; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

03 December, 2020

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

تاريخ جو عظيم باب

مولانا حميدالله سيال



اسلام جي سپهه سالار سچي عاشقِ رسولﷺ جرنيل جمعيت، سنڌ جي هڪ عظيم سپوت جي شهادت انسانيت ۽ حق سچ جي ڳالهه ڪندڙ هر انسان جي دل جهوري وڌي آهي، جڏهن ته سندس وڇوڙي تي هر ڪنهن جون اکيون رت روئي رهيون آهن، شهيد اسلام ۽ شهيد جمعيت، شهيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي گھڻ پاسائين شخصيت تي ڪيترو لکي سگھجي ٿو، سنڌ ڌرتيءَ جا ڄاوا اڻ مٽ، انمول ارڏا، بهادر، سيني تي وار جھلڻ وارا پٽ پيدا ڪيا آهن، انهن ۾ ڪيترا ئي هيرن جهڙا ماڻهو اهل علم، اهل حق، اهل وفا ۽ بهادر اڳواڻ، هن ڌرتيءَ جي کاڻ مثل آهن، ڪيترا ئي اڳواڻ قومي، سياسي، مذهبي، سماجي قائد، ڪنهن هڪ صفت يا منفرد رڪارڊ ڪنهن هڪ صلاحيت جي ڪري مشهور هوندا آهن، پر الله تبارڪ و تعاليٰ جمعيت علماءِ اسلام کي هڪ اهڙو رهنما عطا ڪيو، جيڪو هڪ شخصيت ساز ادارو هيو ۽ ان ۾ تمام خوبيون هڪ ئي وقت سمايل هيون. لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ عاقل خالد ۾ سنڌ جي برک عالم، عالمِ دين، استاد العلماءِ، سنڌ جي اعليٰ مذهبي ۽ ديني درسگاهه جامعه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث جي باني محقق، مفسر، قرآن والحديث جي عاشق، علامه مولانا علي محمد حقاني جي گھر ۾ اک کوليندڙ گلاب جو گل، جنهن بين الاقوامي طور تي نه رڳو پاڻ مڃرائيو پر لاڙڪاڻي سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ هڪ قابل فخر شخصيت طور اڀريو، پوري قوم ۽ ملڪ کي روشن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اهو هڪ ئي وقت لکين ماڻهن جو محبوب ليڊر هيو، انهن جي دلين جي ڌڙڪن هو، جلسن جلوسن اجلاسن، مظاهرن، ڌرڻن ۽ مدرسن جو سينگار هو، شخصيت ۾ هٻڪار هو، اسلام جو علمبدار هو، عاشق رسولﷺ هو، اسلام جو سپهه سالار هو، جمعيت ۽ سنڌ ڌرتي جو وفادار هو، جمعيت علماءِ اسلام جا ڪارڪن ته ڇا پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ خاص طور عام ماڻهو هر سنڌي نوجوان، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ مدرسي جو شاگرد هن کي چاهيندو هو، هاري ۽ مزدور سندس هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب هوندو هو، هو اسٽيج جو سينگار هو، سنڌ جو سچو سپوت هو، هن مرد مجاهد کي صورت ۽ سيرت اهڙي هئي جو ڪنهن به باطل ۽ ظالم کي همت نه ٿيندي هئي جو شير آڏو اچن، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم جي سر تي هميشه ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جو تسلسل رهيو آهي، ان جي باوجود به سنڌ ڌرتي جي حلالي پٽن ۽ غيرتمندن پنهنجون جانيون ته قربان ڪيون آهن پر ڪنهن ڏاڍي مڙس، ظالم ۽ جابر جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ ڪپايو ته آهي، پر جھڪايو نه آهي، باب الاسلام سنڌ ڀائيچاري جي لولي ڏني آهي، پر افسوس سنڌ دشمن قوتن اسلام دشمن قوتن، سامراجي قوتن ۽ دهشتگردن باب الاسلام سنڌ مٺڙي سنڌ ڌرتي تان پيار محبت ديني رواداري امن ۽ ڀائيچارو ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، الله تعاليٰ انهن ظالمن، جابرن، سنڌ دشمنن، اسلام دشمنن، امن جي ويرين ۽ دهشتگردن کي تباهه ۽ برباد ڪري، جن ۲۹ نومبر ۲۰۱۴ع جي صبح ۶:۲۳ منٽن تي هڪ اسلام جي بهادر سپهه سالار سچي عاشق رسولﷺ، سنڌ دوست ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ، مذهبي، ديني عالم، امن جي علمبردار، سنڌ جي حلالي پٽ، اسڪالر جمعيت جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر جي جامع مسجد ۾ نماز پڙهندي سفاڪ قاتلن گولين جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو، اهڙي طرح شهيد اسلام علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، امير المؤمنين سيدنا عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنه ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ نماز جي حالت ۾ شهادت جو مرتبو ماڻيندڙ دنيا جو عظيم انسان شهيد ڪربلا سيدنا حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي عظيم قربانين جي نقش قدم تي هلندي تاريخ ۾ پنهنجو نالو نماز جي حالت ۾ سر قربان ڪرڻ وارن جي صف ۾ ڳڻائي ويو، جنهن کيس شهادت جي منصب تي پهچايو ۽ عظيم رتبو عطا ڪيو.


هر هڪ کي دل ۾ گھاءُ آهي ته هن کان پنهنجو محبوب وڇڙي ويو آهي، ڇوته هو سڀن جو آهي، هو هڪ ئي وقت سڀن جو هو، هر طبقي جو هو، سنڌ جو سڄڻ هو، سنڌ جو دوست هو، دلير جرنيل هو، حق جي للڪار هو، هر وقت ڪارڪنن، عهديدارن، قيادت، غريبن، مسڪينن سان رابطن ۾ رهڻ وارو هو، جرئتمند باصلاحيت قائد هو، اسلام دشمن، سامراج لاءِ للڪار هو، شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پنهنجي پوري زندگي جدوجهد ڪندي گذاري، حقاني جي گھر ۾ جنم وٺندڙ جوڌي جوان جي رت ۽ طبيعت ۾ جدوجهد شامل هئي، ڇو ته سندس والد به حقاني عالم هو، وڏيري خان بهادر کهڙي کي به حق سچ چيائين، جنهن سبب عاقل خالد ڳوٺ مان نيڪالي ڏئي ڇڏيائين، فصاحت، بلاغت، تقرير تدريس ۽ تصنيف ولولا انگيزي توڙي شعلا بيان مقرري ڏيهه پرڏيهه ۾ مشهور ڪري ڇڏيو هو، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بين الاقوامي سطح تي سندس خطابت جي هاڪ هئي، اهوئي سبب هو جو ڪو به جلسو علامه شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کان سواءِ اڌورو لڳندو هو، هو اسٽيج تي موجود هوندو هو ته چار چنڊ لڳل هوندا هئا، انداز بيان اهڙو هوندو هئس جو ڇا ڳالهه ڪجي توحيد وسيرت ۽ قرآن پاڪ پڙهڻ جو انداز دلين جي دڙڪن تي ڇائنجي ۽ جسم ۾ سمائجي ويندو هو، هن جي آواز ۾ شينهن جهڙي گجگوڙ هئي، سندس لهجي ۾ رعب دار  ۽ ڪڙڪيلو آواز هو، جڏهن گجگوڙ ڪندو هو ته دليون هٿن ۾ اچي وينديون هيون، لکن جي ميڙ ۾ خاموشي ۽ سانت ڇائنجي ويندي هئي، ساهه جو سهڪو به ٻڌڻ ۾ ايندو هو، هو طوفانن جا رخ موڙڻ وارو هو، هن جي چهري ۾ نور هيو، هن کي شهادت جو درجو به اهڙو مليو جنهن لاءِ فرشتا به سڪندا هئا. شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي نظرئي ۽ سوچ سان ته اختلاف ٿي سگھي ٿو پر ان ڳالهه جو ڪوبه اختلاف نه ڪندو ته هو لاڙڪاڻي جي هڪ غريب مذهبي گھراڻي جو هڪ اهڙو فرزند هو، جنهن پنهنجي سياست جي شروعات ته مدرسن کان ڪئي پر آخري ڀيرو هو، سينيٽ جي سيٽ تي به رهيو هو، لاڙڪاڻي ۾ ماڻهو عام مثال ڏيندا هئا ته هو هڪ عوامي سينيٽر هو، سندس تعلق مولانا فضل الرحمان جي مذهبي جماعت جمعيت علماءِ اسلام سان هو، پر هو پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ۾ سنڌ پرست ۽ سنڌ دوست وڌيڪ هو، هن جنهن طرح سان ڪالاباغ ڊيم خلاف مذهبي تناظر ۾ فتوائن جو بندوبست ڪيو ۽ هر اها چال جيڪا هن ڌرتيءَ کي نقصان ڏئي يا غدار بڻائي ان خلاف مذهبي ۽ آفاقي بنيادن تي تشريحن ۽ تعاويلن جا نسخا تجويز ڪيا، تن کيس سنڌ سميت ملڪ ۾ هڪ الڳ مقام ڏياريو، جيئن سندس جسامت، آواز ۽ انداز ڪڙڪيدار ۽ رعبدار هو، تيئن ئي سندس اثر ۽ تاثير به ديرپا هو، لاڙڪاڻي وارن کان سالن تائين جناح باغ ۾ هن پاران پڙهايل عيد نمازن جي امامت به نه وسري سگھندي ۽ سندس مختصر ۽ پُراثر خطبو سندن ڪنن ۽ روحن مان زمانن تائين نڪري نه سگھندو، هر دفعي سندس خطبي ۾ مذهبي ڪٽرپڻي بجاءِ انسانيت تي وڌيڪ زور هوندو هو، ائين ئي ڏسندي ڏسندي ۽ ٻڌندي ٻڌندي لاڙڪاڻي جي مدرسن، مسجدن ۽ عيدگاهن کان سندس آواز انداز خطبو ۽ خطابت سڄي سنڌ تي ڪنهن سحر جيان طاري ٿي  وئي، ماڻهو ۽ ميڊيا کيس ڪنهن مذهبي عالم کان وڌيڪ سنڌ جي پراثر آواز طور سڃاڻڻ لڳا، هڪ اهڙو آواز جيڪو عوامي هو ۽ هر جاءِ پهچڻ ۽ ٻڌڻ ممڪن هو، هو هڪ اهڙو خطيب ۽ عالم هو، جنهن جي خطابت ۽ علميت ۾ مذهب ۽ عبادتن سان گڏ ڌرتي به مرڪزي نقطو هئي، هن جي ان سوچ ۽ انداز کيس ملڪ ۽ سنڌ ۾ مڙني عالمن، ديني سياستدانن ۽ مذهبي اڳواڻن کان ممتاز ڪري پيش ڪيو. توهين رسالت جو مسئلو سامهو آيو ته مديني جي سرڪارﷺ جي سچي عاشق جيان سکر ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري مديني واري سائينءَ سان محبت ۽ سچائيءَ جو ثبوت ڏنو، اسلامي نظام جي ڳالهه هجي يا ختمِ نبوت جو مسئلو هجي، هر فورم تي اسٽيج کان وٺي سينيٽ جي ايوانن تائين انگن اکرن سان گڏ شينهن وانگر گجگوڙ ڪري هر محاذ تي دليلن جي ٻولي ۾ للڪاريندو ۽ وڙهندو رهيو، شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو اهو عالم دين هيو، جنهن تي سنڌ واسي ۽ سنڌ ڌرتي هميشه فخر ڪندي رهندي، جنهن جو آواز جڏهن ملڪ جي پارليامينٽ ۽ عوامي اجتماعن ۾ گونجندو هيو ته فقط اسلام جي قانون لاءِ ۽ پنهنجي ڏتڙيل سنڌ واسين ۽ سنڌ ڌرتيءَ لاءِ گونجندو هيو، اهڙي اسلام پسند قومپرست جي شهادت سان پاڪستان خاص طرح مٺڙي سنڌ جو عظيم نقصان ٿيو آهي، اهڙا عظيم انسان صدين گذرڻ کانپوءِ به شايد ڌرتيءَ تي جنم وٺن، شهيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو علمي مقام، قرآن و حديث، فلسفو، منطق، سائنس، تاريخ، سياست، ادب ۽ شاعريءَ ۾ اعليٰ مقام هيو، سندس شهادت سان عالمِ اسلام جي هڪ اڻ کٽ يونيورسٽي بند ٿي وئي آهي، هاڻي اسين اهڙو شير دل شهيد خالد محمود ڪٿان آڻينداسين، هو ته هاڻي موٽي ناهي اچڻو، شهيد اسلام جي جنازي ۽ آخري سفر ۾ لکين ماڻهن جو سمنڊ هيو، شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو جنازو تاريخ هيو، پر قومي ميڊيا ۾ ان جو ذڪر به نه ٿيو. هر طبقي ۽ مڪتب فڪر جو ماڻهو شريڪ هو ۽ ڳوڙها ڳاڙهي رهيو هو، اڄ جمعيت يتيم ٿي وئي، بين الاقوامي دنيا سميت پاڪستان ۽ سنڌ يتيم ٿي وئي، لاڙڪاڻو يتيم ٿي ويو، صرف ناصر محمود، راشد محمود، گھر ڀاتي يتيم ناهن ٿيا پر هر گھر ۾ تڏو آهي، هر ماڻهو سوڳوار آهي.

