سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“
ڊاڪٽر محمد علي
محمدي
سال ۱۹۶۲ع جي بهار جي مند ۾، جڏهن مان ڇهين ڪلاس ۾
نيو ماڊل هاءِ اسڪول پنوعاقل ۾ پڙهندو هوس (ياد رهي ته اهو اسڪول ڪچهري روڊ تي جتي
هاڻي الشمس اسپتال سگا پاران آهي. اتي هو) هي اسڪول ۱۹۵۸ع ۾ منهنجي والد صاحب قائم ڪيو هو. پني عاقل
۾ پهريون خانگي اسڪول. نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرميون به ٿينديون هيون.
انهيءَ زماني ۾ ”مهراڻ“ اخبار ۾ ٻارن جي صفحي ”ٻارن جي ڦلواڙي“ ۾ مواد موڪليندو
هوس، جيڪو ڇپجندو رهندو هو. اخبار جو ايڊيٽر هو سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“. ان زماني ۾
اسان ننڍن ننڍن ٻارن لاءِ، اخبار جي ايڊيٽر سان ملڻ وڏي خوشنصيبي هئي.
بابا مرحوم ٻڌايو
ته؛ ”اڄ مهمان ايندا! مانجهاندو پاڻ وٽ ڪندا. کين ماني اسڪول جي هال ۾ کارائبي.“
اهو زمانو هو جڏهن پنوعاقل ۾ بجلي ۽ گئس ڪا نه هوندي هئي. اسان تيار ٿي اسڪول ۾ ويٺاسون.
ڪا مهل ٽانگي مان ٽي شخص لٿا. بابا انهن کي آڌر ڀاءُ ڪري، اندر وٺي آيو. جن ۾هڪ فل
سوٽ ڪوٽ ۾ملبوس ڏاڙهي شيو ٿيل وڏا شهپر قدآور، رعبدار شخصيت، بابا ٻڌايو ته؛ ”هي
آهي سردار علي شاھ، مهراڻ جو ايڊيٽر.“ کيس ٻڌايائين ته؛ ”منهنجو ٻيو نمبر فرزند،
جيڪو توهان جي اخبار جي ٻارن جي صفحي ۾ لکندو آهي.“ شاھ صاحب ڦورًا وراڻيو ته؛ ”پوءِ
اسان جو ڦلڙو ٿيو.“ ان سان گڏ جيڪا ٻي شخصيت هئي، سا ھئي مرزا افضل بيگ (مرزا قليچ
بيگ جو ننڍو فرزند) چاپئين ڏاڙهي گورو رنگ، قراقلي ٽوپي ۽ شيرواني پهريل.
اها هئي سائين
سردار علي شاھ سان پهرين ملاقات. پوءِ خبر پئي ته بابا جو شاگرد به رهي چڪو هو ۽ ۴۰ جي ڏهاڪي ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ گڏ هئا.
سائين سردار علي شاھ
بهترين ليکڪ، شاعر ۽ زوردار ۽ بيباڪي سان لکندڙ. مهراڻ اخبار کان اڳ ۾ ڪاروان
اخبار جو ايڊيٽر هو. هڪ رسالو ”عام راءِ“ پنجاھ جي ڏهاڪي ۾ ڪڍندو هو.
جڏهن مان ۱۹۶۹ع ۾، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ داخل ٿيس
تو هفتي ۾ هڪ دفعو ڇنڇر تي مهراڻ اخبار جي آفيس ۾ علمي ادبي ڪچهري ۾ ويندو هوس.
سندس ڪچهري ۾ اسحاق ”اثر“، پروفيسر مير محمد ڀيو، مظفر حسين ”جوش“، مرحوم رشيد
لاشاري، ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر ابراهيم ”خليل“ به شامل هوندا هئا.
سائين سردار علي شاھ
جي مهراڻ ۾ ان وقت شمس جعفراڻي به نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو. مهراڻ اخبار جي آفيس،
پريس چئن پنجن دڪانن تي مشتمل، ٽنڊي ولي محمد ۾ هئي. ان ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيندڙن کي
چوندو هو ته؛ ”اچو سائين ’مڙهي‘
تي.“ سال ۶۰ جي ڏهاڪي کان، سنڌي اديبن ۾ واضح ٻه گروپ هئا ”رجعت پسند“ ۽ ”ترقي پسند“.
شاھ صاحب، ساڄي ڌر
جو سرخيل هو. منهنجي تحريرن جي نوڪ پلڪ به ٺيڪ ڪندو هو. ”شاگرد“ رسالي لاءِ به
مواد موڪليندو هوس. ۷۰ جي ڏهاڪي ۾ اليڪشن کانپوءِ ڀٽي صاحب ۱۹۷۳ ۾ جيل موڪلي ڇڏيس. آزاد ٿيڻ کان پوءِ، ڪيترو
وقت پنهنجي ڳوٺ ٻيرڙي، مومل جي ماڙي اچي رهيو. مهراڻ اخبار تي پابندي هئي. ياد رهي
ته مهراڻ جو مالڪ پير صاحب پاڳارو هو.
ضياءُ الحق جي
اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، ”ظلم ڪي داستان“ ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪيائين، جيڪا سندس
غلطي هئي.
پاڻ ٻولي واري مسئلي
تي جاندار اداريا لکيائين. خود قوم پرست به سندس لکڻين کي مان ڏيندا هئا. پاڻ ۱۹۲۸ ۾ ٻيرڙي مان ابتدائي تعليم کان پوءِ، مئٽرڪ
نواب شاھ مان ۽ بي اي، ايس ايم ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائون. سال ۱۹۷۹ع ۾ دل جي بيماري جي شفا کان پوءِ حج جي
سعادت حاصل ڪيائين. سندس چار ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾؛ ”نعتيه ڪلام“، ”حج جو
سفرنامو“، ”ٻوليءَ جو مسئلو“ وغيره شامل آهن. سٺ جي ڏهاڪي ۾ ”مهراڻ“ اخبار جو ضخيم
سالگرہ نمبر جهازي سائيز ۾ ڏٺو هوم. تاريخي دستاويز هو. ان مان سندس ذوق جي خبر
پوي ٿي. ڪاش ڪنهن لائبريري ۾ محفوظ هجي.
سندس لاڏاڻو ۱۸ مئي ۱۹۸۱ع ۾ ٿيو. پنهنجي ڳوٺ ٻيرڙي لڳ مومل جي ماڙي،
ميرپور ماٿيلي ۾ مدفون آهي.
(ڊاڪٽر محمد علي محمدي صاحب جي فيسبڪ وال تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا