; سنڌي شخصيتون: پروفيسر لياقت عزيز

02 October, 2020

پروفيسر لياقت عزيز

پروفيسر لياقت عزيز

جدوجهد جو عڪس

گل مورو



هماليا جهڙو حوصلو رکندڙ باصلاحيت جدوجهد جو عڪس بڻيل پروفيسر لياقت عزيز ئي هيو. مون کي ياد پوي ٿو جڏهن ارباب رحيم جي دور ۾ ڪراچي پريس ڪلب کان لانگ مارچ  سنڌ ايمپلائيز الائنس جي پليٽ فارم تان سندس سرواڻي ۾ مورڙي جي ماڳ ڪراچي ۾ استادن جي حقن لاءِ لانگ مارچ ڪيو پئي ويو ته ان وقت سمورن پروفيسرن، استادن، عالمن، اديبن، دانشورن تي پوليس لٺيون وسائي وڏي تعداد ۾ لياقت عزيز، تاج جويو، رفيق جروار، قادر بخش طالباڻي، پروفيسر يعقوب مري سميت ٻين کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو هو ۽ ان ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ته جيستائين استادن جي حقن جي بحالي ۽ سنڌ جي حقن جي بحالي وارا مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا، اوستائين احتجاج ختم نه ڪيو ويندو. انهن ڏينهن ۾ آئون سنڌي ادبي سنگت ضلعي نوشهروفيروز جو رابطا سيڪريٽري هوندي انهيءَ ئي ڏينهن شام جو ساهتي جي شهر نوشهروفيروز ۾ انهيءَ احتجاج تي اي پي سي گهرائي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه کان وٺي مولانا عزيزالله ٻوهيو، سائين راشد مورائي ۽ ٻيا استاد، شاعر، اديب گڏجي ڪري اُتي سخت احتجاج ڪيو ۽ انهيءَ ڏينهن ٿاڻي جي لاڪپ مان لياقت عزيز ۽ سندس ساٿين اعلان ڪيو ته سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ ڊي سي آفيسن جي تالابندي ڪئي ويندي ۽ ٻئي ڏينهن تي جڏهن سمورن ساٿين سان گڏجي ڊي سي آفيس نوشهروفيروز پهتاسين ته پوليس جا وڏا اٽالا ڏسي ڪري پاڪيٽ سائيز يونين ليڊر پويان پير ڪرڻ لڳا پر علمي، ادبي ۽ سياسي ورڪر، استاد توڙي شاگرد انهن رنڊڪن کي ٽوڙيندي ڊي سي آفيس جي تالن ۾ ايلفي وجهي تالابندي ڪري ڇڏي. اهڙو سخت احتجاج ڏسندي سڄي سنڌ ۾ ساهتي جي سڄڻن جي واهه واهه ٿي وئي. انهيءَ ڏينهن شام جو خبر پئي ته لياقت عزيز سميت سمورن سڄڻن کي ڪراچي جي لاڪپن مان آزاد ڪيو ويو آهي. آئون به ان ڏينهن حيدرآباد وڃي سائين تاج جوئي وٽ پهتس؛ رات اتي ئي هياسين ته سائين لياقت سميت سمورا استاد اتي اچي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي صبح جو حيدرآباد هاءِ ڪورٽ ۾ پڪي ضمانت ڪرائڻ لاءِ اسان جو ڪيس مامو يوسف لغاري وڙهندو. ائين ئي ٿيو صبح جو هاءِ ڪورٽ وڃي پهتاسين، سڀني کي انتظار هو ته ضمانت ٿئي ٿي الائي نه! مذاق مذاق ۾ ڪامريڊ يوسف لغاري اچي لياقت عزيز کي چيو ته جج صاحب توهان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي، توهان کي جيل جي هوا کائڻي پوندي. تنهن تي ٽهڪ ڏيندي لياقت چيو ته جيل جون هوائون اسان کي ڪجهه به نه ٿيون ڪري سگهن، جيل ۽ ٿاڻا اسان جي عزم کي ٽوڙي نه ٿا سگهن، نه وري جيل ۽ ٿاڻن کان ڊڄي ڪري پنهنجي جدوجهد تان هٿ کڻنداسين. جيڪڏهن سالن تائين به جيلن ۾ واڙيو ويو ته اهو به اسان کي قبول هوندو. ايتري ۾ يوسف لغاري چيو ته ڪا ڳالهه ناهي توهان جي ضمانت ۱۵ ڏينهن لاءِ ٿي چڪي آهي، ائين ئي ٿيو جو اتان گلن جا هار پائي جڏهن ٻاهر نڪتو ته سندس ڪنڌ هماليه جي چوٽين جيان اوچو نظر آيو. هي جدوجهد جو عڪس بڻيل ڪڏهن به نه جهڪيو. جڏهن ڏٺائين ته سنڌ جي استادن مٿان ڏکيا ڏينهن آيا آهن ته پاڻ نڪري نروار ٿي بيٺو هر دور ۾ پنهنجو پاڻ ملهائڻ، سختيون ۽ سور سهڻ، دولت ۽ حوس کي ڦٽو ڪري ڇڏڻ اهو ئي وڏ ماڻهپو هوندو آهي. ڇو ته ڪيترا ئي يونين ليڊر هن جي دور ۾ پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري چڪا هئا. آمريت اڳيان ڪنڌ جهڪائي چڪا هئا پر هن ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪايو. پنهنجي استادن جي لاءِ سپلا تنظيم جيڪا جوڙيائين ان سان به ساٿ نڀايائين. سنڌ جي هر پورهيت تحريڪ سان ايترو ته اڳڀرو رهيو جو انهن جي ڏک سور ۾ هميشه لکندو به رهيو ته جدوجهد به ڪندو رهيو. نه رڳي اهو پر علمي، ادبي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جي سٿ سان به پنهنجو ناتو ڪڏهن نه ٽوڙيائين، پوءِ ڀلي نياز هجي يا تاج هجي هر وقت ۾ هر آمريتي دور ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو. کوڙ ڀيرا سندس تنظيم مٿان بندشون به پيون، رنڊڪون به پيون، وقت جي آمرن ۽ حاڪمن مٿس سختيون به ڪيون، کيس جيل به ڀوڳڻا پيا، ڏک به برداشت ڪرڻا پيا پر پوءِ به هي شخص آڻ مڃڻ وارو نه هو. آريسر چواڻي هي ڇا ته شخص هو جو سدائين علم، ادب ۽ تحريڪ جي گفتگو هن جي لفظن ۾ هوندي هئي؛ هر وقت جدوجهد جو عڪس بڻيل رهيو ۽ ڪڏهن به لالچ جو شڪار نه ٿيو. کوڙ سارا غريب مسڪين ٻارڙا ڊاڪٽر، انجنيئر بڻايائين، انهن سمورن جي جيڪڏهن ڪهاڻي لکجي ته شايد ڪتاب ئي ڀرجي وڃن. هن هميشه قانوني طور تي جنگ وڙهي ۽ جنگ جي هر ميدان ۾ پنهنجي مخالفن کي مات ڏني. جڏهن ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري استاد تنظيمن تي پابندي ۽ زوري ۽ جبري موڪل تي کيس روانو ڪرڻ جي سازش سٽي وئي ته انهن ڏينهن ۾ وزير تعليم سان به جهيڙو جوٽيائين، جيڪو آخري گهڙي تائين جاري رهيو. ان تان به هٿ نه کنيائين. جڏهن سڄي سنڌ اندر ضيائي آمريت سنڌ جي ڳوٺ ڳلي ۾ ڪاهي پئي هئي ته ان وقت به ۱۱ ڏينهن لاءِ هن ساهتي جي شهر موري کان ڪراچيءَ تائين لانگ مارچ ڪيائين ۽ بک هڙتال به ڪيائين. لياقت عزيز هميشه جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو، ڪڏهن به هار نه مڃيائين. اهڙا ماڻهو هميشه ياد رکيا ويندا آهن.


اڄ به ڏٺو وڃي ته سنڌ جي تعليم جيڪا تباهي جي ور چڙهيل آهي، ان جي آبياري لاءِ هن تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون سندس خواب هو ته سڄي سنڌ اندر سنڌ جا تعليمي ادارا آباد هجن. سنڌ جي وستي واهڻ جتي غريبن ۽ مسڪينن جا معصوم ٻارڙا پيرين اگهاڙي تعليم پرائي رهيا آهن، اهي وڏا ٿي ڪري هن قوم جو مستقبل سنوارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، سندس اها ئي خواهش هئي ۽ انهيءَ خواهش جي ڪري کوڙ سارا تعليمي سيمينار، کوڙ ساريون تعليمي ڪانفرنسون، ڳوٺن توڙي ٻهراڙين ۾ وڃي ڪري استادن سان گڏجي ڪچهريون شروع ڪري ڏنيون هيون ته سنڌ جي تعليم کي ڪيئن معياري بڻائي سگهجي ٿو ۽ انهيءَ سڄي سٿ ۾ نياز کان وٺي تاج تائين راشد کان وٺي طالباڻي تائين سندس ڪوششون ڏاڍيون شانائتيون رهيون. تعليم جي واڌاري لاءِ هن اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. نه رڳي تعليم جي واڌاري لاءِ پر سنڌ جي پورهيت طبقي لاءِ به جدوجهد ڪيائين ته جيئن اهو پاڻڀرو ٿي ڪري پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهي. هن هر آمريتي دور ۾ مهاڏو اٽڪايو، ڪڏهن به ماٺ ڪري نه ويٺو. لياقت جي ذهن ۾ اهو ئي خواب هو ته جيڪي سنڌ اندر هزارين اسڪول بند پيل آهن، اهي کليل هجن، جيڪي سنڌ اندر لکين ٻارڙا اسڪولن ۾ داخل ناهن، اهي اتي وڃي پنهنجو علمي اڀياس پورو ڪري سگهن. ان لاءِ هن توڙي سندس ساٿين شروع کان وٺي اها جستجو ۽ جدوجهد ڪئي. پ ٽ الف جو تنظيمي ڍانچو هجي يا سپلا جو سندس هٿن سان وجود هجي، ان جو مفهوم ۽ مقصد به اهو ئي هو ته سنڌ اندر جيڪي استاد ڀرتي ڪيا وڃن ٿا، اهي ميرٽ تي هئڻ گهرجن. جيڪي استاد تعليم جي ستياناس ڪرڻ ۾ ملوث آهن، انهن ڪارين رڍن کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ جيڪي استاد روزانو پنهنجي اسڪولن ۾ وڃي ڪري پورهيتن جي ٻارڙن کي علم جي روشني ڏين ٿا، انهن کي اهي سموريون سهولتون ملڻ گهرجن، جهڙيءَ ريت ترقي يافته ملڪن ۾ استادن کي ۽ تعليمي ادارن کي هڪ مقصد سمجهيو ويندو آهي ته اهي ئي ادارا ۽ استاد پنهنجي قوم ۽ وطن جي خوشحاليءَ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پر اڄ ڏٺو وڃي ته تعليمي ادارن جي اها صورتحال آهي جو سڄي سنڌ اندر اڄ به ۳۰ لک کان وڌيڪ ٻارڙا دربدري جي زندگي گهاري رهيا آهن ۽ علم جي روشني کان وانجهيل آهن. نه رڳي اهو پر هن جي دل ۾ اهو به درد هو ته هن ديس جي دردوند ماڻهن جو هر مسئلو بنيادي حق آهي ۽ اهي بنيادي حق رياست کي مهيا ڪري ڏيڻ گهرجن. لياقت عزيز جي جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي.


پروفيسر لياقت عزيز

سندس وڇوڙو ۽ ساروڻيون

حميده گهانگهرو

پروفيسر لياقت عزيز جي وڇوڙي جي سوشل ميڊيا تي خبر ڄڻ ٻڌي ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي وري سوچن جو سفر ذهن ۾ گونجڻ لڳو. اديب، دانشور، استاد، شاعر، سرگرم ليڪچرر سڄي زندگي استادن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ انهن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سڀني کي ساڻ وٺي هلڻ محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا ۾ هلڻ وارو اڄ اکيون بند ڪري اڪيلو هليو ويو، بس زندگيءَ جي ابتدا ۽ انتها، ڄمڻ کان مرڻ فطرت جو دستور آهي، انهيءَ ڪري ڪجهه به چوڻ کان اڳ صرف ذهن تي اهي سڀ يادون تري آيون، زندگيءَ جو توڻي جو کڻي ۸۰ سالن جون يادون ڄڻ صدين جو سفر ۽ تاريخ جو هميشه لاءِ بابت هجي.

لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو پر سندس شخصيت جو لڪل پهلو نظرياتي سوچ هئي جنهن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاهر ڪيو هن ڪڏهن به اهڙو تاثر نه ڏنو ته سندس تعلق ڪميونسٽ پارٽي سان آهي پر سندس ادبي ذخيرو سڀني کي اتساهيندڙ رويو هر نوجوان شاگرد توڻي هارين مزدورن سڃاڻ ڌرين، ادبي سنگت هر جاءِ تي پروفيسر لياقت عزيز ڄڻ سڀني لاءِ حوصلي جو سبب هجي، ڪافي غريب شاگرد هئا جن جي تعليم جو بندوبست ڪري انهن سڀني شاگردن کي هن ڪامياب منزل تي پهچايو، اڄ هو تمام وڏين سٺين پوسٽن تي آهن. تعليم جو ڄار وڇائڻ پروفيسر لياقت عزيز جو خواب هئو. سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي نااهلي يا غير ذميوار استادن جي رويي تي ڪا به رعايت نه ڪندو هو ۽ استادن کي هميشه اهو چوڻ هوس ته پنهنجي پيشي ۽ ڪم کي سڃاڻو.

استادن جي حقن لاءِ تمام گهڻو جاکوڙي رهيو، ڪنهن به استاد جي زيادتي تي خاموش نه ويهندو هو، حالانڪه سندس تعلق پروفيسرس ۽ ليڪچرارس ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري طور سڃاتو ويندو هو پر سندس سوچ جون پاڙون پرائمري استادن جي جدوجهد سان واڳيل رهيون، هن هميشه مزاحمتي ڪردار طور هميشه ڪالم، مضمون لکيا، سندس لکيل ڪالمن جو مجموعو قومي غدار ۽ حساب ڪتاب ۱۹۹۷ع ۾ ڇپيو، قومي غدار ۽ سندس ڪالم غداري جي انهي لفظ کي فخر سان ظاهر ڪندي لکي ٿو ته جيڪڏهن ڪير پنهنجي قوم جي حقن لاءِ وڙهندي ناانصافيءَ جي اونداهه کي ختم ڪرڻ لاءِ غدار قرار ڏنو ٿو وڃي ته اهو قومي غدار ٿيڻ قبول ڪندو. انهيءَ ڪري پنهنجي زندگيءَ ۾ به جيڪي سختيون سزائون ڀوڳيائين قومي غدار جي حيثيت ۾ قبول ڪندي خوشي خوشي استادن جي اذيت هلندڙ تحريڪ کي به حوصلي سان نڀايائين..

مون کي ياد آهي استادن جي تحريڪ هلي پئي مان به پريس ڪلب پهتس، ڌرڻو لڳل سڄي سنڌ جا استاد پريس ڪلب اڳيان روڊ تي ويٺا هئا، سندن پرامن پر باهمٿ آواز گونجارجي پيو ته استادن جا حق ڏيو.

هيءَ تحريڪ انهن استادن جي هئي، جنهن مهذب معاشري ۾ چيو ويندو آهي ته علم سان ئي معاشري جو سڌارو آڻي سگهجي ٿو. مهذب سماج جي سڃاڻپ علم ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي. انسان جتي فرش کان عرش تي پهتو آهي ته انهيءَ سڄي محنت ۽ انسان کي باشعور ڪرڻ جو سهرو استاد کي حاصل آهي. اڄ اهي استاد روڊ تي ويهي پنهنجو حق گهرن پيا. مان به ڪافي دير تائين سندن جدوجهد جي سهڪار ۾ روڊ تي ويٺي رهيس. حالانڪه منهنجو تعلق پاڪستان اسٽيل جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان هو پر مان سمجهان ٿي قلم ۽ ڪاغذ، علم ۽ شعور ڪنهن ڊپارٽمينٽ جو محتاج ناهي. جيڪڏهن اهي استادن جا مسئلا آهن ته شايد منهنجي ٻار جي استاد جا مسئلا هجن ۽ منهنجي ٻار جو استاد روڊ تي ويهي ڪنن ۾ ڪپهه پيل حڪمرانن کي بلند آواز ۾ ٻڌائي ته پوءِ مان خاموش ڪيئن ٿي ويهي سگهان. استادن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي رکيو ويو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سيشن ڪورٽ ۾ شنوائي هئي، مان ڪورٽ ۾ ويس، ڇا هي اهي استاد هئا جن جي علم سان اڄ عدالت جا جج به انصاف ڪرڻ جي ڪرسي تي ويٺا آهن ۽ هيءُ هڪ هڪ ٿي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهي ٻڌائين پيا ته اسين پنهنجو حق گهرون پيا. مان ڇا پئي ڪري سگهان صرف هن سماج جي ذميدارن جي بي حسي ۽ غيرانساني حرڪتن ۽ فيصلن تي ماتم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه، يوسف لغاري صاحب تمام جهونو سياستدان، وڪيل ۽ ڪامريڊ طور سڃاتو ويندو آهي، سندن ڪيس جي پيروي ڪري رهيو هو ۽ آخر انصاف پلئه پيو ۽ استاد آزاد معاشري جي آزاد فضا ۾ ڪاميابيءَ سان هٿ مٿي ڪري ڪورٽ کان ٻاهر آيا، سندن چاهيندڙ ۽ احترام جي نگاهه سان جڏهن ڪيترا اديب، دانشور، وڪيل، استاد سياسي ورڪر ٻاهر گل ۽ مٺايون کنيو بيٺا هئا. مون اهو منظر پنهنجي اکين سان ڏٺو هو.

جڏهن ته پروفيسر لياقت عزيز کي مون پهريون ڀيرو ان وقت ڏٺو، جڏهن منهنجي شادي نذير عباسي شهيد سان ۱۹۷۸-۲-۴ ۾ ٿي ۽ شاديءَ جي پهرين دعوت ٽنڊو محمد خان ۾ ادا لياقت عزيز جي گهر هئي. ٻار ننڍڙا  هئس، سولنگين جو پاڙو هڪ ٻئي سان گهر مليل هئا، گهر ۾ ماني کائي ڪافي دير تائين ڪچهري ٿيندي رهي.

ورانڊي ۾ ڪوئلا ٻاري هٿ سيڪيندا رهياسين ۽ گرم گرم نظرياتي ڪچهري کٽڻ جو نالو نه پئي ورتو. رات دير سان ٽنڊي محمد خان ۾ ئي استاد خادم جو گهر هئو، اسان جي رهڻ جو بندوبست اتي هئو. استاد خادم سان به ٿوري دعا سلام ڪري صبح سان ناشتي تي ڪچهري جو چئي موڪلايو، صبح سان اڃا اسين ننڊ مان اٿيا به نه هئاسين ته ادا لياقت عزيز استاد خادم جي گهر پهچي ويو، ناشتو سڀني گڏجي ڪيو، ڪافي ٻيا دوست ساٿي اچي ويا، نوجوان امير الدين قريشي ميڊيڪل ۾ پڙهي رهيو هو. امير الدين قريشي ڏاڍو ماٺيڻو ۽ محنتي شاگرد هئو ۽ ڊي ايس آر جو سرگرم ڪارڪن اڳتي هلي هو ڊاڪٽر ٿي  ويو، جڏهن پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڇڙوڇڙ ٿي وئي ته ڊاڪٽر اميرالدين قريشي ٻاهر هليو ويو پر ڪجهه سال اڳ خبر پئي ته امير الدين کي ڪا آفريڪا ۾ رهڻ ڪري بيماري ٿي ۽ هو به اسان کي ڇڏي هن دنيا کي الوداع ڪيو. ماضي جنهن لياقت عزيز جهڙا باڪردار حوصلامند جدوجهد سان واڳيل اهرا جرئت مند ساٿي پيدا ڪيا، جو گهرن ۾ ڪچهرين دوران ڪو رسمي رهڻ ڪرڻ نه بلڪ گهر جي فرد واري حيثيت ۾ جيڪو پڪو سو کاڌو ۽ جيڪا به تڪليف ڄڻ سڀني لاءِ هوندي هئي.

۱۹۸۴ ع ۾ مون جڏهن حيدرآباد بورڊ مان انٽر ڪرڻ چاهيو حالانڪه منهنجي لاءِ حالتون بلڪل سازگار نه هيون. نذير عباسي شهيد ٿي چڪو هو ۽ مان انڊر گرائونڊ هئس پر پڙهڻ ختم نه ڪيو. پيپر ڏيڻ لاءِ سينٽر نزهت ڪاليج ۾ هئو سندس گهر واري جيڪا خود ليڪچرار هئي، انهيءَ سينٽر تي ڊيوٽي هئس، ادا لياقت چيو ته ادي حميده جو خيال رکجو، ڇاڪاڻ ته سندس وارنٽ آهن ۽ ڪا گرفتاري وغيره نه ٿئي ۽ ٿيو به ايئن ته اتفاق سان آخري پيپر ۾ انٽيليجنس وارن کي خبر پئي ته مان اتي امتحان ڏئي رهي آهيان. ادا لياقت نياپو ڪيو ته پيپر ختم ٿيڻ کان پوءِ مان فورن گيٽ تي اچي وڃا ۽ ڪنهن محفوظ جاءِ تي هلي وڃان، بلڪل ايئن ٿيو مان ٻاهر نڪري هلي وڃڻ ۾ ته ڪامياب ٿي ويس پر جڏهن رزلٽ آيو ته ٻن پيپرن ۾ رزلٽ روڪيو ويو هو، مارڪ شيٽ وٺڻ لاءِ طالب لاشاري کي بورڊ آفيس موڪليو ويو ۽ طالب ٻڌايو ته توهان جي مارڪ شيٽ نه ملي بلڪه ڪنهن همدرد چيو فورن هليا وڃو. حميده گهانگهرو جا وارنٽ آهن اهو چيو ويو آهي ته هن جي اچڻ تي اسين کين اطلاع ڪيون، جيئن گرفتار ٿي سگهي. انهيءَ سڄي صورتحال جو گواهه خود طالب لاشاري آهي.

مان ڪامريڊ صابر جيڪو ”ايس آر ٽي سي“ ۾ پارٽي جو ڪارڪن ساٿي امداد چانڊيو جو سهرو هو، اتي ترسيل هئس، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، مان وري ادا لياقت عزيز جي گهر وڃي چيو مون کي پڙهڻ جو شوق آهي ۽ ڪڏهن اهڙيون حالتون ٿينديون جو مان تعليم مڪمل ڪري سگهان. ادا لياقت عزيز تمام گهڻو حوصلو ڏنو ۽ چيائين ادي گهٻرايو نه توهان ضرور تعليم مڪمل ڪندا ۽ هڪ ڏينهن اسان جي استاد برادري جو حصو بڻجندا ۽ واقعي ۱۹۸۸ع کان پوءِ حيدرآباد مان مائگريشن سرٽيفڪيٽ وٺي ڪراچيءَ مان انٽر، بي اي ۽ بي ايڊ ڪئي. وري شاهه لطيف يونيورسٽي مان ”ايم اي آءِ آر“ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي،  مان اسٽيل ٽائون ۾ رهندي هئس، ادا لياقت عزيز ٽنڊي محمد خان مان منهنجي لاءِ اجرڪ وٺي مبارڪباد ڏيڻ آيو ۽ مسڪرائيندي چوڻ لڳو ٽنڊي محمد خان ۾ اجرڪ سٺا ٺهندا آهن، هي خاص طور مان توهان لاءِ ٺهرايو آهي.

مان ٽائون شپ هفتا بازار مان مڇي ۽ پالڪ ساڳ وٺي آئي هيس، پچايو ته کائي چيائين اوهان جيتري سٺي پوزيشن ۾ پاس ٿيا آهيو ايترو سٺو ٻوڙ پچايو آهي.

مان سوچيان ٿي ته انسان جي هن مختصر زندگيءَ جي ڪيتري وڏي ڪهاڻي آهي ڪڏهن افسانوي ته ڪڏهن مزاحمتي، ڪڏهن خوشين ته ڪڏهن غمن سان پر هر گهڙيءَ جي ياد تمام گهڻي ڪارائتي آهي. هن گوناگون زماني ۽ مشيني زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي سان اهڙو رابطو ته نه رهيو جهڙو ماضي ۾ ڪميونسٽ ساٿين جو هڪ گهر ۽ فرد واري حيثيت ۾ هئو پر ڪڏهن به ايئن ناهي ٿيو ته اهي يادون اها جدوجهد جنهن جا عڪس اڄ به روشنيءَ جي ڪرڻي وانگر زندگيءَ ۾ سمايل آهن، جڏهن ڪير وڇڙي وڃي ٿو ته ڄڻ ماضي جي اجتماعي نظرياتي گهر جو هڪ فرد وڇڙي وڃي ٿو، وڇوڙي جي خبر ٻڌندي مون سندس پٽ کي فون ڪيو هن فورن وراڻيو آنٽي مان توهان کي چڱي طرح سڃاڻان ٿو، مون کي اهي لفظ ٻڌي اها خوشي ٿي ته اسان جا نظرياتي رشتا ڪيترا مضبوط هئا. وڇڙي وڃڻ کان پوءِ به وسريا ڪين هئا. بلڪل اهڙيءَ طرح اڄ درد دل ۾  چڀي ٿو پر پروفيسر لياقت عزيز پنهنجي جدوجهد، همٿ، حوصلي ۽ سچائيءَ سان هميشه زنده رهندو جيئن هن ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين سوچ فڪر سان ناتو جوڙي رکيو.

اڄ سڄي سنڌ سوڳوار آهي، استادن ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، دراصل اهو سوڳ نه پر اهو رشتو ناتو سچائي آهي جنهن لاءِ وڇوڙي کي قبول ڪرڻ جو حوصلو ملي، اميد آهي ته انهيءَ حوصلي سان سندس ساٿي هلندڙ جدوجهد جو سڳو ٽٽڻ نه ڏيندا.


پروفيسر لياقت عزيز سولنگي

سنڌ دوست ڪردار

اعظم ڀٽي

ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان محبت وارو رشتو ئي حقيقت ۾ ماڻهوءَ کي معتبر بڻائي ٿو. اهي فرد ئي تاريخ ۾ زنده رهندا آهن، جيڪي ڪجهه ڪري ويندا آهن، انهن فردن جي جاکوڙ تاريخ جي داستانن ۾ سماج جي بهترين اڏاوت جو بنيادي ڏاڪو تصور ڪئي ويندي آهي. جيڪي مختلف شعبن ۾ پنهنجو ڪردار نروار ڪري ويندا آهن. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو به انهن فردن ۾ شامل آهي، جيڪي وطن دوستيءَ جو حوالو به هئا ته جدوجهد ۽ تحريڪ جو نالو به. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي ٽنڊو محمد خان ۾ ۹ جولاءِ ۱۹۴۹ع تي ڄائو، سندس والد جو نالو خميسو خان سولنگي آهي. ٽنڊو محمد خان مان ئي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪيائين. هو جڏهن اٺين درجي ۾ ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ پڙهندو هو ته هُن ميونسپل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏيارڻ واري احتجاج ۾ شامل ٿي عملي جدوجهد واري زندگيءَ جي ميدان ۾ پير پاتو. ان احتجاج جي بدولت ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو، کيس تعليم سان چاهه ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ اتساهه سندس دوستن غلام نبي بهراڻي، زيب ڀٽي ۽ پرواني ڀٽي ڏياريو. لياقت عزيز سولنگي سنڌ جو سچار، بي ڊپو ۽ سياست جي ڄاڻ رکندڙ، دانشور، اديب، تعليمدان، سماج سڌارڪ، ٽريڊ يونينسٽ، سنڌ دوست فرد رهيو. هُن ٽريڊ يونين واري سياست جي شروعات فوجي شگر ملز ٽنڊو محمد خان جي مزدورن جي يونين قائم ڪري ان کان ڪئي. فوجي شگرملز ٽنڊو محمد خان جڏهن قائم ٿي ته ان ۾ صرف ٻاهريان ماڻهو ملازم طور ڀرتي ڪيا ويا. لياقت عزيز سولنگي ڪجهه دوستن سان گڏجي شگرملز ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي. جنهن تحريڪ جي نتيجي ۾ ملز انتظاميه مقامي ماڻهن کان نوڪريءَ لاءِ درخواستون وصول ڪيون. ۳۵ ماڻهن درخواستون ڏنيون، جن سڀني کي ملز ۾ ملازمت ملي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن ۳۵ ملازمن ۾ هڪ به سنڌي شامل نه هو، پر اهي سڀ جا سڀ ٽنڊو محمد خان جا مقامي ماڻهو هئا. فوجي شگرملز يونين جي قيام بعد هن ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز ٽنڊو محمد خان، ٻيڙي ورڪرز يونين، ٽانگا ورڪرز يونين جي قيام ۾ پڻ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي سموريون يونينون پاڪستان ورڪرز فيڊريشن سان سلهاڙيل هيون. پاڪستان ورڪرز فيڊريشن، ان وقت ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پورهيت ونگ هئي، جنهن پورهيت ونگ جو مرڪزي صدر ٽنڊو محمد خان جو شميم واسطي پڻ رهيو. ۴ فيبروري ۱۹۷۸ع تي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻ شهيد نظير عباسي ۽ حميده گهانگهرو جي شادي ٿي هئي، تمام گهٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي ته سندن شاديءَ جي خوشيءَ ۾ پهرين دعوت پروفيسر لياقت عزيز، ٽنڊو محمد خان ۾ ڪئي هئي.

هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. سنڌ يونيورسٽي مان ئي وڪالت جي ڊگري حاصل ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ لياقت عزيز سولنگي ليڪچرار طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. ۱۹۷۷ع کان وٺي هن ٽيهه سالن کان وڌيڪ عرصو حيدرآباد جي سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. تعليمي خدمتن جي لحاظ کان هو جتي به رهيو، هن کي قوم جي شاگردن جي مستقبل جو وڏو اونو رهندو هو. ان حد تائين جو تعليم جي حصول خاطر هن پنهنجي اولاد سان به ڪا سوديبازي نه ڪئي ۽ کين پنهنجي مدد پاڻ تحت شفاف تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اُتساهيو. هن پوليٽيڪل سائنس تي ۸ تدريسي ڪتاب لکيا، جيڪي آر ايڇ احمد برادرس پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. لياقت عزيز سولنگي بهترين علم دوست، سماج سڌارڪ، دانشور، اديب ۽ ڪالم نويس هو. سندس ڪالمن جو هڪ مجموعو ”قومي غدار ۽ حساب ڪتاب“ نيو فيلڊس پبليڪيشن ۱۹۹۷ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جيڪي ڪالم هُن ”ڪُڇان ته ڪافر ٿيان“ جي عنوان سان مختلف سنڌي اخبارن ۾ لکيا. سندس قلم سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي، طبقاتي، علمي، ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي هميشه متحرڪ رهيو. هو سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرار ايسوسيئيشن (سپلا) جو باني ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. کيس ڪاليجي استادن جو هر مسئلو زباني ياد هوندو هو. اهو ئي سندس بهترين حافظي جو مثال هو. هن ڪاليجي استادن جي مسئلن جي حل لاءِ جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ تحريڪ جو بنياد وڌو، جنهن دوران کيس ڪيترائي ڀيرا پابند سلاسل به ڪيو ويو. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ هن جو ڪيترن ئي سٺن ۽ هڏ ڏوکي استادن سان واسطو رهيو، جن کي هو هميشه دل سان ياد ڪندو هو. انهن استادن مان ٽنڊي محمد خان جا بهترين استاد محمد عثمان ميمڻ صاحب ۽ سائين محمد اسحاق، سنڌ يونيورسٽيءَ جو سائين محمد عمر ميمڻ هالن وارو، محمد حسن ڀٽو ۽ خالد شهيد آخوند شامل آهن. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي کي، سنڌي سفرنامن جي بادشاهه الطاف شيخ پنهنجي سفرنامي ”ايران ڏي اُڏار“ ۾ شاندار خراج تحسين سان ياد ڪيو آهي. ۱۹۹۴ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگرد ڌرين جي جهيڙي ۾ ٻن شاگردن جي قتل تي سنڌي ادبي سنگت پاران قومي جرڳو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ نورالهدى شاهه، پروفيسر عمر ميمڻ، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي، يوسف لغاري وڪيل، ۽ تاج جويي تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ڪميٽي سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلرن، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال، استادن، شاگردن، پوليس عملدارن ۽ لاڳاپيل فردن جا انٽرويو ڪري، تحقيقات بعد قاتل ظاهر ڪيا ۽ فيصلو ڪري، واسطيدار سياسي تنظيمن کي ڏوهاري قسم جي شاگردن خلاف سخت قدم کڻڻ جي لکت ۾ سفارش ڪئي.

جڏھن به سنڌ جي ڪاليجي استادن جي تنظيم سِپلا جو ذڪر نڪرندو ته ان جي بانيڪار مان پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو سرفهرست طور سُنهري لفظن سان ضرور ياد رکيو ويندو. هن پنهنجي ڪالمن وسيلي سنڌ جي مختلف مسئلن تي خاص طور تعليمي مامرن تي پنھنجو تجربو ۽ نقطه نظر تمام شاندار نموني پيش ڪيو. ڇاڪاڻ جو تنظيمي اڳواڻ طور تي سنڌ جي ڪاليجي استادن ۽ تعليم سان وابسته مسئلا بيان ڪرڻ جو وٽس سهڻو ڏانءُ هو. جڏھن به سِپلا جي تعليم کاتي جي عملدارن سان مسئلن جي حل لاءِ گڏجاڻيون ٿينديون ھيون ته سِپلا جو وفد پروفيسر لياقت عزيز سولنگيءَ کان سوا اڌورو ۽ اڻپورو تصور ڪيو ويندو ھو. هو رواني سان سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڳالھائيندڙ هو، تنهنڪري هو ٽيبل ٽاڪس جو پڻ وڏو ماھر سمجهيو ويندو ھو. سِپلا سان سندس محبت جي ڪري کيس وڏيون تڪليفون پڻ برداشت ڪرڻيون پيون. پروفيسر لياقت عزيز هڪ سُٺو مقرر پڻ رهيو، هُن وٽ ماڻهن کي سمجهائڻ ۽ قائل ڪرڻ جو فن به بيمثال هو، هن نه رڳو وطن دوستي وارو شاندار ڪرادار ادا ڪيو پر هن چاليهه سالن تائين سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي. هو ادارن جو اڏيندڙ پڻ هو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌ افيئرز جو بانيڪار هو. هن ٽنڊو محمد خان ۾ گرلز ڪاليج جي قيام لاءِ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ان ئي گرلز ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏيارڻ لاءِ اڳيان اڳيان رهيو، جنهن خدمتن جي بدولت کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي تعليم کاتي مان ۱۹ هين گريڊ ۾ ريٽائرمينٽ ورتي، ريٽائرمينٽ کانپوءِ به هن لکڻ ۽ پڙهڻ سان پنهنجو ناتو ڳنڍي رکيو. عمر جي آخري عرصي ۾ هو دماغي بيماري سبب ڇهه سال سخت علالت ۾ رهڻ بعد ۳۰ سيپٽمبر ۲۰۱۸ع تي ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

سنڌ جي هن وطن دوست ۽ جاکوڙي ڪردار جون کوڙ ساريون لکڻيون وکريل آهن، جن کي نه رڳو سهيڙڻ جي سخت ضرورت آهي پر هن جي خدمتن جي مڃتا طور سندس ڪردار، فن ۽ شخصيت بابت ڪم ڪرڻ جي ضرورت به آهي، جنهن ۾ سپلا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ته جيئن هن جي شاندار ۽ مثبت ڪردار کي ايندڙ نسلن جي ڄاڻ لاءِ تاريخ ۾ محفوظ ڪري سگهجي.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ٽيھين سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي، ورسيءَ جي مناسبت سان ڇپيل)


پروفيسر لياقت عزيز سولنگي

فن ۽ شخصيت

اعظم ڀٽي

دل چوي ٿي ته هڪ ڪتاب “پروفيسر لياقت عزيز سولنگي- فن ۽ شخصيت” تي ڪم ڪجي، سندس ذاتي، سماجي ۽ سياسي زندگيءّ، علمي، ادبي تحرڪ، سماجي ڪمن، تعليمي خدمتن، سپلا سميت استادن تنظيمن ۾ سندس ادا ڪيل ڪردار کي تاريخي دستاويز طور هميشه لاء محفوظ ڪجي. هڪڙي پۡراڻي دوست امام علي ڏيٿي جي ان راء مۡنجهائي وڌو آهي، جنهن رايي ۾ هن لکيو ته “ سائين لياقت جي انتقال کانپوء مون تعليم تي نڪرندڙ پنهنجي ٽين اک مئگزين لاء سائين لياقت عزيز تي مضمون ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاء سپلا جي اڪثر اڳواڻن کي چئي چئي ٿڪجي پيس پر ڪنهن به جوان جي پٽ پنهنجي اڳواڻ تي لکڻ گوارا نه ڪيو، ڪجهه اڳواڻن وٽ ذاتي طور هلي به ويس، آخرڪار سائين انتظار جي مشوري تي سائين قادر بخش طالباڻي صاحب کي عرض رکيم جنهن وقت سر مضمون لکي ڏنو جيڪو مون ڇپيو. (نوٽ: هتي انهن اڳواڻن جا نالا لکي کين پريشان ڪرڻ نه ٿو چاهيان) پر ان تي نهايت افسوس آهي. “اهڙي صورتحال ۾ آخر ڇا ڪجي؟ وري به پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي ويجهن دوستن، سپلا اڳواڻن، اديبن، دانشورن، صحافين، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي فرزند ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، پروفيسر صاحب جي نياڻيءَ نازيه سولنگي سان مۡشاورتي طور رۡجوع ڪندي، واجهائڻ جو جوکو کڻڻ لاء تيار به آهيان. ڇاڪاڻ جو هڪ پڙهيل لکيل مانائتي دوست جي هن راء منهنجي ذهن ۽ دل ۾ هڪ چئلينج واري صورتحال برپا ڪري وڌي آهي، جنهن رايي ۾ هۡو لکي ٿو ته: “سائين لياقت وڏين صلاحيتن وارو ماڻهو هيو، پر سائين جن جي پوري زندگي صرف نوڪري ۽ نوڪري سان لاڳاپيل مسئلن ۽ يونين جي سياست تائين محدود رهي، الائي ڇو سنڌي سماج ۾ جيئري توڙي مئي پڄاڻان سچ نٿو ڳالهايو وڃي. ۽ خاص ڪري مرڻ واري ماڻهو متعلق ته منصفاڻو تاريخي سماجي سچ اصل نٿو ڳالهايو وڃي، آئون ڪليئر ٿو چوان ته سائين لياقت منهنجو به ذاتي دوست هيو پر سنڌ، سنڌي قوم ۽ قومي تحرڪ سان، يا انساني درد سان، عملي طور سائين جو ڪو تعلق، ڪا جدوجهد نه رهي، سائين جو سڄو فوڪس سپلا جي مفادن جي سياست رهي ۽ بس! باقي سندس هر هڪ علمي ادبي لکڻي ضرور تاريخ ۾ پنهنجي جاء والاريندي!” ٻئي طرف هڪ سينيئر صحافي جا اهي لفظ مون لاء اۡتساهه جو هڪ الڳ جهان جوڙين ٿا، جنهن ۾ هۡن لکيو ته “ سائين لياقت عزيز يگانو سند دوست ھيو. اھڙا ڪردار ھاڻ تہ مشڪل سان پسي سگھجن ٿا!” اهڙي صورتحال ۾ جديد ٽيڪنالاجيءّ جي دور ۾ عالمي اوطاق جي توسط سان سنڌ جي پڙهيل، لکيل ۽ سۡلجهيل طبقي جي مشورن، مڪمل ساٿ ۽ سهڪار جي اميد رکي، اهو عرض ٿو رکان ته پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي ايندڙ پنجين ورسيءّ تقريب ۾ اسان سڀ گڏجي، ڇا ان ڪتاب جي رونمائي نٿا ڪري سگهون؟ جنهن ڪتاب جو نالو “پروفيسر لياقت عزيز سولنگي- فن ۽ شخصيت” هجي!! مونکي خبر ناهي ته ڪيترا هٿ مواد جي دستيابي کان وٺي ڪتاب جي تياري ۽ ڇپائي تائين، مڪمل سهڪار جا گۡل ارپيندا؟ پر فقيري حال سارو پاڻ ککر ۾ کڙو هڻڻ جي شروعات ڪري چڪا آهيون، ڏسون ته ڪاميابيءّ يا ناڪاميءّ جا لمحا ڪٿي ۽ ڪيسيتائين ٿا پهچائين! “ مرد تنهنجي ڪا وڃي، باقي دنيا ۾ ڳالهه رهندي. “ جي مصداق ڏسون ٿا اها ننڍڙي ڪوشش ڪٿي ٿي پهچي دنگ ڪري، ان لحاظ کان ڄاڻايل موضوع سان سلهاڙيل سڀني باشعور ۽ ساڃاهه وند دوستن جي صلاح مشورن ۽ قيمتي راين جو شدت سان منتظر رهبو. ڇا اسان سڀ گڏجي هڪڙي مخصوص دور جون يادگيريون، ساروڻيون، واقعا، ڏۡک، سۡور، توڙي فخر لائق لمحا ۽ تاريخ جو هڪ ننڍڙو باب دستاويز جي صورت ۾ محفوظ نٿا ڪري سگهون!؟

وڙائتي ورنديءَ جو منتظر:

اعظم ڀٽي

پير محلا لڳ ٽيليفون ايڪسچينج ٽنڊو محمد خان

رابطو: ۰۳۳۳۲۸۰۷۱۱۰


 

پروفيسر لياقت عزيز

سپلا جو باني اڳواڻ

ابراھيم لاشاري

 پنھنجي ڌرتيءّ صدين کان وٺي علم ادب جو گھر رھندي آئي آھي، پنھنجي ھن سۡونھن ڀري سر زمين جو ڪو بہ شھر، وستي ۽ واھڻ ڪنھن بہ ادبي صفت کان خالي ناھي، لاڙ واري علائقي ٽنڊو محمد خان جي مير محلي جي غريب پورھيت خميسو خان سولنگي کي اھا سۡڌ نہ ھئي تہ منھنجي گھر جي اڱڻ تي جنم وٺندڙ پۡٽ اڳتي ھلي، علمي ، ادبي شخصيت ۽ استادن جي تنظيم جو باني اڳواڻ بڻجي منھنجو ۽ پنھنجي ڌرتيءّ جو نالو روشن ڪندو، محترم خميسو خان سولنگي لاء اھا گھڙي نھايت خوشين ڀري ھئي ته ۲۴ آڪٽومبر ۱۹۴۸ع تي آچر ڏينھن ھڪ حسين جميل فرزند سندس گھر ۾ جنم ورتو، جنھن جي ڇٽيءّ جو نالو لياقت عزيز سولنگي رکيو ويو، پاڻ جڏھن پڙھڻ واري وھيءّ ۾ پھتو تہ سندس والدين کيس ٽنڊو محمد خان جي مين پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتان ھن ذھين لياقت عزيز وڏي لياقت سان پنج درجا پاس ڪيا، پاڻ مئٽرڪ ۽ انٽر جون ڊگريون بہ ٽنڊو محمد خان جي اسڪولن منجھان ئي حاصل ڪيائين. لياقت عزيز سولنگي وڌيڪ تعليم جي حاصلات لاء سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي پوليٽڪل سائنس ۾ ڪري، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، درس و تدريس واري شعبي سان سلھاڙجي، تعليم کاتي ۾ پوليٽيڪل سائنس جو ليڪچرار مقرر ٿيو. لياقت عزيز صاحب کي ٻالڪپڻ کان وٺي لکڻ پڙھڻ سان گھري دلچسپي ھوندي ھئي، پاڻ جواني وراي زماني کان وٺي مرڻ گھڙي تائين پنھنجي ڏات ۽ قلم جي نب سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندي، ڪڏھن بہ نہ ٿڪو، پاڻ روزاني خادم وطن، روزاني عوامي آواز، روزاني ڪاوش اخبار کان سواء ڪيترن ئي رسالن ۽ ميگزين منجھ مختلف موضوعن تي نھايت ئي ڪارائتا ۽ وقتائتا مضمون ۽ ڪالم لکي، پنھنجو نالو نروار ڪيو. لياقت عزيز سولنگي استادن جي حقن جي حاصلات جي فڪر ۾ سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن (سپلا) جو پنهنجي دوستن سان گڏجي پايو وڌو. پاڻ ان ئي تنظيم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي اھم عھدي تي بھادري ۽ ايمانداري سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رھيو، لياقت عزيز جو شمار ھڪ مفڪر، تعليمدان، ليکڪ، اديب ۽ پروفيسر طور سماج ۾ اڀريو ۽ اڄ ڏينھن تائين سندس نالو تاريخ جي ورقن ۾ زندہ آھي. لياقت عزيز پنھنجي حلقن ۾ سماجي خدمتن طور پڻ مشھوري ماڻي، پاڻ ھميشہ غريبن، يتمن ۽ بي سھارن جو سھارو بڻيو. پنھنجي علائقي ۾ سنڌي ثقافت جو اھڃاڻ اجرڪ، رلي جي ھنري فن لاء ڪيترائي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرائي، ثقافتي ورثي جي واڌ ويجھ لاء نھايت ئي بھترين اپاءۡ ورتا. پاڻ مسلسل ۳۰ سالن تائين حيدرآباد جي سچل آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر طور نھايت ايمانداري سان خدمتون سرانجام ڏيڻ ۾ ڪڏھن بہ نہ ڪيٻايائين. پاڻ انھيءّ ڪاليج منجھان رٽائر ٿيڻ بعد ڪۡل وقتي علمي ادبي پورھيي سان لاڳاپل رھيو، سندس علمي ادبي پورھيي جي حوالي طور سندس ڪتاب “قومي غدار ۽ حساب ڪتاب” پڻ ڇپيل آھي. جيڪو ڪتاب علمي ادبي حلقن م نھايت ڪارائتي اھميت رکي ٿو. لياقت عزيز سولنگي قانون جي ڊگري ايل ايل بي پڻ حاصل ڪئي. هۡو ھڪ بھادر، ايماندار اڳواڻ ۽ بي ڊپو اديب رھيو، پاڻ زندگي جي آخري حصي ۾ دماغ جي بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو، سندس ذھين پٽ ۽ نماڻين نياڻيڻ کيس ترت علاج واسطي ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي ۳۰ سيپٽمبر ۲۰۱۸ع تي ھن عظيم انسان کان دماغي بيماري جيئڻ جو حق کسي ورتو. پاڻ ھڪ پۡٽ ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، پروفيسر نازيہ عزيز، ڊاڪٽر شازيہ عزيز، سمورن گھر وارن سميت سوين ليڪچرارن، پروفيسرن، اديب دوستن کان ۶۹ سال ۹ مھينا ۶ ڏينھن زندگيءّ جا پل گذاري، ھميشہ لاء وڇڙي ويو. سندس جدجهد جي علامت بڻيل تاريخي ڪردار ھميشہ ياد رھندو، لياقت عزيز سولنگي جي مڙھ کي سندس ٽنڊو محمد خان جي اباڻي قبرستان “برھان شاھه” ۾ پنھنجي گھر واريءّ جي قبر ڀرسان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

 

No comments:

راءِ ڏيندا