اهو زندگي جو ڪيڏو نه عجيب لمحو هوندو جو ڏسو ته شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قائد، قائد جميعت مولانا فضل الرحمٰن جڏهن اسلام آباد کان لاڙڪاڻي هن جي پٽ جي وليمي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اچڻو هو، سو سندس لاڙڪاڻي ۾ ته آيو پر هو سندس وڇايل تڏي تي اچي ويٺو، جنهن وقت مولانا فضل الرحمان ڳالهائي رهيو هيو ته سندس آواز ۽ انداز ۾ ڏک هو ۽ هڪ اهڙي تڪليف هئي، جيڪا اهوئي انسان محسوس ڪري سگھي ٿو، جيڪو اهڙي خوشيءَ ۾ شرڪت لاءِ بوڪ ڪرايل ٽڪيٽ تي ويندڙ انسان جي اکين ۾ ئي ٿي سگھي ٿي، جنهن کي هاڻي خوشيءَ بجاءِ غم ۾ شرڪت لاءِ مجبور ٿيڻو پيو، هي سو به هڪ اهڙي طاقتور عظيم شخص هو، جنهن مولانا فضل الرحمٰن صاحب جي سياست کي سنڌ ۾ ۽ سنڌين وٽ هڪ نئون موڙ ۽ تعارف ڏنو، شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ ۾ جميعت لاءِ آڪسيجن هو، هن سنڌ ۾ پنهنجي پارٽيءَ ۾ جهڙي ريت ساهه وڌو هو، ائين تمام گھٽ ئي انسان پنهنجين پارٽين ۾ روح ڦوڪيندا آهن ۽ ٻين کي پنهنجن پارٽين ڏانهن ڇڪيندا آهن، شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، جيڪو هڪ ئي وقت جوان هو، جوشيلو هو، بهادر هو، ڌرتي شناس هو ۽ مذهبي هجڻ سان گڏوگڏ عوامي ۽ اثرائتو هو، ان ڪري ئي شايد هو انهن جي ئي اک جو ڪنڊو به هو، جن جو اسلام، امن، ڌرتيءَ ۽ مظلومن لاءِ من ميرو آهي، هي سياست ۽ سازش جي دنيا جي هڪ ٻي ڊگھي ڪهاڻي آهي، شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو عام ماڻهن ۾ هڪ مقبول ليڊر هو، سنڌ کان مقبول ليڊر جيڪو وقت جي سامراج جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چُڀندو ايندو هو، هاڻي شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ان جي سياست ان جي مذهبي سياسي پارٽي جي يو آءِ جي پاليسين سان سخت اختلاف رکي سگهن ٿا، پر هن جي لاءِ ڪو به ائين نه چئي سگهندو هو ته هو سنڌ جي حقن جو وڏو چئمپيئن نه هو، هو هر دل عزيز انسان سياستدان هو، انهيءَ لاءِ ته لاڙڪاڻي شهر مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تڪ مان ان جي خلاف ۲ دفعا چونڊ وڙهڻ وارو شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي گذريل ٽِن عام چونڊن جي دوران هر دفعي حاصل ٿيڻ وارن ووٽن ۾ اضافو ٿيو هو، سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهڻ وارن جاگيردار ڀٽن جي مقابلي ۾ هن مقبوليت حاصل ڪئي، هن کي شهيد ڪنهن ڪرايو؟ فرقيواراڻن تنظيمن يا شدت پسندن؟ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، پر هي طئي آهي ته جمهوريه پاڪستان ۽ سنڌ جي وسيلن تي ٿيندڙ تاريخي ڌاڙن تي اٿندڙ هڪ تاريخي آواز خاموش ٿي ويو.

شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو مشن الله جي ڌرتيءَ تي الله جو نظام، امن ۽ رواداريءَ جو مشن هو، امن پسند ۽ رواداري جو مشن هو، ڌرتيءَ جي حقن ۽ جمهوريت جو مشن هو، جنهن کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هو دنيا ۽ آخرت جون ڪاميابيون حاصل ڪري چڪو آهي، عظيم اعزاز ماڻي چڪو آهي، بس افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ صديون اهڙو عالمِ دين ۽ سنڌ دوست شهيد اسلام، شهيد جميعت علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو وري پيدا نه ڪندي.


علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾

ابراهيم لاشاري

لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ عاقل ۾ مذهبي ديندار گهراڻي جي معزز شخصيت علي محمد حقاني جي گهر لاڙڪاڻي جو لال سٻاجهڙو انسان ڊاڪٽر خالد محمود سومر جنهن گرمي ۽ جهولن واري مند ۷ مئي ۱۹۵۹ع خميس جي سڀاڳي صبح جو پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو، سندس ادبي نالو ابو راشد سنڌي ابو ناصر عاقلاڻي سان مشهور هئا.

سنڌ جي هن بهادر مذهبي عالم ديني تعليم جي سلسلي ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد منجهان سال ۱۹۸۶ع ڌاري پهريون نمبر کڻي تربيتي ڪورس مڪمل ڪيو تنهن بعد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سنڌ يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيشن اسلامڪ ڪلچر سال ۱۹۸۸ع ڌاري سند حاصل پڻ ڪئي تنهن بعد دين ، اسلام جي پرچارڪرڻ جي لاءِ اعلي ڊگري ڪرڻ جو شوق جاڳيس پاڻ ترت پوءِ لاڙڪاڻي منجهان روانا ٿي  مصرملڪ جي قديم ترين  ۽ عالم اسلام جي وڏي مان وڏي يونيورسٽي جامع الازهر يونيورسٽي قاهره مان بين الاقوامي تبلغي ڪورس (اديان ) جي تقابلي مطالعي لاءِ ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو علامه خالد محمود شهيد کي اهو اعزاز پڻ حاصل هو ته جامع الازهر يونيورسٽي جو وائيس چانسلر جناب (جاد الحق جاد) سائين جن جو استاد پڻ رهيو.

پاڻ عملي سياست جو آغاز سال ۱۹۸۸ع کان جمعيت علماءِ اسلام (مولانا فضل الرحمن گروپ) ۾ شامل  ميمبر ٿي ڪري ڪيائين ساڳي ئي سال منجهه مرڪزي مجلس شوري جا ميمبر ٿيڻ سان گڏو گڏ  سنڌ صوبي جا جميعت علماءِ اسلام جا لاڳيتو (اٺ ڀيرا) جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊبا رهيا، سال ۱۹۹۰ع ڌاري هن مرد مجاهد غريبن ۽ يتيمن، دنيار مذهبي ليڊر کي مرڪزي اڳواڻ طور جمعيت قبول ڪيو.

ڊاڪٽر خالد محمود شهيد هڪ اڻوسرندڙ شخصيت هميشه انساني خدمت، خلق خدا سان شفقت واري رويي سان پيش ايندڙ، ننڍي توڙي وڏي سان نهايت برجوش ۽ احترام ڪندڙ اڳواڻن ۾ شمار ٿيندا هئا، سندس  جمعيت ۾ اڻکٽندڙ خدمتون جي وجهه ڪري هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ مقبوليت ۾ ڪڏهن ڪا ڪمي نظر نه آئي پاڻ ڪيترا ئي ڀيرا قومي اسمبلي توڙي صوبائي اسمبلي جي اليڪشنن اميدوار طور بهرو وٺندا رهيا، ڊاڪٽر خالد محمود سومري اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان دوبدو (ٽي ڀيرا) اليڪشن فارم ڀرائي اليڪشن ۾ ڀرپور مقابلو پڻ ڪيو پر شڪست نصيب ٿي هن پوءِ به ڪڏهن به همٿ نه هاري جڏهن ته اليڪشنن منجهه مقابلي لاءِ هر ڀيري اڳ کان ٻيڻ تي ووٽرن سندس حق ۾ ووٽ ڏيندا رهيا سندس پهرين اليڪشن منجهه ۸۰۰۰ هزار ٻئي دفعي ۱۸۰۰۰هزار ۽ ٽيئن دفعي ۲۸۰۰۰هزار ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب پڻ ويو، ڊاڪٽر خالد محمود شهيد جي ننڍپڻ کان وٺي خواهش هئي ته هو وڏو ٿي ديني جذبي سان اسمبلي ۾ عام خلق خدا جي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪندو، رب سائين سندس جي اهڙي خواهش کي قبول ڪندي مارچ ۲۰۰۶ع کان ۲۰۱۲ع تائين سينٽ منجهه سنڌ منجهان (ٽيڪنوڪريٽ) جي سيٽ تي جمعيت علماءِ اسلام جو ميمبر طور چونڊجڻ ۾ ڪامياب ڪيو، پوءِ هن مرد مجاهد سينٽ ۾ واقع بربلا عوامي مسئلن جهڙوڪ ڪالاباغ ڊيم، اين ايف سي ايوارڊ، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ، برطرف ملازمن جي بحالي، ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن جي حل لاءِ سينٽ ۾ جوشيليون تقريون ڪري عام خلق جي آواز کي ايوان جي زينت بڻائيندو رهيو ۽ شينهن جيان ايوان ۾ گجندو رهيو.

ڊاڪٽر خالد محمود صاحب  صرف لاڙڪاڻي واسين جي خدمت نه ڪئي پر صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر طبقي جي ماڻهن جي بنا تفريق جي خدمت ڪندي نظر آيو پاڻ لکين ماڻهن جو هڪ شاندار اڳواڻ هو، ڊاڪٽر خالد محمود شهيد اسلام جو علمبردار هو، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن سان نهايت پيار هوندو هيس، پاڻ دين اسلام جي پرچار(تبليغ) ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ ايران، مصر، دوحه، قطر، عراق، سعودي عرب، برطانيه، بنگلاديش، بوٽسوانا، سينگاپور، سائوٿ آفريڪا، چين، متحده عرب امارات، ٿائلينڊ، شام وڃي اسلام ۽ حق سچ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ ڪڏهن به آرام سان نه ويٺو پاڻ پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ پڻ دين اسلام جي پيغام کي عام ڪندو رهيو.

پاڻ هڪ بهترين ۽ ڏاهو مبلغ ۽ پرجوش مقرر هوندو هو مذهبي، سياسي اسٽيج جو وڻندڙ آواز هوندو هو سدائين دين جي صدا بلند ڪندي نظر آيو پاڻ پاڪستان جي نمائنده جي حيثيت ۾ (اقوام متحده) ۾ اسلام ۽ دهشگري جي عنوان تي هڪ بهترين مقرر طور خطاب ڪري هڪ بهترين  مذهبي عالم طور پنهنجو نالو نروار ڪرايائين، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو شهيد سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ مذهبي مبلغ ۽ خطيب، تاريخ اسڪالر جمعيت جي عالمن منجهان ايترو ته مقبول هوندو هو جو تمام پري کان پري جي علائقن جا ماڻهو تقرير جلسن ۾ خطاب ڪرڻ لاءِ اڳ واٽ تاريخ وٺندي نظر ايندا هئا سندس جي ڊائري سڄي سال ۾ اڳواٺ تاريخن سان ڀرجي ويندي هئي ، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود صاحب پاڻ هڪ بهترين ڪالم نويس، ۽ شاعر پڻ هوندو هو سندس جا مختلف موضوعن تي ڪالم اردو توڙي سنڌي اخبارن جي زينت بڻجندا رهيا.

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب جي زندگي ۾ مٿس ٽي چار ڀيرا قاتلانه حملا پڻ ٿيندا رهيا انهن حملن منجهان الله تعالي سندس جي زندگي کي محفوظ رکيو پر ۲۹ نومبر ۲۰۱۴ ڇنڇر ڏينهن هي عظيم مذهبي اڳواڻ پنهنجي والد جي نالي سان منسوب  حقاني مدرسي سکر جي مسجد منجهه جڏهن صبح جي نماز سنت ادا ڪري الله اڪبر جي تڪبير بلند ڪيائين ته مسجد اندر مٿان گوليون هلايون ته هن عظيم انسان کي سخت زخمي ڪيو ويو جنهن کي ترت علاج واسطي سکر جي مقامي اسپتال   پهچايو ويو پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو، پاڻ ڪلمو پڙهي شهادت جو جام نوش ڪري زندگي جا پل ۵۵ سال ۶مهينا ۽۲۲ ڏينهن گذاري هميشه لاءِ ابدي آرامي ٿي ويو سندس آخري آرمگاهه ابن تيميه مسجد گلشن حقاني نئون ديرو باءِ پاس لاڙڪاڻي  وٽ واقع آهي سندس شهادت جي خبر سڄي ملڪ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي پاڪستان جي هن بهادر ديني عالم جو مشن امن ۽ روداري وارو مشن هو ان مشن کي سندس عظيم فرزند محترم راشد محمود سومرو صاحب سندس جي نقشي قدم تي هلڻ جي واٽ ورتي آهي پاڻ والد صاحب واري منصب تي جمعيت جو رهنما ءَ ٿي ڪري ڪم ڪندي نظر اچي ٿو.

اڄ ۲۶ نومبر تي سندس فرزند راشد محمود سومرو سندس ياد ۾ شهيد اسلام ڪانفرنس ڪوٺائي آهي.


 

خالد محمود سومرو

بهادر اڳواڻ ۽ شهيد، علامه ۽ ڊاڪٽر

ابراهيم لاشاري

سونهاري سنڌ جي لاڙڪاڻي جي مٽي کي اهو شرف حاصل آهي ته هن چيڪي مٽي منجهان ڪيترن ئي ناليوارن سياستدان، اديب، شاعرن، سگهڙن، عالمن ۽ فاضلن کي پنهنجي هنج ۾ هميشه کان وٺي جنم ڏيندي آئي آهي، اهڙن املهه جوڌن انسان پنهنجي ڪيل ڪمن ۽ ڪردار سان پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه جرڪايو آهي، انهن شخصيتن منجهان لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ عاقل ۾ مذهبي ديندار گهراڻي جي معزز شخصيت علي محمد حقاني جي گهر لاڙڪاڻي جو لعل سٻاجهڙو انسان ڊاڪٽر خالد محمود سومر جنهن گرمي ۽ جهولن واري مند ۾ اڄ کان ۵۹ سال اڳ ۷ مئي ۱۹۵۹ع خميس جي سڀاڳي صبح جو پنهنجي زندگي جوپهريون ساهه کڻي جنم ورتو، سندس ادبي نالو (ابو راشد سنڌي ابو ناصر عاقلاڻي) سان مشهور هئا، پاڻ جڏهن پڙهڻ جي وهي ٿيو ته سندس والد صاحب نصابي تعليم حاصل ڪرائڻ لاءِ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول (عاقل) ۾ داخل ڪرايو جتان هن محنتي ٻار پنج درجا وڏي شوق سان پڙهي پاس ڪيا، سال۱۹۷۴ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبر ۾ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول منجهان پاس ڪيائين. انٽر جي تعليم لاءِ گورنميٽ ڊگري ڪاليج منجهان سال ۱۹۷۶ع ۾ پاس ڪيائين وڌيڪ تعليم لاءِ انسانن جي خدمت ڪرڻ جي جذبي سان سال ۱۹۸۴ع ڌاري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج منجهان (ايم بي بي ايس) جي ڊگري حاصل ڪيائين.

سنڌ جي هن بهادر مذهبي عالم ديني تعليم جي سلسلي ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد منجهان سال ۱۹۸۶ع ڌاري پهريون نمبر کڻي تربيتي ڪورس مڪمل ڪيو تنهن بعد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سنڌ يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيشن اسلامڪ ڪلچر سال ۱۹۸۸ع ڌاري سند حاصل پڻ ڪئي تنهن بعد دين ، اسلام جي پرچارڪرڻ جي لاءِ اعلي ڊگري ڪرڻ جو شوق جاڳيس پاڻ ترت پوءِ لاڙڪاڻي منجهان روانا ٿي مصر ملڪ جي قديم ترين  ۽ عالم اسلام جي وڏي مان وڏي يونيورسٽي جامع الازهر يونيورسٽي قاهره مان بين الاقوامي تبليغي ڪورس (اديان) جي تقابلي مطالعي لاءِ ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو علامه خالد محمود شهيد کي اهو اعزاز پڻ حاصل هو ته جامع الازهر يونيورسٽي جو وائيس چانسلر جناب (جاد الحق جاد) سائين جن جو استاد پڻ رهيو ڊاڪٽر خالد محمود شهيد وڌيڪ ديني تعليم خاص طور تي (سند الفراغ) جي ڊگري پنهنجي والد محترم حضرت علامه مولوي علي محمد حقاني صاحب جي رهنمائي جي اثر هيٺ مدرسه اشاعت القران والحديث دودائي روڊ لاڙڪاڻي منجهان حاصل ڪئي ڊاڪٽر صاحب ديني علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به نه ٿڪو نه آر ڪيائين پاڻ ملتان شهر ۾ قائم (وفاق المدارس العربيه پاڪستان) جهڙي اداري منجهان (شهادت العاليه جو ڪورس) پڻ ڪري آيو هو ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب حديث جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ علامه پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي (چانڊيو) ڊائريڪٽر شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد مان حديث جي اعلي ترين سند پڻ ورتائين،

پاڻ عملي سياست جو آغاز سال ۱۹۸۸ع کان جمعيت علماءِ اسلام (مولانا فضل الرحمن گروپ) ۾ شامل  ميمبر ٿي ڪري ڪيائين پاڻ ساڳي ئي سال منجهه مرڪزي مجلس شوري جا ميمبر ٿيڻ سان گڏو گڏ سنڌ صوبي جا جميعت علماءِ اسلام جا لاڳيتو (اٺ ڀيرا) جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊبو رهيو، سال ۱۹۹۰ع ڌاري هن مرد مجاهد غريبن ۽ يتيمن، دنيار مذهبي ليڊر کي مرڪزي اڳواڻ طور جمعيت قبول ڪيو، ڊاڪٽر خالد محمود شهيد هڪ اڻوسرندڙ شخصيت هميشه انساني خدمت، خلق خدا سان شفقت واري رويي سان پيش ايندڙ، ننڍي توڙي وڏي سان نهايت برجوش ۽ احترام ڪندڙ اڳواڻن ۾ شمار ٿيندا هئا، سندس جو جمعيت ۾ اڻکٽندڙ خدمتون جي وجهه ڪري هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ مقبوليت ۾ ڪڏهن ڪا ڪمي نظر نه آئي پاڻ ڪيترا ئي ڀيرا قومي اسمبلي توڙي صوبائي اسمبلي جي اليڪشنن اميدوار طور حصو وٺندو رهيو،

ڊاڪٽر خالد محمود شهيد جي ننڍپڻ کان وٺي خواهش هئي ته هو وڏو ٿي ديني جذبي سان اسمبلي ۾ عام خلق خدا جي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪندو، رب سائين سندس جي اهڙي خواهش کي قبول ڪندي مارچ ۲۰۰۶ع کان ۲۰۱۲ع تائين سينٽ منجهه سنڌ منجهان (ٽيڪنوڪريٽ) جي سيٽ تي جمعيت علماءِ اسلام جو ميمبر طور چونڊجڻ ۾ ڪامياب ڪيو، پوءِ هن مرد مجاهد سينٽ ۾ واقع بربلا عوامي

مسئلن جهڙوڪ ڪالاباغ ڊيم، اين ايف سي ايوارڊ، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ، برطرف ملازمن جي بحالي، ۽  ٻين ڪيترن ئي مسئلن جي حل لاءِ سينٽ ۾ جوشيليون تقريون ڪري عام خلق جي آواز کي ايوان جي زينت بڻائيندو رهيو ۽ شينهن جيان ايوان ۾ گجندو رهيو.

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب سال۱۹۸۲ع ڊسمبر ۲ خميس ڏينهن شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو ان ڏينهن پڻ شادي جي خوشي ۾ وليمي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو الله سائين سندس کي ڇهن پٽن ناصر محمود، راشد محمود، طاهر محمود، طارق محمود، عطاءِ الرحمن، ۽ محترم شفيق الرحمن سومرو ۽ ٽن نياڻين جي اولاد سان نوازيو. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب جي زندگي ۾ مٿس ٽي چار ڀيرا قاتلانه حملا پڻ ٿيندا رهيا انهن حملن منجهان الله تعالي سندس جي زندگي کي محفوظ رکيو پر ۲۹ نومبر ۲۰۱۴ ڇنڇر ڏينهن زندگي جا ۵۵ سال ۶مهينا ۲۲ ڏينهن پل گذاري هي عظيم مذهبي اڳواڻ پنهنجي والد جي نالي سان منسوب حقاني مدرسي سکر جي مسجد منجهه جڏهن صبح جي نماز سنت ادا ڪري الله اڪبر جي تڪبير بلند ڪيائين ته مسجد اندر مٿان گوليون هلايون ته هن عظيم انسان  کي سخت زخمي ڪيو ويو جنهن کي ترت علاج واسطي سکر جي مقامي اسپتال   پهچايو ويو پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو، پاڻ ڪلمو پڙهي شهادت جو جام نوش ڪري هميشه لاءِ ابدي آرامي ٿي ويو سندس شهادت جي خبر سڄي ملڪ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي. سنڌ جو هي بهادر ديني عالم جو مشن امن ۽ روداري جو مشن هو ان مشن کي سندس عظيم فرزند محترم راشد محمود سومرو صاحب سندس جي نقشي قدم تي هلڻ جي واٽ ورتي آهي پاڻ والد صاحب واري منصب تي جمعيت جو رهنما ءَ ٿي ڪري ڪم ڪندي نظر اچي ٿو ملڪ جي هن مشهور ديني عالم شهيد علامه خالد محمود سومرو صاحب جي ۵۹ سالگره گهر وارن سان گڏ هزارين طالب سادگي سان لاڙڪاڻو ۾ پڻ ملهائيندا.




شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

ارڏو نانءُ

ڊاڪٽر اي جي انصاري

انگريزي محاورو آهي ته؛

Man can be destroyed, but never can be defeated

ان مان مراد اها آهي ته توهان ڪنهن کي جسماني طور ختم ته ڪري سگهو ٿا پر ان کي شڪست نه ٿا ڏئي سگهو، سنڌ جي ڌرتي اهڙن بهادر ۽ وطن سان محبت ڪندڙن سان هميشه سرسبز رهي آهي جنهن هميشه ڌرتي سان محبت جا اهڙا لازوال مثال ڇڏيا آهن جو جيڪي رهندڙ دنيا تائين هميشه سج وانگر روشن رهندا، سندس ڏسيل واٽ ۽ عظيم جدوجهد ڪاميابي ۽ ڪامراني جو اهڃاڻ بڻجي وڃي ٿي، اهڙن ارڏن ۽ اعليٰ ڪردار مان هڪ، شهيدن جي سرزمين لاڙڪاڻي جو بي باڪ انسان شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پڻ هو، جنهن جي ٻاريل لاٽ رستي تان ڀٽڪي ويل ماڻهن جي واٽ تي هميشه روشني ڪري انهن کي پنهنجي منزل تائين پهچڻ ۾ مدد ڪندي رهندي، تاريخ جي پنن کي اٿلائڻ سان اسان اڳيان جتي قومن، سماجن، سنڌي ٻولي، ثقافت، اخلاقي قدرن ۽ روين جي ڦير ڦار انهن جي عروج ۽ زوال جا ڪيترا ئي داستان سامهون ايندا، اتي جيڪڏهن مستقبل جون راهون روشن ڪرڻ وارن انقلابي ماڻهن جي ڳولها ڪنداسين ته اهي اعليٰ ظرف وارا غير معمولي فرد، سورما ۽ انقلابي اڳواڻ بي مثال ۽ بي بها ڪارنامن جي صورت ۾ نظر ايندا، ويجهي ماضي ۾ سنڌ ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا انهن ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو شهيد سر فهرست آهي،۷ مئي ۱۹۵۹ع تي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍي ڳوٺ “عاقل” ۾ ننڍي کنڊ جي برک عالم دين مولانا علي محمد حقاني جي گهر ۾ جنم ورتو، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو شهيد سنڌ جو شيدائي لاڙڪاڻي جو پرجوش خون، سنڌ ڌرتي سان اتاهه گهرائي سان محبت ڪندڙ، دارالعلوم ديوبند جي علمي سوچ جو تربيت يافته هو، انقلابي فڪر، سنڌ سان محبت ۽ اسلام جو سپاهي جي خمير کي جڏهن سنڌو درياهه جي پاڻي سان ڳوهي سنڌ جي ضمير جو آواز ٺاهيو ويو ته ان ضمير جي آواز جو نالو خالد محمود هو. خالد محمود سومرو ۷۰ جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم لاءِ هن شهر جو رخ ڪيو ۽ ۱۹۸۴ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان هڪ سال اڳ هن شادي ڪئي، شهيد کي ۶ پٽ ۽ ۳ نياڻيون آهن، سياست جي شروعات جمعيت طلباءِ اسلام کان ڪيائون ۽ مسلسل جدوجهد، محنت ۽ قابليت سبب هو جمعيت علماءِ اسلام ۾ شامل ٿيو ۽ تمام ٿوري عرصي ۾ هو جي يو آءِ جي اعليٰ اڳواڻن ۾ شامل ٿيڻ لڳو ۽ ۱۹۸۸ع ۾ پهريون ڀيرو جي يو آءِ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ حياتي جي آخر تائين ان عهدي تي چونڊبو آيو، هن مسلسل ۸ ڀيرا پارٽي جي ان عهدي تي منتخب ٿي هڪ رڪارڊ قائم ڪيو، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ۳ ڀيرا پيپلزپارٽي کي ان جي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ چيلنج ڪيو، جيالن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي آخري اليڪشن جي مقابلي ۾ ۲۸ هزار ووٽ کڻي ثابت ڪيو ته هو روايتي ڀوتارڪي سياست خلاف هڪ غزنوي بت شڪن آهي ۲۰۰۶ عيسوي ۾ جڏهن هن کي الله تعاليٰ جي ڪرم سان سينيٽر چونڊجڻ جو موقعو مليو ته هن ان موقعي کي غنيمت سمجهندي اعليٰ ايوان ۾ اسلام، سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪجهه ڪري وڃڻ جو وچن ڪيو ۽ هن حقيقت ۾ اهو ثابت به ڪري ڏيکاريو ۽ مسلسل ۶ سالن تائين سنڌ جي حقن لاءِ گرجندو رهيو، ڪڏهن ته ائين محسوس ٿيندو هو جو ايوان ۾ ڪو مولوي نه پر هڪ ارڏو انسان ڳالهائي رهيو هجي ڪيترن ئي تجزيي نگارن جو سندس اعليٰ صلاحيتن کي ڏسي چوڻ هو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر خالد محمود سومرو بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڄائو هجي ها ته ضرور اتان جو وڏو وزير ٿئي ها، ڊاڪٽر خالد ڊاڪٽر هو پر جسم جو نه روح جو هو، هو اعليٰ پائي جو مقرر هو، ماڻهو سندس خطاب ٻڌڻ ۽ سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ پري پري کان ڪهي ايندا هئا، ان جي آواز ۾ هڪ عجيب سحر هو جيڪو هر طبقي جي ماڻهن کي موهي وجهندو هو، سندس تقرير هڪ درس، هڪ فڪر ۽ انقلاب جو نياپو هوندو هو، هو سنڌ جي حقن خاطر جذباتي به هو ته حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس سوچ ۾ دانشمندي به هئي. ڪالاباغ ڊيم منصوبي جو ڪٽر دشمن هو، ملڪ دشمن ان منصوبي خلاف جدوجهد سنڌ جي نامياري عالم ڪئي، اهڙي شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪئي هجي، ڪالاباغ ڊيم خلاف سوين مظاهرا، ميڙاڪا، ڪانفرنسون ڪوٺائي ان منصوبي خلاف نفرت کي پکيڙيو، ايوان بالا سينيٽ ۾ پڻ ان منصوبي جي خلاف گرجيو ۽ سنڌ جي لاءِ ڳالهائڻ هو پنهنجو قرض سمجهندو هو، شهيد خالد محمود واحد سنڌي پارليامينٽيرين هو جنهن ايوان ۾ پهريون ڀيرو ڪيفي ٽيريا ۾ سنڌي اخبارون مقرر ڪرائڻ جو ڪم ڪيو، ان کان اڳ ايوان جي ڪيفي ٽيريا ۾ فقط اردو ۽ انگريزي اخبارون اينديون هيون، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو حقيقي عوامي ماڻهو هو، سندس رهائشگاهه تي هر وقت ماڻهن جو ميلو متل رهندو هو ماڻهن کي ڪمن جي حل واسطي هزارن جي تعداد ۾ خط لکي، فون ڪري ۽ پاڻ ڪهي وڃي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرايا، هن کي سنڌ جي هر سور جو احساس هو، اين ايف سي ايوارڊ، پاڻي جي کوٽ، سنڌ جي وحدت، ڌارين جي غير قانوني آبادڪاري، قبائلي جيهڙن، وسيلن تي قبضن جهڙن سنڌ جي اهنجن تي هميشه پنهنجي درد کي اعليٰ اختيارين آڏو رکيو، قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا منٿ ميڙ قافلا ساڻ ڪري جهيڙيندڙ ڌرين کي راضي ڪري کيرکنڊ ڪيو، ڊاڪٽر خالد محمود سومري هر ظالم ۽ جابر کي للڪاريو، الطاف حسين کي سنڌ دشمن ڪوٺيندو هو ۽ هميشه پنهنجي تقريرن ۾ الطاف حسين جي مٽي پليت ڪندو هو، هو پنجاب جي سنڌ دشمن پاليسين کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻائيندو هو ان ڪري سنڌ جا وڏيرا ۽ پنجاب جا جاگيردار هن جي خلاف هئا، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قومي حقن جو علمبردار، مذهبي اقدار جو محافظ ۽ جمهوري روايتن جو امين هو، سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ، مذهبي روايات خاطر سر ڏيڻ ۽ آمريت خلاف پهرين صف ۾ لڙندڙ نظر ايندو هو، هو فرقيواريت جو شديد مخالف هو ۽ هميشه فرقيواريت جو حوصلي شڪني ڪئي، هو سڀ کي گڏجي کڻي هلڻ جو قائل هو ۽ ڪنهن جي اشارن تي هلڻ پنهنجي توهين سمجهندو هو، ڊاڪٽر شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ڀٽائي ۽ قلندر جو پوئلڳ هو، جهيڙي ريت انهن بزرگن سنڌ جي پسمانده علائقن ۾ وڃي پنهنجا اجها اڏي ڀٽڪيل ماڻهن کي صحيح واٽ تي هلڻ، هڪ الله جي عبادت ڪرڻ ۽ مخلوق جي خدمت جي تبليغ ڪئي انهيءِ رستي تي هلندي شهيد خالد محمود سومري سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن ۾ ديني مدرسه ۽ درسگاهون قائم ڪرائي ماڻهن جي هدايت لاءِ مرڪز قائم ڪرايا، اهڙو ئي هڪ انساني ڀلائي جو ادارو سکر جي سائيٽ واري علائقي محبوب ڳوٺ ۾ تعمير ٿيندڙ درسگاهه ۾ ۲۹ نومبر ۲۰۱۴ عيسوي تي صبح جي نماز جي سنتن دوران ۴ بدبخت سنڌ دشمن سندس مٿان گولين جي برسات ڪري شهيد ڪري ڇڏيو، دشمن ائين پئي سمجهيو ته کيس جسماني طور ختم ڪرڻ سان شهيد جو مشن اڌورو رهجي ويندو پر اها ان سوچ جي ڀل هئي، ان جو اندازو ان مان لڳائي ٿو سگهجي جو سندس جي جنازي ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهون شريڪ ٿي شهيد جي مشن کي پورو ڪرڻ جو عهد ڪيو ۽ شهيد جا مخالف به علي الاعلان سندس بهادري ۽ سنڌ جي سگهاري آواز طور تسليم ڪندا آهن، جيڪا سندس جي شخصيت کي ٻين کان منفرد ٿي ڪري. شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جهڙا سٻاجهڙا ڪردارهميشه هر دور ۾ ياد ڪيا ويندا ۽ هن جي ڪارنامن کي هر، هر ورجايو ويندو، شهيد جي ياد ۾ٽين سالياني تاريخي شهيد اسلام ڪانفرنس ۲۶ نومبر ۲۰۱۷ تي لاڙڪاڻي جي وسيع اسٽيڊيم ۾ رکي وئي آهي، جنهن ۾ ۱۰ لک کان مٿي عوام شرڪت ڪري سندس ڏسيل واٽ تي هلڻ جو وچن ڪندي، اچو ته گڏجي هن هڏڏوکي جي ياد ۾ ٿيندڙ هن ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت ڪري خدا پرستي ۽ انسان دوستي جو ثبوت ڏيون


خالد محمود سومرو

سنڌ جي سچي عاشق جي شهادت!

خالد محمود گھانگھرو

اڄ سنڌ جي سپوت ۽ سنڌ دوست عالم ڊاڪٽر شهيد خالد محمود سومرو جي شهادت جو ڏينهن آهي، سنڌ جي البيلي شاعر شيخ اياز جي شعر ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سَهندو ڪير ميار، او يار“ جي سٽن کي عملي طور تي حقيقي روپ ارپيندڙ سنڌ دوست عالم ۽ مهراڻ جي موتي جيان ڌرتيءَ تي چمڪندڙ سپوت ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شهادت کي اڄ چار سال مڪمل ٿي ويا آهن. اڄوڪو ڏينهن ڏک درد صدمي ۽ وڇوڙي جو ڏينهن ان ڪري به آهي ته ڌرتيءَ سان ماءُ جيان محبت ۽ پيار ڪندڙ خالد محمود پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جي ٿڃ ملهائي ويو، هڪ اهڙي شهادت جنهن جي تمنا ته هر ماڻهوءَ جي هوندي آهي پر نصيب وري ارڏي پٽ خالد محمود جي ٿي، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ سان عشق محبت پيار پريم وفا جو ٻيو نالو آهي، جڏهن به سنڌ تي ڏکيا ڏينهن آيا، سنڌ دشمن منصوبن خلاف جبل جيان بيهي قومي وسيلن کي واڳن جي وات مان ٻاهر ڪڍندي ڪڏهن به ڪين ٿڪيو پر حقيقت اها آهي ته سنڌ صوفين، ولين، بزرگن ۽ الله وارن جي ڌرتي طور دنيا ۾ سڃاڻپ رکي ٿي، پر ان کان هٽي ڪري به عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهيندڙن جي سنڌ سڃاڻپ بڻبي پئي وڃي، جنهن ۾ جمهوريت پسند، اسلام پسند ۽ قومپرست اڳواڻ شامل آهن، جن پنهنجي سڄِي زندگي قربانين، ايثار، جدوجهد ۽ عوام جي لاءِ گذاري، جيڪي ڪنهن هڪ پارٽي يا خاندان ذات پات جا وارث نه پر اهي قومن جا هيرا آهن، جن کي وسارڻ پاڻ سان زيادتي ۽ کين ڀيٽا پيش ڪري خراج تحسين پيش ڪرڻ حق گوئي آهي، سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جو ضامن موهن جو دڙو جي ڪک مان جنم وٺندڙ، لاڙڪاڻي شهر جي دل ۾ سنڌ جي حلالي فرزند ۽ اسلام پسند عالم دين شهيد خالد محمود سومرو جي مزار آهي، لاڙڪاڻو اهو ضلعو آهي جتي قومپرست، جمهوريت ۽ اسلام پرستن جي ليڊر شپ جنم ورتو آهي، جتان ئي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي اڳواڻي ڪئي پئي وڃي، جيڪو سلسلو شايد هاڻي صدين تائين جاري رهندو، طبي موت ته برحق آهي، پر شهادت به وڏو رتبو آهي، خبر ناهي ڇو موهن جي چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ خالد محمود سومرو پنهنجي مقصد، مشن، نظرئي، اصول، آدرش ۽ انقلاب سان ايترو ته مخلص هئو جو قدرت واري به کيس عظيم نعمت شهادت جهڙي انعام سان نوازيو. جي يو آءِ سنڌ جي ست ڀيرا رهندڙ اڳوڻي جنرل سيڪريٽري توڙي سينيٽر رهندڙ، هميشه سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ، سنڌ دشمن منصوبن خلاف ويڙهه ۽ اسلام جي سربلندي لاءِ پهرين صف ۾ جنگ جوٽِيندڙ امام عبيدالله سنڌي جي نقش قدم تي هلندڙ، شيخ الهند ۽ ابوالڪلام جي مشن کي اڳتي وٺي ويندڙ سنڌ جي جوڌي پٽ ۽ جميعت علماءِ هند جي ترجمان مولانا علي محمد حقاني جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شهيد اسلام علامه خالد محمود سومرو کي سکر ۾ پيغام امن ڪانفرنس بعد پنهنجي ئي تعمير ڪيل مدرسي واري مسجد ۾ فجر جي نماز دوران بيرحم وحشي صفت قاتلن کيس فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. اڄ جي ڏهاڙي ۲۹ نومبر ۲۰۱۴ تي صرف خالد محمود سومرو قتل نه ٿيو پر سڄي سنڌ هڪ محسن، وفادار، سچي ساٿي، کان محروم ٿي وئي، لکين عالم هڪ سچي ليڊر کان محروم ٿي ويا، علامه خالد محمود سومرو کي ان وقت شهيد ڪيو ويو جڏهن هو سنڌ جي شهر شهر، وستي ۾ تحفظ مدارس مهم هلائي رهيو هو، هڪ سوال ته اهو ٿو پيدا ٿئي ته کيس سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد ڪرڻ تي رستي تان هٽائڻ لاءِ شهيد ڪيو ويو آهي، ٻيو سوال اهو ته کيس مدرسن جي تحفظ واري واٽ تان هٽائڻ لاءِ کيس شهيد ڪيو ويو ڇو ته شهادت کان ڪجهه مهينا اڳ شڪارپور ۾ تحفظ مدارس ريلي بعد لاڙڪاڻي ويندي ماهوٽا وٽ ڪار تي فائرنگ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ قدرت واري کيس بچائي ورتو.

