جنهن جو حد کان وڌيڪ پيار ۽ پاٻوهه ۾ خيال رکيائين هوءَ ايتري ننڍڙي عمر ۾ آرٽسٽ، فلاسافر ۽ رائيٽر آهي. مهراڻ پنهنجي گٽار کي کڻي سڀ ڏک سور الاپيندو رهندو آهي، گهر جي خاموشيءَ ۾ گٽار جو آواز ۽ مهراڻ جو ڳائڻ ڪيترين مايوسين کي ملياميٽ ڪري ڇڏيندو آهي.

ڪمال جي شخصيت، محبت ۽ سچائي جو هڪ  پاسو اهو به ٻڌائيندي هلان ته بظاهر ڪڏهن به ٻارن کي جهولين ۾ کڻي يا وري ڪو اهو ڏسڻ واري کي محسوس ٿئي ته ٻارن سان ڪيڏو پيار ٿو ڪري بلڪل نه پر سندس ٻارن سان دوستاڻي پنهنجائپ وارو  تعلق تمام گهڻو هئس جنهن جو ذڪر عابده به ڪيو آهي ته هنن  ٻنهي کي هڪ ٻئي سان تمام گهڻي محبت هئي. ڪڏهن به هڪ ٻئي سان ڪاوڙ نه ڪيائون. ها ڪن ڳالهين يا ڪم تي ڪاوڙ به ڪئي ته رڳو ان وقت جي ڳالهائڻ دوران ۽ پرچائڻ جو انداز  اهو ته ڀلا سرڪار ڪجهه ماني وغيره کارائين ٿي يا نه؟ بس عابده به پوءِ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندي هئي. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ انتهائي مهذب، اٿڻ ويهڻ ۾ به شائستگي باقاعده لکيل پڙهيل هئڻ واري جهلڪ سندن عام زندگيءَ ۾ به رهي.

ڪمال کي ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ نه ايندو هو، انهيءَ ڪري اڪثر سرهاڻ کي چوندو هو ته بابا سرهاڻ مونکي هيءُ شيون ڪمپيوٽر تي ٺاهي ڏي يا پرنٽ ڪڍي ڏي. سرهاڻ ڪجهه ڏينهن ته والد جي ڪميءَ کي شدت سان محسوس ڪيو ۽ هڪ ڏينهن اوچتو پنهنجي وال تي رکيائين ته ”بابا تون ايڏو پري ڇو هليو وئين“ اهو جملو ڪيڏو نه  درد ڏيندڙ آهي پر هن بهادر نياڻي ڊرائنگ روم ۾ رکيل ڪتابن ۾ پنهنجي پيءُ کي ڳوليو ته ان کي هر ڪتاب تي ڪمال جو نالو نظر آيو. پوءِ هن پنهنجي پياري ماٺيڻي پيءُ کي ڳولي ورتو ۽ هٿ ملائڻ جو انداز ڪجهه ايئن ڏيکاريائين ته ڪمپيوٽر تي اسڪيچ ٺاهي ضرور اهو سوچيو هوندو ته بابا منهنجي هٿن جي چرپر ۾ ڄڻ مونسان هٿ ملائي رهيو آهي. ڪمال تي لکيل ڪتاب جي سروق تي سرهاڻ جي هٿ جي ٺهيل تصوير آهي.

ڪمال جي لکڻ جو انداز هميشه کان اهڙو هو، جيڪي ماڻهو رڳو زنده هوندا آهن اهي مري به ويندا آهن پرجيڪي ماڻهو جيئارڻ لاءِ جيئندا آهن اهي مرندا ناهن. ڪمال اسانجي خاندان  ۾ سڀ کان ننڍو ڀيڻيوو آهي. پر هن جي قربائتي، ماٺيڻي، احساس ڪرڻ واري خوبي، مهمان نوازي ٻنهي ڀيڻيون طاهر عباس ۽ ڪمال ۾ ايتري رهي آهي جو ٻين ڀائرن کي به پوئتي ڪري ڇڏيو. مان اسٽيل مل ڪاليج مان رٽائر ٿيس ته مون وٽ گهر به نه هو ۽ اسٽيل مل ۾ پينشن به ناهي جو الڳ گهر وٺان، رڳو اي او بي آءِ (پوڙهائپ الائونس) ملندو آهي. ڀيڻ عابده، قمر  ۽ ڀيڻيوي طاهر ۽ ڪمال چيو ته ادي اسانجي گهر جي وڏي آهي سو اها اسان سان رهندي.

بلڪ سچل ڳوٺ جي گهر جو هڪ ڪمرو مونکي اهو چئي ڏنو ته سڄي گهر ۾ اديءَ کي جيڪو ڪمرو وڻيس تنهن ۾ پنهنجو سامان رکي. ڪمال ۽ عابده جي گهر ۾ به هڪ ڪمرو منهنجي حوالي آهي. روزگار لاءِ مان ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي انتهائي ٿورائتي آهيان اسان پراڻا تنظيمي ساٿي آهيون، ڊاڪٽرجبار  خٽڪ، نذير جو ساٿي ۽ انهيءَ دور جو سرگرم تنظيمي ليڊر رهيو آهي، مون کي پنهنجي ڏکن پيڙائن جي سمنڊ جي ڇولين ۾ ٻڏڻ کان ڊاڪٽر جبار خٽڪ بچايو آهي ۽ اڄ عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو جي اهم پوسٽ تي پاڻ کي جيئارڻ جي سگهه رکان ٿي. انهيءَ ڪري جتي خوني رشتن ۾ منهنجي ٻنهي ڀينرن ۽ ڀيڻيون ساٿ ڏنو آهي اتي نظرياتي رشتن ۾ ادا جبار خٽڪ ساٿ ڏئي ٿو.

يقينن ڪمال جي هنن تعزيتي ميڙاڪن ۽ ايترو جلد هن ڪتاب جو شايع ٿيڻ ۾ ڪمال جي ڀائرن،  ٻارن ۽ عابده جي اڻٿڪ محبت ۽ محنت آهي پر ڪمال جي دوستن گهڻ گهرن جي ساٿ به  گهڻو ڪجهه سيکاريو ۽ سمجهايو آهي.منهنجي هنن مثالن جي لکڻ جو وڏو سبب رڳو اهو ظاهر ڪرڻ آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي ڪا گهڙي سچ ۽ حق خاطر ارپين ٿا اهي ڪن محدود رشتن جا محتاج ناهن، جڏهن اسانجي سماج مان تون تون، مان مان جي بيماري ختم ٿيندي ته لازمي هڪ انسان  جو ٻئي انسان تي ويساهه پختو ٿيندو ۽ جڏهن ويساهه پختو ٿيندو ته معاشري جا قدر اهميت رکندا ۽ نفرتن کان آجو اسانجو سماج سنڌ جي امن پسند ۽ پيار محبت واري تهذيب کي اجاگر ڪندو.

ڪمال جي مختصر زندگيءَ جي تمام گهڻي جاکوڙ جو مقصد اهو ئي هو.ڪمال پنهنجي جيون جي آخري ڏينهن ۾ اسان سڀني کي قرضي ڪري ويو آهي بابا هاري اڳواڻ هو، هُن سڄي زندگي جاکوڙي ۽ سچ ڳالهائي گذاري ان زندگيءَ کيس ڪافي ڏک ڏولاوا تڪيلفون ڏنيون پرهو جوڙي رکڻ واري نظرئي تان ڪڏهن به نه هٽيو، هو نه رڳو پنهنجي مٽن مائٽن ۾ خانداني ماڻهو هو پر معاشري ۾ هر انسان جي جوڙي رکڻ واري خانداني صلاحيت جو به قائل هو. ڪڏهن به ڪنهن ڀيڻ ڀاءُ جو استحصال نه ڪيائين. پر پنهنجي سوئٽين ۽ پڦاٽين کي به چوندو هو منهنجو ڀيڻون اچي ويون. مان جڏهن پٽ فيڊر هارين جي تحريڪ ۾ مچ جيل ۾ هيم ته مون سان گڏ منهنجي تنظيم جي اڳواڻ آصفه رضوي به هئي. بابا روزانه پوسٽ ڪارڊ تي رڳو خير خيريت لکي ۽ سنڌ نيوز اخبار موڪليندو هو. ان وقت سنڌ نيوز اخبار ڪافي مقبول هئي. اخبار ۽ ڪارڊ تي لکيل هوندو هو پياري بيٽيان آصفه، حميده، آصفه رضوي وڏي هئي ۽ مان ننڍي هئم.

بابا لبرل ماڻهو هو انهيءَ ڪري پهرين آصفه جو نالو هو. مچ جيل وارا پريشان هوندا هيا ته هي ڪير ماڻهو آهي جنهن جون هي ٻه ڌيئر آهن پهرين ته هنن سمجهيو جيئن بيگم، بانو، پروين لکيل هوندو آهي. ايئن آصفه رضوي ۽ حميده گهانگهرو لکيل آهي. پوءِ جيل انتطاميا کي خبر پئي ته اهي اسانجيون ذاتيون آهن ۽ جيل انتطاميا حيران ٿيندي هئي ته هن ماڻهو وٽ انساني رشتن جا ڪيترا قدر آهن. آصفه کي مان آصفه باجي چوندي هئس ۽ هو بابا کي بابا چوندي هئي.

ڪمال بابا جي اولاد جي تعارف کي سهيڙي ڪتاب ۾ اهڙو فيصلو ڏنو آهي ته جيئن ڪامريڊ جا سڀ ٻچا ايئن جڙيل رهن جيئن هو چاهي پيو. ڪمال پنهنجو فيصلو ۽ ڪوشش ڪري ويو هاڻي وقت ٻڌائيندو ته هن ڪتاب جي سهيڙ مان ڪيترو سبق سکجي ٿو. بهرحال هن ڪتاب جي سهيڙ جرڳي  جي فيصلي وانگر جتي برادرين جا چڱا مڙس ڀائيچاري جو فيصلو ڏيندا آهن سو ڪم ڪيو آهي، ڪير ڪيئن نڀائي ٿو اهو وقت جو فيصلو آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

”ڪمال“ جي زندگي گذاري ويل

زرار پيرزادو

¨ اڄ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي پهرين ورسي آهي. پاڻ گذريل سال ڪورونا جي وبا وگهي اسان کان جسماني طور تي اوچتو ئي اوچتو وڇڙي ويو هو.

¨ پر ڪمال ڄامڙي انتهائي مختصر عمر ۾ ”ڪمال“ جي حياتي گهاري ڏيکاري. مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿين نه مات، هوندا سي حيات جيئڻا اڳي جي جئا“.

¨ ڪمال ڄامڙي جي ۴۸ سالن جي مختصر زندگي جا ڪيترائي ڇرڪائيندڙ پاسا آهن. هن هڪ زندگي ۾ الائي ڪيترن جنمن جيترو ڪم ڪري ڏيکاريو.”جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندين کي سڄڻين“ ڄڻ سندس زندگي جو ترجمان شعر آهي.

¨ زندگي جي هر پل کي سڦل سمجهندڙ ۽ علمي، ادبي تحقيقي موضوعن کي زندگي منسوب ڪندڙ ماڻهو ئي ۴۸  سالن جي عمر ۾ ۵۰ کان مٿي ڪتاب سرجي سگهي ٿو.

¨ ڳالهه پئي هلي ڪمال صاحب جي ڇرڪائيندڙ پاسن جي ته. پاڻ هڪ ئي وقت تعليمدان، محقق، شاعر، ڪهاڻيڪار، براڊڪاسٽر، سماجي اڳواڻ، ايڊيٽر، مرتب ۽ ڪمپيئر رهي چڪا آهن.ننڍي ڄمار ۾ ئي هن تحقيق، ٻولي، لطيفيات، لوڪ ادب، تصوف ۽ سنگيت جي موضوعن تي سنجيدگي مان ڪم ڪيو.

¨ سماجي ۽ علمي کيتر ۾ هن سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي قائم ڪئي ۽ ان سان گڏ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان سلهاڙيل رهيو. آخري وقت ۾ هو سگا ڪراچي شاخ جو صدر هو.۽ ايئن وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جو باني سربراهه هو.

¨ ايتري ننڍي عمر ۾ جڏهن سندس هماليه جبل جيڏو ڪم ڏسجي ٿوته ايئن ٿو ڀائنجي ڄڻ هن کي ننڍي عمر ۾ ئي دنيا کي ڇڏڻ جو اندازو ٿي چڪو هو ۽ شايد ان احساس ئي کيس ننڍي عمر ۾ ڪيترن جنمن جيترو ڪم ڪرائي وڌو.

¨ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي خاص ڳالهه اها به هئي هو سيلف ميڊ ماڻهو هو. هن پنهنجي زندگي ۾ جيڪو به مقام ماڻيو سو نج  سندس محنت ۽ ميرٽ جو ثمر هو. کيس اڃا به اها شڪايت هوندي هئي ته سفارشن جي واٽ نه وٺڻ ڪري هو نظرانداز ٿيندو رهيو آهي پر سندس تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ايڏو ته سگهارو هو جو ان، سندس آڏو آيل سڀني سازشن ۽ رنڊڪن کي ٿڏي ڇڏيو.

¨ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ لوڪ ادب جي ترقي ۽ واڌ ويجهه توڙي سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبي کي پڙهائڻ ۽ کولرائڻ لاءِ حڪومتي ادارن توڙي ساڃاهه وندن جو ان پاسي ڌيان ڇڪرائڻ جي مهم نما جاکوڙ ڪندو رهيو هو.

¨ اُها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ دوست ڌرين، به تڏهن سندس هلايل ان مهم تي پنهنجي غلط فهمي سبب آڱريون کنيون پر هو پنهنجي موقف تي پوءِ به قائم رهيو ۽ هاڻي ته وقت کيس تاريخ اندر سرخرو به ڪري ڏيکاريو آهي.

¨ ڪمال ڄامڙي جي زندگي جو اهو ڪيڏو نه اتساهيندڙ پاسو آهي ته اڄ هو جسماني طور هن دنيا اندر موجود ناهي پر سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي سرگرميون اڃا به جاري آهن ۽ ان عمل جي روح روان سندس جيون ساٿياڻي ڊاڪٽر عابده گهانگهرو آهي جنهن زندگيءَ ۾ ته هر گهڙي سندس ساٿ نڀايو پر مرڻ پڄاڻان به سندس ڇڏيل  گهر، اولاد ۽ علمي ادبي تحقيقي ورثي کي لائق وارث طور سنڀالي ۽ هلائي ڏيکاريو آهي.

¨ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، ڪمال صاحب جي چاليهي تي ڪتاب ”ڀونءِ نه آيس ڀانءِ“ آندو جنهن ۾ سندس لاڏاڻي تي لکيل مضمونن، ڪالمن، ايڊيٽوريل ۽ تعزيتي نوٽس، تاثرن، پروگرامن  کي سهيڙيو ويو.

¨ ۽ اڄ ڪمال ڄامڙي جي پهرين ورسي جي موقعي تي ٻن ڪتابن کي پڌرو ڪيو پيو وڃي. هڪ ڪتاب”ڳالهيون ڳوٺاڻن جون“ (لوڪ ادب) آهي جيڪو ڪمال ڄامڙي جي لکڻين تي ٻڌل آهي، جنهن جي سهيڙ ۽ سنوار ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جي ڪيل آهي. ٻيو ڪتاب ” ڪمال ڄامڙي جون علمي ۽ ادبي خدمتون“ آهي. جيڪو ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي جو لکيل آهي جيڪو ڊاڪٽر محبت اڪيڊيمي قمبر طرفان شايع ڪيو ويو آهي.

¨ اسانکي ان حوالي ۾ بيحد سرهائي ۽ اطمينان آهي ته ڪمال ڄامڙي جو ورثو ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جهڙي مدبر، اعليٰ تخليق ڪار، محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جي هٿن ۾ محفوظ آهي جنهن ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي هڪ هڪ لفظ کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏيڻ شروع ڪئي آهي.

¨ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کي مون سندس زندگي ۾ ئي لوڪ ادب تي ڪيل سگهاري ڪم تي سنڌ جو ٻيو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ قرار ڏنو هو. اهڙو اظهار مون عوامي آواز جي ادبي پروگرام تخليق ۾ مهمان طور آيل ڊاڪٽر ڪمال جي روبرو ڪيو هو. جنهن کي ٻڌندي ان سرهائي ڏيکاري هئي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته اهو ڪيڏو نه عجيب اتفاق آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اڄ جي تاريخ يعني ۱۶ ڊسمبر تي جنم ورتو ته ان ساڳئي تاريخ تي سنڌ جو ٻيو نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

خالد چانڊيو

لوڪ ادب جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان پوءِ جنهن محقق جي خدمتن کي سڀ کان وڌيڪ ساراهيو ويو، اُهو هو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو. هن شخص بي حس بڻجي ويل سماج ۾ سنڌ جي لوڪ ادب جي حوالي سان بيمثال خدمتون سرانجام ڏنيون. .

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، سنڌي ٻوليءَ جو نامور محقق، ليکڪ هو، هُو پهرين آگسٽ ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڪاڪي لونگ خان ڄامڙي گهر ۾ پيدا ٿيو. مئي ۱۹۹۸ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ ۲۰۰۰ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس اهو ڊاڪٽريٽ وارو مقالو ۲۰۱۰ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو. ڪمال ماهوار رسالي ’ماهه روز‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين ۲۰۰۳ع جو چيف ايڊيٽر به رهيو. سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا، مضمون شايع ٿيا. هُو ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي. ويءَ لاءِ ڪيتري عرصي کان سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهيو. ڪيترن سالن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور فرض سرانجام ڏيندو رهيو ۽ آواز رستي سنڌ جي ماڻهن سان ڳنڍيل رهيو، ڪيترائي پروگرام سندس ميزباني ۾ هوائن جي آڌار سموري سنڌ جي واهڻ وستي تائين رسيا ۽ هُن سامعين سان هڪ الڳ قسم جو رشتو جوڙي ورتو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘ شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيو، تنهن بعد سنڌي لوڪ فنڪارن بابت ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘، ثقافت کاتي پاران شايع ڪيو ويو، ان کان علاوه "ڪراچيءَ جا اديب ۽ شاعر"، "لطيف ذهني چٽاڀيٽي"، "رسالو ڳجهارت"، "ڪتيم ڪينڪي"، "ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۽ ڪريم بخش ڪريم جو ڪلام"، "پاکستانی زبانوں کا لوک ادب"، "سندھی ثقافت کا نیا دور"، "ڀٽائي ۽ ڀونءِ"، "سيد پير علي شاھ درازي جو ڪلام"، "بهادر ڇوڪري"، "اسان جو ڀٽائي"، "ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سگهڙائپ"،" سنڌي مادري ٻولي" سميت ٻيا ڪتاب به شامل آهن.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر ۽ چيئرمين هو، آخر تائين سنڌي شعبي پاران ڪارونجهر مخزن ايڊٽ ڪندو رهيو. هُو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سنڌي سکيا ڪلاس جو نگران به رهيو. سندس لوڪ ادب جي حوالي سان خدمتون ساراهڻ لائق آهن.

ڊاڪٽر ڪمال، ۱۶ هين ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي اوچتو وفات ڪري ويو.

 

(خالد چانڊيو چانڊيون جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)



ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

کاهوڙين کڻي ساجُهر ٻَڌا سَندرا

امتياز دانش

کاهوڙين کڻي، ساجُهر ٻڌا سَندرا،

ڏوريندي ۾ ڏونگرين، ڪَيائون پاڻ پَڻي،

ڏکن ڏِيل هڻي، ڇيهُ لَڌائون ڇپرين.

اها ۲۰۲۰ جي آخري مهيني ڊسمبر جي ۱۶ تاريخ جي اڀاڳي شام هئي، جڏهن ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ڊينگي بخار سبب پنهنجا پساهه پورا ڪيا. سندس هيءَ ويل وڃڻ جي نه هئي پر هو سڀني کي ڏُهاڳ ڏئي هليو ويو.

ڊاڪٽر ڪمال ضلعي خيرپور ميرس ۽ تعلقي ڪوٽڏيجيءَ جي راڻيپور ويجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ پهرين آگسٽ ۱۹۷۲ ع ۾ لونگ خان ڄامڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ راڻيپور جي سيڪنڊري هاءِ اسڪول ۽ انٽر آرٽس ۾ راڻيپور جي سچل سرمست ڪاليج مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتان بي _ اي آنرز ۽ سنڌيءَ ۾ ايم_ اي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيو، جتي ڪيترن ئي سالن تائين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو پر پوءِ ۲۰۰۰ ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڪراچيءَ جي اسلاميه ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ڪاليج ۾ علم ۽ ادب جي حوالي سان ڪيترائي سال پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو پر بعد ۾ ۲۰۱۱ ع ڌاري وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڀرتي ٿيو ۽ ساهه جي آخري تند تائين اداري سان لاڳاپيل رهيو ۽ ڪيترائي دفعا ان شعبي جو چيئرمين به رهيو. بلڪه لاڏاڻي وقت به هو سنڌي شعبي جو چيئرمين هو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هڪ اورچ انسان هو. هو زندگيءَ جي آخري پساهه تائين جاکوڙيندو رهيو. سندس تعلق هڪ هاري گهراڻي سان هيو پر سندس امڙ اشرف خاتون ٻه درجا سنڌيءَ جا پڙهيل هئي. هوءَ شاعره به هئي. تنهنڪري ڪتابن جو مطالعو ڪندي رهندي هئي. جڏهن رات ٿيندي هئي ته هوءَ پنهنجن ٻارڙن کي شاهه لطيف جا بيت، صوفي شاعرن جي ۽ پنهنجي شاعري جهونگاري ٻڌائيندي هئي. ائين امڙ جي واتان شاعري ٻڌندي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو به ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. مئٽرڪ کان هن لکڻ شروع ڪيو. شروع ۾ هن ٻاراڻي شاعري ۽ ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ان وقت جي مشهور رسالن ”گل ڦل“ ۽ ٻين ۾ ڇپيون ۽ ان ئي دور ۾ هن ريڊيو پاڪستان خيرپور تان ”ٻارڙن جي دنيا“ پروگرام کان ڪمپيئرنگ به شروع ڪئي. بعد ۾ جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن سندس شعور ۾ واڌارو ايندو ويو. هونئن ته شروع کان ئي سندس لوڪ ادب ڏانهن لاڙو هو پر جڏهن هو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ آيو ته لوڪ ادب ۽ لطيفيات ڏانهن سندس ذوق وڌي ويو ۽ هن لوڪ ادب، لطيفيات، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت تي ڪم ڪري سنڌي ادب ۾ پنهنجي هڪ الڳ شناخت قائم ڪئي.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پنهنجي همعصر ۽ همعمر ليکڪن ۾ منفرد ليکڪ هو. جيتوڻيڪ اسان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪيترائي اديب لوڪ ادب پڙهائيندا آهن پر انهن لوڪ ادب تي نه لکيو آهي پر منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو انهن ٿورن استادن مان هو، جيڪو مسلسل لوڪ ادب تي لکندو رهيو بلڪه هن پي ايڇ ڊي به لوڪ ادب تي ڪئي. هن ۲۰۰۶ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ هيٺ ”سنڌي لوڪ گيتن جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان سان پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ان وقت سندس عمر ۳۵ سال هئي ۽ هن ننڍي عمر ۾ ايڏو وڏو ڪم ڪيو.

هن چاليهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. سندس ڪتابن ۾ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا شاعر ( طارق عزيز شيخ سان گڏ تحقيق ۽ تحرير)، سنڌي ثقافت جا امر آواز، لطيف ذهني چٽاڀيٽي، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي لغت، سنڌوءَ جا گيت (پي. ايڇ.ڊي جو مقالو)، ڪچهريءَ جا مور، رسالو ڳجهارت (سُگهڙائپ وسيلي لطيفي پيغام جي پرچارڪ)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سُگهڙائپ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت، ڀٽائي ۽ ڀونءِ (لطيف جي چونڊ بيتن جي سمجهاڻي)، تو لکيو مون پڙهيو، سماجي خدمت ۽ سرهاڻ، سگا ڪراچي شاخ (مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي ۱۹_۲۰۱۸ )، بهادر ڇوڪري“ ۽ ٻيا. سنڌي سان گڏ هن اردو ۾ به لکيو. اردو ۾ هن ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. اردو ۾ سندس هڪ ڪتاب ڇپيل آهي، جنهن جو نالو ”سندھی ثقافت کا نيا دور“ آهي. هن سنڌي ۽ اردو ۾ ڪيترائي ڪتاب ترتيب پڻ ڏنا. جن ۾ ”ڪراچيءَ جا اديب ۽ شاعر، سنڌي لوڪ ادب، سُر ڪيڏارو، مقالا (سومرا دور ادبي ڪانفرنس، عشق جي عنايت (فقير علي گوهر وڳڻ جو ڪلام)، سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام، سنڌي مادري ٻولي، ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۽ ڪريم بخش جو ڪلام، پاکستانی زبانوں کا لوک ادب“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. جڏهن ته سندس لاڏاڻي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس گهرواري عابده گهانگهرو سان گڏ ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو“ ڇپيو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ادب سان گڏ صحافت ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾ ڊيسڪ تي ڪم ڪيو. هو ماهوار ماهه روز ڪراچيءَ جو ايڊيٽر، خبرنامون خوشبو جو باني ايڊيٽر، اسلاميا سائنس ڪاليج جو چيف ايڊيٽر، وفاقي اردو يونيورسٽيءَ مان نڪرندڙ جرنل ڪارونجهر جو مختلف وقتن تي ايڊيٽر، شاهه لطيف چيئر جي جرنل ڪلاچي، روزاني بزنس ايڪسپريس ڪراچي ۽ هفتيوار نئين سوچ ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر رهيو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ مختلف موضوعن تي انيڪ اسڪرپٽ به لکيا. صداڪاريءَ سان گڏ منجهس اداڪاريءَ واريون صلاحيتون به هيون. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي مشهور پروگرام ” آئينو“ ۾ ”ڪانگل طوطائي“ جي نالي سان مزاحيا اداڪاري به ڪئي پر اهو سلسلو برقرار رکي نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته هو بنيادي طور تي اديب هو ۽ پنهنجو سمورو وقت ادب لاءِ صرف ڪيو. صالح محمد شاهه پي ٽي وي تي ”ڪچهري“ پروگرام ڪندو هو. سندس لاڏاڻي کانپوءِ ڪير به ان پروگرام کي اڳتي کڻي نه هلي سگهيو ۽ ائين اهو پروگرام بند ٿي ويو پر پوءِ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان پروگرام کي ”اوطاق“ جي نالي سان ٻيهر جيئاريو، جيڪو سندس لاڏاڻي تائين هلندو رهيو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو نه رڳو لوڪ ادب لاءِ هڪ اُتساهه هو پر سُگهڙن لاءِ به ڇپرڇانوَ هو. هن سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) ٺاهي سنڌ جي وکريل سُگهڙن کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪيو ۽ کين اهميت جو احساس ڏياريو. اهڙيءَ ريت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ به ڇپرڇانوَ هو. هن ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڪيترائي ڪمپيئر متعارف ڪرايا ۽ ڪيترن ئي دوستن کي ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي ڪرائي.

هو جڏهن تعليم کاتي ۾ ليڪچرر ڀرتي ٿيو هو، تڏهن سنڌي سبجيڪٽ کي سنڌ جي سڀني ڪاليجن ۾ لازمي قرار ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪيائين ۽ سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي (فورم) جو بنياد وڌائين.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو سنڌ جي هيٺئين طبقي سان تعلق هو. سندس ٻالڪپڻو ۽ جواني ڏکن ۽ سخت پورهين ۾ گذري. تنهنڪري کيس غربت جو احساس هو. هو جڏهن محنت ڪري پنهنجي پيرن تي بيٺو ته غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ پنهنجي وڏي نياڻي سرهاڻ جي نالي سان ”سرهاڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جو بنياد وڌائين ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اسڪول کولي غريب ۽ مسڪين ٻارڙن کي مفت ۾ تعليم ڏنائين ۽ اڳتي هلي ”سرهاڻ پبليڪيشن“ جو بنياد به وڌائين، جنهن جي پليٽفارم تان ڪيترائي ڪتاب ڇاپيائين.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پنهنجن چئن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن ۾ سڀني کان وڏو هو. تنهنڪري ڏک، تڪليفون ۽ محروميون سندس حصي ۾ آيون. هو اڃا ٻار ئي هو ته ڪراچي هليو آيو ۽ ۲۰۰۰ ع ۾ جڏهن سندس امڙ اڌ رنگي سبب لاڏاڻو ڪري وئي هئي ته هو ان جو منهن به ڏسي نه سگهيو هو. اهو درد آخري تائين سندس دل ۾ دُکندو رهيو.

ڊاڪٽر ڪمال جي شاگرديءَ واري دور ۾ کاٻي ڌر جي مشهور سياستدان ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو جي ننڍي نياڻي ۽ نامياري ليکڪه ۽ اسڪالر عابده گهانگهرو سان شادي ٿي. سچ ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو رڳو پنهنجن پونئيرن ۾ بيوهه عابده گهانگهرو، ٽي نياڻيون سرهاڻ، رهاڻ، سُهائي۽ پٽ مهراڻ نه ڇڏي ويو پر پنهنجا سوين چاهيندڙ ڇڏي ويو، جن لاءِ هو ڇپرڇانوَ هو. هن جيڪو پنهنجو نور نچوئي ڪم ڪيو، ان کي سدائين ياد ڪيو ويندو.

 

 (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ڪمال ڄامڙو

وڇوڙو ۽ لوڪ ادب ڏھاڙو

طارق عزيز شيخ

۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي شام ويل ڊاڪٽر قاسم راڄپر جو مون کي فون آيو، چيائين: "ڪمال جي وفات واري ڳالهه سچي آهي؟" وراڻيم: "نہ ڀاءُ، اسپتال ۾ داخل آھي، بخار لڳاتار چڙھيل اٿس، مون سندس ڀاءُ جمال کان ڪالھ تہ اڃا پڇيو آھي." چيائين: "ھينئر ھينئر ميڊم فهميده حسين فيس بڪ تي لکيو آهي ته منھنجو ذھين ڏاھو شاگرد ڪمال ڄامڙو اسان ۾ ناھي رھيو." مون ان ڳالهه کان لاعلمي ظاهر ڪندي، پريشاني ۾ فيس بڪ لاگن ان ڪري ڏٺو ته ڄڻ پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي.

 پياري دوست جي اوچتي وڇوڙي ڏاڍو صدمو رسايو. سندس وچوڙي کان ھڪ ڏيڍ ھفتو اڳ ھن لوڪ ادب جو ڏينھن ملھائڻ لاءِ ۱۶ ڊسمبر تي ھڪڙو پروگرام رکيو ھو، جنهن ۾ اچڻ لاءِ فون ڪيو ھئائين. مون کي ياد آهي، کانئس سوال پڇيو ھئم: "استاد ڀلا ۱۶ھين ڊسمبر جو ڏينهن لوڪ ادب لاءِ ڇو مقرر ڪيو اٿئي؟" چيائين: "اصل ۾ اھا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي جنم ڏينهن جي تاريخ آهي، ۽ لوڪ ادب تي ان کان وڏو ڪو ماھر ناھي، انڪري لوڪ ادب جو ڏھاڙو ان تاريخ تي ملھائڻ مناسب آهي. ھاڻي اچڻو ضرور آهي توکي."

ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان پوءِ لوڪ ادب جي موضوع کي زندہ ڪرڻ وارو دانشور آيو ھو، ھن ان ذمري ۾ ڪافي محنت ڪئي ۽ سندس خواھش ھئي ته ٻين ڏھاڙن جيان لوڪ ادب جو بہ ڏھاڙو ملھايو وڃي.

پياري ڪمال ڄامڙي جي دعوت تي آئون ويس ضرور پر ڪھڙي ڪارڻ، اھو مون کان ڪڏهن به نه وسرندو !!!

 

(طارق عزيز شيخ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)






ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

لوڪ ادب ۾ ساھ ڦوڪيندڙ عالم

طارق عزيز شيخ

سنڌي ادب ۾ تمام گھٽ اديب اھڙا ھوندا جن کي ھميشه متحرڪ ڏٺو ويو آھي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو بہ سدائين علمي ادبي پورھئي ۾ نظر ايندو هو. ھن گھٽ وقت ۾ تمام گھڻو ڪم ڪري ڇڏيو، ايترو ڪم ماضيءَ جو ڪو دانشور ڪري ھا ته سندس نالي جي اڳيان پويان عربي ۽ فارسي انداز جا وڏا لقب لڳائي ريل جيڏو نالو لکيو وڃي ھا. ڪمال ڄامڙو سچو ۽ سادو عالم ھو، جنھن پنھنجي ٻوليءَ سان جنون جي حد تائين عشق ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ لازمي پڙھائڻ واري مھم کي شروع ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، ان معاملي کي ھن ھر سطح تي مٿي کنيو، اخبارن ۾ لکڻ کان وٺي سنڌ اسيمبليءَ تائين بہ پھچايو ۽ آخرڪار ان جو نتيجو اھو نڪتو جو پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي رائج ڪيو ويو.

ڪمال ڄامڙو تمام وڏو محقق، شاعر، اديب، پروفيسر، ريڊيو ٽيلي ويزن ۽ اسٽيج جو ميزبان تہ بڻيو پر سڀ کان وڌيڪ ھو لوڪ ادب جو ماھر ھو. ھن اھڙي وقت ۾ لوڪ ادب کي جيئاريو جڏهن لوڪ ادب کي ھر ھنڌان ختم ڪيو ويو ھو. لوڪ ادب جي ميدان ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوڇ کان پوءِ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي محنت ڪئي بلڪہ ائين چئجي تہ غلط نہ ٿيندو تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي لوڪ ادب ۾ ساھہ ڦوڪيو.

ڪمال ڄامڙو تمام عزت ڀريو رتبو ماڻيو ۽ اھو بہ بغير ڪنهن جي سفارش جي. ھو غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ ٻار فقط علم جي سھاري اڳتي وڌي آيو. ھن پھرين آگسٽ ۱۹۷۲ع ۾ راڻيپور ويجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ھڪ غريب ماڻھؤ لونگ خان ڄامڙي جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم کان وٺي انٽرميڊيٽ تائين راڻيپور ۾ پڙھڻ کان پوءِ ۱۹۹۰ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتائين ۽ اڳتي ھلي ۲۰۰۵ع ۾ نامياري محققہ ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگراني ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۱۹۹۸ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ بطور ريسرچ آفيسر ٻہ ورھيہ نوڪري ڪرڻ دوران سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ليڪچرار جي پوسٽ جو امتحان ڏنو، جنھن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد سال ۲۰۰۰ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيء جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪجھہ ورھين کان پوءِ سال ۲۰۱۱ع ۾ هو اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو.

ڪمال ڄامڙو ريڊيو پاڪستان جو بھترين پريزينٽر رھيو، جنھن جا سڄي سنڌ جي ريڊيو اسٽيشنن تان موسيقيءَ، ادب ۽ نوجوانن جي حوالي سان پروگرام نشر ٿيندا ھئا. ريڊيو ٻڌندڙن جو وڏو حلقو نه فقط سندس پروگرام شوق سان ٻڌندو ھو پر خطن ذريعي بہ کيس ساراھيندڙ ھو.

اھڙيءَ ريت ڪمال ڄامڙي سرڪاري ۽ نجي ٽي وي چينلن تي بہ لاتعداد پروگرام ڪيا. ھو ھڪ ڪامياب ميزبان ھو جنھن وٽ خوبصورت لفظن جو ذخيرو موجود ھو. پاڻ اسٽيج سيڪريٽري طور بہ آڻ ڳڻيا ادب ۽ ثقافت جا پروگرام ڪيائين. سنڌ جي سڀ کان معتبر اسٽيج، ڀٽ شاهه تي بہ ھن موسيقيءَ جي محفلن، ادبي ۽ سگھڙ ڪانفرنسن جون ذميداريون پوريون ڪيون.

سال ۲۰۲۰ع ۾ جڏهن سڄي دنيا ڪرونا وائرس جي وڪڙ ۾ ھئي تڏهن ڪمال ڄامڙو بہ ان جو شڪار ٿيو پر صحتياب ٿي يونيورسٽي ۾ بحيثيت چيئرمين سنڌي شعبو ذميواريون سنڀالڻ لڳي ويو ھو. ڊسمبر جي پھرين ھفتي ۾ سنڌي ثقافت جو سڄو ھفتو ڀرپور نموني سان گذارڻ کان پوءِ لوڪ ادب جو ڏھاڙو ملھائڻ جي تياري پئي ڪيائين. ان حوالي سان ھن ۱۶ ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي هئي ۽ مون کي بہ مضمون لکڻ لاءِ چيو ھئائين. مون کائنس پڇيو تہ ۱۶ ڊسمبر تاريخ مقرر ڪرڻ جو سبب ڇا آھي؟ چيائين تہ اھو ڊاڪٽر نبي بخش بلوڇ جو جنم ڏينهن آھي ۽ ان کان وڏو ڪو لوڪ ادب جو ماھر ناھي، ان ڪري اھا تاريخ چونڊي اٿم. ان تاريخ ۾ ڪي ٿورا ڏينهن ھئا جو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڊينگي بخار ۾ وٺجي ويو ۽ الميو اھو ٿيو جو اھا ئي سندس چونڊيل لوڪ ادب ڏھاڙو ملھائڻ واري تاريخ سندس وڇوڙي جي تاريخ بڻجي وئي.


(ڏھاڙي مومل ڪراچيءَ ۾ ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

1 comment: