حضرت سيد علي سرمست
بخاري
سلسلو سيوھڻ جا بزرگ
مير حاجن مير
قلندر لعل شهباز جي
ساٿين ۽ مريدن مان هڪ بزرگ شخص هو. قلندر لعل شهباز جي سياحت واري زماني ۾ ان جو
رفيق ۽ هم سفر جو ساٿي هو. آخر ۾ قلندر لعل شهباز جي سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان
پوءِ هي به هميشه لاءِ سيوهڻ ۾ رهي پيو (۱). سيد علي سندس ”وزير“ سڏبو هو (۲). قلندر لعل شهباز جي خليفن جو ذڪر ڪتابن ۾
اڻ چٽو آهي، جيڪي سندس گڏ هيا. سندس ۳ دوست ته مشهور آهن، جن جو ذڪر ڪتابن ۾ اڪثر آهي. انهن
دوستن ۾ بهاؤالدين زڪريه ملتاني، بابا فريد شڪرگنج پاڪ پتن وارو ۽ جلال الدين سرخ
بخاري اُچ شريف وارو، سندس هي خليفو دوست جو پٽ هيو.
”سيد علي
سرمست حضرت جلال الدين حيدر سرخ پوش جو فرزند ارجمند هو، ۽ قلندر شهباز جو وزير
ليکجي ٿو. سيد جلال الدين حيدر قلندر شهباز جي چئن يارن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ پنهنجي
وقت جو عارف ڪامل ۽ اهل الله هو. سندس ولادت ۵۹۵ھ ۱۱۹۸ع ۾ بخارا ۾ سيد ابوالمويد بخارا جي گهر ٿي. سندن والد
نقوي سادات هجڻ باوجود بخاري سڏرائيندو هو. سيد علي پنهنجي وقت جو اهل علم ۽ اهل
فضيلت شخص هو“ (۴). سندس شجرو هن ريت ملي ٿو.
سيد علي سرمست شاھ
بخاري ولد سيد جلال الدين حيدر سرخ پوش ولد سيد علي ابوالمويد، ولد سيد جعفر
ابوتراب، ولد ابو الفتح، ولد محمود ولد احمد ولد عبدالله (جِد سادات بخاري) ولد
علي الاشقرياعلي، اصغر ولد جعفر الزڪي ولد امام علي نقي ولد امام محمد تقي، ولد
امام علي رضا، ولد امام موسيٰ ڪاظم، ولد امام جعفر صادق ولد امام باقر، ولد امام
زين العابدي ولد سيد الشهداءَ امام حسين عليه السلام ولد حضرت علي عليه السلام ولد
ابو طالب. (۵)
سيد علي سرمست
بخاري ۱۶۱۲ھ ۱۲۱۸ع ڌاري ڄائو هوندو. قلندر لعل شهباز سان سير سياحت ۾ گڏ هوندو هو. جواني جي
دور ۾ قلندر لعل شهباز جو ساٿي ٿيو. قلندر لعل شهبازرحه جي وفات کان پوءِ قلندر
شهباز جو عرس سيد علي سرمست سندس وڏي خليفي (وزير) ۱۸ شعبان ۶۵۷ھ ۾ ملهايو“. (۶) اهو سلسلو اڄ تائين هلندو رهي ٿو. سيد علي
سرمست قلندر لعل شهباز جي مزار مبارڪ مٿان پهرين هڪ چبوترو ٺهرايو هو. جيڪو اڳتي
هلي مقبري ۾ تبديل ٿيو. قلندر لعل شهباز جي فيض کي جاري رکيائين.
”ڏھين صدي
هجري ۾ شاھ حسن ارغون جي حڪومت تائين شيخ علي سرمست جو اولاد قلندر لعل شهبازرح جو
متولي رهيو ان کان پوءِ درگاھ تي کابڙوٺي ۽ لڪياري سيدن جو قبضو ٿيو. جو اڄ تائين
قائم آهي، پر موجوده گادي نشين سيد علي سرمست جي خاندان مان نه آهن. (۷)
سيد علي سرمست جي
تعليم
خدا جو نيڪ ٻانهو،
توڪل تي ڀروسو ڪرڻ وارو، سچو سالڪ، بزرگ فقيري کي سنڀالڻ وارو، قلندر جا طالب وڌائڻ
وارو ”سيد علي سرمست جي ابتدائي تعليم تربيت پنهنجي والد ڪامل اهل الله حضرت جلال
الدين حيدر سرخ پوش بخاري وٽ ٿي. ان کان پوءِ هن يقيناً حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا
۽ فريدالدين گنج شڪر وٽان به فيض حاصل ڪيو هوندو. پر مستقل روحاني تربيت حضرت
قلندر لعل شهباز وٽان ئي حاصل ڪري روحاني ڪمال ماڻيو. تنهن ڪري ئي قلندر شهباز
پنهنجي ڪن عزيزن خليفن جي هوندي به قلندري سلسلي بابت هدايتون فقط سيد علي سرمست
کي ڏنيون ۽ هن عارف شخص ان سلسلي کي پنهنجي روحاني ڪماليت سان سنڌ ۽ هند ۾ وڌيڪ
عام ڪيو.“ (۸)
مولانا دين محمد
وفائي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ سيد علي سيوستاني ۲ دفعا لکيو آهي، مولانا دين محمد وفائي
رسالا سير قلندر (مصنف خضر سيوهاڻي) تان احوال کنيو آهي. رسالا سير قلندر هن وقت
ناياب آهي. جڏهن ته ٻنهي بزرگن جو احوال ٿوري ڦير گير سان ساڳيو آهي، ٻئي قلندر جا
خليفا آهن ٻئي، قلندر سان گڏ آيا آهن ٻئي قلندر سان سير سياحت ۾ گڏ آهن. ان مان
معلوم ٿئي ٿو ته اها هڪ ئي شخصيت سيد علي سرمست بخاري آهي. خضر سيوستاني کان ڀل ٿي
آهي. قلندر لعل شهباز جي هن پياري طالب جي وفات جي تاريخ نه ملي آهي. ”هن بزرگ جي
مزار درگاھ جي اندر قلندر لعل شهباز جي روضي جي ٻاهران اوڀر واري دروازي جي ڀر ۾
دفنايو ويو. جتي هن وقت سندس نالي جي تختي لڳل آهي. جنهن تي لکيل آهي
سيد علي سرمست
(وزير) جو چبوترو
۷ رجب ۷۵۷ھ ۱۳۵۶ع تي فيرزو بادشاھ جي طرفان سيوهڻ جي حاڪم ناظم ملڪ اختيار الدين قلندر لعل
شهباز جو روضو جوڙايو جنهن جي ستن مهينن بعد ۷ صفر ۷۵۸ع تي سيد علي سرمست جو روضو چبوترو) جوڙايو.
جنهن جي تياري جي تاريخ هنن بيتن مان ملي ٿي.
شد بناءِ گنبذ عالي
به عهد شهر يار
شاھ فيروز انگ
بگرفت است گيتي زوقرار
مي سزد مر بنده
درگاھ شاھ شهر را،
گر ڪند در سرفرازي
بر سلاطين افتخار
بر سر قبر ولي الله،
علاءُ الحق علي
بود از بغداد و
اندر صف پاڪان شهسوار
اين بزرگ و با ڪرامت
هر ڪرا باشد عزيز
هر زمان بادا به
قبرش رحمت ايزد نثار
هفتم از ماھ صفر
مبني شد اين مرقد به سال
هفصد و پنجاھ و هشت
از هجرت احمد شمار
ڪرد بنيادش ملڪ
سيرت ملڪ ارشد ک او
هست اندر عدل و بذل
و خلق و احسان نامدار
چونڪ ذات اور در
اين شهر سيوستان آمده
تازه از سرگشت آن
بقع بسان نو بهار.
--------------------------۱
ترجمو:
جهان پناه بادشاھ
فيروز شاھ جي دور ۾
جنهن جي درگاھ جي
غلامن کي
بادشاهن تي فوقيت
حاصل آهي.
بغداد کان آيل پاڪن
جي صف جو شهسوار
سيد علي جو مقبرو
تاريخ ۷ صفر ۷۵۸ھ ۾ تيار ٿيو
هر گهڙي خدا جون مٿس
رحمتون هجن
ملڪ اختيار الدين
جيڪو عدل ۽ خلق کان
مشهور آهي
جڏهن سيوهڻ ۾ آيو
ته هي مقبرو تيار ڪرايائين
(۹)
◼
مددي ڪتاب ۽ حوالا
وفائي دين محمد
مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد ۱-۲ سنڌي ادبي بورڊ ۲۰۰۵ع ص ۱۶ (اردو)
آگرو غلام رباني،
”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۲۰۰۵ع ص ۳۵۰
سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو،
”سيوهڻ صدين کان“، مرداپبليڪيشن سيوهڻ شريف ۲۰۰۹ع ص ۱۱۱.
بخاري مخمور ڊاڪٽر،
”قلندر ۽ قلندري فڪر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ۲۰۱۴ع ص ۷۰-۷۱
بخاري مخمور ڊاڪٽر،
”قلندر ۽ قلندري فڪر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ۲۰۱۴ع ص ۷۳
مير حاجن مير،
”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“، سچائي اشاعت حيدرآباد ۲۰۱۴ع ص ۳۳
وفائي دين محمد
مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد ۱-۲ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۲۰۰۵ع ص ۱۶ ڇاپو اردو
بخاري مخمور ڊاڪٽر،
”قلندر ۽ قلندري فڪر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ۲۰۱۴ع ص ۷۶
غفور بن حيدر سيوستاني، تذڪره مشائخ سيوستان، ضلعا حڪومت ڄامشورو ۲۰۱۰ع ص ۵۹-۶۰.
سيد علي سرمست جو سيوھڻ
۾ مدفن
عبدالحسين موسوي
[ٽيون ڏينھن
سائين عبدالوهاب سھتي Abdul Wahab Sahito جو بلاگ: ”سنڌي
شخصيتون“ پئي ڏٺم. اتي محترم مير حاجن مير Mir Hajan Mir جو مضمون سيد علي سرمست تي نظر آيو. مذڪور مضمون پڙهڻ
کان پوء سوچيم ته ان ڏس ۾ پنھنجي مطالعي جو نچوڙ هن برقي ڀت تي آويزان ڪريان.]
"علي"
نالي جون ٻه شخصيتون سيد عثمان مرندي [مرند - آذربائيجان جو شھر آھي ۽ تبريز کان ٻن
ڏينھن جي پنڌ تي آهي.] معروف حضرت قلندر شھباز رح سان وابسته هيون.
پھريون: شيخ علي
بغدادي جيڪو حضرت شھباز رح پھريون خليفو هو.
ٻيو: سيد علي جيڪو
حضرت شھباز رح جو ٻيون خليفو هو.
مصادر مان معلوم ۽ ڪتبي
مان تصديق ٿئي ٿي ته اٺين صدي ھجري جي سيوهڻ ۾ ٻه مقبرا تعمير ٿيا، هڪ حضرت عثمان
مرندي جو ۽ ٻيو علي بغدادي جو، نه ڪي سيد علي جو جيئن مغالطو پيدا ٿيو آهي۔
هينئر ٿورڙو تفصيل
《شيخ علي بغدادي》
خضر علي سيوستاني
”سير قلندري“ ۾ شيخ علي لاء لکي ٿو:
مخدوم (حضرت عثمان
مرندي) جي مريدن منجھان اهو بزرگ آهي جيڪو ساڻس گڏ سياحت واري دور ۾ سندس رفيق هو۔
نيٺ جڏهن شھباز قلندر سنڌ ۾ اقامت اختيار ڪئي تڏهن هي به سيوهڻ ۾ ساڻس گڏ مقيم ٿيو۔
سندس شادي سنڌ ۾ سما گھراڻي ۾ ٿي، جنھن مان کيس ٻه فرزند شيخ اسحاق ۽ شيخ آھندو پيدا
ٿيا. ٻنھي جو اولاد درگاھ جو مجاور بڻيو. [ڏهين صدي هجري تائين شيخ علي جو اولاد
ئي درگاھ جو مجاور هو.]
شيخ ٢١ شعبان ٦٨٧ھ
/ ۱۲۸۸ع جو فوت ٿيو. فيروز شاھ جي گورنر سندس مزار تي گنبد تعمير ڪرايو. قبي جي
تعمير جو قطعو هن ريت آهي:
شد بناء مرقد عالي بعهد شهريار
شاه فيروز آنکه بگرفت زو گيتي قرار
مي سزد گر بنده درگاه اين گيتي پناه
گر کند در سرفرازي بسلطان افتخار
بر سر قبر ولي الاعلى، الحق ولى
بود در بغداد اندر وصف پاکان شهسوار
گفت بنيادش ملک اشرف ملک ارشد سخي
هست اندر عدل فضل و خلق احسان نامدار
چون که ذاتي آور درين شهري سيوستان آمده
تازه گشته بقعه از سر چون بستان بهار ۱
《سيد علي شيرازي》
خضر علي سيوستاني
”سير قلندري“ ۾ سيد علي بابت لکي ٿو:
اصل شيراز جو
باشندو هو، اميراڻي زندگي گھاريندو هو، اوچتو الله جي محبت جو جذبو پيدا ٿيس. مخدوم
شھباز قلندر رح جي صحبت ۾ سيوھڻ ۾ اچي متمڪن ٿيو. هيءُ شيخ علي بغدادي (المتوفي:٢١
شعبان ٦٨٧ھ/۱۲۸۸ع) کان بعد ٻئي نمبر تي خليفو مقرر ٿيو، ستين صدي هجري ۾ وصال ڪيائين. حضرت
شھباز رح جي روضي جي اوڀارين پاسي کان مدفن ٿيو. ۲
سلطان فيروز شاھ جي
طرفان ملڪ اختيار الدين سيوھڻ جو حاڪم هو، جنھن پھريون حضرت شھباز رح جي مزار تي
گنبد تعمير ڪرايو ۽ ٻئي سال ٧٥٨ھ / ۱۳۵۶ع ۾ شيخ علي بغدادي جو گنبد جوڙايائين۔ البت صاحب ”تذڪره
مشائخ سيوستان“ علي بغدادي جي مزار مٿان قبي کي غلطي سان سيد علي جو قبو لکي ڇڏيو
آهي. اها ڳالھ ان فارسي قطعي مان به ثابت ٿئي ٿي جيڪو تعمير وقت گنبد تي نصب ڪتبي
تي اڪيريو ويو. هي شعر ڏسو:
بر سر قبر ولي اللہ، علاء الحق علي
بود از بغداد و اندر صف پاکان شہسوار
قديم تحريرن ۾ صرف ”سيد
علي“ لکيل ملي ٿو، ”سرمست“ پوءِ جو بلڪ ويجھي ماضي جو ڳنڍ معلوم ٿئي ٿو. خضر علي
جي تحرير مان سيد علي "بخاري" به ثابت نه ٿو ٿئي.
سيد بھوه بخاري
(المتوفي: ١٠٤٥ھ / ۱۶۳۵ع) جي چوڻ تي عبدالغفور بن حيدر سيوهاڻي سن ١٠٣٩ھ ۾ ”تذڪره مشايخ سيوستان“
لکيو. سيد بھوو شاهجھاني عھد ۾ سيوهڻ جو فوجدار ھو. شھنشاھ شاهجھان کيس ”ديندار
خان“ جي لقب سان نوازيو هو. مذڪور فوجدار ڇٽي امراڻي جو روضو به تعمير ڪرايو هو.
ان ۾ ڌيان جوڳو نڪتو هي آهي ته ”تذڪره مشايخ سيوستان“ هڪ بخاري سيد جي فرمائش تي
تحرير ٿيو، ليڪن تذڪره نگار نه ته سيد علي جو ڌار سان تذڪرو لکي ٿو ۽ ضمني تذڪري ۾
به "بخاري" نه ٿو لکي۔ اهو به هڪ وڏو ثبوت آهي ته گھٽ ۾ گھٽ يارهين صدي
هجري تائين به سيد علي نه "بخاري" ۽ نه ئي "سرمست" هيو. اهي
سموريون ڳالھيون بعد جي پيدا وار آهن.
مير علي شير- ”تحفة
الڪرام“ ۾ جڏهن اچ ۽ اتي جي بزرگن جو ذڪر لکندي سيد جلال سرخ پوش جو احوال ڏئي ٿو
تڏهن هو ٻن جاين تي سيد علي جو نالو وٺي ٿو. هڪ هنڌ ڄاڻائي ٿو: ”سيد جلال ..... ٻن
پٽن سيد علي ۽ سيد جعفر سان گڏ ..... بکر آيو.“ ٻئي هنڌ لکيو اٿس: ”سيد جلال وڏي کي
سيد علي، سيد جعفر، سيد محمد غوث ۽ سيد احمد ڪبير نالي چار پٽ هئا.“ ان کان پوء هو
سيد احمد ڪبير ۽ سندس اولاد جو تفصيلي ذڪر ڪري ٿو. ۳
مٿين ٻن اقتباسن
مان هڪ ڳالھ ته چٽي آهي ته مير علي شير 'قانع'، سيد علي بن سيد جلال سرخ پوش رح کا
واقف هو۔ کيس سندس نسب ۽ نسبت جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي. جيڪڏهن انھي سيد علي جو سيوهڻ ۾
مدفن هجي ها ته خود ان دور جي سيوهاڻين کان ڪيئن ڳجھو رهي ها ۽ ڪيئن 'قانع' تائين
نه پھچي ها.
بھرحال ”تحفة الڪرام“
جو سيوهڻ، سيد علي سرمست جي ذڪر کان وانجھو آهي.
ان مان لڳي ٿو ته گھٽ
۾ گھٽ ٻارهين صدي هجري تائين حضرت شھباز رح سان لاڳاپيل علي نالي واريون ٻئي
شخصيتون بنھ گھٽ ڄاتيون سڃاتيون وينديون هيون، بلڪ گھڻو ڪري شيخ علي بغدادي جو ذڪر
محو ٿي ويو هو!!!! والله اعلم.
ان ڏس ۾ هڪ ٻيو پڪو
پختو حوالو سيد ثابت علي شاھ سيوهاڻي (١١٥٣ھ/ ۱۷۴۰ع - ١٢٢٥ھ/ ۱۸۱۰ع) جو آهي. سيد صاحب مورخ شاعر به هو. هن اٺ
تاريخي مثنويون لکيون جن مان هاڻي رڳو هڪ مثنوي محفوظ آهي. سيد صاحب ڄائو، نپنو ۽
وڏو سيوهڻ ۾ ٿيو، سندس وفات ۽ مدفن به سيوهڻ ۾ آهي، حضرت شھباز رح سان کيس دلي
انسيت ۽ منجھس اعتقاد هو. حضرت شھباز رح جي روضي تي ساندھ ڀيرو ڀريندو رهندو هو.
سنڌ ۾ هنڌين ماڳين سندس شھرت هئي. پاڻ پنھنجي طويل سنڌي مثنوي (جيڪا زيارت نامي جي
عنوان سان معروف آهي) ۾ سيد علي جو پڻ ذڪر آندو اٿس:
پيش طاق خاص ڀر سيد
علي جي بارگاھ
سو حضوري جو مصاحب ۽
وزير با وفا
سيد عالي نسب فرزند
سلطان يمن
شاهي دنيا ڇڏي ٿيو شاھ
جو صاحب لوا. ۴
ثابت رح سيوهاڻي ڪلھوڙا
دور جي بنھ ابتدا ۾ ڄائو ۽ ٽالپور اميرن جي پھرين چوياري ۾ اڻويھين صدي عيسوي جي
پھرين ڏهاڪي ۾ ۱۸۱۰ع جي فوت ٿيو. يعني گھٽ ۾ گھٽ اڻويھين صدي جي پھرين ڏهاڪي تائين ته سيوهڻ ۽
سيوهاڻين وٽ سيد علي (سرمست) بن سيد جلال سرخ پوش رح هو ئي ڪو نه.
ڏسو صدين جي سفر ۾
تاريخ ڪيئن ٿي مٽجي وڃي. خضر علي سيوستاني جو ”سيد علي شيرازي“، سيد ثابت علي
سيوهاڻي تائين پھچندي نه رڳو ”يمن جو شهزادو“ (يمن جي سلطان جو پٽ) بڻجي وڃي ٿو بلڪ
سيوهاڻي شھباز رح جو ”وزير با وفا“ به سڏجڻ لڳي ٿو، جيتوڻيڪ هو حضرت عثمان مرندي
جو ٻئين نمبر تي خليفو هو. شيخ علي بغدادي وچئون ئي محو ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ويھين
صدي ۾ وري کيس ”سيد علي سرمست“ بڻايو وڃي ٿو. والله اعلم بالصواب.
...................................................
حوالا
۱. بحوالہ: ”تذڪره مشاهير سنڌ “، سنڌي ادبي بورڊ، ج ۲، ص ۱۹-۲۰
۲. بحوالہ: ”تذڪره مشاهير سنڌ “، ج ۲، ص ۱۰۳
۳. مير علي شير 'قانع': ”تحفة الڪرام“، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ۲۰۰۴ع، ص ۲۵۶
۴. مرزا عباس علي بيگ: ”ڪليات سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي“، اسلامڪ ڪلچر اينڊ
ريسرچ سينٽر ڪراچي، ۱۹۸۴ع، ص ۹۳
(عبدالحسين
موسوي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۹ مئي ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)
قديم ماخذن ۾ رڳو سيد علي لکيل ملي ٿو. سرمست وارو لاحقو هن ويجھي دور جو آهي. خضر علي سيوستاني جي تذڪري مطابق سيد علي شيراز جو باشندو هو. مٿي جيڪو فارسي قطعو ڏنل آهي ان جو تعلق شيخ علي بغدادي سان آهي. خود اها ڳالھ ڪتبي جي سٽ مان پڌري آهي.
ReplyDeleteبود از بغداد و اندر صف پاڪان شهسوار.
السلام وعلیکم
ReplyDeleteیہ تحریر اردو میں مل سکتی ہے کیا