جيڪڏهن خالد محمود سومرو جي زندگي تي روشني وجهبي ته سندس سياسي زندگي جي شروعات چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان جي ٽي آءِ طور ٿي، پنهنجي والد جي قائم ڪيل مدرسي مان عالم بڻيو، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪري ڊاڪٽر بڻيو، جامعه الازهر مدرسه مصر مان اسلاميات ۾ ڊگري حاصل ڪئي، مدينه يونيورسٽي مدينه منوره مان پڻ عربي ۾ ڊگري حاصل ڪئي، خالد محمود سومرو سنڌ جو واحد اڳواڻ ۽ سينيٽر هو جيڪو سينيٽ ۾ ايم ايم اي جي سيٽ تان چونڊجڻ باوجود هميشه سنڌ جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو، جنهن جو ثبوت ان جي رڪارڊ تي پيل وڊيو تقريرن ۽ اخبارن جي ڪٽنگ توڙي سوشل ميڊيا تي پيل مواد مان مان ثابت ٿئي ٿو، هڪ اهڙي وقت کيس شهيد ڪيو ويو، جنهن وقت سنڌ ۾ ليڊر شپ جي شديد کوٽ هئي، مدرسن خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، سنڌ جي اهڙي سپوت جو وقت کان اڳ بيدردي سان قتل ڪافي سوال پيدا ڪري ٿو، پشاور آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کان پوءِ پاڪستان ۾ سزا آيل قيدين کي ڦاسي وارو عمل بحال ڪندي سوين قيدين کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪايو ويو، ان بعد اڳوڻي صدر مشرف تي حملو ڪندڙ ۷ جوابدارن کي پڻ ڦاهي ڏني وئي، جي ايڇ ڪيو هيڊڪواٽر توڙي ڪراچي، پشاور ۽ لاهور ۾ پوليس تي حملن ۾ جوابدارن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو، هزارين دهشتگرن کي گرفتار ڪري فوجي ڪورٽن ۾ ڪيس هلايا پيا وڃن پر بدقسمتي سان چار سال گذرڻ باوجود شهيد خالد محمود سومرو جو ڪيس رولڙي جو شڪار آهي، هن وقت به ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ سينٽرل جيل سکر ۾ هلي رهيو آهي، جنهن ڪورٽ کي ۶ مهينا يا سال اندر فيصلو ڏيڻو هوندو آهي پر چار سال گذرڻ سواليه نشان آهي، شهيد خالد محمود سومرو جو ڪيس هاءِ پروفائل هئڻ باوجود هن وقت تائين جوابدارن کي سزا نه ڏيڻ، نه وري فوجي ڪورٽ ۾ منتقل ڪرڻ مان شايد ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت يا ته ڪنهن دٻاءَ ۾ اچي ڪيس ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي يا وري هو نٿي چاهي ته شهيد خالد محمود سومرو جي قاتلن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو، هن وقت تائين صرف خالد محمود سومرو شهيد جا صرف قاتل ئي گرفتار ٿي سگهيا آهن جڏهن ته اصل سرپرست توڙي سهولتڪار گرفتار ناهن ٿي سگهيا، الٽو هڪ سازش جي تحت فرقيواريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ طرح طرح جون ناپاڪ ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون جيئن ڪيس کي الجهائي خون لوڙهيو وڃي پر شهيد خالد محمود سومرو جي فرزندن راشد محمود سومرو ۽ ناصر محمود سومرو جي صبر برداشت کي داد ڏجي ٿو جنهن وقت حالتن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ ڪنهن به فرقيواريت جي ڪوشش توڙي فتني فساد کي روڪي ڇڏيو پر انهن قوتن کي سوچڻ سمجهڻ گهرجي ته برداشت جي به حد هوندي آهي، ڇا هن وقت شهيد خالد محمود سومرو جي خون سان انصاف ٿي سگهندو يا وري هن ڪيس جا فائل به سالن تائين عدالتن جي الماڙين ۾ پيل هوندا، شهيد خالد محمود سومرو جي خون سان انصاف جا طلبگار رڳو ان جي جماعت جا ڪارڪن يا اڳواڻ نه پر سڄي سنڌ ان موقف تي هڪ آهي، اڄ جڏهن سندس چوٿين ورسي جي موقعي تي سکر ۾ شهيد اسلام ڪانفرنس ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ سندس مشن کي پورو ڪرڻ سان گڏ جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ته يقينا سندس روح کي راحت ملي هوندي.

حقيقت کي ڏٺو وڃي ته زندگي مختصر آهي هر شخص پنهنجو ڪردار ادا ڪري وڃي ٿو پر جهڙي طرح شهيد خالد محمود سومرو هڪ گجگوڙ ڪندڙ شينهن جيان زندگي گذاري ڄڻ ته هڪ رستو قائم ڪري ويو ۽ سنڌ واسين کي ٻڌائي ويو ته حقن لاءِ ائين وڙهبو آهي ۽ جان جي پرواهه ڪرڻ بنا ائين ئي موت کي سجدي جي صورت ۾ چمي وٺبو آهي، اڄ شهيد خالد محمود سومرو جي چوٿين ورسي شهادت جي ڏهاڙي تي اسان کي سوچڻو ضرور پوندو ته جنهن نازڪ دور مان گذرون پيا جهڙي طرح سنڌ سورن ۾ آهي طرح طرح جون تڪليفون ڏيڻ سان گڏ قومي وسيلا ڦري سنڌو درياهه جي انچ انچ تي ڊيم ٺاهڻ جون ناپاڪ سازشون ۽ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ان موقعي تي اکيون بند ڪري ناهي ويهڻو بلڪه اسان کي انهن حالتن ۾ قلم دليلن جدوجهد تحريڪن سان گڏ بيهي اڳتي وڌڻو پوندو نه ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي نه وري اسان پنهنجي شهيد قومي اڳواڻن سنڌ ڌرتي جي سورمن جي ڏنل قربانين جو ٿورو لاهي سگهنداسين. شهيد خالد محمود سومرو جو مقصد ۽ منزل به اها ساڳئي هئي، سنڌ سندس عشق هو ۽ اهڙو عشق جيڪو کيس ان خيال سان سمهڻ ويهڻ نه ڏيندو هو هن جي اڳين منزل خوشحال سرسبز ۽ شاداب سنڌ هئي اهڙي سنڌ جنهن لاءِ لطيف سرڪار فرمايو آهي ته:

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

جنهن ڏينهن اسان جا خيال سوچ سمجهه عقل شعور شهيد خالد محمود سومرو جيان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو يقينا ان ڏينهن سنڌ واڳن جي وات مان نڪرندي ۽ ماروئڙا پنهنجي وسيلن جي پاڻ مالڪي ڪندا پر اڄ اسان جتي شهيد خالد محمود سومرو تي فخر ڪري رهيا آهيون ان وقت سندس فرزندن ۽ جانشين راشد محمود سومرو ناصر محمود سومرو طارق محمود سومرو تي به ناز ۽ فخر ڪريون ٿا جيڪي شهيد والد جي مشن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اڄ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي روپ ۾ راشد محمود سومرو ۽ ناصر محمود سومرو پنهنجي شهيد والد جيان ميدان ۾ آهن، اها خالد محمود سومرو جي محنت پروش جو نتيجو آهي جتي هن پنهنجي پٽن کي تيار ڪيو اتي هزارين نه پر لکين سنڌين کي به خالد محمود بڻائي ويو، حقيقت اها آهي ته لفظ کٽي ويندا پر تاقيامت ۽ صدين تائين سنڌ شهيد خالد محمود سومرو جي ڏنل قربانين تي ناز ڪندي رهندي.

شهيد خالد محمود سومرو کي لفظن جي ڀيٽا

”بهار جي موسم جيان تون بدليو ته ناهين پر وڇڙيو ضرور آھين پر چئن سالن جو وقت گذرڻ باوجود وسريو ناهين، تنهنجي شفقت پيار ۽ چاهت ايتري ته هئي جو هاڻ به جدائي جي ڪري سک سان نه ويهڻ ٿي ڏي نه سمهڻ، سمجهه ۾ نٿو اچي ته توکي لفظن سان ڀيٽا ڏيان يا وري لڙڪ اکين مان لاڙي تنهنجي جدائي جو غم ڀُلايان، پر اي سنڌ جا يگانا عاشق جهڙي طرح تون سنڌ سان محبت جو ناتو نڀايو ۽ ڌرتي سان عشق جي انتها ۾ ڌرتيءَ امڙ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي وئين اڄ به سنڌ جا جوڌا توکي پنهنجي جيجل ماءُ جيان ياد ڪن ٿا، ڌرتيءَ جي عشق جيان تو سان به ساڳي طرح پيار ڪن ٿا ۽ هو تنهنجي مشن کي اڳتي وڌائيندا.“


 

شهيد خالد محمود سومرو

سنڌ جو ارڏو ۽ بهادر سپوت

ايڊووڪيٽ عبدالله ڇڄڻ

ازل کان وٺي اڄ تائين اسين انهيءَ سسٽم ۾ گهيريل رهيا آهيون، جتي جيڪڏهن ڪو حق ۽ سچ جي ڳالهه کُليل لفظن سان ڪري ٿو ته وقت جي ظالمن اهڙن حق ۽ سچ جي علمبردارن کي پکين جي شڪار جيان شڪار بنايو آهي، سنڌ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي، جتي قومپرستن جي شهادت جو ذڪر ڪجي يا روشن خيال رکندڙن ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏسجي يا پنهنجي بهادري ۽ مخلصي سان ڀرپور سنڌ جي ارڏي ۽ بهادر سپوت شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي پرهه ڦُٽي واري گهڙي کي ياد ڪجي، جڏهن رات جي اونداهي، ڏينهن جي روشنيءَ ۾ تبديل ٿيڻ واري هئي ۽ صبح ٿيڻ ۾ چند پل باقي هئا، شايد اُن صبح شهيد جي لکين پُرستارن سان گڏ سج به ڳاڙهن ڪِرڻن جي صورت ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي اُڀري رهيو هو، ان ڏينهن قاتل پنهنجي شدت پسندي ۽ شرپسندي ۾ ڪامياب ته ٿي ويا پر شايد کين اندازو نه هو ته هو جسماني طور تي ته ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجي پرستارن کان ڌار ڪري سگهن ٿا پر هن کي دلين مان نٿا ڪڍي سگهن ۽ اڄ به ڊاڪٽر لکين دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي. سنڌ جو ارڏو پٽ ۽ عالمِ دين شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جيڪو شهادت جو جام پيئندي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.

حقيقت هي آهي ته موت ڪو مهڻو ڪونهي پر جڏهن ظالمن هٿان ڪو ناحق انسان ذات جو قتل ٿئي ٿو ته يقينن آسمان تي به فرشتا روئن ٿا. جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي تنهن وقت جي جنرل سيڪريٽري علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي قاتلن ان وقت شهيد ڪيو، جڏهن هو پنهنجي مالڪِ حقيقي سان ”سبحٰن ربي العٰليٰ“ چئي هُن جي عظمت بيان ڪرڻ ۾ مصروف هو ۽ پنهنجي رب کي ريجهائي رهيو هو. آئون شروعاتي سِٽن ۾ چئي چڪو آهيان ته موت ڪو مهڻو ناهي پر هن ارڏي پٽ ۽ جوڌي جوان جو موت رڳو هڪ انسان جو نه پر لکين دلين جو موت آهي ۽ اهو خال اڄ تائين ڀرجي نه سگهيو آهي.

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۹۲ع ۾ سندس لاڙڪاڻي واري مدرسي ۾ جمعي جي ڏينهن ٿي هئي، جتي مون پنهنجي ڳوٺ ڪشمور ۾ واقع بڊاڻي ۾ عيد واري گڏجاڻي پروگرام لاءِ کيس عرض ڪيو هو، جيڪا سندس پهرين ملاقات هئي، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جنهن پنهنجي ڊائري منهنجي هٿن تي رکي چيائين ته ”ادا پري کان ڪهي آيا آهيو، جيڪا وڻي، اُها تاريخ پنهنجي نالي لکو.“ جنهن تي آئون يقينن حيران ٿي ويس ته هو ايترو شفقت ڀريو انداز اختيار ڪري رهيو هو جو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڊائري به منهنجي حوالي ڪري ڇڏي! مون ڊاڪٽر صاحب جي ڊائري ۾ ۲۴ سيپٽمبر ۱۹۹۲ع جي تاريخ درج ڪري سندس پروگرام لاءِ اِها طئي ڪئي، تنهن دور ۾ موبائيل فون نه هوندا هئا، پر سنڌ جو سچار پٽ واعدي کي پاڙيندي اچي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بڊاڻي ۾ پهتو ۽ اچڻ شرط چيائين ته ”ادا عبيدالله تو سان واعدو وفا ته ڪيو پر مون کي جلد فارغ ڪجانءِ.“ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو انهي ڳوٺ ۾ اُهو پهريون پروگرام هيو، سندس هجوم ۾ آيل ڪارڪن جتي هو نه رڳو نعرن ۾ پرجوش هئا پر خوشي مان لُڙڪ به لاڙي رهيا هئا ته اڄ اسان لاءِ وڏي خوشنصيبي آهي جو اسان جو ليڊر اسان سان گڏ موجود آهي ۽ اهو به پاڻ هلي آيو آهي.

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو هڪ پيار ڪندڙ، امن پسند ۽ شفقت ڀرئي مزاج جو مالڪ هو، کيس ڪجهه ويجها دوست ۽ همسفر ساٿي پيار مان ڀاءُ ڀاءُ ڪري سڏيندا هئا، آئون ذاتي طور ڀاءُ سان ڪافي ويجهو رهيس، منهنجو سياسي استاد مولوي بشير احمد شر به انهي سڄي سفر ۾ گڏوگڏ رهيو، پاڻ اسان سان پنهنجي عزيزن جيئان هر طرح جون ڪميون ڪوتاهيون درگذر ڪري ڇڏيندو هو توڙي جو سياسي لاهن چاڙهن ۾ ائين سمجهائيندو هو جيئن ڪو والدين پنهنجي اولاد کي سمجهائيندو آهي. مون وٽ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جا پيار ۽ قرب ڀريا هزارين لمحا دل ۾ سانڍيل اٿم، ڪهڙن ڪهڙن لمحن کي ٻُڌايا، بس ڏک صرف اهو اٿم ته شهادت کان ڪجهه ڏينهن پهريان ڊاڪٽر صاحب ڪنهن پروگرام سان حيدرآباد آيل هو، مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته هُو پريس ڪلب حيدرآباد ۾ شام جو اچي رهيو آهي، توهان به ڪچهري ڪرڻ اچجو، پر مون کي اها خبر ڪونه هئي ته شايد اڄ هن جو حيدرآباد اچڻ ڪو اسان لاءِ آخري ڀيرو هوندو، شايد ڪو خالد محمود سومرو جي شفقت وارين نظرن کان اسان کي هميشه لاءِ پري ڪري ڇڏيندو ۽ اسان جسماني طور وڇڙي وينداسين، پر اها منهنجي بدقسمتي هئي جو آئون علامه صاحب وٽ وڃي نه سگهيس.

شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي سياسي توڙي سماجي زندگي تي لکڻ لاءِ مون وٽ ته ايترا لفظ ئي ڪونهن جو سندس عظمت بيان ڪري سگهان، پر ايترو ڄاڻان ٿو ته ڊاڪٽر علامه خالد محمود سومرو نه رڳو هڪ عالم دين هو پر گڏوگڏ سنڌ سان بي حد چاهه رکندڙ قومپرست اڳواڻ ۽ سنڌ جو گهڻ گهريو به هو، جنهن کي پوري سنڌ ۾ ته ڇا پر ملڪ جو ٻچو ٻچو به مڃيندو رهيو. شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي يو آءِ سنڌ مان پهريون سينيٽر چونڊيو ويو ۽ پاڻ واحد سينيٽر هو، جنهن سنڌ جو ڪيس هر لحاظ سان هر پليٽ فارم تي سگهاري انداز ۾ وڙهيو، خاص ڪري ڪالاباغ ڊيم خلاف جيڪو آواز اٿاريو ۽ اهو گونجيل آواز تاريخ جي ورقن ۾ سمايل آهي. جتي ملڪ جي ٻين صوبن مان آيل سينيٽرن علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ڪالاباغ ڊيم خلاف تقرير ٻڌي وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا ته ڇا سنڌ ۾ اهڙا جوڌا جوان به موجود آهن ۽ اڪثر سينٽرن به اچي کيس سلام پيش ڪيو،  شهيد خالد محمود سومرو سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ هر ڪُڌي عمل خلاف واحد اڳواڻ هو، سنڌ جي حوالي سان هُن جو چٽو ۽ صاف موقف سرفهرست رهيو آهي. سنڌ کي ٽوڙڻ جو راڳ هجي توڙي ٿل ڪئنال جو رينگٽ هجي، سنڌ جي غيرتمدن قومپرستن سان گڏ هو قومپرست ۽ اصول پرست ارڏي انسان سنڌ سان سچي محبت جو چٽو موقف پيش ڪندو رهيو. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌي ماڻهن سان وک وک تي گڏ رهڻ ۽ هر محاذ تي مقابلو ڪرڻ ان جو واضح ثبوت آهي. ورسي جي موقعي تي آئون دعاڳو آهيان ته شال الله پاڪ شهيد خالد محمود سومرو کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام تي پهچائي ۽ سندس وارثن کي صبر جي توفيق ڏي.


ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جو سپوت شهيد علامه

سيد حماد الله شاهه هالاڻوي

اڄ نه پسان سي، آتڻ ڪتيم جن سين،

هاڻي تنين کي، ڪندي ڪاڪ نهاريان.

مادر سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سر تي ھميشه ڏاڍ ظلم ۽ جبر جو تسلسل رهيو آهي، ان جي باوجود به سنڌ ڌرتيءَ جي حلالي پٽن ۽ غيرتمندن پنهنجيون جانيون ته قربان ڪيون آهن، ڪنهن ڏاڍي مڙس، ظالم ۽ جابر جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ ڪپايو ته آهي پر جهڪايو نه آهي. سنڌ جي ڌرتيءَ سنڌ ۾ رهندڙ ھر ماڻھوءَ کي پنهنجي هنج ۾ جاءِ ڏئي پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جي لولي ڏني آهي، پر افسوس ته سنڌ دشمن قوتن، سامراجي قوتن ۽ دھشتگردن مٺڙي سنڌ ڌرتيءَ تان پيار، محبت، امن ۽ بائيچارو ختم ڪرڻ م ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. الله تعالي انهن ظالمن، جابرن، سنڌ جي دشمنن، امن جي ويرين ۽ دھشتگردن کي تباھ ۽ برباد ڪري، جن تاريخ ۲۹ نومبر ۲۰۱۴ تي سنڌ دوست، سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ديني عالم، سنڌ جي سورمي، سنڌ جي حلالي پٽ، مذهبي اسڪالر، جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر جي جامع مسجد ۾ نماز پڙھندي گولين جو نشانو بڻائي اسان کان کسي ڇڏيو. اھڙي طرح شھيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو عظيم هستين جي قربانين جي نقش قدم تي هلندي تاريخ ۾ پنھنجو نالو نماز جي حالت ۾ سر قربان ڪرڻ وارن جي صف ۾ ڳڻائي ڇڏيو.

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ جو سورھيه، ارڏو، دلير حق ۽ سچ جو سپوت هو، شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شھادت سان سنڌ کي تمام وڏو نقصان پھتو ڇوته ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۽ سنڌ وارن جي لاءِ ھر فورم تي پنھنجو شفاف ۽ چٽو موقف رکندو هو، سنڌ جي بقا، سنڌ جا سمورا جائز حق گهرڻ، ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو هجي، ٿل ڪينال جو مسئلو هجي، سنڌ ورهائڻ جون سازشون ھجن، آدم شماري جو مسئلو ھجي، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ھجي، سنڌ جي معدني ۽ قدرتي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ جي ڳالھ ھجي، ڪوٽا سسٽم جو مسئلو هجي، بي روزگاري جو مسئلو ھجي، سنڌ جا اندروني قبائلي جھيڙا يا اختلاف ھجن، سنڌ ۾ ٻٽو نظام ھجي، اقليتي برادرين سان ٿيندڙ زيادتيون ھجن، سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي مالڪيءَ جو مسئلو ھجي، اسلامي نظام جو مسئلو ھجي يا ختم نبوت جو مسئلو ھجي، ھر فورم تي اسٽيج کان وٺي سينيٽ جي ايوان تائين انگن اکرن سان گڏ شينھن وانگر گجگوڙ ڪري ھر محاذ تي دليرن جي ٻوليءَ ۾ للڪاريندو ۽ وڙهندو رهيو. شھيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو اھو عالم دين هو، جنھن تي سنڌ واسي ۽ سنڌ ھميشه فخر ڪندي رهندي، جنھن جو آواز جڏهن پارليامينٽ ۽ عوامي اجتماعن ۾ گونجندو ھو ته فقط اسلام جي قانون لاءِ ۽ پنھنجي ڏتڙيل سنڌ واسين ۽ سنڌ ڌرتيءَ لاءِ گونجندو ھو. ڊاڪٽر صاحب جڏهن سينيٽ جو ميمبر چونڊجي آيو ته پھريائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ سڀئي سنڌي اخبارون جاري ڪرايائين، ان کان پھريان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ اخبارون نه پهچنديون هيون.

اھڙا عظيم انسان صدين گذرڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تي جنم وٺندا آهن. شھيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومري قرآن، حديث، فلسفو، منطق، سائنس، تاريخ، سياست، ادب ۽ شاعريءَ ۾ اعليٰ مقام ھو. سندس شھادت سان سنڌ جي ھڪ اڻ کٽ يونيورسٽي بند ٿي وئي آھي. شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ھميشه اسلام جي ڳالھ ڪئي ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڳالهايو، سندس ڪردار ۽ موقف ماکيءَ جھڙو مٺو ۽ کير جھڙو اڇو اُجرو ھيو. سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙن خلاف ھميشه سخت لھجن ۾ ڳالھائيندو رھندو ھو. ھي اھو باڪردار شخص ھو جيڪو ھميشه ديني جلسن ۽ اجتماعن ۾ اسلام جي سر بلندي ۽ سنڌ جي جائز حقن لاءِ وڏي جوشيلي آواز ۽ گجگوڙ سان للڪاريندو، پڪاريندو ۽ ڳالھائيندو رھيو. سياست سان گڏوگڏ عوام جي ڀلائيءَ، سماجي ۽ فلاحي ڪم به سرانجام ڏيندو رھيو. غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ بي سھارا ماڻھن جي خدمت ڪرڻ، ماضي قريب ۾ سنڌ ڌرتيءَ مٿان آيل قدرتي آفتون، زلزلا، بارشون ۽ مھا ٻوڏ ۾ ھزارين ماڻھن تائين امداد پھچائڻ، مدرسن جي طالبن تي خرچ ڪرڻ، غريب ۽ بي سھارا ماڻھن کي عيدن تي ڪپڙا وٺي ڏيڻ سان گڏوگڏ خرچيون ۽ کاڌي پيتي جون شيون به وٺي ڏيندو هيو. ھي سنڌ جو حلالي پٽ، شھيد اسلام علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سينيٽ کان وٺي عوامي اجتماعن، جلسن، جلوسن ۽ گڏجاڻين ۾ دليلن سان ڳالهائيندو رهيو. ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سنڌ جي ۱۰۰ جيد عالمن جي فتويٰ مرتب ڪري وڏي جرئت ۽ بھادري سان آمر حڪمرانن کي للڪاريو ۽ چئلينج ڪيو ته جيڪڏهن توھان وٽ ھن فتويٰ جو ڪو رد آهي ته ميدان تي آڻيو.

سنڌ جي مشھور درگاهن جي گادي نشينن، پيرن ميرن، سردارن ۽ جاگيردارن، قوم پرستن ۽ سياستدانن کي حيدرآباد جي پريس ڪلب تي گڏ ڪري ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سيمينار ڪرائي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو ۽ وقت جي حڪمرانن کي للڪاريو ته جيڪڏهن توھان ڪالاباغ ڊيم جو نالو تبديل ڪري مڪو يا مدينو رکو ته به اسان کي قبول نه آهي. جمعيت علماءِ اسلام جا جوڌا بھادر، لکين ڪارڪن توهان سان گھٽي گھٽي ۾ ويڙھاند ڪندا. اھو گجگوڙ جو آواز، اھا للڪار، اھي رڙيون سنڌ جي دلير ۽ حلالي پٽ، شھيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جون هيون، جيڪي اڄ به سٻاجهڙي سنڌ جي دلين تي نقش ٿيل آهن. سندس سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڄڻ ته ايمان جو حصو ھئي. ھن مرد قلندر اسلام جي تبليغ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ سعودي عرب، دبئي، برطانيا، ايران، عراق، چين ۽ ھندوستان تائين، خيبرپختونخواه کان پنجاب تائين، ڪراچي کان ڪشمور تائين ۽ بلوچستان کان ٿر تائين سفر ڪيو. ڊاڪٽر خالد محمود سومري اسلام دشمن قوتن ۽ سنڌ دشمن قوتن سان مھاڏو اٽڪايو، جنھن جي نتيجي ۾ کيس سفاڪ ظالمن، امن جي ويرين شھيد ڪيو. شھيد ھميشه زنده رھندا آھن. شھيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو به ھميشه سنڌ واسين جي دلين ۾ زنده رھندو. اسان سنڌ واسين، اسلام پسندن ۽ قومپرستن کي شھيد اسلام ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شھادت تي فخر ضرور آهي پر سندس جدائي ۽ وڇوڙي جو ڏک ھميشه دلين ۾ رھندو.

(ڏيھاڙي عبرت ۲۹ نومبر ۲۰۲۰ع)


 

شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾...!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

اُها گهڙي به هڪ عجيب لمحو هُئي، جڏهن باک ڦٽيءَ مهل سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ طرف خيريت جون دُعائون کڻي اچي رهيا هُئا، پکي پرندا، جيت جڻا به پنهنجي ننڊ پوري ڪري سجاڳ ٿيڻ لڳا هئا، سياري جي ٿڌ سبب بستري جي گرم رضائي کي ڇڏڻ تي دل نه پئي ڪيو پر معمول مطابق پنهنجي پورهئي سان ته وڃڻو هو پر اچانڪ موبائل تي نظر پئي ته اهو سائلينٽ هجڻ ڪري وائبريٽ ڪري رهيو هو، ڪال اٽينڊ ڪرڻ وقت هڪ ساٿي دوست رڳو روئيندو ئي رهيو ته مون کي اِهو ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته سائين لاڙڪاڻي ڪهڙي مهل هلندئو؟ آئون انهي ڏکوئيندڙ واقعي کان بي خبر ئي هُيس پر حافظ عبدالله سمون مون کي چند منٽن جي خاموشي کانپوءِ ٻڌايو ته ظالمن ظلم جي انتها ڪندي سنڌ جي ڪونڌر پٽ کي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو آهي، اچانڪ خبر ٻڌڻ کانپوءِ يقينن ڪيفيت ڪهڙي ٿي هوندي سان وضاحت ڪبي ته ساڳيو ئي سور جاڳي پوندو، ڇو ته سنڌ جي سورهيه پٽ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سان منهنجي آخري ملاقات ۽ چند منٽن واري خير و عافيت جي ڪچهري ۽ ڳالهه ٻولهه واقعي کان ڪجهه ڏينهن پهريان حيدرآباد جي پريس ڪلب ٻاهران ٿي هئي.

موت ته برحق آهي جيڪو ڪنهن به سبب هڪڙي ڏينهن هر انسان کي ضرور اچڻو آهي، پر ڪي اهڙا واقعا به هوندا آهن، جيڪي وقت کان اڳ اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي هليا ويندا آهن، سنڌ ڪيئي سورهيه، بهادر پٽ جنميا، جيڪي تاريخ جو حصو آهن ۽ جيستائين هي دنيا قائم آهي تيستائين يقينن انهن سورهيه پٽن کي ڪير به نه وساري سگهندو، سونهاري سنڌ جي انهن سورهيه پٽن ۾ مفتي علي محمد حقاني جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو بهادر سپوت شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو به هڪ هيو، پاڻ هڪ ناليوارو عالم دين سان گڏوگڏ قومپرستي ۾ ڪنهن تعارف جو نه محتاج هو بلڪه هڪ دلير شخصيت جو مالڪ هيو، آئون گذريل ٻن کان ٽن شمارن ۾ اِهو واضح ڪري چڪو آهيان ته منهنجي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سان پهرين ملاقات سندس مدرسي، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي، اتي ٿي هئي جتي آئون عيد گڏجاڻي پروگرام ڪرائڻ لاءِ کانئس پروگرام وٺڻ ويو هُيس، جتي هن وڏي خلوص جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ڊائري منهنجي هٿ تي رکي چيو ته سيپٽمبر جي مهيني ۾ جيڪا وڻئي سا تاريخ لکي ڇڏ، آئون صبح جو ڏهين وڳي اچي توهان وٽ پهچندس، تنهن دؤر ۾ ڪو موبائل سسٽم وغيره ڪونه هوندو هو، رڳو خط و ڪتابت جو دؤر هو، ڊاڪٽر صاحب کان مون جڏهن موڪلائي پير ڳوٺ طرف روانو ٿيس ته هن آخر ۾ چيو ته ادا انهي تاريخ جي وچ ۾ مون کي خط ضرور لکي موڪلجو ته جيئن اها پڪ پوي ته ساٿين جو پروگرام يقينن آهي.

ڪشمور ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ بڊاڻي ۾ اُهو شير سنڌ جو پهريون پروگرام هو، جنهن پروگرام دؤران سندس پارٽي جا چڱا ڀلا ذميوار ماڻهو ڪنڊائتا به ٿي ويا هئا پر مون سان گڏ سائين بشير احمد شر، حفيظ الله ڪنڀر ۽ ڏاڏا در محمد سانگي سميت ڪافي دوست پروگرام کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجي مهمان جي انتظار لاءِ واجهائي رهيا هئاسون، نيٺ پوري ٽائيم تي سنڌ جو بهادر پٽ ۽ انهي عيد گڏجاڻي پروگرام جو خاص مهمان پنهنجي منزل ماڻي سنڌو درياهه جي ڪپ تي قائم انهي ننڍڙي ڳوٺ اچي پهتو، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي تقرير، ليڪچر يقينن اڄ بي لاڀ آهي، پاڻ وٽ نه رڳو قرآن ۽ حديثن جي لفظن جي کاڻ هئي، مثالن، دليلن ۽ ثبوتن سان ڳالهيون ته خبر ناهي ته سندس دماغ جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ سمايل هيون جو هو روانگي وانگي چوندو ويندو هو ۽ اڄ هن بهادر پٽ جو ڪو مثال ئي ڪونه ٿو ملي.

شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو مذهبي پروگرامن کان هٽي ڪري هن ديس ڌڻين جو ڪيس نه رڳو سنڌ ڌرتي تي وڙهيو پر اُها گونج گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ان وقت گونجي اُٿي هئي جڏهن مئل گهوڙي ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ جو سگهارو آواز سينيٽ ۾ به گونجي اٿيو هُيو، جيتوڻيڪ انهي سينيٽ ۾ ته ٻيا به سنڌ ڄاوا سينيٽر موجود هئا پر چپ چورڻ لاءِ به دل کپندي آهي، پر اُها ديس ڌڻين سان محبت جو اظهار ۽ وفاداري جو ثبوت پهريون سگهارو آواز شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو هو. سنڌ ڌرتي تي مختلف وقتن تي ٿيندڙ وار هجن، صوفين جي امن واري ڌرتي تي بدامني جو اِشو هجي ايتري تائين جو سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري سان پيش ايندڙ تڪليفن جون گهڙيون هجن، هي هڪ مذهبي عالم دين سڀ پنهنجون مصروفيتون ڇڏي هر ڏکي گهڙي ۾ پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجو ڪيس سمجهي ڪڏهن به وقت سر پهچڻ ۾ دير ڪونه ڪيائين.

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو نهايت هڪ شفيق انسانيت جو مالڪ هو، سندس مهمان نوازي، خلوص سان ملڻ پيار سان ڳالهائڻ پنهنجائپ ڏيکارڻ جو ته ڪو مثال ئي نه آهي، جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اهم ذميواري کيس مختلف وقتن تي ملندي رهي ۽ پاڻ تنظيم اندر نه رڳو عهديدار پر هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو، جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي لکين ڪارڪنن ۽ پنهنجن عزيزن مٽن مائٽن سان گڏوگڏ مون جهڙن دوستن کان وڇڙندي ۶ سال ٿيڻ وارا آهن، يقينن جڏهن واقعو اکين اڳيان تري ٿو اچي ته اڄ تائين اهو محسوس ٿيندو آهي ته ڇا واقعي ئي ڀائو اسان کان ڌار ٿي چڪو آهي، يا اهو ڪو خواب پيا ڏسون ۽ ها! بشير احمد شر صاحب، واقعي ئي ڀائو پاڻ کان موڪلائي چڪو آهي، يقينن اڄ اسين انهي پنهنجي وفادار، حوصلو پيدا ڪندڙ دوست جسماني طور تي ته اسان کان جدا ٿي چڪو آهي پر اڄ به هو اسان جي دلين ۾ موجود آهي ۽ سندس قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ اسان جا حوصلا بلند آهن، هر گهڙي شهيد جي وارثن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ آهيون. دعا آهي ته الله رب العزت شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ڪيل ديني دُنيوي خدمتن جي صدقي مغفرت فرمائي.

 

(ڏيھاڙي ڪاوش ۲۶ نومبر ۲۰۲۰ع)



شھيد خالد محمود سومرو

سنڌ جو ناليوارو خطيب، سياستدان ۽ عالم

فقير محمد سنڌي

غلام همت آنم که زيرِ چرخِ کبود،

ز هر چه رنگِ تعلق پذير آزاد  است. (حافظ شيرازي).

آئون ان شخص جي همت جو غلام آهيان، جو هن نيري آسمان جي هيٺان، لاڳاپي جو اثر قبول ڪندڙ هر شيءِ کان آزاد آهي. حافظ شيرازي جي ان شعر وانگر سنڌ جو ارڏو پٽ شھيد خالد محمود سومرو به ڪڏهن به غلامي جو اثر قبول نه ڪيو، دنيا جو دستور آهي ته، قومن جي بھتر سوچ، آزادي جو داستان قوم جي اڳواڻ جي رت سان لکيو ويندو آهي. ڊاڪـٽـر خـالـد محمـود سـومـرو، مولانا علي محمد حقانيءَ جي گھر ۷ مئي ۱۹۵۹ع تي ڳوٺ عاقل جيڪو سنڌو جي ڪپ تي آهي، انهيءَ سدا بهار علائقي ۾ جنم ورتو، جيڪا لاڙڪاڻي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. مئٽرڪ ۱۹۷۴ع ۾ گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. ۱۹۷۶ع تي گورنمينٽ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر ڪري، ايم بي بي ايــس ۱۹۸۴ع ۾ چــانــڊڪــا مـيـڊيـڪـل ڪـالـيـج لاڙڪـاڻـي مان ڪيائين. ۱۹۸۶ع ۾ بـيـن الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد مان تربيت عامه جو ڪورس ڪيائين، اهڙيءَ طرح تعليم جي سفر جاري رکندي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽الازهر يونيورسٽي قاهره (مصر) مان پڻ اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم اي، ڪيائين. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو تعليم سان گڏوگڏ مذهبي، سياسي ۽سماجي مسئلن طرف ڌيان ڏنو، جنھن جي ڪري هر فورم تي پنهنجو موقف مضبوطي سان پيش ڪيو. جنهن جي ڪري ڊاڪٽر صاحب عوامي سطح تي سٺي مقبوليت حاصل ڪئي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ مذهبي ۽ عوامي مسئلن لاءِ وقف ڪئي هئي.

شيخ فرازي جون سٽون ذهن تي تري آيون آهن ته:

هي ذهن ۾ رک ته ڪجھ ڪرڻو  آهي،

هي ذهن  مان  ڪڍ  ته  ڇا  ٿيڻو  آهي.

هي ذهن مان ڪڍ ته  ڏيندي  قوم  ڇا!؟

هي ذهن  ۾  رک  ته  ڪجھ  ڏيڻو  آهي.

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو عالم، ليکڪ، ڪالم نگار، خطيب، مقرر، سياستدان، ديني، اصلاحي ۽ انقلابي موضوعن تي شاعري به ڪئي. خالد محمود سومرو سٺو مبلغ، پرجوش مقرر، مذهبي ۽ سياسي جلسن کان سواءِ مدرسي ۾ جمعي ڏينهن تي ڪيل تقريرن جون ۳۰۰ کان وڌيڪ ڪيسيٽون رليز ٿيون جنهن مان هن وقت تائين مذهبي معاملن واري زندگيءَ ۾ اهي تقريرون مثبت تاثر ڏئي رهيون آهن.

خالد محمود سومري جو سياسي طور تعلق جمعيت علماءِ اسلام جي مولانا فضل الرحمان گروپ سان رهيو، جنهن جو هو ۱۹۸۸ع کان وٺي سنڌ صوبي جو سيڪريٽري رهيو۽ ۱۹۹۰ع کان جماعت جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو رڪن به رهندو آيو. جامعه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث لاڙڪاڻي جو ناظم اعليٰ، جامع مسجد صديق اڪبررضه لاڙڪاڻي جو ۱۹۸۸ع کان خطيب ۽ جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ عيد نماز جي اجتماع جو پيش امام جا فرائض به انجام ڏيندو رهيو. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو مذهبي جماعت سان تعلق هوندي به سنڌ جي اهم اشوز تي پنهنجو موقف چٽي طرح رکندو رهيو، جنھن ۾ ڪالاباغ ڊيم جو اشو سنڌين کي روڊن تي آندو انھي عوامي ميڙ سان ڊاڪٽر خالد محمود سومرو به گڏ هيو، صرف گڏ نه هيو پر پاڻيءَ جي معاملي تي پرزور احتجاج ۾ شريڪ رهيو ۽ مذهبي طور تي عالمن کان فتوي به ورتائين ته سنڌو درياهه تي پهريان پڇڙي وارن جو حق آهي. اهڙي طرح سينيٽ جو رڪن هوندي به ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي اهم مسئلن تي ايوان کي آگاهي ڏيندو هو. خالد محمود سومرو محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) جي مقابلي ۾ قومي اسيمبليءَ جي چونڊ پڻ وڙهيو، پر ناڪام ٿيو. خالد محمود سومري کي سندس علمي ۽ مذهبي خدمتن عيوض ۱۹۸۸ع ۾ مفتي محمود اوارڊ ۽ ۱۹۹۰ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي اوارڊ به مليا. اسلامي پرچارجي سلسلي ۾، مصر، برطانيا، سعودي عرب، متحده عرب امارات، دوحه ۽ قطر جا پرڏيهي دورا به پڻ ڪيا. ڊاڪٽر خالد محمود ۱۹۸۳ع ۾ شادي ڪئي، کيس ڇهه پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جميعت علماءِ اسلام پاران پاڪستان جي سينيٽ جو ميمبر هو. لاڙڪاڻي ۾ دودائي روڊ تي واقع جامع مسجد ۽ حقاني مدرسي جو سرپرست اعليٰ به هو. ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي صبح جي نماز وقت سکر ۾  ۲۹ نومبر ۲۰۱۴ تي شهيد ڪيو ويو آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي جي دودائي روڊ تي اٿس.

 

(ڏھاڙي ارادو شڪارپور ۾ ۲۷ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



شهيد علامه خالد محمود سومرو

سنڌ جو سورهيه سڄڻ

ايڊووڪيٽ سيد حمادالله شاھ

سنڌ جي ارڏي ۽ دلير انسان، مذھبي ۽ قومي سياسي اڳواڻ، علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي ۲۹ نومبر ۲۰۱۴ تي سکر جي مسجد ۾ صبح جو فجر جي نماز پڙھندي ٽارگيٽ ڪري شھيد ڪيو ويو.

اي ڌرتي تنھنجي سيني تي، ٿا ڪيڏا ڪيڏا ڪيس ٿين؛

ھر روز ماکي کان به مٺڙا ماڻھو، ٿا ڦٿڪي ڦٿڪي ساھ ڏين.

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ جو سورھيه، ارڏو ۽ دلير حق ۽ سچ جو سپوت هو، شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شھادت سان سنڌ کي تمام وڏو نقصان پھتو ڇو ته ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۽ سنڌ وارن جي لاءِ ھر فورم تي پنھنجو شفاف ۽ چٽو موقف رکيو، سنڌ جي بقا، سنڌ جا سمورا جائز حق گهرڻ، ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو هجي، ٿل ڪينال جو مسئلو هجي، سنڌ ورهائڻ جون سازشون ھجن، آدم شماري جو مسئلو ھجي، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ھجي، سنڌ جي معدني ۽ قدرتي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ جي ڳالھ ھجي، ڪوٽا سسٽم جو مسئلو، بي روزگاري جو مسئلو ھجي، سنڌ جا اندروني قبائلي جھيڙا يا اختلاف ھجن، سنڌ ۾ ٻٽو نظام ھجي، اقليتي برادرين سان ٿيندڙ زيادتيون ھجن، سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي مالڪيءَ جو مسئلو ھجي، اسلامي نظام جو مسئلو ھجي يا ختم نبوت جو مسئلو ھجي، ھر فورم تي اسٽيج کان وٺي سينيٽ جي ايوان تائين انگن اکرن سان گڏ شينھن وانگر گجگوڙ ڪري ھر محاذ تي للڪاريندو ۽ وڙهندو رهيو. شھيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، اھو عالم دين هو، جنھن تي سنڌ واسي ۽ سنڌ ھميشه فخر ڪندي رهندي. جنھن جو آواز جڏهن پارليامينٽ ۽ عوامي اجتماعن ۾ گونجندو ھو ته فقط اسلام جي قانون لاءِ ۽ پنھنجي ڏتڙيل سنڌ واسين ۽ سنڌ ڌرتيءَ لاءِ گونجندو ھو. ڊاڪٽر صاحب جڏهن سينيٽ جو ميمبر چونڊجي آيو ته پھريائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ سڀئي سنڌي اخبارون جاري ڪرايائين، ان کان پھريان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ اخبارون نه پهچنديون هيون. اھڙا عظيم انسان صدين گذرڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تي جنم وٺندا آهن. شھيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومري قرآن، حديث، فلسفو، منطق، سائنس، تاريخ، سياست، ادب ۽ شاعريءَ ۾ اعلي مقام رکندڙ ھو. سندس شھادت سان سنڌ جي ھڪ اڻ کٽ يونيورسٽي بند ٿي وئي آھي.

شھيد سنڌ علام ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ھميشه سنڌ جي مسئلن تي ڳالهايو، سندس ڪردار ۽ موقف ماکيءَ جھڙو مٺو ۽ کير جھڙو اڇو اُجرو ھيو. سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙن خلاف ھميشه سخت لھجن ۾ ڳالھائيندو رھندو ھو.

ھيءُ سنڌ جو حلالي پٽ، شھيد اسلام علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سينيٽ کان وٺي عوامي اجتماعن، جلسن، جلوسن ۽ گڏجاڻين ۾ دليلن سان ڳالهائيندو رهيو. ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سنڌ جي ۱۰۰جيد عالمن جي فتوا مرتب ڪري وڏي جرئت ۽ بھادريءَ سان آمر حڪمرانن کي للڪاريو ۽ چئلينج ڪيو ته جيڪڏهن توھان وٽ ھن فتوا جو ڪو رد آهي ته ميدان تي آڻيو. سنڌ جي مشھور درگاهن جي گادي نشينن، پيرن، ميرن، سردارن ۽ جاگير دارن، قوم پرستن ۽ سياست دانن کي حيدرآباد جي پريس ڪلب تي گڏ ڪري ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سيمينار ڪرائي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو. ۽ وقت جي حڪمرانن کي للڪاريو ته جيڪڏهن توھان ڪالاباغ ڊيم جو نالو تبديل ڪري مڪو يا مدينو رکو ته به اسان کي قبول نه آهي. اھو گجگوڙ جو آواز، اھا للڪار، اھي رڙيون سنڌ جي دلير ۽ حلالي پٽ، شھيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جون هيون. جيڪي اڄ به سٻاجهڙي سنڌ جي دلين تي نقش ٿيل آهن.

سندس سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڄڻ ته ايمان جو حصو ھئي.

ھن مرد قلندر اسلام دشمن قوتن ۽ سنڌ دشمن قوتن سان مھاڏو اٽڪايو. جنھن جي نتيجي ۾ کيس سفاڪ ظالمن، امن جي ويرين شھيد ڪيو. شھيد ھميشه زنده رھندا آھن، علامه خالد محمود سومرو جي جانشينن علامه راشد محمود سومرو علامه ناصر محمود سومرو پنھنجي شھيد والد جي نقش قدم تي ھلندي سياسي سماجي معاشرتي خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آھن، ھن وقت تي جمعيت علماء اسلام کي سنڌ ۾ مضبوط ۽ منظم ڪرڻ ۾ سندن ڏينھن رات جي محنت شامل آھي، آزادي مارچ ڪراچي کان اسلام آباد تائين ھجي يا پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ملين مارچ ھجن، هنن جوڌن سڄي ملڪ ۾ ڪارڪنن سميت خوب پاڻ پتوڙيو آھي، سنڌ جي حقن جي حاصلات جو ميدان ھجي يا تازين برساتن ۽ ٻوڏ جو وقت ھجي ھيءُ جوڌا سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جا ٻانھ ٻيلي ٿي ميدان ملھايو آھي ان سان گڏ پنھنجي شھيد والد جي قتل جو انصاف وٺڻ لاءِ ۸ سالن کان ڪورٽن ۾ پيش ٿي رھيا آھن۔ جيتوڻيڪ شھيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ھميشه سنڌ واسين جي دلين ۾ زنده رھندو ليڪن اسان سنڌ واسين کي شھيد اسلام ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شھادت تي فخر آهي پر سندس جدائي ۽ وڇوڙي جو ڏک ھميشه دلين ۾ رھندو۔

آ مرڻو ھر ڪنھن ماڻھو کي،

پر ايئن نه مرنداسين ساٿي،

ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا