محمد پناھ
ڦرڙو
علمي ادبي خدمتون
نور محمد ڦرڙو
ايم.فل
اسڪالر، سنڌي شعبو:
شاھ
عبداللطيف يونيوريسٽي، خيرپور.
سنڌ جي هيءَ ڌرتي اهڙي عظيم ٻوليءَ جي وارث ڌرتي آهي، جنهن جي خوشبوءِ
ڪائنات جي ڪارڻي حضرت محمد مصطفيٰ، احمد مجتبيٰ ﷺ جن کي آئي هئي. ان جي دعائن جي
طفيل سان هيءَ ڌرتي هميشہ عالمن، فاضلن، محققن، شاعرن، سگھڙن، اديبن جي قلم سان
هميشہ علم و ادب ۾ سڀني کان اڳ ڀري ۽ تاريخي حيثيت واري رهندي آئي آهي.
اهڙن ڏاهن، مفڪرن، اديبن ۽ شاعرن مان هڪ محمد پناهه ڦرڙو به پنهنجو مٽ پاڻ هو. محمد پناهه ڦرڙو جو جنم سنڌ جي ڳوٺ علي محمد ڦرڙو، تعلقو محرابپور، خانواهڻ ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي وچ واري علائقي ديهه ديهات، ضلعي نوشهري فيروز ۾ محمد سليمان ڦرڙو جي گھر ۾ ۱۰ فيبروري ۱۹۳۶ع تي ٿيو.
سندس
والد درگاهه لواري شريف جو پانڌيئڙو ۽ عقيدتمند هو ۽ پنهنجي علائقي ۾ جماعت جو
مُکُ مقرر ڪيل هو. جيڪو پنهنجي پٽ جي محبت ۾ اخبارون مختلف ڪتاب ۽ رسالا وٺي رکندو
هو ته منهنجي پٽ کي ڪم ايندا.
سندس
والده مائي سمل، جنهن کيس قرآن شريف پڙهايو هو، اها پنهنجي ڳوٺ ۾ سڀني عورتن کي
قرآن پاڪ جو درس ڏيندي هئي، جيڪا نيڪ نمازي
تهجد گذار پڻ هوندي هئي، هڪ ڏينهن پنهنجي پياري پٽ کي چيو ته: “پَنَلَ، مان
توکي ڪڏهن به بنا وضوءَ جي ٿڃ نه ڏني هئي، ان ڪري منهنجي ٿڃ جو ڀرم ضرور رکجانءِ!”
جنهن تي عمل ڪندي هن علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي ۽ پنهنجو نالو روشن ڪيو.
تعليمي قابليت
1.
محمد پناهه ڦرڙي بنيادي پرائمري تعليم۱۹۴۲ع ڳوٺ گاهي خان جلباڻيءَ مان حاصل ڪئي.
2.
سنڌي فائنل ۱۹۵۰ع ‘سنڌي شعبو’ ايڊيوڪيشن
بورڊ سنڌ مان حاصل ڪئي.
3.
سنڌي اديب ۱۹۵۸ع ‘سنڌي شعبو’ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
4.
سنڌي عالم ۱۹۵۹ع ‘سنڌي شعبو’سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
5.
سنڌي اديب فاضل ۱۹۶۷ع ‘سنڌي شعبو’ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
6.
بي.اي اڪنامڪس ۱۹۷۲ع
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
7.
ايم. اي سنڌي ۱۹۷۵ع ‘سنڌي شعبو’ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
8.
ايم.فل ۱۹۸۸ع ‘سنڌي شعبو’سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ڦرڙي
صاحب جا خاص استاد:
1.
ديني تعليم‘قرآن پاڪ’ (سندس والده) مائي سمل.
2.
ديني شرعي طريقتي تعليم، (سندس والد) محمد سليمان.
3.
پرائمري تعليم، علي نواز ڪونڌر.
4.
پرائمري تعليم، شمس الدين قاضي(مشهور شاعر حميد پارس جو والد).
5.
سنڌي فائنل مضمون علم بدن ۽ دنيا جي جاگرافي، بچو مل (واڻيو).
6.
ايم.فل(صوفي مت جو سنڌي ادب تي اثر)، علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي.
محمد
پناھ ڦرڙي پاران پاس ڪيل امتحان.
1.
هڪ سال جي.وي (J.V)
ٽريننگ ۱۹۶۰ع مٺياڻي
2.
ٻه سال ايس.وي (S.V) ٽريننگ ۱۹۶۱ع مٺياڻي
3.
سنڌي ٽائپ رائيٽر ۱۹۶۵ع ايڊيوڪيشن بورڊ سنڌ
جيئن ته مٿي سندس تعليمي قابليت جو ذڪر ڪيو آهي، هتي اهو به واضح ڪرڻ
ضروري آهي ته صاحب موصوف هڪ سٺو حڪيم به هو. پاڻ ان سلسلي ۾ هوميو پيٿڪ ڊاڪٽريءَ
جو ڪورس آڪسفورڊ ڪاليج لاهور مان ۱۹۷۸ع ۾
وڏي شوق ۽ چاهه سان ڪيو هئائين.
علمي
ادبي خدمتون:
1.
پرائمري استاد ۱۹۵۱ع کان ۱۹۸۵ع تائين.
2.
ڊائريڪٽر الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي محمد ڪبير ۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۵ع تائين.
3.
ميمبر سنڌي ادبي سنگت ۽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ۱۹۷۵ع
(خانواهڻ شاخ).
4.
ڪارڪن سنڌي ڊڪشنري، لوڪ ادب اسڪيم سنڌ يونيورسٽي.
5.
ميمبر هسٽاريڪل سوسائٽي ضلعو نواب شاهه.
6.
ميمبر سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.
7.
ميمبر سينيئر نشات جماعت درگاهه لواري شريف ضلعو بدين ۲۰۱۴ع کان فيبروري ۲۰۱۷ع تائين.
8.
ميمبر مئنيجنگ ڪاميٽي درگاهه لواري شريف ضلعو بدين (تاحيات).
محمد
پناهه ڦرڙي جا ڇپيل ڪتاب
1
امواج محمدي۱۹۸۱ع (محمد فقير جي سوانح ۽ ڪلام) صوفي اڪيڊمي، ڳوٺ علي محمد ڦرڙو.
2
لواريءَ جا لال (اضافي تحقيق، سوانح حيات) سيپٽمبر ۱۹۸۳ع لواري شريف مئنيجنگ ڪميٽي.
3
پير بادشاهه لواري شريف سوانح حيات (عرس اٺون) ۱۹۹۰ع نشاعت پبليڪيشن قاضي احمد ضلعو
نوابشاهه.
4
پير بادشاهه (ڀاڱو ڏهون) ۱۹۹۲ع مئنيجنگ ڪميٽي
لواري شريف.
5
گلدسته لواري شريف (مختلف اديبن جا مقالا) نوجوان اتحاد جماعت لواري شريف.
6
راحمي بادشاهه- (پير لواري) ڀاڱو چوٿون (سوانح حيات پير فيض
محمد نقشبندي) ۱۹۹۹ع حضرت
سلطان اولياء فائونڊيشن (رجسٽرڊ).
7
سووينيئر سيمينار سلطان اولياءُ ناجيه شاگرد تنظيم ‘نشات’
جماعت لواري شريف.
8
ڀارت ياترا (سفر نامو) ۲۰۰۱ع الڪبير اڪيڊمي، ڪوٽڙي محمد ڪبير.
9
هندي- سنڌي ڊڪشنري ۲۰۰۷ع سنڌ لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
10
سالياني رپورٽ ۱۹۶۰ع اخبار تعليم ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي.
11
ٻڪريءَ تي تحقيقي مضمون جنوري ۱۹۶۰ع (پهريون نمبر آيل)
ڳوٺ سڌار ماهوار حيدرآباد.
12
سچل سرمست آشڪارا ۾ تحقيقي مقالو
13 ناچڻي ۱۹۷۸ع ‘نجم عباسي’ جي ڪتاب تي لکيل تاثرات.
ان کان
علاوه مختلف رسالن اخبارن ۾ ۱۰۰ کن
ڇپيل مقالا ۽ مختلف مضمون وغيره.
اڻ
ڇپيل ڪتاب
1
ملفوظات سلطان اولياء خواجه محمد زمان (تصوف).
2
ابيات سنڌي، سلطان اولياء خواجه محمد زمان (تحقيقي شرح)
بايوڊيٽا (قلمي نسخو) محمد پناهه ڦرڙو.
3
صوفي مت جو سنڌي ادب تي اثر (ايم.فل مقالو، سنڌ يونيورسٽي،
ڄامشورو).
4
حقيقت محمدين (تحقيق).
5
بياض پناهه/ پناهه جي شاعري/ پناهه ڏانهن پيغام (مڪتوبات).
6
سچل انسائيڪلوپيڊيا ڪلام ۾ ڪم آيل اِسمن جو ذڪر.
7
تاريخ لواري شريف (تحقيق).
8
شاعرانِ لواري شريف (حضرت سلطان اولياء کان موجوده دور تائين.
ادبي
خدمتن تي مليل ايوارڊ
1
صدارتي ايوارڊ: ۱۹۸۷ع، اديبن جي اڪيڊمي اسلام آباد (ليکڪن جو اجتماع اسلام آباد).
2
سنڌي ٻولي ايوارڊ ۱۹۹۹ع جيپور ايوارڊ ڀارت (شاعرن جو اجتماع).
3
سنڌي اڪيڊمي ايوارڊ ۱۹۹۹ع شاهه سچل سيمينار ڀارت دهلي.
4
اجميري ايوارڊ ۱۹۹۹ع اجمير ڀارت ۾ (شاعرن جو اجتماع).
5
مصري شاهه ايوارڊ: نصرپور (مصري شاهه جي عرس جي موقعي تي).
6
ڀٽائي ايوارڊ: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي.
7
دادا ڀائي ايوارڊ ۱۹۸۶ع ڪراچي انٽرنيشنل سيمينار سلطان اولياء.
8
ٻه حمل ايوارڊ: ۹۰-۱۹۹۱ع، حمل فقير
جي عرس تي ٻه ڀيرا.
9
تصوف جي تحريرن تي شيلڊ: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
10
لائف ٽائيم ايوارڊ ۲۰۱۶ع نشات تنظيم جماعت لواري شريف قاضي احمد.
11
ٻاراڻي ادب تي مليل انعام۱۹۶۰ع سنڌي ادبي بورڊ.
12
سنڌيانا تي ڪيل ڪم تي انعام۲۰۰۷ع سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
13
سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب تي مليل انعام: ۲۰۰۷ع، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو.
محمد پناهه جو وصال ۰۸
فيبروري ۲۰۱۷ع مطابق ۱۰ جمادي
الاول ۱۴۳۸ هه اربع جي ڏينهن ۰۲:۱۵ بجي منجھند جو گمبٽ جي سرڪاري اسپتال (دل واري وارڊ ۾ ٿيو) سندس عمر ۸۱ سال ۰۲ ڏينهن هئي. کيس صوفي محمد فقير ڦرڙو جي درگاهه
جي احاطي ۾ دفنايو ويو.
ڇپيل
ڪتابن/ مقالن تي هڪ نظر:
♦
ڪتاب:
(۱): امواج محمدي (۱۹۸۱ع):
هي
ننڍڙو ڪتابچو صوفي محمد فقير ڦرڙي جي صوفيانه ڪلام ۽ سوانح حيات تي مبني آهي، هن ڪتاب ۾ هڪ حڪايت ڏنل آهي
جنهن ۾ تصوف بابت بهترين انداز سان سمجھاڻي ڏنل آهي. ان کان علاوه ڦرڙا ذات جو
ڪلهوڙا پاڙي جي هجڻ جو پڻ ذڪر آهي. (۱)
صوفي فقير، قادري سلسلي سان واڳاپيل درگاهه
همايون جي مفتي عبدالغفور همايون جو مريد آهي. ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهو واضح ٿي
وڃي ٿو ته ڳوٺ علي محمد ڦرڙو جنهن آباد ڪيو هو. ان کي ڇهه پٽ هئا، جنهن مان محمد
سليمان ڪتاب جي مصنف جو پيءُ ننڍي ۾ ننڍو پٽ هو. هن ڪتاب ۾ ۱۰۰ کن
ڪافيون ڏنل آهن جنهن ۾ ڪجھ سرائڪي ڪافيون پڻ آهن.
(۲): لواريءَ جا لال ڀاڱو ٻيو:
هي ڪتاب ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي لواريءَ جي لال جي
ڏنل چئن گادي نشينن جي مفصل احوال کان پوءِ باقي رهيل مواد تي مصنف لکيو آهي. جنهن
۾ لواري شريف جي چئن گادي نشينن جو مختصر احوال ۽ باقي ٽن گادي نشينن جو تفصيلي احوال
ڏنل آهي. تاريخي ۽ قديمي حيثت سان گڏو گڏ درگاهه تي لڳندڙ الزامن بابت مواد ڏنل
آهي. خاص طور تي ۰۹ ذوالحج تي ٿيندڙ اجتماع، جنهن کي جڙتو حج جو
نالو ڏنو ويو!! ان بابت وضاحت ٿيل آهي ته: ڇا اتي حج ٿيندو آهي؟ يا سراسر بهتان (الزام
تراشي) آهي. ان کان علاوه خواجه محمد سعيد مڪيءَ جي شاعري پڻ ڏنل آهي.
(۳): هندي-سنڌي لغت:
هيءَ لغت هندي اردو لغت جي تحت لکي وئي آهي جنهن
کي ۲۰۰۷ع ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ شايع ڪيو، جيڪا الف-ب
تحت آهي هن لغت ۾ اٽڪل ويهه هزار لفظ انهن جون معنائون ڏنل آهن. هن لغت جي ترتيب ۽
رسم الخط عربي-سنڌيءَ واري رکيل آهي، ان کان علاوه هندي لفظن ۽ اصطلاحن تي وڏي
محنت ڪيل آهي. هن لغت تي تاج جويو لکي ٿو ته: هيءَ لغت هندي-انگريزي لغت جي بر عڪس
هندي-اردو لغت واري ترتيب سان تيار ڪيل آهي. ان ڪري ان جي ترتيب عام سنڌي لغتن
واري آهي، اصل هندي الف-ب ترتيب واري جامع هندي- سنڌي لغت وقت جي ضرورت آهي، جنهن
طرف اميد ته سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي انتظاميه ضرور ڌيان ڏيندي. عام سنڌي پڙهندڙ کي
هن لغت مان ضرور لاڀ ملندو ۽ پورهيت جو پورهيو سجايو ٿيندو. (۲)
(۴):
گلدسته لواري شريف:
هي ڪتاب محمد پناه ڦرڙي جو لکيل ڪتاب نوجوان
اتحاد جماعت لواري شريف ۱۹۸۲ع ۾ شايع ڪيو جنهن ۾ ۱۶۱ صفحه آهن. هي ڪتاب حضرت سلطان اولياء خواجه محمد
زمان جن جي ۲۰۷ ساله ۽ ۲۰۸ ساله
عرس شريف جي تقريبات ۽ سنڌي ادبي ڪانفرنس جي ڪارگزاريءَ تي مشتمل آهي هن ڪتاب ۾
مولانا غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، قادر بخش
زيب ڀٽي، نياز همايوني، انور هالائي، عبدالڪريم ٽالپر، الف ميم چندواڻي، مير محمد
پيرزادو، شرف الدين عباسي ۽ نسرين آزاد حضرت سلطان اولياءُ خواجه محمد زمان جن جي
فڪر ۽ فن بابت خيالن جو اظهارڪيو آهي.
(۵):
حضرت پير بادشاهه گل حسن صديقي نقشبندي قدس سره ستون سجاده نشين درگاهه لواري
شريف:
ڦرڙي محمد پناهه جو هي لکيل ڪتاب ۱۹۹۰ع ۾ نشات پبليڪيشن قاضي احمد ضلعي نوابشاهه طرفان
شايع ڪيو ويو. هي ڪتاب ۹۲ صفحن تي مشتمل آهي،
جنهن ۾ تصويرون ۽ خط پڻ ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ درگاهه جي ٻين سجاده نشين پير گل حسن، ڪُل
حسن ۽ جُل حسن جي نالن سان سڏيو ويندو هو، سندن لقبن ۾ پير لواري شريف، بادشاهه
ڪريم، وڏل سردار(ولي عهد) ڪري سڏيندا هئا. (۳)
پاڻ سلسله طريقت نقشبندي جي ۳۴ هين ڪڙي آهن. سندن والد پير احمد زمان جن هئا. پير صاحب جي ولادت ۱۳ شعبان۱۲۲۷هه بروز آچر شام جو وڏي ڪوٽ لواري شريف جي اندر
رتن محل ۾ ٿي. جنهن جو ذڪر مهر ڪاڇيلوي پنهنجي مشهور ڪتاب (تذڪره مشائخ لواري شريف)
پهرين اردو ايڊيشن ۾ ڪيو آهي.
مصنف هن ڪتاب ۾ پير صاحب جو حسب نسب، تعليم،
تربيت، مريدن جو احوال، درگاهه تي لڳندڙ ۰۹-۱۰ ذوالحج جي الزامن تي پير صاحب جي ترديدن سان گڏوگڏ پير صاحب جو عام جماعت
وارن کي پڙهڻ لاءِ ڏنل تعليم جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. جنهن مان
پير صاحب جي عام طور تي پيرن کي جيڪو سنڌ اندر تعليم دشمن سڏيو ويندو آهي، ان جي
پوري خبر پوي ٿي ته پير صاحب تعليم دوست هو ۽ هيءَ درگاهه هميشہ علم و ادب جو مرڪز
رهي آهي. پير صاحب فرمائيندا هئا ته ‘‘اسان کي گھڻو خيال آهي ته جماعت لواري شريف
جي مردن ۽ عورتن کي موجوده زماني جي تعليم کان واقف ڪيو وڃي.” (۴)
‘‘پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياريو، انهن
کي پڙهايو خاص طور تي نياڻين کي ضرور تعليم ڏياريو.مردن کان وڌيڪ عورتن کي تعليم
جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ عورت پڙهي پئي ڄڻ سڄو گھر پڙهي پيو’’ پير بادشاهه (جلد
اٺين ۾)، پير صاحب جي ڪيل سير و سفر جو پڻ
سٺو ذڪر آهي. هن ڪتاب مان پير صاحب ۽ درگاهه جي سٺي ڄاڻ ملي ٿي، خاص طور تي
تصوف جي حوالي سان هن درگاهه جي وڏي خدمت آهي.
♦
مقالا:
(۱) حضرت سلطان اولياءَ جي تاريخي اهميت: (۰۴ ذوالقعد ۱۴۰۱هه سڄڻ ڏٺو جن رسالو نوجوان اتحاد لواري شريف)
تاريخي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته
هي دور ۱۱۲۵هه کان ۱۱۸۸هه
برابر ۱۷۱۳ع کان ۱۹۷۵ع جو
دؤر آهي. هن وقت ۾ سنڌ جي اندر ڪيترائي واقعا رونما ٿيا، جن جو واديءِ مهراڻ جي
رهواسين تي تمام گھڻو اثر ٿيو. ۱۷۱۸ع ۾
جھوڪ وارو سانحو ۱۷۳۹ع ۾ نادر شاهه جو حملو، ۱۷۴۴ع کان
رجعت پرست عالمن جو غير مذهبن کي زوري مسلمان بڻائڻ تائين وڌي. هن زماني ۾ سنڌڙي
جي اندر اولاد ازم شخصيتون جيڪي به نظر اچن ٿيون تن سڀني سڌو يا اڻ سڌو اثر سلطان
اولياءَ جو قبول ڪيو آهي. پڻ ان کان فيص حاصل ڪيو آهي. تن مان مکيه بزرگن جا نالا
هت ڏجن ٿا. سنڌ جو قومي شاعر ڀٽائي، ڀلارو سنڌ جو جيد عالم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي،
سنڌ جو مفتي اعظم قاضي احمد دمائي، مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي، خواجه ابراهيم ساند
مصنف ”مقولات تصوف“ بنگو
فقير گوپانگ سنڌي ۽ سرائڪي ٻوليءَ جو شاعر، ابوطالب اگھمي، حافظ هدايت الله، غلام
مهتديٰ علي شاهه لکلوي، سنڌ جو حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، ميان سرفراز ۽ ٻيا
ڪيترائي سندن جي فيض سان فيضياب ٿيا. تصوف
جي دنيا ۾ڪٿي ۽ ڪڏهن به اهڙو مثال نه ٿو
ملي ته ڪو غير
مذهب ڪنهن مسلمان صوفيءَ جو مريد ٿيو هجي مگر سلطان اولياءَ وٽ غير
مذهب جو اچي طريقت ۾ داخل ٿيڻ ثابت آهي. (۵)
هن ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي شيخ اياز ۱۹۷۶ع ۾ بدين ثقافتي ميلي ۾ صدارتي خطاب ڪندي حضرت
سلطان اولياءَ جو هيٺيون بيت پڙهندي چيو ته
ڪپيريان اوري رهي، ڪ ٻــڌ ٻڌائون
اتان
ئــــــــي آئون، رهـــــي آيس راتڙي. (سلطان اولياء). (۶)
حضرت سلطان اولياءَ جن جي شخصيت اهڙي
مقام تي نظر اچي ٿي، اتي ڪنهن بشر جي رسائي غير يقيني پئي لڳي.
شهيد عبدالرحيم گرهوڙي شروع ۾ سندن مخالف هو پر
ملاقات ڪرڻ کانپوءِ کين جي اکين تان اولا لهي پيا ۽ مريد ٿي هميشه هيئن چوندو هو:
‘‘اي
وجودي هردو عالم شمس گيتي بيگمان
گاهه آدم گاهه احمـــــــد گه بور محمــــد
زمان’’ (۷)
حضرت ميان قاضي احمد دمائي وقت جو مفتي اعظم هو،
حج تي ويندي لواري شريف کان ويندي حضرت سلطان اولياءَ سان مليو. جنهن کيس فرمايو
ته حج تي اهڙو ٿي وڃجي جو اڳيان سڃاڻ ٿئي، اهي لفظ ٻڌي قاضي احمد حج جو ارادو لاهي
ويهي رهيا. حضرت جن ٽن ڏينهن جي قليل عرصي ۾ ميان قاضي احمد کي رچائي ريٽو ڪري، حج
تي وڃڻ جي اجازت ڏني. سندن والد حضرت شيخ حاجي عبداللطيف رحه پنهنجي پٽن کي خواجه
ابوالقاسم ۽ خواجه فيض الله جو ٻڌايل پيشنگويون حضرت سلطان اولياءَ بابت ٻڌائيندا
هئا. جيڪي سندس جا ڀائر سندس سان ساڙ ۽ حسد ڪنداهئا، جنهن تي حسنين علي شاهه مصنف
ڪتاب ‘‘لطيف التحقيق’’ نامرادن کي ڏاڍو سمجھايو پر هو باز نه آيا.
حضرت جن جي ڪلام ابيات ۽ اقوال جي
عظمت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته شهيد گرهوڙي اها عربي زبان ۾ ترجمو ڪري ابيات
سنڌي جي نالي سان لکي ۽ ملفوظات جي شرح فتح الفضل رکيائين. گرهوڙي فتح الفضل شرح
کي فارسي زبان ۾ خواجه گل محمد قدس سره، سلطان اولياءَ جي فرزند ‘‘الورد محمدي’’ ۴۴۶ اقوال مان ۲۴۳ اقوال
لکي انهن جو تفصير ڪيو هئائون. جنهن کي وري سيد نور علي شاهه لکوي ” تڪمل الورد المحمدي“ جي نالي سان لکي پورو ڪيو. (۸)
ابيات سنڌي کي ڊاڪٽر عمر بن دائود
پوٽي سنڌي ۾ ان جو ترجمو ڪيو
مصنف جي استاد مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي صاحب فتح الفضل ۽ ”الوردالمحمدي“ جي اهميت کي محسوس ڪندي ان جو ترجمو ڪيو.
ڊاڪٽر اينيمري شمل فتح الفضل ڪتاب کي
ڏسندي ساراهه جا ڍڪ ڀريا. حضرت جن جو ڪلام جهڙو چار صديون اڳ انساني رهنمائي لاءِ
ضروري هو، تهڙو اڄ به ڪافي شافي نظر اچي ٿو. جنهن مان سندن تاريخي حيثيت واضح نظر
اچي ٿي.
(۲)
لواري شريف جو نقشبنديه طريقي جي ترويج ۽ ڪردار (رسالو
مجلہ ۱۹۹۵ع ص۵۲-۴۹)
هن ۾
نقشبندي طريقي کي پهرين خواجگان ۽ پوءِ نقشبنديه ڏيکاريو ويو آهي. جنهن لاءِ
درگاهه جي پنجين سجاده نشين حضرت خواجه محمد سعيد امام الاولياء جن حضرت ابوبڪر
صديق رضه کي امانت آنحضرتﷺ جن کان عطا ٿيل ڏيکاري آهي.
اي خدا! با حرمت مير
محمدن الرسول
بوبڪر،سلمان
قاسم جعفر آل بتول
بو
يزيدو بوالحسن هم بو علي يوسف نظير
عبدالخالق
عارف و محمد علي بابا و مير
هم
بهاءُالدين يعقوب و عبيد الله امام
زاهدو
درويش ام ڪنگي و با قي همام
احمدو
پورش سعيدو وحدت شاهه حنيف
هم ذڪي
و حاجي و صاحب لواري منيف
گل
محمد هم محمدن الزمان و هم حسن
ڪن
زاشيان و بالشان و سعيد بالمنن (۹)
نقشبندي سلسلي جي ابتدا ۱۱ هين
هجري صديءَ ۾ ٿي، جيڪا ٻين سڀني طريقن کان پوءِ ٿي. خاص طور تي خواجه محمد باقي
باالله بيرنگ قدس سره دهلوي کان ٿي ۽ گھڻي
تقويت حضرت خواجه احمد سرهندي (مجدا الف ثاني) امام رباني قدس سره کان ملي. سنڌ
اندر هن سلسلي جو پهريون داعي مخدوم آدم ٺٽوي هو، جنهن جو خليفو خواجه ابو القاسم
قدس سره هو جنهن کي ثاني نقشبند چيو ويو. جنهن پنهنجي خلافت خواجه ابوالمساڪين
حاجي محمد ٺٽوي صديقي بن خواجه محمد اشرف بن مخدوم آدم ٺٽويءَ جي حوالي ڪئي ۽
خواجه ابوالمساڪين وري پنهنجي هنڌ درگاهه لواري شريف جي پهرين سجاده نشين خواجه
محمد زمان قدس سره کي ڏني.
نقشبندي سلسلي جي ترويج ۾ درگاهه لواري شريف جي ڪردار تي علامه محمد شفيع
اوڪاڙوي رحمت الله عليہ جي تحقيق موجب ‘‘درگاهه لواري شريف جي هڪڙي خليفي حضرت
خواجه قاضي احمد دمائي رح جي ناطي سان برصغير ۾ سيد حسين شاهه ضلعو گرداسپور
هندستان ۾ فيض عام ڪيو جنهن جي فيض سان (۳۶۰) خليفا ٿيا.
(۱۰)
جن ۾ رَتَڙ، ڇَتَڙ ڀارت، الور ڀارت، دهلي ڀارت، امرتسر ڀارت، شرقپور،
ڪرمان والي، ڪليان والي کان علاوه خواجه ابو طالب (عرف ميل وارو سائين) آگهمي کان
خواجه مير محمد مدني فيضياب ٿيو ۽ شام ۾ لواري شريف نالي خانقاهه قائم ڪيائين.
مقصد ته هي درگاه اڄ به نقشبندي سلسلي جي هڪ سٺي درسگاهه آهي.
(۳): حمل فقير ابن عربي جي فڪر جو شارح:
(پيغام لواريه ص ۳۳-۳۰ شمارو۲۹
آڪٽوبر-ڊسمبر ۲۰۱۴)
خواجه محي الدين ابن العربي جي فلسفي وحدت الوجود بابت ڪتاب فصوص الحڪم
جيڪو عربيءَ ۾ لکيل آهي، ان جي شرح حمل فقير منظوم سنڌي زبان ۾ شرح ڪئي آهي جيڪا
صحيفه ۽ قادري جي نالي سان ڪيو آهي.
جيئن ته خواجه ابن عربي جو طريقو قادري ۽ حمل فقير جو طريقو نقشبندي سلسلي
طريقت درگاهه لواري شريف سان آهي. حمل فقير چوٿين درگاه جي سجاده نشين حضرت خواجه
محمد حسن مدني قدس سره سان واڳيل آهي. ابن عربي وحدت الوجود جي نظرئي جو باني آهي.
جڏهن ته حمل فقير نقشبندي امام رباني جي وحدت الشهور جي نظرئي جو پوئلڳ آهي. ابن
عربي ڇهين ۽ ستين صدي هجريءَ جو آهي حمل فقير جو دؤر تيرنهن صدي هجريءَ جو آهي.
فصوص الحڪم جون عربي ۾ پنج فارسي ۽ اردو ۾ ٽي،ٽي شرحون آهن ۽ سنڌي ٻولي ۾
صرف هڪ شرح حمل فقير لغاري ڪئي آهي. جيڪا پنهنجي مرشد جي حڪم پٽاندر لکي جنهن تي
ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته: حمل فقير نقشبندي ۽ قادري طريقن جي ذڪر انڪار جي تشريح ۾ ٻه
صحيفا منظوم ڪيا آهن، جي سندس تصوف جي ڄاڻ جي ساک ڀرين ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجو
مٽ پاڻ آهن. (ڪليات حمل ص ۰۸)
مضمون نگار حمل فقير جي علم بابت لکي ٿو ته ڪتاب ۾ آيل ماڳ، مڪان لطائف،
لاڙا اشارا ۽ ڪنايا صحيفه قادري حمل فقير
کولي بيان ڪيا آهن. منجهس بهترين ڄاڻ جي معلوميت آهي. سندس مطالعو ۽ مشاهدو وسيع
نظر اچي ٿو، حمل فقير کان پوءِ اهڙو ڪم نه اڳ ۾ ڪنهن ڪيو آهي ۽ نڪي حمل فقير کان
پوءِ ڪنهن لکيو آهي
مطلب ته هي ڪتاب هڪ اعليٰ شاهڪار آهي جيڪا حمل فقير لکيو آهي.
بياض پناهه
محمد پناهه ڦرڙو هڪ گمنام شاعر هو، سندس شاعري تمام ڀلي، رواني، تسلسل
واري، سٺي معياري آهي. پر پاڻ شاعري کان وڏيڪ تحقيق تي توجهه ڏنو هئائين، اسان
سندس شاعري جا ڪجھ اسم هيٺ پيش ڪيون ٿا.
پنهنجي
مرشد سلطان اولياءَ جي بيت،
سڄـــــــــــــڻ
ڏٺو جـــن تن ڏســـــــڻ غيـــــــر گناه
جنيــــــــــن
لڌي راهه، ويهــــــــڻ تنيـــن وهه ٿيو.
مان متاثر
ٿي هيئن لکي ٿو (سندس ڪجھ مختصر شعر ڏجن ٿا)
سڄڻ
ڏٺو جن، سي نســــــــــورو ئــــــــــي نور
لڪل رهن
ڪينڪـــــي، ملڪــــن ۾ مشهور
غير انهن کان
دور، صاف اهي صوفـــي ٿيا.
سڄڻ ڏٺـــــو
جـــــــن، تن ڪيـــــو غير غــــرق
حق ناحـق وچ ۾،
آهـــــــــــــن ســــــــــــــــي فرق
هو حقـــــــــــــــي آهن، دنيا جي
هــــــــر دؤر ۾.
سڄــــــڻ ڏٺو جن
ســـــــــي ئــــــــي سڄڻ بڻيا
مانجھن مٿيــرن
کــــي، مٿـــــــي منجھ مڻيا
واحد کـــي وڻيا،
جن جيءُ جتـو پاڪ ڪيو.
سڄڻ ڏٺو جن ســــي
ويهــي ڪيئــــــن رهن
هــــــــو
هيڪـــــــــلاءِ هلــــــــــن برن بازارن ۾
جتي لڌي راهه، سي
راضـــــي منجھ رضيا
ڪڇن پڇن ڪينڪي
جيئـــــري ئـــــــي مئا
حرص هٻــــڇ ۽
لوڀ جي اڻ تـــــــــڻ تن نه آ
سدا
سي سرها، ڪم تنين جو ڪين سيــن. (۱۱)
معلم
کي مخاطب ٿيندي هن غزل ۾ هيئن چوي ٿو:
ڇا پڙهائيندين
معلــــــــم مان پڙهـــــــــــــي موٽيــــــــو آهيان،
جي گلا جا گير
گھٽ، تن مان چڙهــــــي موٽيـــــــــو آهيان.
ڇا پڙهائــــــــڻ ٿو
سيکاريــن مون کي تون نفل-نماز،
محتســـــب
تون ٻڌ! فرض پورا پڙهــي موٽيو آهيان.
باهه جا ڊڄ ڊاهه تن
کـــي ڏي، نه جـن آهــــــــي ڏٺـــــــي،
آءٌ ته
کورن بٺن مان پچري ڪڙهي موٽيـــــو آهيـــــان
دار جا دڙڪا نه ڏي اي
قاضِيا مون کــــــــي ڪــــــڏهن
دار
تنهنجـــي کي ته ٺاهي مان چڙهــــي موٽيو آهيـان
عقلمندن مستن مٿي ڪهڙيون
ميارون ٿيون ٺهـــــن
پاڻ
پنهنجـــــــي پاڻ سان ڏاڍو وڙهـــــي موٽيو آهيــان
جنهن جي دامن ۾ آهي هٿ
ســـو ڏيندو ساقي ‘پناهه’
ميڪده مان اڄ ڀريل مٽ
پــي چڙهـــي موٽيــو آهيان. (۱۲)
ڏاهَن جي عظمت ۽ انهن جي سبقن تي عمل ڪرڻ تي فتح ٿيڻ جو ڏس ڦرڙو صاحب هيئن
ڏئي ٿو:
ڏاهن جو ڏس ڏاها ڏيندا
ڳاهون ڳالهيون تن جون ڏسيندا
پاڻ به ٺهندا
ٻيـــن کي ٺاهينــــــــــــــدا، رايا سجايا ٿينـــــــــــــدا
وڻ وڻ ڪاٺــــــي
گڏجي سڏجي، ڏيهه ڏجڻ تي ڪڙڪائيندا
فتح مقدر
منهجــــــو لکيل آ، هوڪــــــا ڏيندا هوڪــــــاريندا (۱۳)
سجاڳيءَ تي سجاڳ ڪندي ۽
وقت جي قدر لاءِ هوشيار ڪندي چوي ٿو ته،
روح مانجھان
للڪار اڇي پئـــــــي جاڳو يار جاڳايـــــو،
جاڳڻ ريءَ ڪين ڪي
ورندو پنهنجــو پاڻ ملهايــــــــو،
ننـــڊ ندوري
جنهن کي گھيريو، غفلت تنهن گنوايـــو،
باک فق
تــــــــي ڪيتـــرو سماؤ، چون ٿا وقت وڃايـــــو. (۱۴)
سندس آخري ايامن ۾ سندس ڪهڙي پد تي پهتل هيو اهو سندس هيٺين آزاد نظم مان بخوبي
لڳائي سگجي ٿو.
‘ازم’
مان آهيان جوان!
ڀلي ڏند ڪرن،
وار اڇا ٿين،
هلڻ ۾ اگر پير گهلجن!
ڀلي ماڻهون چون پيرسن،
مڃان ڪين هرگز،
مان آهيان جوان!
اٿڻ سان گوڏا ٽڙ، ٽڙ ڪن،
ڀلي هڏڙا ڪٻا ٿي وڃن،
لڱن ۾ گهنج پئجي وڃن،
مڃان ڪين هرگز،
مان آهيان جوان! (۱۵)
نتيجو:
محمد پناهه ڦرڙو گهڻ رخي
شخصيت جو مالڪ هو، هڪ ئي وقت بهترين استاد هجڻ سان گڏوگڏ ڳوٺ جو چڱو، وحدانيت جو
پرچارڪ، صوفي ازم جو متوالو، محقق ۽ بهترين شاعر سان گڏو گڏ سماجي ورڪر به هو، هو
مسڪين گھراڻي جو فرد هوندي به دل جو امير شخص هو، جنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ کان سمورو جڳ
واقف هو. هو هردلعزيز شخصيت جو مالڪ هو جيڪو اڪثر طور تي علمي حلقن ۾ مشهور هيو.
سندس ڪافي علمي ۽ تحقيقي ڪم ٿيل آهي جنهن کي منظر عام تي آڻڻ وقت جي اهم ضرورت
آهي. ان لاءِ جيترو ڪم ڪجي گھٽ آهي. پاڻ هڪ حوصلو ڏيندڙ ۽ رکندڙ شخصيت هو.
حوالا
1.
ڦرڙو، محمد پناهه، امواج محمدي، ڳوٺ علي محمد ڦرڙو، صوفي
اڪيڊمي، ۱۹۸۱ع ص: ۳.
2.
ڦرڙو، محمد پناهه، هندي- سنڌي لغت، حيدر آباد، سنڌي لئنگويج
اٿارٽي، ۲۰۰۷ع (تعارف
تاج جويو).
3.
ڦرڙو، محمد پناهه، پير بادشاهه لواري شريف اٺون عرس، قاضي
احمد، نشات پبليڪيشن
۲۱
جون ۱۹۹۰، ص: ۱۴.
4.
حوالو ساڳيو ص: ۸۸.
5.
عباسي، تنوير، شاهه لطيف جي شاعري، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، ۲۰۰۰ع، ص: ۶۵.
6.
شيخ، محمد سومار، بدين (ڪتاب جو نالو)، حيدرآباد، مهراڻ آرٽ ڪائونسل لطيف آباد، ۱۹۷۹ع، ص: ۷.
7.
جتوئي، علي نواز، پروفيسر، شهيد گروهڙي صاحب جو سنڌي ڪلام،
آگسٽ ۱۹۸۴ع، ص: ۹.
8.
قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامه، فتح الفضل (شهيد عبدالرحيم گروهڙي جي ڪتاب جو ترجمو)،
حيدرآباد،
ناليج اداره، ۲۰۰۶ع، (مهاڳ
مان).
9.
ناشر: نقشبندي، فيض محمد، پير، ديوان سعيد (خواجه محمد سعيد
جي فارسي ڪلام جو سنڌي ۾ ترجمو)، ۱۹۸۹ع، ص: ۱۰۲.
10.
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ماهه نامه الرحيم، حيدرآباد، شاھ
ولي الله اڪيدمي، ۱۹۷۱ع، ص: ۲۳.
11.
ڦرڙو، محمد پناھ، بياض پناهه (قلمي نسخو)، ص: ۷۶.
12.
ساڳيو حوالو، ص: ۷۹.
13.
ساڳيو حوالو، ص: ۸۴.
14.
ساڳيو حوالو، ص: ۸۴.
15. ساڳيو حوالو، ص: ۹۵.
No comments:
راءِ ڏيندا