; سنڌي شخصيتون: پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو “عاطف”

14 September, 2020

پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو “عاطف”

پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو “عاطف”

هڪ انمول انسان

خالد حسين چنا



سنڌ سونهاري سدائين سرسبز ۽ شاداب رهي آهي، جنهن سدائين انمول انسانن کي جنم ڏنو آهي، انهن انمول انسانن منجهان پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو به هڪ آهي. رب پاڪ هن کي خدا داد صلاحيتن ۽ بهترين خصلتن سان نوازيو آهي. جڏهن کان مون جي هن سان سلام دعا ٿئي آهي تڏهن کان مون هن کي ڪنهن نه ڪنهن خير جي ڪم ۾ مصروف ڏٺو آهي. ڪڏهن ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهو کي دوا درمل وٺي ڏيڻ ته ڪڏهن ڪنهن سنگت جي ڪم مصروف هوندي ڏٺو آهي. مون تي هن جا ڪيترا ئي ٿورا آهن. رب پاڪ اڪثر ڪري هن جي هٿان خير جا ڪم ڪرائيندو ٿو رهي. هو ٻين جي ڪم کي رضا خوشي سان پنهنجو ڪم سمجهي ڪندو آهي. عبدالجبار ۾ ڪمال جي سهپ ۽ رواداري آهي. هن ۾ پنهنجي عمر کان وڏي جڳ جون بهترين عادتون آهن جيڪي هن کي انمول بڻائڻ ٿيون.


عبدالجبار جوڻيجو شهدادڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ اميد علي خان جوڻيجي ۾۰۶ جنوري ۱۹۷۱ع تي ڄائو، سندس تعليم ايم اي سنڌي ادب ۽ “ايم ايڊ” آهي. پيشي جي لحاظ کان ۲۵ مئي ۱۹۸۹ع کان ۳۱ جولاءِ ۲۰۰۲ع تائين مختلف هاءِ اسڪول ۾جونيئر اسڪول ٽيچر (JST) طور فرض سرانجام ڏنائين، ان کان پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پهرين آگسٽ ۲۰۰۲ع ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ۱۸ ڊسمبر ۲۰۱۸ع تي ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

ادبي دنيا ۾عاطف عبدالجبار جوڻيجي جي نالي سان ۱۹۸۸ع کان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ لطيف رحه جي شاعري جو اثر قبول ڪندي لطيف سائين جي مختلف سُرن جي فن ۽ فڪر تي تحقيقي مقالا لکڻ شروع ڪيائين ۽ ڀٽ شاهه ۾ساليانه لطيف ڪانفرنس ۾مقالا پيش ڪري چُڪو آهي، جن مان ڪافي مقالا ثقافت ۽ سياست کاتي حڪومت سنڌ طرفان شايع ڪرايل ڪتابن ۾شايع ٿي چُڪا آهن، ان کان علاوه سندس مختلف مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾پڻ شايع ٿيا آهن، ان کان علاوه وٽس ٽي ڪتاب “لطيفي سُر”، “لطيفيات” (سوال جواب) ۽ “سنڌي ادبيات” (سوال جواب) جي قلمي صورت ۾موجود آهن، جيڪي ڇپائي لاءِ پڻ منتظر آهن.

 جيئن ته عبدالجبار جوڻيجو گهڻ رخي شخصيت آهي، علمي ادبي خدمتن کان سواءِ سياسي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو، پاڻ پنهنجي شاگردي واري دور ۾ ئي ڳوٺاڻي ماڻهن جي سماجي ڀلائي ۽ تعليمي شعور اُجاڳر ڪرڻ لاءِ پنهنجي همڪلاسي دوستن سان گڏجي سچل  سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو  ڳوٺ اميد علي خان جوڻيجو  ۾ بنياد وڌو، جنهن جو ۱۹۸۷ع کان ۲۰۱۰ع تائين پاڻ جنرل سيڪريٽري جي حيثيت سان پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو، ان سماجي خدمتن جي سلسلي کي قائم رکندي ۲۰۰۲ع ۾سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ جو ميمبر بڻيو، سندس خدمتن کي نظر ۾رکندي سِگا شهدادڪوٽ جي ساٿين کيس ۲۰۰۶ع ۾شاخ جي نائب صدر جي عهدي تي مقرر ڪيو، ان بعد ۲۰۰۹ع کان ۲۰۱۸ع تائين کيس بنامقابلي ۳ ڀيرا صدر سگا شاخ شهدادڪوٽ چونڊيو ويو. پاڻ جڏهن سِگا شاخ شهدادڪوٽ جا صدر بڻيا ته انتهائي متحرڪ انداز سان سگا شاخ شهدادڪوٽ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، شاخ جي ميمبرن جو تعداد ۲۶ مان وڌائي ۸۲ تائين پهچايو، جنهن مان تمام وڏي اڪثريت بي باڪ ميمبرن جي آهي. سندس دور ۾۲۰۱۰ع جي مها ٻوڏ هجي يا عام رواجي زندگيءَ ۾غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض نهايت سهڻي انداز سان سرانجام ڏنو ۽ اڄ به بحيثيت ميمبر سگا شاخ شهدادڪوٽ کي سرگرم رکڻ سندس اولين ترجيح آهي، سندس صدارت واري دور ۾جيڪي اهم پروگرام ٿيا، جنهن جي شاهدي سگا جو رڪارڊ ڏئي سگهي ٿو، ان کي ڏسي ان چوڻ ۾ڪو وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته سندس دور سگا شهدادڪوٽ کي نئين سري عروج تي پهچائڻ جو دور آهي. پاڻ صرف سگا جي پليٽ فارم تان عام، بي پهچ ۽ غريب ماڻهن جي خدمت ڪئي، پر بحيثيت اُستاد ٿي ڪري استادن جي ڀلائي لاءِ گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرس ايسوسيئشن (گسٽا) تعلقه شهدادڪوٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان پاڻ پتوڙيو، ان کان علاوه سنڌ پروفيسرس، ليڪچررس ايسوسيئشن (سِپلا) ضلعي لاڙڪاڻي جو نائب صدر، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ٽي ڀيرا صدر، سپلا سکر ريجن جو خزانچي ۽ ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري جي حيثيت سان هڪ جاکوڙي اڳواڻ طور تنظيم ۽ ان جي ڪارڪنن لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي، ان کان علاوه پاڻ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جو ٽي سال چونڊيل سينيٽ ميمبر طور فرائض سرانجام ڏنا آهن. مٿي بيان ڪيل علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن جي عيوض مختلف ادارن طرفان اعزازن سان پڻ نوازيو آهي، جنهن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي. شهدادڪوٽ جي ايس ڊي ايم جاويد صبخت الله مهر طرفان شهدادڪوٽ سبزن ايوارڊ، ۰۵ آڪٽوبر ۲۰۰۴ع ضلعي لاڙڪاڻي جي ناظم طرفان “بهترين استاد ۽ ايوارڊ” ۽ سگا مرڪز طرفان سال ۲۰۱۶ ع ۾”گريجوئيٽ شيلڊ”، مطلب ته عبدالجبار جوڻيجو هڪ بهترين استاد، سٺو سماجي ڪارڪن ۽ بهترين اڳواڻ پڻ آهي. هن کي هميشه خوف خدا رهي ٿو ۽ هو اللهپاڪ کي حاضر ناظر سمجهي توڪل ڪري ڪم ڪري ٿو.

مون پرين، مون ٻڌي وڌو ٻار ۾،

اڀا ائين چون؛ متان پاندُ پسائين.

رب پاڪ جو هن تي  خاص ڪرم آهي جو پنهنجي درگذر ۽ برداشت واري طبيعت هجڻ ڪري سڄي سنگت ۾ هميشه نمايان ۽ سڀني کي ويجهو هوندو آهي. عبدالجبار جي هٿان ڪيترن ئي طرفن کان خير جا ڪم روان دوان هوندا آهن. رب پاڪ هن کي ڪيترن مسڪين بي پهچ ماڻهن لاءِ وڏو سهارو ۽ وٿ ڪري موڪليو آهي جيڪو هو بهترين طريقي سان نڀائيندو پيو اچي. هو مون جي بهترين دوستن منجهان هڪ آهي جيڪو منهنجي هر ڏکي سکي ۾ مون سان نڀائيندو ٿو اچي. رب پاڪ کان دعا آھي ته ھو هميشه پنهنجي اهل عيال سميت صحت ۽ سلامتي سان وقت گذاري. مون کي اميد آهي ته عبدالجبار جوڻيجو جي مسلسل محنت ۽ سچائي هن کي هڪ ڏينهن ڪاميابين جي منزل تي ضرور پهچائيندي. آمين.

پهريون ڊرافٽ.... ۲۰. ۰۷. ۲۰۲۰

No comments:

راءِ ڏيندا